لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪ

ڪ

115. ڪاٺ جي پور ۽ ماڻھوءَ جي اندر جي ڪھڙي خبر؟ (چوڻي)
۱ - ڪاٺ جو بنڊ، بظاهر ٿلھو نظر ايندو آهي، پر اندران ڪيئن آھي، اھا خبر خاوند کي آھي. آري مشين تي چيرڻ کان پوءِ خبر پوندي آھي ته اھو بنڊ ڳردار ھيو يا منجھس اندر ئي اندر ۾ اھڙو ڳجھو پور ھيو، جنھن سبب سندس ڪاٺي عمارتي ڪم جي ئي نه رھي آھي. بلڪ جلائو طور تي استعمال ڪري سگھڻ جھڙي رھي آھي.
۲ - اهڙيءَ طرح ڪي ماڻھو ڏسڻ ۾ ٿلھا ٿنڀرا يا پڙھيل ڳڙھيل پيا نظر ايندا آھن. کين ٿلھو ڏسي، ڪي ماڻھو منجھانئن بھادريءَ جي اميد رکندا آھن. پر ميدان تي لھڻ کان پوءِ خبر پوندي آھي؛ ھمراھ ته اندران اندران صفا ڀاڙ جو ترو آھي. يا وري ڪي ماڻھو لٽي ڪپڙي مان وڏا پڙھيل ڳڙھيل پيا نظر ايندا آھن. ڳالھائڻ کان پوءِ خبر پوندي آھي؛ ھمراھ ته ٺپ اڻ پڙھيل ۽ غير تربيت يافتہ آھي.
مطلب: ۱ - بظاھر ٿلھو ٿنڀرو، ڪاٺ اندران پورو، انسان اندران کاڌل ٿي سگھي ٿو.

116. ڪاٺين کي باهه مان، مرونءَ کي ماهه مان،
بخيل کي مال مان، عالم کي علم مان،
سائل کي خيرات مان، ڪڏهن به ڍؤ نه ٿئي. (چوڻي)
بک، پيٽ ۾ کاڌي جي وقتي کوٽ کي چئبو آهي. جنھن کي اگر وري کاڌي سان ڀربو ته، هڪ ويلي کان ٻئي ويلي تائين، پيٽ ٺاپر ۾ اچي ويندو. پيٽ ۾ هڪ کان ٻن يا ٽن مانين پوڻ جي گنجائش يا گهرج هوندي آهي. گهٽ مانيون وجهڻ سان، آنڊا اڃا پيا ڪُر ڪُر ڪندا. انهيءَ ڪُر ڪُر کان بچڻ لاءِ، پوري پُني ماني کائڻ ضروري آهي. وڌيڪ ماني به نقصانڪار آهي. پيٽ کي ڦاڙيندي ۽ ٻين بيمارين جو سبب پڻ بڻجندي. جنھن کاڌي سان، آنڊن ۾ ڪُر ڪُر باقي نه رهي ۽ کاڌو پيٽ ۾ بيماريءَ جو سبب نه بڻجي، اهو مناسب ۽ ڍَوَ ڪرائڻ وارو سڏبو. ڍَوَ کان مٿي، ڪير به کاڌو نه کائيندو آهي.
دنيا اندر ڪي وري اهڙي قسم جون بکون آهن جن جي ڍاپڻ جي حد ناهي. جيترو کين پلڻ جي ڪوشش ڪبي، تيترو منجهانئن ”هل من مزيد“ جو آواز پيو ايندو.
مطلب: ۱ - سڪل ڪاٺيون، اگر باهه کي ٻرڻ لاءِ ملي وڃن ته باهه، منجهانئن نه ڍاپندي. پئي وڌيڪ لاءِ پڪاريندي.
۲ - مرون ۽ گوشت خور جانور کي جيترو شڪار نظر ايندو، سرڙي رکندا. ڍائجي، چُپِ ڪري، نه ويهندا. ڍوَ کان پوءِ ته ويتر طاقت ۾ اچي، ٻيا وڌيڪ هيڻا جانور ماريندا.
۳ - ڪنجوس ماڻھو، ڪمائڻ ۾ پورو. کپائڻ لاءِ ويساند به نه هوندس. ته به سندس چُوس ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي. مشين جي پرزي وانگر گسي ويندو، ڪمائڻ کان بس نه ڪندو.
۴ - عالم کي سوين ڪتابن جو علم هجي، ته به چوندو: هزارين ڪتاب اڃا رهيا پيا آهن. تانگهه پوري نه ٿيندس.
۵ - فقير يا منگتي کي به ڪيترو ملي، ڍؤ نه ٿيندس. يا سج کٽي يا ٻج کٽي. يا سج لهي اوندهه ٿئي ۽ ماڻهو وڃي گهرن ۾ لڪن يا پاڻ ٿڪجي، تڏهن گهڙي سوا ڪا چپ اچيس نه ته اها به نه.
۶ - مٿين پنجن جي بک، پلجڻ جي ناهي.

