لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڏ

315. ڏاڙ کٽُوڪي ڪاڪرو، جَم رَجي کٽُوڪي نيڻ،
گَيو کٽوڪي والمِو، مُوئي وسري ويڻ. (چوڻي)
ڏاڙ: ڏاٺ. کٽوڪي: کُٽڪندو. ڪاڪرو: ڪڪرو، پٿر ذرو. جَم: سدائين. رَجي: تمام ٿورو گند، ڪک، واري. نيڻ: اک. گيو: پرديس ويل، وڃڻ وارو. مُوئي: مرڻ پڄاڻان. ويڻ: بدشد اکر. والمو: بالمو، بالم، مڙس.
۱ - کاڌي کائڻ وقت، ڏاٺ هيٺان آيل پٿر ذرو، پيو ڪرون ڪرون ڪندو ۽ پويان گراه هڻڻ وقت به انديشو رهندو ته متان ٻي پٿري اچي وڃي.
۲ - اک ۾ پيل سنهون ڪک به پيو هُرکندو آهي.
۳ - زال کان، پرديس ويل مڙس، ڪين وسرندو آهي. هر وقت کيس ساري پئي اوسار ڪندي آھي.
۴ - ڪنهن جو ڳالهايل اُگرو اکر به ساري عمر، هنيانءَ تي تورُ ٿي بيهندو آهي. چوندا آھن؛ رِڻا لهي وڃن، وِڻا ڪين وسرن.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار ئي حالتون، گهڻي وقت تائين کٽڪندڙ هئڻ سبب، تمام خراب آهن.
۲ - ڏاڙ کٽوڪي ڪڪرو، رجي کٽوڪي نيڻ،
گيو کٽوڪي بالمو، ڪهيو کٽوڪي ويڻ. (۱۲) ص ۱۴۳.

316. ڏاکڻا نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته ٽوڙي. (چوڻي/پھاڪو)
ڏاکڻو: ڏکڻ کان اولھه ايندڙ، ڪاڇيل يا ڪاڇي مينھن.
ڪانئر؛ ڊڄڻو، گيدي، احسانن ھيٺ دٻيل.
۱ - ڪاڇي جي پاسي کان آيل مينھن وسندو ناهي. وري جڏهن وسندو آهي ته ٿر جھڙي ڏيھه کي به ٻوڙي ڇڏيندو آهي.
۲ - ڊڄڻو ماڻھو، بزدل ٿيندو آھي، جنھن سببان وڙھڻ يا ڌڪ ھڻڻ کان پيو ونءُ ويندو آھي. اگر ڪنھن مجبوريءَ تحت ڪنھن کي ڌڪ هڻندو آھي ته پوءِ ڊڄي ڊڄي اھڙو زھل مان ھڻندو آھي جو ٽوڙي رکندو آهي.
مطلب: ۱ - ڏکڻ مينھن نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي. (۳۵) ص ۲۳۱
۲ - ڏکڻ ميھه نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته جهوري. (ٿر)
۳ - ڏکڻ مينھن نه وسي، وسي ته ٻوڙي،
ڪاهل ڌڪ نه هڻي، هڻي ته ٽوڙي. (سرو)
۴ - ڪاڇي مينھن وسي نه، جي وسي ته ٻوڏ ڪري. (۳۵) ص ۲۵۹
۵ - ڪانئر ڌڪ نه ھڻي، جي ھڻي ته ماري. (۳۵) ص ۲۳۰
۶ - ڪانئر ڌڪ نه هڻڻو، هڻي تان جهوري،
ڏکڻ مينھن نه پوڻو، پوي تان ٻوڙي. (ٿر)

317. ڏانٽي وڪئي، ڏاڊ نه لھندي. (پھاڪو)
ڏانٽو؛ ڏاٽو، گاھ/ لاباري ڪرڻ جو اوزار. ڏاڊ؛ بک. ھٿ وڪڻڻ؛ مزدوريءَ جي بدلي پئسا وٺڻ. ڏانٽو وڪڻڻ؛ ڏانٽي جي مزدوري کائڻ.
ڏانٽو وھائڻ واري کي، محنت مزدوري، قلم وھائڻ واري جي ڀيٽ ۾ تمام ٿوري ٿي ملي. اگر اھو ڪيتري به محنت مزدوري ڪري، اوجاڳا ڪري ۽ ڪشالا ڪڍي، پر کيس ڏينھن اڌ جو قوت مس ملندو. لابارا يا گاھ وري سدائين به نه ھوندا آھن. ان ڪري ڏانٽي جي مزوري ڪرڻ وارا امير به ڪو نه ٿا ٿي سگھن. (۳۵) ص ۲۱۶
مطلب؛ ۱. محنت مزدوريءَ واري جا سکيا ڏينھن سٿرا ايندا آھن.

318. ڏانگ ڀڳي تو ئي ڏوٻران سارو گهڻي اهي. (پهاڪو)
ڏانگ: مهري. تو ئي: ته به. ڏُوٻران: ڀتر. سارو: لاءِ، ڪاڻ. اَھي: آھي.
انَّ اندر ڀترن جو پوڻ، اڻ-ٽر آهي. ڇو جو انُّ، زمين جي پيداوار آهي ۽ زمين منجهان، منجهس ڀترن جو پوڻ، فطري آهي. جڏهن ته کائڻ لاءِ، انُّ صاف سٿرو کپي. منجهانئس ڀتر چونڊي ڪڍڻ، پڻ ڏکيو عمل آهي. ڇاڻيءَ ذريعي به ڪڍڻ ناممڪن آهن. پاڻيءَ ۾ ڌوئڻ سان به ڀتر ڳاري ڪڍي سگهجن ٿا. ان طريقي اندر، انُّ سڪائڻ وارو وڏو خفو آهي.
بهترين، آسان ۽ تڪڙو طريقو آهي، انَّ کي اکريءَ ۾ وجهي مُهريءَ سان ڪٽڪو ڏيڻ. ڀتر ڀُري، سنھي مٽي يا دز ٿي پوندا. ڇڄ ۾ ڇڙڻ سان، دز اڏامي ويندي ۽ انُّ اڇو اجرو ٿي پوندو.
مُهري، ٻن مٿن سان، ڪاٺ منجهان جڙندي آهي. ڀلي ڏري يا ڀڄي پوي، پوءِ به سوٽي طور ڪم اچي ۽ ڀترن کي ڀڃي سگهي.
مطلب: ۱ - امير ماڻهوءَ کي ڪيترو به نقصان پوي، غريب کي آزارڻ لاءِ پوءِ به طاقت وارو هوندو آهي.
۲ - ھيڻو حاڪم، ڪورين لاءِ قھار.
۳ - شينهن يا بگهڙ ڀلي ڪيترا به ڪراڙا ٿي وڃن، پر رڍ کي چيرڻ ڦاڙڻ جي صلاحيت نه مرندي اٿن.
۴ - مهري به ڀڄڻ کان پوءِ، ڌڪ هڻڻ واري صلاحيت نه وڃائيندي آهي.
۵ - ڏنڊو پراڻو هوندو، ته به دلي ڀڃڻ لاءِ ڪافي آهي. (افغاني)
۶ - مهري ڀتي ته به ڀانڊي/ ڀترن ڀڃڻ لائق. (۶) ص ۱۰۷.

