ڌ
راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مارِ،
عيشون نفس نه رجيئي، پُرش نه رجيئي نار،
دونئنان نه رجيئي، ڏٺي سڄڻ ڪلتار. (چوڻي)
رجيئي: ڍءُ ڪرڻ، ڍاپڻ. ميگهه: مينهن. آگ: باھ. ساڙ: ساڙڻ. راج: بادشاهي. مارِ: مارڻ، فنا ڪرڻ. پُرش: مَرد. نار: عورت. نئنان: نيڻ، اکيون.
۱ - ڌرتيءَ/ زمين تي، ڪيترو به مينهن وسي پر ڍاپندي ڪين.
۲ - باھ، ڪيترين به شين کي ساڙي، تنهن هوندي به ٺرندي ڪا نه.
۳ - راجا کي هڪڙو ملڪ هوندو، چوندو؛ ٻيو به اهڙو هجي. ٻه ملندس، چوندو؛ اڃا ٻه ٻيا هجن. ڍءُ ڪين ٿيندس.
۴ - موت به ڪيترن ساهوارن جو ساه وٺڻ جي باوجود، ڍاپندو ناهي.
۵ - عياشي ڪرڻ وارو، عيش عشرت مان ڪڏهن به ڪڪ نه ٿيندو آهي. مرندو، مُڙندو ڪين.
۶ - مرد کي به هڪ عورت مان ڍءُ نه ٿيندو. ٻه هوندس ته ٽينءَ جي سڌ پيو ڪندو. جيڪو هڪ دفعو چکي چريو ٿئي ٿو، سو گهڻين مان به ڪين ٿو ڍاپي. ان جو پيٽ، قبر جي مٽي ڀري ته ڀري، نه ته ڀرجڻ جو ڪين آهي.
۷ - پرينءَ/ محبوب کي ڪيترو به ڏسبو، ته به دل نه ڀربي. سندس چهرو، ڄڻ وسريو وسريو پيو ويندو. ياد ڪرڻ لاءِ، دل پئي چوندي؛ وري وري ڏسانس.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج حالتون، ڍاپڻ جون ناهن.
۲ - ڪاٺين کي باه مان، مروءَ کي ماه مان، بخيل کي مال مان، عالم کي علم مان، سائل کي خيرات مان، ڍءُ نه ٿو ٿئي.
۳ - ڪامڻ نه ڍاپيءَ ڪنت سين، ڌرتي نه ڍاپيءَ ميهه،
پريت نه ڍاپيءَ پريم سين، نيڻ نه ڍاپيءَ نيهه.
۴ - عزرائيل ڍؤ نه ٿئي، توڙي ماري مير هزار،
اکين ڍؤ نه ٿئي، ڏسڻ ڪنان ديدار،
لالچيءَ ڍؤ نه ٿئي، توڙي ميڙي مالُ خرار،
باه ڍؤ نه ٿئي، توڙي ساڙي ڪاٺ انبار،
عورت ڍؤ نه ٿئي، توڙي گڏجي روز ڀتار،
ڌرتي ڍؤ نه ٿئي، توڙي مينهن پون بسيار،
مٿيان ڇهه ئي، آھن بکيو سنسار. (۱۲) ص ۱۵۱.
306. ڌن تي ڪُروپ روپ، ڌن تي وڄن ڏھڪاءَ،
ڌن تي ريجهٽ راءُ، ڌن تي ليجهٽ لاءُ،
ڌن تي ڪانئر سورهيه، ڌن تي بنت ڪچهري،
ڌن ڪي منهن ۾ ايسي، راجا اِندر ڇپا جيسي. (چوڻي)
۱ - جھجھي ڌن وارو، ڪاري رنگ ۽ ڪوجهي شڪل هوندي به سهڻو پيو لڳندو.
۲ - ڌن سبب ڌنوان جي خوءِ، اھڙي ٿيو پوي جو، ھنڌين ماڳين سندس ڏھڪاءُ ڦھلجيو وڃي.
۳ - ڌن تي راجا، مهاراجا به ريجهيو پون.