117. ڪا راکي ڪُر آپڻون، ڪا راکي ڪلتار. (چوڻي)
ڪا: يا. راکي: رکي، رکوالي ڪري، سنڀال ڪري. آپڻون: پنهنجو.
ڪُر: ڪڙم، قبيلو. ڪلتار: ڪرتار، پالڻهار، مالڪ.
هيءَ دنيا، ڏک سک ۽ اهنج سهنج جي امتياز سان جڙيل آهي. منجهس ڏک-ڏولاوا به آهن ته سک ۽ عياشيون به آهن. ڏک، پاڻ مرادو پهچيو وڃن. جڏهن ته سکن حاصل ڪرڻ لاءِ، محنت ڪرڻي پوي ٿي. پنهنجن سان لڳ لاڳاپا، استوار ڪرڻا پون ٿا.
تڪليفون ۽ ڏکن جي پهچڻ کان، مالڪ ۽ خالق، هڪ الله ئي بچائي يا محفوظ رکي سگهي ٿو. ٻئي ڪنهن جي ڀيڻي ڀر ناهي. اهو ئي مصيبتن جي ٽارڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي.
مٽ مائٽ ۽ ڪڙم قبيلي وارا به همدرد ۽ هڏ ڏوکي ٿيندا آهن. وس آهر مدد ڪندا آهن ۽ حفاظت ڪندا آهن. منجهانئن جيڪڏهن سک نه پهتو ته اهنج پهچڻ جو انديشو يا امڪان گهٽ هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڏانهنِ، دکيءَ دل سان رجوع ڪيو ويندو آهي. ساڻن گڏ رهڻ ۾ عافيت ۽ سندن سايي ۾ پلجڻ ۾ خيريت آهي.
مطلب: ۱ - مدد يا مائٽ ڪن يا مالڪ ڪري.
۲ - يا ته پنهنجو ڪٽنب سنڀال ڪري، يا ربُ/ مالڪ محفوظ رکي.

118. ڪارڙو ڪمارڙو، ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي. (چوڻي)
آڙنگ ڏسي، ڳوٺ جا ننڍا ٻار پاڻ ۾ گڏجي، ٽولي ٺاهي، جهوليون ٻڌي، گهر گهر مان وڃي خير گهرندا آهن. خير گهرڻ مھل، هڪ قسم جو مٺو ۽ رسيلو گڏيل آواز ڪندا آهن. سڀيئي سُر ملائي ڏاڍي دلچسپ انداز سان چوندا آهن؛ ”ڪارڙو ڪمارڙو، ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي“. يا چوندا آهن؛ ”آکو پايو، گهر گهر ٺولايو.“
هر گهر، کين ڪجهه اَنُّ ڏيندو آهي. اھو گڏ ڪري، مقرر جاءِ يا ھنڌ تي وڃي، مٺو ڀت رڌي، کائيندا آهن.
وڏن ڳوٺن ۾ جتي هندو ججهي انداز ۾ آهن، اتي مندرن ۾ يا تلائن تي هَوَنَ ڪندا آهن ۽ مسلمان مسجدن ۾ دعائون گهرندا آهن ۽ خيراتون ڪندا آهن. ڌڻودي ماڻهو پنهنجي مال جو کير ڏهي گڏ ڪري سڀني ماڻهن کي ورهائي ڏيندا آهن، جنهن کي ”ڏوجهه ڏيڻ“ چئبو آهي.
ڪٿي ڪٿي پيرن فقيرن جي قبرن تي يا تراين تي گهيٽن ۽ ڇيلن جي قرباني ڪندا آهن. اڇوت قومون ان گڏ ڪري، (جنهن کي براڙ چوندا آهن) ترائي يا ڪنهن درويش جي آستان تي وڃي ڀڄن ڪري رڌي لائيندا آهن. اهڙن موقعن تي چانور ورلي ڪم آڻيندا آهن، پر گهڻو ڪري ٻاجهري پسائي ڇڙهي ڳڙ وجهي مٺو ڀت رڌيندا آهن، جنهن کي ”گُگهريُون“ چوندا آهن. اهو سٺو سوڻ ڪري ليکين، ڇو ته ٿر جي پيدائش ۾ کاڌو به ٻاجهري آهي.
مطلب: ۱ - ڪارڙو ڪمارڙو، ان پاڻي ڏي ته مينھن وسي. (ساهتي)
۲ - ڪرڙ ۾ گهوٻاٽو، مينھن آيو گهاٽو. (چوڻي)
۳ - ڀت تي نوڙي، مينھن آيو ڊوڙي. (ساهتي)
۴ - وس وس ڙي مينھن، تنھن جي وسڻ جا ڏينھن.
۵ - ڀت تي مڪڙو، مينھن آيو تڪڙو.
۶ - ڀت تي جهرڪي، مينھن آيو ترڪي.
۷ - برسات اچي پئي، تياري وٺو. (۱۲)