319. ڏاوَڙ نار؛ ڏيرو ڏُول. (چوڻي)
ڏاوڙ؛ ڪُلڇڻي، بي لڇڻي. نار؛ عورت. ڏيرو؛ ديرو، گھر. ڏُول؛ اونڌو، تباھ.
سڪون واري زندگي گذارڻ لاءِ، گھر جو ھجڻ ضوروري آھي. گھر کي ھلائڻ لاءِ وري گھر وارو ۽ گھرواري ھجڻ ضروري آھن. گھرو ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، گھر وارو ٻاھران ڪمائي آڻيندو ۽ گھر واري سڄي گھر جي سنڀال ۽ سھيڙ ڪندي ته گھر ھلندو، ٻي صورت ۾ گھر ئي نه رھندو. مڙس وانگر زال کي به محنت ڪرڻي آھي، تڏھن وڃي گھر، گھر ليکبو. فقط مڙس ڪمائڻ تي ھجي ۽ گھر ۾ زال نڪمي/ نکمڻي ٿي ويٺي ھجي ته به گھر نه ھلندو. ان جي برعڪس عورت ڪم ته نه ڪري پر ھٿائين ھٿ-ڦاڙ ھجي ته پوءِ گھر به ڊانوانڊول ٿي ويندو. عورت جو ڪم آهي مرد جي ڪمائي آندل پئسن منجھان، سوچي سمجهي گهر هلائڻ ۽ گهر جا ٽپڙ ٽاڙي سنڀالي رکڻ. عورت عقلمند هوندي ته گهر سنڀاليندي. ڇيڳري ھوندي ته وڃائيندي. (۳۵) ص ۲۳۹
مطلب؛ ۱. گھر کي ٺاھي به زال، ڊاھي به زال.
۲. آهِرُ کٽي اوبڻي، رن ھارائي رنبو.
۳. مڙس جو پاهوڙين سان ميڙڻ، زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.
۴. گهر جو نظام، عورت کي سنڀالڻو آھي.
۵. مڙس آڻي اڪي ٻڪي، زال وڃائي ھڪي چڪي. (ابتڙ)

320. ڏاهو ڪانگ ڦاسي ڪو نه، ڦاٿويه ٻن ٽنگن سان.
(پهاڪو)
ڪانءُ طبعًا ڏاهو ۽ ڏاڍو ڊڄڻو آهي. هر قدم سوچي سمجهي کڻندو آهي. اڪثر بچي ويندو آهي، ڪوڙڪيءَ ۾ ورلي ڦاسندو آهي.
هر معاملي ۾ چالاڪيءَ سان هلڻ وارو ماڻهو، نيٺ هڪ ڏينهن غلطي ڪري وجھندو آهي ۽ مخالفن کي بدلي وٺڻ لاءِ ڀرپور موقعو فراھم ڪري وجھندو آھي. جيڪي کانئس رھيون ڪھيون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندا آھن. ائين ڪانءُ به نيٺ کاپي پوندو آهي ۽ ڪا وڏي غلطي ڪري ويهندو آهي، جنهن سان جان به هلي ويندي اٿس. هر هنڌان صاف نموني ڀڄي نڪرڻ واري جي دل پڪي ٿي ويندي آھي. نتيجتًا مطلب وارن معاملن ۾ بيجا خود-اعتمادي پيدا ٿي پوندي آهي، جنھن سان اکين تي پردا چڙهي ويندا آهن ۽ آخر ڦاسي پئبو آهي. قدرتي طرح، چالاڪ جون آخر ۾، چالاڪيءَ واريون سموريون چالون بند ٿي وينديون آهن ۽ کيس جان بچائڻ به مشڪل ٿي پوندي آهي.
مطلب: ۱ - گهڻي سياڻپ نه ڪجي. ڪن معاملن ۾ توڪل کان به ڪم وٺڻ گهرجي. اجايو سياڻو ٿبو ته، سر وڃائبو.
۲ - اوڻٽيهه ڏينهن چور جا، ٽيهون ڏينهن ساڌ جو به آهي.
۳ - سؤ ڏينهن سس جا، هڪ ڏينهن ننهن جو به آهي.
۴ - ڏاهو ڪانءُ، ٻه-ٽنگو ڦاسندو آهي.
۵ - ظالم نيٺ، ذليل ٿئي. (۵)

321. ڏٻرو ڏاند، پوک جو پاند، ٻئي وِڻواند. (چوڻي)
پاند: پوڇڙ، پلاند. وڻواند: آزار.
۱ - ڏاند ڌاربو آهي، ھر ۽ بيل گاڏيءَ ۾ وهڻ لاءِ. سٻرو هوندو ته زمين ڪاهيندو ۽ ڳاه ڳاهيندو. ڪراڙو، ڪمزور ۽ ڪوڙو هوندو ته ڪم کان لھرائي، لڪندو وتندو ۽ لڪڻ لاءِ ٻُوڙا پيو ڳوليندو.
۲ - پوک به آڳاٽي ۽ وقتائتي پوکيل هوندي ته اپت چڱي ڏيندي. پاڇاٽي يا پڇڙيءَ واري زمين سٺو فصل نه ڏيندي. پڇڙي، بڇڙي آھي. پڇڙيءَ واري زمين يا ٻوڏ ۾ پيئي ٻڏندي يا سوڪ ۾ پيئي سڙندي. ھڪ-ڪرو پاڻي نه ملڻ سبب ڪلراٺي ٿي ويندي يا سم واري ٿي پوندي. ڪڏھن ڍنڍ جو ڏيک پئي ڏيندي ته ڪڏھن رڻ جو.
مطلب: ڪراڙو ڍڳو ۽ پڇڙيءَ واري/ پاڇاٽي پوک، هاريءَ لاءِ ٽوٽي جو سبب ٿيندا آهن. (۴) ص ۲۴۲ ۽ (۶) ص ۱۲۵.