۴ - ڌن جي ڪري، جنگل ۾ منگل ٿيو پوي.
۵ - ڌن جي اچڻ کان پوءِ، ڊڄڻو ۽ بزدل، گيدي ۽ ڪانئر به، دلير ٿيو پون.
۶ - ڌنوان وٽ ڪچهري به مچي ۽ سڀڪو وٽس ھڪ نه ٻيءَ غرض سان ضرور اچي.
۷ - ڌن جي اندر جيڪو ويو سو گم ٿي ويو. ڌن اندر ڄڻ راجا اِندُرُ لڪيو ٿو وتي. جيڪو ڌنوان وٽ، پاڻ-مرادو ظاھر ٿيو پوي. ڌن بي بقا شيءِ آهي ۽ پاڻيءَ وانگر وهي جلد ختم ٿيو وڃي. راجا اِندُر هڪ ڏينهن بي بقا ٿي ويو، تيئن دولتمند به هڪ ڏينهن بي نام هوندا.
مطلب: ۱ - ڌن سان گهڻا عيب ڍڪجن ٿا.
۲ - لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي. (۲) ص ۲۶۹.
307. ڌن کيتي، ڌِڪ چاڪري، ڌن ڌن بڻج ويھ هار. (چوڻي)
ڌن: دولت، سعادت جي نشاني. بڻج: وڻج، خريد و فروخت.
ويهه هار: وهنوار، واپار. ڌِڪ: ڌڪا، ذلت. ڌن ڌن: عزت ۽ دولت.
۱ - اصل ڌن دولت، کيتيءَ يا زراعت منجهان حاصل ٿين ٿا. مٿس مٽيءَ سان جڏهن مٽي ٿي ڪري، محنت ڪجي ٿي، تڏهن منجهانئس سون اُپجي ٿو. زميندار خوشحال ۽ عزت دار رهي ٿو.
۲ - چاڪريءَ/ نوڪريءَ ۾، در در جا ڌڪا آهن. منجهانئس ملندڙ روزي، هوائي روزي آهي. محنت مزدوريءَ ۽ خوشامد آهر، سندس مقدار گھٽ وڌ ٿئي ٿو. سٺي ۽ گهڻي محنت کان علاوه، خوشامد پڻ ڪرڻي ٿي پوي. خوشامد وقت، نِوڙي نيچ ٿيڻو ٿو پوي، تڏهن وڃي آجر جي کيسي مان پئسا نڪرن ٿا.
۳ - جيڪڏهن پئسا جھجها ۽ جام ڪمائڻا آهن ۽ ڏيهاڙي هٿن ۾ ايندي ڏسڻا آهن ته پوءِ واپار جو ڌنڌو اختيار ڪجي. واپار آهي ئي، پئسي سان راند کيڏڻ جو ٻيو نالو. پئسا ڌنڌي ۾ سنڀالي هڻندو وڃ، ڏاندارين سان ميڙي کڻندو وڃ.
۴ - ڪمائيءَ جو آخري ذريعو؛ پنڻ آهي. اھو مڙني کان ذليل، ڪڌو ۽ بيڪار آهي.
مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل ڪاروبار جا پھريان ٽي ذريعا آهن، جن سان ماڻھو ٿورو گهڻو شان مان سان روزي رزق حاصل ڪري ٿو. جڏھن ته آخري بڇڙو آھي.
۲ - اتم کيتي، وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
۳ - اتم کيتي، ڌڪا نوڪري، وڌنت واپار.
۴ - کيتي ڪرڻ اتم آهي، نوڪريءَ کي ڌِڪار آهي، ٻنهي کان واپار وڌيڪ لاڀائتو آھي. (۱) ص ۱۸۴.
308. ڌن؛ يا جوڌين، يا ڳوڌين. (چوڻي)
جوڌو؛ جوان پٽ. جوڌين؛ سگھارا مڙس، محنتي ھاري. ڳوڌو؛ ڍڳو. ڳوڌين؛ وھو ڍڳا.