119. ڪارو؛ ماري يا کاري. (چوڻي)
ڪارو: ڪاريھر، زھريلي نانگ جو قسم، جيڪو ويرَ-وٺُو ھوندو آھي.
ڪاريھر، ڪي گهڻا زهري ٿين ۽ ڪي گهٽ. ڪاريھر بابت ٿري چوندا آهن ته سندس ڏنگيل ماڻهو گھڻو ڪري مريو وڃي. اگر اتفاق سان بچي ويو ته وري جنهن عضوي ۾ چڪ لڳو هوندس، اهو عضوو کريو پويس. ان لاءِ ترت علاج ۽ ٻيا علاج به، پاڻ ڪندا آهن. تنھن ھوندي به کپُرَ-کاڌي جو چاڙھو، مشڪل ٿيندو آھي.
مطلب: ۱- ڪاريھر جو ڏنگيل، ورلي بچندو آھي.
۲ - ڪاريھر، ماري يا کاري.
۳ - ماتا، ماري يا کاري. (۱۲)

120. ڪارونجهر ٽڪري، هر روز سوا سير سون اپائي ٿي. (چوڻي)
ڪارونجهر، جنهن کي ڪالنجر به سڏيو اٿن. ڪالنجر جي معنيٰ آهي، ڪال کي انجر يا اجرو يا اڇو يا ڀورو ڪرڻ. جنھن منجھان ڪالنجر جي معنيٰ ٿي، ڪارج کي ڀورو ڪرڻ وارو مهاديو. ڪارونجهر، ننگر پارڪر ۾ موجود هڪ ٽڪريءَ جو نالو آهي، جيڪا هڪ هزار کن فٽ اوچي آهي.
ڇهن قطارن تي مشتمل هن ٽڪريءَ تي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا گهڻا آهن. اتان ڪاٺيون ۽ کونئر، ميوا ۽ ماکي جام ملن ٿا. هاڻي ته منجهانئس اوچي قسم جو گرينائيٽ پڻ مليو آهي. سندس ڀر وارن پهاڙن منجهان، ڪوئلي جون کاڻيون پڻ مليون آهن.
جابلو ٻوٽين جي رس مان، ماکيءَ جون مکيون، جبل جي نج ماکي ٺاهين ٿيون، جيڪا وڏي ڪارائتي آهي. جابلو پاڻي، منرل واٽر کان وڌيڪ هاضمي دار ۽ قوت بخش آهي. ان تي اڀرندڙ/ ٿيندڙ، جابلو ٻوٽيون پڻ ڪارائتيون آهن. منجهانئن دوائون جڙن ٿيون. جابلو ٻوٽين ۾ گوگڙو ۽ گڻ- ويل يا مهماءِ وغيره ته مرداني طاقت کي وڌائڻ لاءِ اڪسير آهن.
مطلب: ۱ - ڪارونجهر جي ٽڪريءَ جي ڏيهاڙيءَ جي پيدائش مان، سوا سير سون جيترو اپراسو ٿئي ٿو.
۲ - جابلو ٻوٽين وغيره مان، گهڻو پئسو هٿ اچي ٿو.

121. ڪارونجهر ري ڪور، مريجي ته به مليجي نا. (چوڻي)
ڪور: وَٽِ، ڪنڊ. مليجي: ڇڏجي. ري: جي. مريجي: مري وڃجي.
ڪارونجهر جبل، برساتين پوڻ پڄاڻان، سرسبز ۽ دلڪش ٿي پوندو آهي. منجهس مال لاءِ گاه ۽ مارو ماڻهن لاءِ ڏٿ، جام ٿيندو آهي. جيڪو زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي آهي.
جيڪي ماڻهو، پنهنجي وطن سان محبت رکن ٿا، سي ان کي ڪنهن به وقت تي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. جيڪي اھلِ دل ماڻهو آهن، سي مرندي مري ويندا پر وطن/ ڏيهه موراڳي نه ڇڏيندا آهن.
ڪارونجهر جبل جي وٽ ۾ رهندڙن جو، حب الوطنيءَ بابت هيءُ قول به ائين ئي آهي.
مطلب: ۱ - ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، اوکا ڪم آهن.
۲ - ڪارونجهر ري ڪور، مريي تان مُڙيي ناهين.
۳ - ڪارونجهر جي قربت، مرڻ سان به ملي نه سگهندي.
۴ - ڪارونجهر ري ڪور، مرئي تو ئي ميلهي نهين، ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيبتو.