322. ڏٿ آهي، اڌهي جو امهير. (چوڻي)
ڏٿ: پاڻ مرادو ٿيندڙ نباتات. اڌهي: اڙي اُڌي، سوڙهه. امهير: امير، سکيو.
جولاءِ ۽ آگسٽ ڌاري پوندڙ برساتين تي، ٽڪرين/ڀٽن جي گوشار، ٻُڪل ۽ پاساڙن تي کوڙ ساري خود-رو نباتاب جنم وٺي ٿي، جيڪا بنا ڪنھن هَرَ-بنجهر ۽ ٻج پوکڻ جي ٿئي ٿي. منجهن ڪي گاهه، مال لاءِ مرغوب ۽ ڪارائتا آهن ته ڪي وري غريب غربن ۽ ماروئڙن لاءِ، گذران جو ذريعو بڻجن ٿا. ڏٿ، جنهن وقت، ڌرتيءَ تي ٿئي ٿو، تنھن وقت ته ڪم اچي ٿو پر مسڪين ماڻهو اڙيءَ اڌيءَ لاءِ پڻ ڪٺو ڪري رکن، تڏهن پڻ سڪايل ڏٿ کاڌي طور ڪتب آڻجي.
مطلب: ۱ - ڏٿ، غريب غربي لاءِ، رب جي نعمت آهي.
۲ - جنهن وٽ کائڻ لاءِ ڏٿ آهي، اهو ڄڻ امير آهي.

323. ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (چوڻي)
ڏُٿُ: روزي، رزق، جهنگلي خودرو ٻوٽا جهڙوڪ؛ ساوڙي، قُم، مکڻي، لوڙهه، بِهه وغيره يا منجهانئن نڪتل اَنُ.
ڏوٿي: رزاق جو موڪليل رزق کائيندڙ، ٻهراڙين جا غريب ماڻهو جيڪي ڏٿ تي گذارو ڪن، ڏُٿ تي پلجندڙ، ٿوري اسباب تي گذارو ڪندڙ.
انسان ۽ سندس کاڌ-خوراڪ، ٻئي ڌرتيءَ منجھان پيدا ڪيا ويا آھن. جيئڻ خاطر روزي رزق، حالتن ۽ وقت سارو، انسان کي ملي ٿو. دنيا جي تختي تي جيڪي به آيا، سي پنهنجي پنهنجي حصي جي خوراڪ کائي ويا، پر اڃا ايندڙن جي حصي مان ڪجهه به کائي کٽائي نه سگهيا. ھٿائين، جيڪو ھٿ وس يا نظر ۾ ھين، سو به عمر کٽڻ تي، ابول ڪري، هتي ڦٽو ڪيون ويا.
مطلب: ۱ - دنيا جي تختي تي ڪيئي آيا ۽ ويا پر رب تعالى جا خزانا، کائي کٽائي ڪين سگهيا.
۲ - ڏوٿي گهڻا ئي آيا ۽ ڏٿ چونڊي چونڊي کائي مري ويا، پر ڏٿ مند تي اڳي کان به اڳرو آهي.
۳ - روزي رزق رازق تي آهي، سو ڪڏهن به کٽڻو ناهي.

324. ڏچر گهوڙي، سُچر زال، اڌارو وهانءُ،
گهاٽا تر، ڇڊي ڪڻڪ، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
ڏچر: ٿورو کائيندڙ. سُچر: سٺو کائڻو، گهڻ-کائڪ، ڳڙڪائو.
۱ - گهوڙو، کائيندو ته ڊوڙندو. گاه سان ياري رکي، چڪ نه وجهندو ته بک مرندو ۽ ڊوڙي نه سگهندو. اهڙيءَ صورت ۾ لوٺڙيي يا جانورن جي ڊاڪٽر وٽ تپاس ڪرائجيس ته بهتر.
۲ - گهڻ-کائڪ ۽ هٿ ڦاڙ زال، گهر جو الهه تلهه ٻهاري رکندي. ڇو جو پيٽ-ھٿي ھئڻ سبب، ھوندي رڳو کائڻ جي بلي. کائڻ جي خچري، ڪم ڪا نه ڪندي، رڳو پئي کائيندي ۽ پاڻ تي پئسو وڃائيندي. آخر گهر جو لڏو ئي رُلائيندي.
۳ - اوڌر پاڌر وٺي يا قرض کڻي، وهانءُ ڪرڻ به خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙي نيڪ ڪم مهل، خدا جي مدد ته پهچندي آهي پر پوءِ به قناعت ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي.
۴ - ترن جو فصل، گهاٽو پوکبو ته سنگن ۾ اَنُ ماريل هوندو ۽ مجموعي طور پيداوار تمام ٿوري ٿيندي.
۵ - ڪڻڪ ڇڊي پوکڻ سان، جهار ئي پورو ڪري ڇڏيندس. ڪڻڪ جو فصل، گهاٽڙو پوکيل بهتر رهندو آهي. ان سان مجموعي پيداوار سٺي ڄاپندي آھي.
مطلب: ۱ - مٿين شين لاءِ، مٿي ٻڌايل حالتون خراب آهن. (۱۲) ص ۱۴۶.

325. ڏڪار ۾؛ ٿر جي مٽي به رلي وڃي ٿي. (پھاڪو)
ڏڪار جتي به ايندو آھي، اتان لڏپلاڻ وڏي انداز ۾ ٿيندي آھي. ڇو جو روزگار جا ذريعا ختم ٿي ويندا آھن ۽ کاڌ خوراڪ جي قلت ٿي ويندي آھي. لڏپلاڻ سان پوئتي زمين ۽ مٽي، ماڻھن کان سواءِ بر پٽ جو ڏيک ڏينديون آھن، جڏھن مارو ماڻھو لڏڻ پڄاڻان، جتي به ويندا آھن، ڄڻ ته رلي ئي ويندا آھن. جو نه وٽن رھڻ لاءِ آستانو ھوندو آھي، نه کائڻ لاءِ مناسب خوراڪ. دربدري واري زندگي، کين ته نھوڙي ڇڏيندي آھي، پر ديس ڇڏڻ سبب، ديس به بيگانو ۽ بنڀ بيران ٿي ويندو آھي. جيستائين ڪي مندون موٽن، ڪي مينھن وسن، ڪا اوڀڙ اڀري، ڪا ساوڪ ٿئي، مارو موٽن، مال موٽي. (۳۵) ص ۲۷۰
مطلب؛ ۱. لڏپلاڻ سبب ٿيل وڇوڙو ۽ پرديس جا ڏک ڏاکڙا، مٽيءَ ۽ ماڻھن لاءِ، ڪاٽڻ اھنجا آھن.

326. ڏڪار ۾؛ راڻين جا ڪنگڻ به ڍرا ٿيو وڃن. (پھاڪو)
ڏڪار اندر؛ بک ۽ بدحالي، درد ۽ پيڙا ڳڻتي ۽ ڳاراڻو، اوسيئڙن ۽ اڊڪن جھڙيون ڪيفيتون من ۾ پيھي مانڌاڻ مچائينديون آهن. جنھن کان امير توڙي غريب پڻ متاثر ٿيندا آھن. غريب، وري به سٽ سھڻ جي قابل ھوندو آھي. امير ماڻھو، ڏاڍو ڏوٻر لاھي ويھندا آھن. ايتري تائين جو امير گھراڻن جي عورتن جا ڏورا ۽ ٻانھون پڻ، ڳري ايترا سنھا ٿي ويندا آھن جو منجھن پيل چوڙيون ۽ ڪنگڻ گھرگھلا ۽ ڍرا ٿي پوندا آھن. (۳۵) ص ۲۷۱
مطلب؛ ۱ - ڏڪار ۾؛ بک ۽ بدحالي منھن ڪڍن ٿيون.
۲ - خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪونهي ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.
۳ - ڪڏهن روح راڳن ۾، ڪڏهن بيتن کان بيزار.