ٿر اندر زراعت جو نظام، مشينن بجاءِ ماڻهن ۽ ڍڳن جي محنت تي ھلندو آھي. جنھن وٽ جوان ۽ ڪمائيندڙ پٽ ھوندا، سو ٻني ڪاھيندو يا ڪنھن زميندار جي زمين ھارپ يا مقاطعي تي وڃي جھليندو. ٻنيءَ مان ڪمائيندو اھو ھاري يا مقاطعي دار جنھن وٽ جوان پٽن سان گڏ، ڏاند ۽ ھر پنھنجا ھجن. ھر، سانھر، گُڏ ۽ پاڻي ورائڻ لاءِ ھمت ڀريا ۽ دل سان ڪمائيندڙ، فقط پٽ ئي ٿي سگھن ٿا.
مطلب: ۱ - ڌن؛ جوڌي يا ڳوڌي.
۲ - ڌن اھو ميڙي يا ٺاھي سگھندو، جنھن وٽ ھمت ڀريا پٽ ۽ ڪمائيندڙ ڍڳا ھجن. (۳۵) ص ۲۵۶
309. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (پھاڪو)
ڌڻيءَ جي ڌڻ تي جيڪا سنڀال واري نظر آھي، سا ڌنار جي نه ھوندي. ڇو جو ڌنار کي فقط پنھنجي پگھار سان غرض آھي، جيڪا کيس وقت پورو ٿيڻ تي اوس ملندي. جڏھن ته ڌڻيءَ کي مال پيارو آھي. ان سان انس اٿس. جيڪڏھن ان تان دل کنيائين ته پوءِ مال ڪڻو ڪڻو ٿي ويندس.
مطلب: ۱ - ڌڻ آهي ڌڻيءَ سان، ٻيا ڪهڙو چاريندا پياريندا.
310. ڌڻ پنهنجو سنڀالجي، ڏوھ ٻئي کي نه ڏجي. (پهاڪو)
مينهوڳي مند ۾، ٿاريلا پنهنجو مال سانگ تي چارين. جهنگ ۾ جهلي بيھارين، گهرن ڏانهن ڪاهي نه اچن. سمورن ٿرين جو گذران انهيءَ برساتي پاڻيءَ تي آهي، جيڪو ڀرپاسي وارين تراين ۽ ٽوڀن/ ٽونڪن ۾ جمع ٿيندو آهي. انهيءَ دوران مال متاع، گهرن ڀيڙو بيٺل هوندو ته پاڻيءَ جي تلائن/ سرن ۾ وڃي بيهندو. منجھانئس پاڻي به پيو پيئندو ۽ کيس گندو به پيو ڪندو. تنهنڪري سانگيئڙا مينهونڳيءَ ۾، مال کي جهنگ ۾ ئي روڪي رکن.
رات ڌاران مال تي پهرو به ڏين. چورن جي ڀَوَ تتان نه بلڪ مال جي نڪري گم ٿيڻ واري امڪان سببان، چوڪيداري ڏين. ڇو جو مينهونڳيءَ ۾ مال هڪ هنڌان ٿڙيو ته ان کي ڳولي ساڳئي هنڌ جمع ڪرڻ، ڏاڍو اهنجو آهي. برسات سبب، مال جو نه پير لڳندو نه کر. نه ئي وري اهڙي موسم ۾، کين ڳولڻ لاءِ گهڻو هلڻ، ڪو سولو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو هر ڪنهن کي، پنهنجي مال سنڀالڻ جي هورا کورا لڳل هوندي آهي. مال جي نڪرڻ واري صورت ۾، بجاءِ ٻئي تي ميار رکڻ جي، پاڻ کي سنڀالڻ جو پابند پيا سمجهندا آهن.
مطلب: پنهنجي شيءِ جي سنڀال پاڻ ڪجي. نوڪرن تي نه ڀاڙجي. (۳) ص ۱۶۶.
311. ڌڻ ڌار ته لٺ کڻي چار. (پھاڪو)
ڌڻ؛ چوپايو مال. ڌار؛ ڌارڻ يا مالڪ ٿيڻ.