122. ڪاري ڏڌي، اڇو اچي ٿو. (پھاڪو)
ٻڪرين، مينهن ۽ ڍڳين ۾ ڪاري رنگ جا پهرو ۽ ڍور ٿين ٿا. سندن چمڙيءَ جو رنگ ڪارو آهي پر سندن گوشت، رت ۽ منجهانئن نڪرندڙ کير جو رنگ، ٻين عام پهروئن/ ڍورن وانگر ئي آهي. ائين ناهي ته ٻين جانورن جي گوشت ۽ رت جو رنگ ريٽو آهي ته ڪاري جانور جو رنگ وري ڪارو آهي. يا ٻين مان ڏڌل کير جو رنگ اڇو آهي ته ڪاري جانور مان ڏڌل کير جو رنگ ڪارو آهي.
فطرت، هر جانور اندر، ساڳيءَ طرح ڪارفرما آهي. ماڻهن اندر به ائين آهي. ضروري ناهي ته اڇي چمڙيءَ وارا وڻندڙ ۽ پرڪشش ٿين ۽ ڪاريءَ وارا نه ٿين. جھڙو اخلاق ۽ ورتاءُ هنن مان ملندو، تھڙو هنن مان ملندو.
مطلب: ۱ - فطرت، اڻ مٽ هوندي آهي.
۲ - ڪاري ٻڪري، اڇو کير.
۳ - ڪاري وهٽ کي ڏهڻ سان، اڇو کير نڪري ٿو.
۴ - فطرت/ خاصيت، رنگ مٽڻ سان نٿي بدلجي.

123. ڪاريءَ رات ڏيپڪ جلي، اڀ کنون بيج،
آهر ڦلاري ٻيٽئين، مهيلي مک ڏنت،
پٻڻ پسارا ڪيا، پنج ئي ٽهڪنت.
ڏيپڪ: ديپڪ، ڏيو. بيج: بيچ، وچ. آهر: سرنهن، راڻي. ڦلاري: ڦولارجڻ.
مهيلي: سهڻي سندري، ملوڪ عورت. مک: منهن، وڻندڙ چهرو. ڏنت: ڏند.
پسارا: کلي ٽڙي پوڻ. ٽهڪنت: ٽهڪ ڏئي، کلي.
۱ - اونداهي رات جو، جنهن گهر ۾ ڏيئو ٻري، سو گھر ڄڻ آسودي هجڻ جي ڏک ٿو ڏئي.
۲ - اڀ يا وچ آسمان تي کنوڻ کنوي ته ڄڻ مينهن/ پاڻيءَ جو نياپو آهي. ان سان ڄڻ ماڻهن، مرن ۽ سڪي ٺوٺ ٿيل زمين لاءِ، خوشيءَ جو نياپو آهي.
۳ - ٻيٽ تي سرنهن جو ڦولارجڻ به، پڻ خوشيءَ جو سنديش آهي. ڇو جو بنا ڪنهن نقصان پهچڻ جي، منجهانئس فائدو ئي رسندو. اکين کي تراوت پڻ ايندي.
۴ - سهڻي عورت، وڻندڙ مکڙي سان، فقط ڏند ٽيڙي ته به هيانءُ ٺاري وجهي.
۵ - پٻڻ، بهه (Lotus root) جي مٿان، نيل ڪنول (Lotus) سان گڏ ٿيندڙ ميوو آهي. منجهانئس نڪتل ڏوڏي، پيٽ کي ٺاريندڙ ۽ ڪتڪتايون ڪندڙ هوندي آهي.
مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل پنج ئي حالتون، خوشيءَ ۽ کلڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. (۲) ص ۱۳۶.

124. ڪاڪا ماما ڪهوانا، گهر ۾ هوئي تو کاوانا. (پهاڪو)
ڪاڪا، ماما: چاچا ماما. ڪهوانا: چوندو رھ. کاوانا: کائيندو رھ.
رشتا ناتا ۽ انهن جو احترام، دنيا ۾ ضروري آهي. جڏهن ته هميشہ لاءِ مٿن ڀاڙڻ، کين ڀڄائي ڇڏيندو آهي.
هر جيو/ ساھدار کي رب سائين، چَلڻ چُڳڻ لاءِ هٿ پير ڏنا آهن، جن سان لوچي لهي ٿو ۽ کائي پيٽ ڀري ٿو. ان جي برعڪس، اگر ڪير محنت نه ڪري ۽ چاچي مامي ۾ آس لڳائي، هَٿُ هَٿَ تي رکي ويهي رهي ته نقصان ۾ ويندو. مانُ تنهن کان سواءِ گهٽبس.
مٽن مائٽن وٽ ڀلي انبار هجن پر عزت وري به پنهنجي گهر جي سادي کاڌي يا پِڇُ پاڻيءَ کائڻ ۾ آهي.
مطلب: ۱ - پنهنجو گهر هنگيو پئي ڀر، پرائو گهر ڏِسيو پئي ڏر.
۲ - پنهنجي، سنهنجي.
۳ - ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي، جڳ نه چاڙهي.
۴ - ادي جي اٻردي ڀي، ٻاٽ گهر دي آ.
۵ - بابل گهر گهوڙي، ڪا مون هِڻ هڻ. (۶) ص ۱۲۰.