327. ڏڪار؛ وڇوڙو، وسڪارو؛ ملاپ. (چوڻي)
ڏڪر جي سختي نه سھي، ٿري ماڻهو پنهنجا سر، ٻچا ۽ مال کي بچائڻ خاطر، پيٽ گذر ۽ مال جي چاري لاءِ بيراجي علائقن ڏانهن نڪري پوندا آهن. ان نڪرڻ ۾، پنھنجن ويجھن عزيزن کان به وڇڙي وڃبو آھي، جنھن جو عذاب وڇڙڻ وارا ئي سمجھي سگھن ٿا.
اگر چؤماسي جي مند ۾ مينھن پيو ۽ برسات اوھيرا ڪري پئي ته ڀِٽُن ۽ پَٽَن تي گاھ گلزاريون ٿيو وڃن. ان ۽ کير جام ٿين. سانگ تي ويل سانگي وانڍن کان واپس ورن. وڇڙيا پاڻ ۾ وري گڏجن، جنھن سان سندن ميلاپ ٿئي. گهرن جي اڱڻن تي ٽهڪ گونجن، گيتن ۽ همرچن جو هڳاءُ ماحول کي معطر ڪري وجھي. (۳۵) ص ۲۱۴
مطلب؛ ۱. ڏڪار وڇوڙو، ميلاپ وسڪارو.

328. ڏڪريان ڪهڙا ڀاڙينگڙا؛ جائي تو پيٽ خالي،
پرڻائي تو گهر خالي. (چوڻي)
ڏڪريان: ڌيئرن، نياڻين. ڀاڙينگڙا: بار، بوجهه. جائي: ڄاپي، ڄمي.
نياڻي گهر جي سونهن آهي. پٽ ورونهن آهي. پر گهرُ، نياڻيءَ سان آهي. نياڻيءَ کان سواءِ گهر ڄڻ اوطاق. اوطاق واري ڪچهريءَ/ گفتي ۽ بغير نياڻيءَ واري گهر اندر ڳالهايل گفتي منجھ، ويهين اڻويهين جو فرق هجي ته هجي، نه ته ٻئي گفتا هڪجھڙا.
انسان، پيٽ-ڀرائيءَ جون گهڻيون ڳالهيون ڪندڙ آهي. جڏهن نياڻي ڄمي ٿي ته کانئس اهي پيٽ ڀرايون وسري ٿيون وڃن. ڪنهن سان کيس، هٿ-چراند، ٺڳي ٺوڙي، گهر تڪڻ وغيره سڀ وسريو وڃن. نياڻيءَ جي ڄمڻ سان، ڄڻ پيٽ خالي ٿيو وڃي.
جڏهن وري، نياڻي پيءُ ماءُ جو گهر ڇڏي، پنھنجي گهر ۾ ٿي وڃي ته پيءُ ماءُ جو گهر وري ساڳيو ئي ڄڻ خالي ٿيو وڃي. جتي نياڻيءَ جي ڪري، گهر اندر برڪت ۽ حياءَ واريون ڳالهيون هيون، هاڻي انهن ۾ وري تبديلي اچڻ شروع ٿئي ٿي. ساڳيو اوطاق وارو ماحول ٿيڻ شروع ٿي ٿو وڃي. ويراني واڪا ڪرڻ ٿي شروع ڪري.
مطلب: ۱ - نياڻي، ٻوجهه بجاءِ، برڪت جو سبب بڻجي ٿي.
۲ - نياڻي ڄمي ته گهر مان بُرائي وڃي، پرڻجي وڃي ته گهر ويران ٿي وڃي.
۳ - نياڻيءَ جو ڀاڳ به سادو آهي. ڄمي ته بک تي/ خالي پيٽ تي، پرڻجي وڃي ته مائٽن جو گهر خالي ڪري وڃي.

329. ڏڪري کائي پيئي مت، گهر سهي ٿارو. (پھاڪو)
هڪڙي گهر جي نياڻي/ڌيءَ، ڪنھن پرانهين هنڌ تي پرڻجي وئي. سندس سهرو ڏاڍو سياڻو ۽ چالاڪ ماڻهو هيو. تنھن کيس ڀريل تريل ۽ سَجيل گهر ته ڏنو پر ان سان گڏوگڏ نصيحت ڪندي چيائينس؛ ”ڀريل تريل گهر تو کي ڏيان ٿو. ان جي سار سنڀال توکي لهڻي آهي. احتياط سان منجهس رهڻو آهي، جيئن ڪا شيءِ، کٽي ۽ ٽٽي نه ۽ ڀڄي ڀُري به نه.“
ڇوڪري ويچاري، هاڻي گهر جي سار سنڀال ۽ ٽپڙن جي ٺاهه ٺوهه ۽ سانڍڻ واري ڪم ۾ ئي سُڪ ٿي وئي. احتياط سان رهندي، ڪو به ٽپڙ ٽاڙي هيڏي هوڏي ٿيڻ نه ڏنائين.
سالن پڄاڻان، جڏهن سندس پيءُ، وٽس گهمڻ آيو ته ڀريل تريل گهر ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو پر ڌيءَ کي لهڪاريل ڏسي ڏاڍو دلگير ٿيو. دل وٺڻ لاءِ پڇيائينس؛ ”پٽ! تو کي ڪيڏو نه سٺو ساهراڻو گهر ڏنو اٿم، جتي تو کي هيڏو سجيل ۽ ڀريل تريل گهر مليل آهي. پوءِ به ڄڻ ڳڻتين ۾ ورتل ھجين؟“
”ڏڪري! کائي پيئي مت، گهر سهي ٿارو“ ڌيڻس، گهر جي سجيل هئڻ ۽ پنھنجي لهڪاريل هئڻ جو دليل هڪ ئي جملي ۾ ڏيندي چيس؛ ”ڌيءُ! کاءُ پيءُ نه! گهر سڄو تنھنجو آ!“ (۶)
مطلب: ۱ - جڏهن گهر منھنجو آهي ته منجهس آسائشون به منھنجون ٿيون نه!
۲ - ڌيءُ! کائين پئين متان، پر گهر سڄو تنھنجو آهي.
۳ - ڌيءُ! گهر سڄو تنھنجو آهي پر کائجان پيئجانءِ نه!

330. ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي، سک ۾ سرهو نه ٿجي. (چوڻي)
هڪ ڀيري لاکي ڦلاڻي کي ڪنهن سوناري هڪ قيمتي منڊي تحفي ۾ ڏني. ڄام لاکو اها خوبصورت منڊي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هن اها منڊي پنهنجي هڪ پياري ڏاهي دوست کي ڏني ۽ چيائينس؛ ”هن منڊيءَ تي ڪو اهڙو قيمتي جملو لکرائي اچ، جيڪو جملو آئون خوشيءَ جي وقت پڙهان ته، آپي مان نه نڪران ۽ غم جي وقت پڙهان ته وڌيڪ مايوس نه ٿيان.“ ان ٿر جي ڏاهي ماڻهوءَ ڪجهه وقت سوچي، پوءِ انهي منڊي تي جملو لکرائي ڏنس؛ ”سک ۾ سرهو نه ٿجي ۽ ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي.“ (۳۵) ص ۲۵۷
مطلب؛ ۱- دنيا؛ ڏک ۽ سک جو گڏيل ماڳ آھي. اتي جي نه خوشي جٽادار آھي، نه غمي. ٻئي، اچڻ شرط، لنگھي وڃن ٿيون.

331. ڏمرجي ته به ڏئي، پرچي ته پل ڀري،
جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چِت ۾. (چوڻي)
جکرو: اوٺو جکراڻي، آڳاٽي دور ۾ سنڌ جو هڪڙو سخي مرد.
۱ - رب، اگر ڪن سببن جي ڪري ٻانھي تي ناراض ٿئي ٿو ته به سندس روزي بند نه ٿو ڪري. البته ناراض ھوندي به پاڻ روزي ڏئي ٿو. راضي هئڻ جي صورت ۾ بي حساب ۽ بي انداز ڏئي ٿو. اتان ڏئي ٿو، جتان بندي کي ملڻ جو، وهم ۽ گمان به نه هجي.
۲ - ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ ۾ به رب تعالى، ٻانھي جي مصلحت کي مدِنظر رکي ٿو.
مطلب: ۱ - ڏمرئو ته ڏي، پرچيو ته پاٽ ڀري. (شاهه، بلاول)
۲ - رب راضي ٿئي ته ھڪ مان ٻه ڪري، ٿئي ناراض ته ٻن مان ٽي ڪري.

332. ڏمر ڏولائو، کمٿ کٿوري. (چوڻي)
ڏمر؛ ڪاوڙ، ڪروڌ. ڏولائو؛ تڪليف پھچڻ جو اھڃاڻ. کمٿ؛ صبر، کانڌ. کٿوري؛ خوشبودار.
ڏمر يا ڪاوڙ منجھان نيٺ نقصان رسي ٿو، جڏھن ته صبر منجھان نيٺ راحت ۽ خوشبوءِ ملي ٿي. ڪاوڙ ڪرڻ کان بھتر آھي ته صبر کان ڪم وٺجي.
مطلب: ۱ - ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي، جڏھن ته صبر منجھ رب جي رحمت ۽ مدد پھچي ٿي.

333. ڏنو ناڻو، ڀڳو ماڻو. (چوڻي)
ڪنهن لالچيءَ ۾ اگر ڪم پوندو آهي ته پيو ڪم ڪرڻ کان نٽائيندو آھي. پنھنجي لوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ پيو نخرا ۽ ٽاڻا ماڻا ڪندو آهي. منٿون ايلاز، سفارشون به نه مڃيندو آهي.
جڏهن پئسو ڏوڪڙ جهاڙائبو اٿس ته پوءِ کير لاھي بيھندو آھي. ڳالهائڻ واري انداز ۾، گفتگو ڪندو آهي. وري جڏهن ساڻس محنت مزدوري يا خرچي پاڻي طئي ڪري، کيس پورا پئسا ڏبا آهن ته ٽال مٽول ڇڏي، سچتائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان جلد ڪم اڪلائي ڏيندو آهي.
مطلب: ۱ - پئسو، وڏو سفارشي آهي.
۲ - پئسو، وڏو پير آهي.
۳ - ڇٽو پٽ ڏني جو، ٻئي ذات جا فرحتي.
۴ - ڏنو، پنڌ ڇنو.
۵ - قرض چُڪيو، پنڌ ڪپيو. (۶) ص ۱۰۷.
334. ڏوکڙو؛ سيڻ، سوکڙو؛ ويري. (چوڻي)
ڏوکڙو؛ ڏک. سيڻ؛ ويجها مائٽ. سوکڙو؛ سک.
ڏکن ۽ تڪليفن اندر، ماڻهو ھڪ ٻئي جي مدد ۽ ھمت افزائي ڪرڻ سبب، ڄڻ دوست ۽ مائٽ ٿي پوندا آھن. ھڪ ٻئي سان وندر ورونھن ڪندا آھن. سکن جي اچڻ سان، بي اونا ۽ بي فلڪا ٿيڻ سبب ڄڻ ھڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويندا آھن. (۳۵) ص ۲۶۹
مطلب؛ ۱ - ويجھو ٿيڻ؛ مٽ ھئڻ جي علامت آھي. پري ٿيڻ؛ ويري يا دشمن ھجڻ جو اھڃاڻ آھي.

335. ڏو مُوسا، ڏو ڪاترا، ڏو تيڏي، ڏو تاءَ،
ڏو بِسَئر، ڏو واءَ، ڏو ڪي ٻانڌي جَڙَ هِيري،
ايڪ ڪي ٻانڌي کُوڙيو ماريءَ. (چوڻي)
ڏو: ٻه . مُوسَا: ڪئا. تيڏي: ننڍي ماڪڙ. تاءَ: تپ، بخار. بسئر: زهريلا جيت، نانگ، بلائون. واءَ: هوا. جڙ هيري: برساتي پاڻي. کُوڙيو: مال جي بيماري، جيڪا اڌ رنگ ۾ ظاهر ٿيندي آهي.
آدر مهيني ۾ برسات وسڻ کان پهرين، پندرنهن ڏينهن، جيڪي مگسر نکٽ جا هوندا آهن، تنهن دوران جيڪڏهن پندرهئين ڏينهن چوماس جي هوا لڳي ته، ٻارنهن ڏينهن ۾ ٻن ٻن ڏينهن جي حساب سان، ڪوئا، ڪاترا، ننڍي ماڪڙ، بخار، زهريلا جيت ۽ نانگ بلائون ٻاهر نڪري نه سگهندا آهن.
ٻه ڏينهن انهيءَ ”مگسر“ نکٽ (پهرين جون کان پندرهينءَ تائين) دوران برسات وسي ته اهو برساتي پاڻي، فصل ۽ گاه لاءِ پڻ ڀلو ٿيندو آهي.
انهيءَ نکٽ جي آخري ڏينهن ۾ هوا لڳي ته چوپائي مال ۾ اڌرنگ جي بيماري نه ٿيندي آهي.
مطلب: ۱ - ”مگسر“ نکٽ دوران، ڪوئا ۽ ڪاترا، ننڍي ماڪڙ ۽ تپ، زهريلا جيت ۽ نانگ بلائون، ٻرن ۾ ڇُپي ويندا آهن. (۱۴) ص ۶۱.