ٿر اندر ھر ماڻھوءَ جو گذر سفر، ڌيڻي يعني کير مکڻ ۽ جهڻ تي آھي. ان لاءِ مال ڌارڻ ضروري آھي. ڌڻودي يا مالدار، جڏھن مال ڌارين ته ان جي سنڀال به پنھنجي سر پاڻ ڪن. ڇو جو جنهن مالدار جي پنهنجي مال تي دل هوندي ته ان ۾ برڪت پوندي. يعني واڌارو ٿيندو ويندو. جنھن جي مال تي دل ۽ سنڀال نه ھوندي سو ڌڻ ويندو ڏينھون ڏينھن گھٽبو. تنهنڪري مال پَهرائڻ، چارڻ، ڏُهڻ، پسارڻ وغيره جو ڪم پنهنجي سِر پاڻ ڪن. لاچاري حالت ۾، چارائيءَ لاءِ ٻيو ماڻھو رکن، جنھن کي چاريندڙ يا ڌنار چون. ڌنار جي آسري تي مال نه ڌاربو آھي. ڇو جو اگر ان کي ڪم جو اھڙو شوق ھجي ھا ته پوءِ پنھنجي گھر ۾ ئي ڪرڻ لاءِ ڪم جام ھيس، اھي اتي ويٺو ڪري ھا.
مطلب: ۱ - ڌڻيءَ ۽ نوڪر جي سنڀال ۾ فرق آھي.
۲ - نوڪر، مالڪ کي ڪمائي ڪو نه کارائيندا آھن. (۱۲)
312. ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، ايءَ نه سنگهارن سِٽ. (شاه، چوڻي)
ڌڻ، خاص طور تي رڍن ۽ ٻڪرين جو، ڌارڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. سڄو ڏينھن، کين سنڀالڻ ۽ چارڻ ۾، پورو ٿيو وڃي. ٻڪريءَ ۽ رڍ جي، پاڻ-هرتڙي طبيعت آهي. ڌڻ کان ڌار ٿيندي، دير ئي نه ڪندي آهي. اگر اتفاق سان، ڌڻئون ڌار ٿي ته بگهڙ ۽ ڪتي ٻلي جو کاڄ ٿي ويندي. تنھنڪري، راتيون جاڳي مٿن پھرو ڏيڻو پوي ٿو. متان منجهن نهر پوي يا پاڻ ڊڪي ڪنهن جي پوک ۾ پون. گهرن اندر به کين، واڙڻ چڱو ناهي. ڇو جو اتي کين کاڌ-خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ، اڃا اوکو ڪم آهي. تنھنڪري کين سانگ تي رکڻو آهي، جتي چارو، پاڻي ۽ رات ڌاري حفاظت جو بندوبست ٿي سگهي.
اگر ڌڻ ڌاري، کين سانگ تي ڇڏي، پاڻ اچي گهر ويهبو ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو. اهڙي بي وفائي سنگهارن ۽ ٿرين ۾ ڪانهي.
اهڙيءَ طرح، هڪڙي مرشد جا کوڙ مريد ٿين ته کيس انهن جي سار سنڀار لاءِ جماعت مٿان ڇپر ڇانءَ ٿيڻ گهرجي. سندن قلب جي صفائيءَ ۽ عبادتن رياضتن جي پابندي ڪرائڻ کان علاوه شيطاني حملن، وسوسن ۽ خطرات کان کين بچڻ جي تلقين پڻ ڪرڻ گهرجي.
مطلب: ۱ - ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
۲ - ڌڻ ڌارين ته، گوڏو ڀڃي ويهه.
۳ - ٿر جا سنگهار، جڏهن مال ڌارين ته ويڙها ڪري گڏ رهن. جدا رهڻ ۽ ڌڻ کي رولڻ، سندن وڙ ناهي.
۴ - دڪان وغيره کولجي ته پاڻ ويهجي، نوڪرن چاڪرن جي حوالي نه ڪجي.