125. ڪاڪو جنھن جو ڪونپجي، ڀائي جنھن جو ڀارومل،
گهوڙو جنھن جو نو لکو، اهو راوت رڙ مل. (چوڻي)
راوت رڙمل، ٿر پاسي هڪ بھادر راجپوت ٿي گذريو آهي. جيڪو خانداني بھادر ھيو. پوري علائقي جو مشھور بھادر ڪونپجي سندس چاچو ھيو. سندس ڀاءُ ڀارومل ھيو، جيڪو پڻ وڏو بھادر ۽ دلير مڙس ھيو. سندس گھوڙو پڻ نو-لکو ھيو. ٿري ماڻھو راوت رڙمل جي تعريف ائين ڪندا آھن.
مطلب: راوت رڙمل، خانداني طور عزتدار ۽ قابل تعريف ھيو.

126. ڪاڳا ڪسي ڪا نه ڌڻ هڻي، ڪوئل ڪسي ڪو نه ديت،
ايڪ ڄِڀيا ڪي ڪارڻي، جڳ سو متر ڪريت. (چوڻي)
ڪاڳا: ڪانگ، ڪارو ڪانءُ. ڌڻ هڻي: ڌڻ هڻڻ، ملڪيت ڦرڻ، نقصان رسائڻ. ڪوئل: پکيءَ جو نالو. ديت: ڏيڻ، فائدو رسائڻ. ڄِڀيا: ڄِڀ، زبان. ڪريت: ڪرڻ. ڪارڻي: صدقي، سبب. متر: مِٽُ، مائٽ/ پنهنجو ڪرڻ.
ڪانءَ جي عادت آھي؛ ڪان ڪان ڪرڻ ۽ ٻارن جي هٿن مان لولا ڦرڻ. انهيءَ ڪڌي عادت سبب، ڪير به کيس ڪو نه ڀانئيندو آهي. هٿائين کانئس پيو شيون وغيرھ لڪائيندو آهي. جڏهن ته انهيءَ اڍنگي زبان سبب، ڪانءُ ڪنهن جي مال جو ڌڻ نه هڻندو آهي پر تڏهن به هر ڪو کانئس ڪَوَ پيو کائيندو آهي ۽ کيس دشمن پيو سمجهندو آهي.
ڪوئل، سريلي آواز سان پئي پڪاريندي آهي. جڏهن ته سندس لاڳيتو پڪارڻ ۽ رڙيون ڪرڻ، سريلي هئڻ سبب بيزار نه ڪندو آهي. هٿائين هر ڪو کيس پنهنجو پيو سمجهندو آهي.
مطلب: ۱ - هڪڙو گندي زبان جي آفتن سبب، نقصان برداشت ڪري ٿو ۽ ٻيو چڱي زبان جي سبب فائدا ۽ آسائشون ماڻي ٿو. جڏهن ته رنگ روپ ۾، ڪانءُ ۽ ڪوئل، لڳ ڀڳ هڪجهڙا ڪارا آهن.
۲ - اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويهاري، اها ئي زبان اس ۾ ويهاري.
۳ - ٿڌو گهڙو، پاڻ کي پاڻ ڇانءَ ۾ ويهاري. (۲) ص ۶۳.