336. ڏونگر ته ڏور ڀلا، نيڙا تو پاھڻيا. (چوڻي)
پري کان جبلن جو نظارو به من موهيندڙ ۽ سهڻو لڳندو آهي. دل ھرکندي آھي ته جيڪر اڏامي مٿس پھچجي ۽ ويجھڙائيءَ کان نظارو پَسجي. جڏهن ويجهو پهچبو آهي، ڀوائتن پٿرن جي ڍيرن جو درشن ئي ٿيندو آھي. سندن ڪشش ۾ ڪيل پنڌ پڻ اجايو محسوس ٿيندو آهي. (۳۵) ص ۲۰۹
مطلب؛ ۱. جبل پري کان ته سهڻا لڳندا آهن پر ويجهي وڃڻ بعد هو صرف پٿر آهن.
۲ - ٽوهه پري کان سھڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪٽي ڦار وات ۾ وجهبي ته زهر لڳندو آهي.
۳ - ويجھو؛ ڪوجھو.
۴ - دور ڪا ڍول، سُھانا بجتا ھي.

337. ڏونگريا هريا هوئا، جڏهن سکر ٽهوڪي مور،
تڻ رُت چالين تين جڻان؛ چاڪر، منگت، چور. (چوڻي)
ڏونگريا: جبل. ھريا: سائو ٿيو. ٽهوڪي مور: مور جا ٽهوڪڻ. رُت: مُند.
چالين: چالون. جڻان: ڄڻن. چاڪر: نوڪر. منگت: مڱڻهار.
ٿر ۾ جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن چوڌاري گاھ ڦٽي پوندا آهن. جنهن سبب زمين کان مٿي اڀريل ڀٽون به سائي چادر تاڻي بيٺيون هونديون آهن. ان مند ۾ مور به ٽهوڪا ڏيندو آهي، جنهن سبب منظر ڏاڍو پرڪشش ٿي پوندو آهي.
انهيءَ مند ۾، ٽن ڄڻن جي چال به کلي پوندي آهي. اهي به وقت سر، موسمي ڏيڏر وانگر، نڪري نروار ٿيندا آهن. ۱- نوڪر؛ خاص طور تي سرڪار طرفان لاپي يا ڍل وغيره جي اوڳاڙيءَ لاءِ مقرر ٿيل، فصل جي تڪ تور لاءِ نڪري پوندا آهن. ۲ - مڱڻهار به راڄ مان، پڳر جي اڳاڙيءَ لاءِ، پٽڪا ٻڌي گهوڙين تي چڙهي، نڪري پوندا آهن ۽ اچي راڄن جي در تي سين هڻندا آهن. ۳ - چورن کي به ان وقت موقعو سُجهندو آهي، جڏهن ملڪ سکيو ستابو هجي. چور ڀريل ڀڪيل گهر ۾، سڻائي وقت تي ئي کاٽ هڻندو آهي.
مطلب: ۱ - برسات سبب آيل خوشحاليءَ ۾ نوڪر، مڱڻهار ۽ چور کي به ٿورو ڪي مليو وڃي.
۲ - ڀيٽيو؛ ڪڀوئي منگت آرس ڪري، چور چوريءَ نهين جائي،
چاڪر بيچارا ڪيا ڪري، روج پار ڪا کائي،
آڌي رو هڪل ٿائي، تو ’جي جي‘ ڪرتا جائي. (۲) ص ۶۴.

338. ڏوهتراڻ نِه پوتراڻ، وڌتو ويري. (چوڻي)
ڏوهتراڻ: ڏوهٽاڻ. نِه: ۽. پوتراڻ: پوٽاڻ. وڌتو: وڌندڙ. ويري: دشمن.
ڏوهٽا، ڀلي ڪيترو به ناناڻن جو کائين پيئن، پر ڪوٺائبا وري به ڏاڏاڻن جا. ناناڻن سان، نه سڌا هلندا ۽ نه ئي ساڻن سنوان ٿيندا. وڏو ٿيڻ کان پوءِ، هر ڪو پنهنجي پيٽ لاءِ ڪمائي ٿو. ڏوهٽو هجي يا پوٽو، ڪمائي ڪري اچي، پنهنجي زال آڏو رکندو. ڏاڏي/ ناني يا چاچن مامن کي آڻي هنج ۾ نه رکندو.
نام ناموس وڌائيندو ته پنهنجي ڏاڏنگ جي خاندان جي وڌائيندو، نانگ کي ڪين ڪڏائيندو. سڏبو ۽ ڪوٺائبو ڏاڏاڻن جو. ناناڻن کي ايترو به فائدو نه ڏيندو. ڇو جو ڌيئر ۽ ڏوھٽاڻ، پرائو باغ آھن.
مطلب: ۱ - ڄڻيو اولاد ئي يا نصيب آ، پوءِ پوٽن ڏوهٽن ۾ آسرو رکڻ، اجايو آهي.
۲ - ڏوهٽاڻ ۽ پوٽاڻ، وڌندي جا ويري. (لاڙ)
۳ - ڏوهٽا، وڌندا ويري. (ساھتي)
۴ - ڏوهٽاڻ نه پوٽاڻ، جيئن وڌي تيئن کري. (ٿر)
۵ - ڏوهٽو، پوٽي جي ڀيٽ ۾، گهٽ قھقاءُ رکندو آهي.
۶ - ڏوهٽاڻ، پوٽاڻ وڌندي ته ملڪيت مان حصو ڇڪڻ سبب، ويري ٿيندي.
۷ - ڏوهٽاڻ، پوٽاڻ نه ٿيندو.
۸- ڏوهٽاڻ: پرائو باغ. پوٽاڻ: پنھنجو باغ . (۶) ص ۱۱۰.