۵ - زمين وٺجي ته مٿس جان لائي محنت ڪجي. ڇو جو کيتي سِرَ سيتي.
313. ڌوٻي ري گهران گِي ڇُوو، گڀا ڦاٽي مالڪ رو. (پهاڪو)
گي: وئي. ري، رو: جي، جو. ڇُوو: هوا جي هلڻ جو آواز. گڀا: ڪپڙا.
ميرو ڪپڙو، پاڻيءَ اندر پسائي، کار يا صابڻَ-چِٽَ ڏئي، جيستائين سوٽيءَ سان سٽبو ناهي، تيستائين ميراڻ ڇڏيندو ناهي. آلي ڪپڙي کي، سٽبو ڪجهه احتياط سان آهي. ڇو جو منجهس پيل پاڻي، کيس ڪمزور ڪري ڇڏيندو آھي. بنا سٽڻ جي، اگر ساڳيو ڪپڙو، ٻه چار ڏينهن پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏبو ته به ائين ئي ڳري ويندو. ويتر جو سوٽي لڳس ته اڃا وڌيڪ ڳارُ ڪندو. مالڪ، جڏهن پاڻ ڪپڙو ڌوئيندو آهي ته سٽڻ ۽ نپوڙڻ وقت، سهنديءَ آهر سٽڪو ۽ نپوڙو ڏيندو اٿس. جنهن سبب گهر جو ڌوتل ڪپڙو، سجيهه جهالائو ٿيندو آهي.
ان جي برعڪس ڌوٻيءَ کي ڏيهاڙي سوين ڪپڙا ڌوئڻا آهن. ڪنڀ تان لاهي، ميراڻ ڪڍڻ لاءِ پٿر تي سٽيندو اٿن. جلد ميراڻ ڇڏائڻ لاءِ، تڪڙا ۽ زِمائتا ڌڪ هڻندو اٿن. جيڪڏهن ميراڻ نڪتي ته ٿي سندس ساراه، جيڪڏهن سٽڪي سان ڪپڙو ڦاٽو ته ٿي مالڪ جي قسمت. ڌوٻيءَ کي ڪو به نقصان ڪونهي، سواءِ سٽڪي ڪڍڻ وقت، زور سان ڌڪ وهائڻ واري طاقت استعمال ڪندي، واتان نڪتل ڇوو جي. اصل نقصان ته مالڪ جو ٿيو.
مطلب: ۱ - پيشه-ور ماڻهو، پنهنجي مزدوريءَ سان ٻڌل آهي، مالڪ جي نفعي نقصان سان نه.
۲ - ڌوٻيءَ جي گهران وئي ڇوو، ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو.
۳ - ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو، ڌوٻيءَ جي گهران وئي ڇُوو.
۴ - ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي. (۶) ص ۱۰۶.
314. ڌوڙ ڌنيتيءَ ري، رک رتنيءَ ري. (چوڻي)
ڌنيتي: ڌن دولت وارو. رتني: رتنن وارو، ماڻڪن وارو، هيرن جواهرن وارو.
دنيا جي تختي تي رهندو فقط نالو الله جو. باقي هر شيءِ فنا آهي. جنهن وٽ ڌن دولت آهي، اها به کانئس هڪ ڏينهن کسجي/ ختم ٿي ويندي ۽ جنهن وٽ مال اولاد آهي، سو به کانئس هڪ ڏينهن ڇڄي جدا ٿي ويندو.
مطلب: ۱ - اهڙي ڌن گڏ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جيڪو هڪ ڏينهن ڌوڙ ٿيڻو آهي. نه ئي وري اهڙي مال گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هڪ ڏينهن، رکئي رکئي، رک ٿي ويندو.
۲ - ڌوڙ ڌنيتيءَ منهن ۾، رابيان منهن ۾ رک.
۳ - ڌوڙ ڌني، رک رتني. (چوڻي)
۴ - ڌن رکڻ واري وٽ، رکئي ڌوڙ ٿئي ۽ رتن يا هيرا وري، سانڍڻ واري وٽ رک ٿيو وڃن. (۵)