127. ڪا ماءُ، ڪا ماءُ رو ڄايو،
ٻيجو سڀ لوڪ پرايو. (چوڻي)
ڪا: يا. ماءُ رو ڄايو: ماءُ منجهان ڄاول، ڀاءُ يا ڀيڻ.
دنيا اندر، زندگي گذارڻ لاءِ، ٻين انسانن جي مدد جي ضرورت پوي ٿي. سچائيءَ ۽ سچيءَ دل سان، بنا ڪنھن غرض جي، ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ واندو نه هوندو آهي. هر ڪنھن کي پنھنجا ذاتي مفاد به نظر ۾ هوندا آهن. اگر ڪنھن سان ڪا چڱائي ڪندو ته موٽ ۾ پنھنجي لاءِ به اڳلي وٽان ڪنھن چڱائيءَ جي اميد ضرور رکندو. بنا ڪنھن غرض جي، ڪير به ڪنھن سان همدردي يا چڱائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
رت جي رشتن ۾ به فقط ڀاءُ يا ڀيڻ، بنا ڪنھن غرض جي، وقت تي باهه يا پاڻيءَ اندر ٽپي پوندا آهن. اهي پنھنجي ساهه جي به پرواهه نه ڪندي، محبت سان مددگار ثابت ٿيندا آهن.
مطلب: ۱ - يا ماءُ يا ماءُ جو ڄايو، ٻيو لوڪ سڀ پرايو.
۲ - ڀاءُ، ڀاءُ/ ڀيڻ کي درياهه ۾ لڙهندو ڏسي، ماٺ ڪري نه ويھندو. کيس بچائڻ لاءِ، بنا سوچ سمجهه جي يا نتيجي کي نظر ۾ رکڻ جي، منجهس ٽپي پوندو.
۳ - وقت تي مٽ مائٽ کان به وڌيڪ ابو يا سندس ڄڻيو اولاد ئي ڪم ايندو آهي.

128. ڪامهه؛ ٽوڙي يا جوڙي. (چوڻي)
ٿر اندر چئني طرفن جي نالن کان علاوھ، چئني ڪنڊن تي پڻ نالا آھن. انھن کان آيل مينھن يا واءَ کي، انھن نالن سان سڏيو ويندو آھي.
۱ - پورب؛ اوڀر-ڏکڻ جي ڪنڊ کان آيل واءُ، جيڪو گھڻو ڪري برسات نه آڻي، اگر وسي ته ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي.
۲ - ٻڪروال؛ اوڀر-اتر جي ڪنڊ کان آيل ھوا، جنھن جي کنوڻ کوٽي نه ھوندي آھي.
۳ - رٻ ٺار؛ ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ جو واءُ، جيڪو ڏڪار جو اڳواڻ ۽ مينهن لاءِ نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي.
۴ - ڪامهه؛ اتر-اولهه واريءَ ڪنڊ جي هوا. ڪامھ لڳڻ سان، يا مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ ڊهي وڃي ۽ ڪڪر ڇڙوڇڙ ٿي وڃن. يا وري مينھن ٽٽڻ بجاءِ، تيزيءَ سان وسڻ شروع ڪري ۽ لاڳيتو وسڻ سبب ٻوڏ ڪري وجهي.
مطلب: ۱ - ڪامھ يا مينھن کي ختم ڪري يا جھور ٻڌرائي ڇڏيس. (۱۲)
۲ - ڪامھ؛ يا ته آيل مينهن ٽوڙي ڇڏيندي يا ته ماڳهين ڏينهن جا ڏينهن مينهن وسندو رهي، يعني جهڙ ٿي پوي. (۳۵) ص ۲۶۰

129. ڪامهوڙي ٿي لاڳي، ڀتو کڻيو ڪلا ٿي ڀاڳي. (چوڻي)
ڪامهوڙي: اتر جي هوا. ڪلا: عورت، ٻنيريءَ جي زال. ڀاڳي: ڀڄي/ ڊڪي. ڀتو: ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ٻنيريءَ يا هاريءَ لاءِ، ويلي جي ماني، ٻنيءَ تي کڻي اچڻ.
اتر جي هوا، لڳي ته آسمان ۾ برسات جا آڙنگ ٿيندا. اڀ ۾ ڪڪرن جو، ان وقت اڀرڻ به هارين لاءِ خوشي آڻيندو آهي. سمجھندا ته؛ برساتون پونديون. فصل، اڻ ميا ٿيندا. ٻنيءَ تي ڪم جھجهو ڪرڻو پوندو، جنهن سانگي ويلي وقت تي اتي ترسڻو پوندو. مجبورًا زال کي، گهران ماني تيار ڪري، ٻنيءَ تي کڻي اچڻي پوندي.
مطلب: ۱ - اتر لڳو ته زال کي، مڙس وٽ ماني پڄائڻ لاءِ، زمين ڏانهن ڀڄڻو پوندو. (۳) ص ۱۶۴.