339. ڏهاڳڻ را ڏاکڙا، ڪي نه آيا ڪاڄ. (پهاڪو)
ڏهاڳڻ: مُٺي، بيوه، جنهن جو مڙس مري وڃي. را: جا. ڏاکڙا: ڏُک. ڪي: ڪنهن. ڪاڄ: وهانءُ.
جنهن اڀاڳڻ جو وَرُ، جوانيءَ ۾ جهان ڇڏي ويو، ان کي هر ڪو نڀاڳي ۽ بدبخت سڏي، کانئس ٽارو پيو ڪندو آهي. سندس ڦٽن، ڏکن، ڏوجرن تي بجاءِ مرهم رکڻ جي، مٿن لوڻ پيو ٻرڪيندو آهي.
نحوست وارو داغ/ ڪلنڪ، سندس نراڙ تي چِٽي، کانئس هر ڪو پيو ڇرڪندو ۽ ونءُ ويندو آهي. جنهن سبب ڏهاڳڻ جي زندگي، عذاب ۾ پئي گذرندي آهي.
اسلام ۾ اهڙيءَ عورت لاءِ همدردي آهي. جڏهن ته هندو مت ۾ ناهي. ساڻس همدردي، نه مِٽُ مائٽ ڪندو آهي ۽ نه اوڙي پاڙي وارا.
مطلب: ۱ - ڏهاڳڻ جي ڏکن/ ڏاکڙن جو تدارڪ، ڪير به نه ڪندو آهي.
۲ - ڏهاڳڻ جي ڏک ۾ ڪو به شريڪ نه ٿيندو آهي.
۳ - ڀيٽيو؛ کوڻي ۾ مُٺي، ڪنهن نه ڏٺي. (۶) ص ۱۰۹.
340. ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو. (چوڻي)
ڏياري؛ هندن جو تهوار، جنهن ۾ رات جو ڀتين ۽ آڳنڌ وغيره تي ڏيئا ٻاري روشني ڪن. چڀڙ؛ متيرو.
سنبت وڪرمي سال جو اسو مهينو، آڪٽوبر ڌاري ايندو آهي. اسوءَ ۾ ڏياريءَ جو ڏڻ ٿيندو آهي. ڪجهه فصل لهي چڪا هوندا آهن ۽ ٻيا ٻنين ۾ پڪل هوندا آهن. چڀڙ، ٿر ۾ ٿئي ۽ ڏڪار توڙي سڪار جي حالتن ۾ کاڌ خوراڪ طور استعمال ٿئي. ڏياريءَ کان اڳ، ول ۾ لڳل ڪجهه چڀڙ مٺا هوندا آهن ته، ڪجهه کارا هوندا آهن. ڏياري جي ڏڻ کان پوءِ، پچي مٺو ٿي پوندو آھي. کائڻ ۾ مٺو ۽ سوادي لڳندو آهي. ڪچو، ڏياريءَ کان اڳ، کارو ھوندو آھي. ڏياريءَ بعد، کٽ-مٺو ٿئي ۽ انب-چُور طور ڀاڄيءَ ۾ ڪم اچي. (۳۵) ص ۲۵۷
مطلب: ۱ - چڀڙ جو مٺو ٿيڻ، ڏياريءَ جي آمد جي نشاني آھي.

341. ڏي روٽيان را چڙهه، گهتيان تي پنڌ ري چٽي ۾. (پھاڪو)
هڪڙو پيٽوڙي، ڪنھن ڄاتل سڃاتل ڳوٺ ۾، رات ڌاري وڃي ڪڙڪيو. ڳوٺ وارا کانئس، واقف هئا. تن کيس ڀڄائڻ لاءِ سوچيو.
”سائين! اڄ ڀر واري ڳوٺ ۾ وڏو اوسر آهي.“ پنھنجي منھن هڪٻئي کي چوڻ لڳا؛ ”چار ڏينھن ڌماڌم، ماني هلندي، جنھن ۾ لاپسي، شيرو، ڳڙهاري، ڀت، ٻوڙ ۽ مانيون گڏوگڏ ملنديون.“
اهي ڳالھيون ڪن پوندي، پيٽوڙي آهستي آهستي، ڳوٺ ڇڏي بک تي ٻاهر نڪتو ۽ اوسر واري ڳوٺ ڏانھن رخ رکيائين. ڳوٺ ڪافي پري هو. پھچندي پھچندي اڌ رات ٿي ويس.
اتي ڪجهه به نه ڏسي، پوئين ڳوٺ وارن کي، وڏي سر بيھي گاريون ڏيڻ لڳو. گارين تي ٻه چار ماڻھو گهرن مان نڪري پيا.
”ڇا ٿو چوين؟“ ماڻھن پڇيس.
”مئا ماڻس را ڏِڪرا ئي ڪو ھَتا.“ کين ورندي ڏنائين ته؛ ”اڳلا ماڻھوءَ جا پٽ ئي ڪو نه ھئا.“
”ڇو؟“ مڙني کانئس پڇيو.
”ڏي روٽيان را چڙهه، گهتيان تي پنڌ ري چٽي ۾.“ ڪاوڙ جو سبب ٻڌائيندي چيائين. ”ڍَوَ جو آسرو ڏئي، پنڌ جي چٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيائون.“ (۶) ص ۶۰.
مطلب: ۱ - دوکي سان تڪليف ۾ وجهندڙ کي، ائين ٽوڪبو آهي.
۲ - مانيءَ جو آسرو ڏئي، ڪنھن کي اجايو پنڌ نه ڪرائجي.

342. ڏيس بکاڻي ڏڪرو؛ گان بکاڻي نار،
برسات پڙي ڍاٽ تي، ڀلا ڍاٽين جا پار. (چوڻي)
ڏيس: ڏيهه، ديس، ڳوٺ. بکاڻي: ساراھ ڪرڻ، واکاڻ ڪرڻ. ڏڪرو: ڇوڪرو. گان: ڳوٺ. نار:زال. پرس: مڙس. ڍاٽ: ڍٽ، ٿري علائقي جو نالو. پار: پرڪار، لڇڻ، ارڪان.
۱ - پٽ اهو ڀلو آهي، جنهن کي جڳ جهان چڱو چوي يا ٻيا به سندس واکاڻ يا تعريف ڪن. ھنڌين ماڳين ھاڪ ھجيس. اگر جتي ڪٿي بدنام ھوندو ته ڳوٺ ۾ ماڻھن جا بوھيارا ۽ پوليس جا ٽاھُو ڪڍ ھوندس. اھا دڙي ته تتل ھوندس پر ڌرتي به ٽامڻي ھوندس. لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندس.
۲ - زال به اها ڀلي آهي، جنهن کي پاڙو اوڙو ۽ سڄو ڳوٺ چڱو چوي. جنھن عورت مان پاڙو بيزار ھجي، سا ڳوٺ مان لڏڻ جو سبب بڻجي پوندي. سندس بدناموسيءَ سبب، ڪٿي به نڪ ڇپائڻ جيتري جاءِ نه ملندي.
۳ - ڍٽ تي برسات پوڻ سان، پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي. پنھنجي کائڻ لاءِ انُّ ۽ مال لاءِ چارو ارزان ٿئي ٿو. مال سائو ستابو ٿئي ٿو ۽ کير مکڻ جام ٿئي ٿو. پئسو پنجڙ به بي-مکتو ھٿ اچي ٿو، جنھن سبب ڍاٽين جا لڇڻ ۽ افعال ڀلا نظر ٿا اچن.
مطلب: ۱ - چڱي شيءِ اها آهي، جنهن کي ٻيا به چڱو چون.
۲ - پٽ اهو، جنھن کي ڏيھه ساراهي. زال اها، جنھن کي ڳوٺ ساراهي.
۳ - ماءُ بکاڻي ڏِڪرو، پرس بکاڻي نار. (ابتو) (۲) ص ۶۳.