130. ڪانچ ڪٽورو، گهيءَ گهڙو، موتي ۽ مَنُ،
ڀڳا وري نه ٺهن، تن جو پهرين ڪجي جتن. (پھاڪو)
ڪانچ ڪٽورو: شيشي جو ٿانءُ. گهڙو: دلو. مَنُ: دل، روح. گهيءَ: گيهه.
۱ - شيشو، ٽاڪانئين وٿ آهي. ڀڄڻ پڄاڻان، وري ڳنڍجي نه سگهندو آهي. جيڪڏهن جتن ڪبا ته به منجهس پيل سير، چٽي نظر ايندي ۽ منجهانئس هڪ بجاءِ ٻه عڪس نظر ايندا. اگر شيشي جو ڪو مرتبان آھي ته سندس سير مان پاڻيٺ جھڙو لطيف مادو، رکڻ سبب وھي ويندو. ان ڪري اھو کڻڻ ڪرڻ وقت، وڏي احتياط سان کڻجي يا رکجي.
۲ - ٿر ۾ اڳي رواج هيو ته گيهه، ٺِڪر جي دلن يا مٽن ۾ وجهي رکندا هيا. جيڪي گهڻا دفعا گيهه وجهڻ سبب رچي بسي ويندا هيا. پور يا سنھا سوراخ، بند ٿي ويندا هيا ۽ سِمندا ڪو نه هيا. گيهه جو واپار به مٽن/ دلن سميت ڪيو ويندو هيو. جيڪڏهن کڻڻ ڪرڻ ۾، ٺڪر جي دلي ۾ سير پئجي وئي ته مالڪ جو وڏو نقصان ٿي پوندو هيو. ان ڪري ان جو ٿڏي تي احتياط ڪبو ھيو.
۳ - سچو موتي به ڀڄڻ کان پوءِ وري نه ڳنڍجي سگهندو آهي. ان ڪري کيس احتياط سان چورجي پورجي.
۴ - دل به نازڪ ۽ لطيف جذبن پيدا ٿيڻ جي جاءِ آھي. ان جو به خيال رکڻ گھرجي. ڪنهن شيءِ يا ڳالھ تان ٽٽي، ته وري ان سان نه لڳندي.
مطلب: ۱ - شيشي، ٺڪر جي ٿانءَ، سچي موتيءَ ۽ دل جو اڳي ئي خيال ڪجي. ساڻن احتياط سان برتاءُ ڪجي. ٽٽي کان پوءِ کين ٽاڪو نه لڳندو آهي.
۲ - ڀيٽيو؛ ڪانچ ڪٽورو، ڪونب جل، موتي ٻيجو من،
اتنا ڀڳا سڄا نه ٿيوي، پهلا ڪريا جتن. (۲) ص ۱۶۰ ۽ (۱۲) ص ۱۴۰.

131. ڪانچ ڪٽورو، ڪونب جل، موتي، ٻيجو مَنُ،
اتنا ڀڳا سڄا نه ٿيوي، پهلا ڪريا جتن. (چوڻي/ پھاڪو)
ڪانچ: شيشو. ڪٽورو: پيالو. ڪونب: دلو. جَلُ: پاڻي. ٻيجو: ٻيو. مَنُ: دل.
ڀڳا سڄا نه ٿيوي: ڀڳو سڄو نه ٿئي. پهلا: پهرين. جتن: ڪوشش.
۱ - شيشي جي ٿانءَ ۾ ٿوري به سير پئي ته ڳنڍجي هڪ نه ٿيندو.
۲ - پاڻيءَ جي دلي کي ٺينشڙو لڳو ۽ ڏار پيس؛ پاڻي ته وهي ويندس پر ياعمر سڄو نه ٿيندو.
۳ - موتي اگرچ پٿر آهي پر خاصيت ۾ شيشي وانگر آهي. هڪ دفعو ٽٽو ته وري جڙي ساڳيو نه ٿيندو.
۴ - اهڙيءَ طرح ٽٽيءَ دل کي به ٽاڪو نه لڳندو آهي. پوءِ ڀلي مٿن سَوَ ڪوششون ۽ آزمائشون ڇو نه ڪجن.
مطلب: ۱ - نازڪ رشتا/ شيون، ٽٽڻ کان پوءِ، وري ڳنڍجي نه سگهندا آهن.
۲ - ٽٽيءَ کي ٽاڪو ئي نه لڳندو آهي. (۲) ص ۱۶۰.