343. ڏينهان ڇلو نه ڪري، ڪڪڙ سانجهي وار،
جوءِ پرائي پکڙي، مرد لهي نه سار،
جو ويٺي ساٿ سمهي، اهي پنج ئي گينوار. (چوڻي)
ڇلو: سنان، تڙ، وهنجڻ. پکڙي: پکڙن ۾، گهر ۾. ساٿ: ساٿي، سنگتي.
گينوار: ڳنوار، بي عقل.
۱ - صبح جو سوير اٿي ڏندڻ ۽ سنان ڪرڻ ۾ صحت آھي. سستي ختم ٿيو وڃي ۽ بخت پاڻ ڀرائي ٿو. صبح جو سوير اٿي، سنان پاڻي نه ڪرڻ وارو مرد، مورک آهي.
۲ - ڪڪڙ جي بانگ ڏيڻ جو وقت، اسر ڌاري آھي. اسر بدران، اگر شام جو بانگ ڏئي ته سمجهبو؛ يا موڳو آهي يا بيمار آهي.
۳ - اشراف زال جو خاصو آھي ته پنهنجي گهر مان ڪاڏي به پير نه ڪڍي. سندس سونهن، گھر اندر پردو ڪرڻ ۾ آھي. جيڪا عورت پنھنجي گھر جي چانئٺ لتاڙي، پراون گهرن ۾ پئي ڦرڪا ڏيندي، تنھن کي ھر ڪو پيو بدچال سمجھندو.
۴ - مرد کي ئي زال جي سار لهڻي آھي. اگر ڪنھن شيءِ جي ضرورت اٿس ته کيس مھيا ڪري ڏيڻي آھي. اگر عورت جي چال چڱي ناھي ته کيس ڏاھپ ۽ سياڻپ سان ڌت ڪرڻ، مڙس جو ڪم آھي. اھي ڪم اگر مرد ٻين کي دانھون ڏئي ڪرائيندو ته ھڪ ڏينھن اھا زال ته ڦرائيندو پر پنھنجي پت به وڃائيندو. کيس ھر ڪو، نامرد ۽ بيوقوف پيو سڏيندو.
۵ - سنگتي ساٿي اچن ۽ ميزبان انهن جي سار سنڀار لهڻ بجاءِ لت کوڙي سمهي رهي ته ان جهڙو بي ڍنگو ٻيو ڪو به ڪونهي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج خاصيتون، بيعقل ماڻهن جون آهن.
۲ - ڇلو مرون ڏينهن پڇري، ڪڪڙ سانجهي وار،
جوءِ پرائي پکڙين، مرد نه لهي سار،
پرس پراوا قرض کڻي، ڪري وڏا اُپڪار،
جو ويٺي سٿ سمهي رهي، اهي پنج ئي گينوار.
۳ - ڏينهان ڇلو مرون، راتيان ڪڪڙ وار،
نار پرائي ڪاڄ ۾، وڃي ڪُران ڌار،
(يا) پراون پاڙن ۾، جانت نت وڃي نار،
قرض کڻي ڪاوڙ ڪري، ايڏي سان اختيار،
ويٺي سٿ سمهي رهي، اهي پنج ئي گينوار. (۱۲) ص ۱۵۰ ۽ (۸)

344. ڏيڻ، روئڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ٽيئي ٽول ڏکيا،
قادر پنهنجي قدرت سين، هيئين هيٺ رکيا. (چوڻي)
۱ - ڏيڻ؛ سخاوت ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پنهنجي شيءِ ٻئي کي ڏئي ڇڏڻ، جهڙي تهڙي جو نه بلڪ دل-واري ماڻهوءَ جو ڪم آهي.
۲ - روئڻ به ايترو سولو ڪم ناهي. ماڻهو، وڏي نقصان پوڻ کان پوءِ وڃي مس روئندا يا روئڻهارڪا ٿيندا آهن. ٻي صورت ۾ هر ڪو خوش رهڻ کي ئي ترجيح ڏيندو ۽ پسند ڪندو آهي. نقصان پوڻ تي، دل کي رنج پهچندو آهي. جنهنڪري انسان کان بي اختيار ڳوڙها وهي پوندا آهن.
۳ - وطن ڇڏڻ ڏکيو ڪم آهي. وطن سان اُنسيت، ڄمڻ شرط پيدا ٿئي ٿي. کيس پنهنجو محافظ ۽ مربي ڄاڻبو آهي. جنهن ڏر ۽ گهر ۾، جيڪو ڄائو آهي، تنهن کي پنهنجو پهريون اجهو ۽ سهارو سمجهندي، ساڻس محبت ڪندو آهي. کانئس جدا ٿيڻ تي کيس دلي چوٽ لڳندي آهي.
مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪمن جو تعلق، براه راست دل سان آهي. دل کي تڪليف پهچائڻ وارا عمل آهن. ڇو جو قدرت واري، انهن جو تعلق، ازل کان، دل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
مطلب: ۱ - بخشي ڇڏڻ، دل تي پٿر رکي ڇڏڻ برابر آهي.
۲ - ڏيڻ، دل هيٺان آهن.
۳ - ڏيڻ، ڏکيو آهي.
۴ - ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ٽئي ٽول ڏکيا. (۴) ص ۲۴۳.

345. ڏيھ ۾ ڏياري، ھروءَ ري گھرين ھوري. (پھاڪو)
ڏياري؛ خوشيءَ جو ڏڻ. ھرو؛ غريب مارو ماڻھو. ھوري؛ وڇوڙي جو ڏک.
ڏياريءَ جي خوشي اھو ملھائيندو، جنھن وٽ مال ملڪيت ھجي ۽ ڪھول ڪٺو ھجيس. جنھن وٽ نه مال، نه ملڪيت ۽ نه وري اولاد ھڪ ھنڌ ڪٺو ھجي، سو ڏياري ڪٿان ملھائيندو. قحط ساليءَ واري سال، جڏھن ھڪ گھر جا ڀاتي بيراجي علائقن ۾ ڪمائڻ ويندا آھن، تڏھن گھر خالي ۽ ويران نظر ايندا آھن. تن ۾ خوشيءَ بجاءِ، غم داخل ٿيندو آھي. وڇوڙي جا وڍ ۽ ويلن جي سار ۽ ھورا کورا ھوندي آھي.
مطلب؛ ۱ - جنھن کي بک ۽ بيرازگاري تنگ ڪري، سو ڏياري ملھائڻ بجاءِ، ويڳاڻو ۽ ڏکارو ٿيو ھوري پيو ملھائيندو آھي. (۳۵) ص ۲۶۶