132. ڪاڻو ري ويهان ۾ وگهن گهڻا. (پهاڪو)
ڪاڻو: ڪاڻي، هڪ-اکي. ويهان؛ وهانءَ، پرڻي مهل. وگهن: ڇيڏڪ، رنڊڪ، نکٽ.
ڪاڻي هجڻ، هڪ عيب آهي. جيڪو چهري اندر آهي. هر ماڻهوءَ جي آڏو، چهرو ئي ظاهر ڪبو آهي. چهري تي هر آئي وئي جي نظر پئي پوندي آهي. چهري جو عيب، اهڙو عيب آهي، جيڪو ڍڪئي نه ڍڪي سگهبو آهي. ڪاڻو هجڻ پڻ اهڙو عيب آهي، جيڪو ٻين آڏو لڪائي نه ٿو سگهجي. البته مڙني جي دل تي پيو ترندو آهي. جنهن سان ڪاڻي کي هر ڪو پيو سڃاڻندو آهي.
اهڙي مشهور ۽ نام گير ماڻهوءَ جو وهانءُ جڏهن ٿئي ته مڙني کي خبر ضرور پوي. سندس شاديءَ جي ڪاڄ مان پڻ عيب ۽ ويڪ ڪڍڻ لاءِ، سڀ ڪو تاڙ توڙ ضرور ڪري. ڪاڻيءَ کي اگهائڻ لاءِ ۽ سندس عيب کي لڪائڻ لاءِ، ڪاڻيءَ جا مائٽ ساٺ سنؤڻ به جھجها ڪن ته جيئن ڪاڻي اگهي پوي.
جيترا ساٺ ۽ سنؤڻ گهڻا ڪبا، اوتريون خرابيون وڌيڪ پيدا ٿينديون. نتيجي طور ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ به ڇيڏڪ يا ڦڏا ضرور ٿين.
مطلب: ۱ - هڪڙي عيب کي لڪائبو ته ٻيو عيب ظاهر ٿي پوندو.
۲ - ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾، ڇيڏڪ/ نکٽ به گهڻا.
۳ - ڀيٽيو؛ واڻيي ري ويھانءَ ۾، وگھن گھڻا. (۵)

133. ڪاڻي اک ڪجل پائي، ٻُچي ڏاڙهي هٿ هڻي ٺاهي،
بيني نڪ نٿ پائي، ٺوٺ گُر، ماٺو ڍور،
پنج ئي گهگهن گهور. (چوڻي)
ٺوٺ: ڏڏ، جڏو. گُر: گرو، استاد. ماٺو: ماٺيڻو، ڍرو، سست، آهستي هلندڙ.
گهگهن گهور: نڪمو، بيڪار، اجايو.
۱ - چهرو ۽ رنگ، ڀلي ڪيڏا نه سهڻا ڇو نه هجن، اک اگر ڪاڻي/ چُلهه آهي ته ماڻهو ڪڏهن به سهڻو ۽ پرڪشش نظر نه ايندو. سونهن انهن ئي اکين جي پتلين جي اڇاڻ ۽ ماڻڪين جي ڪاراڻ جي ڪنٽراسٽ ۾ رکيل. انهيءَ اختلاف رنگ کي اوجر، ايندو ئي سرمي سان آهي. جڏهن اک ئي چلهه هجي ته سرمو ڇا کي اجاري؟
۲ - ڏاڙهي، مرد جي چهري کي ڀريندڙ ۽ رعبدار ڪندڙ هوندي آهي. ڏاڙهي نه ڄمڻ سان، مرد جو چهرو، نه عورت جي چهري وانگر موهيندڙ ۽ نه وري ٻار جي بي ريش چهري وانگر معصوم ۽ نمڪين نظر ايندو آهي. ٻُچي ھئڻ سبب، چهرو ٻُسو ۽ بنا ڪشش جي رهندو آهي. ان صورت ۾، ٻُچي ويٺو ڏاڙهي هٿ سان ٺاهي ته ڪين سونهندو.
۳ - بُولي يا نٿ، نڪ ۾ ٺهندي آهي. نڪ به اھو جيڪو پري کان ڏسڻ ۾ اچي. بي نڪي يا بيني ماڻهوءَ کي پيل نٿ، نڪُ ئي گم ڪري ڇڏيندي آهي. بُولي، بيني نڪ کي ته سونهن بخشڻ بجاءِ، بڇڙو پئي ڪندي آهي.
۴ - استاد، اگر جڏو ۽ ڏڏ آهي ته پوءِ شاگردن کي ڪهڙي تعليم ۽ تربيت ڏيندو؟ ڪهڙي کين دانائيءَ، ڏاهپ يا نصيحت جي گفتار ٻڌائي، پاڻ ڏانھن متوجھ ڪندو. منجهانئس، شاگردن کي سواءِ بيزاريءَ جي ڪي ڪين پڙندو.
۵ - ڍڳو به چست ۽ آروڙ ڀلو آهي. ڍرو ڍور، هلڻ ۾ ئي هلاک. جيڪو پاڻ ئي پير پيران پيو هلي، سو ڇا ڳاهه ڳاهيندو، ڇا ھَرَ-پاڃاريءَ وهندو، ڇا ڏاند گاڏي ڍُڪائيندو، ڇا نارُ وهندو، ڇا گھاڻو گھمائيندو، ڇا چيچڙو ڦيريندو؟
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج شيون يا فعل، اجايا ۽ ڪنهن ڪم جا ناهن.
۲ - ڪاڻي اک ڪجل پائي، بيني نڪ نٿ پائي نڀور،
ڪٺ ٻاهران راڳ ڪري، چت ٻاهران چور،
خسرو ڏاڙهيءَ هٿ هڻي، شوق واجهيو شعور. (۱۲) ص ۱۵۱.

134. ڪڀوئي منگت آرس ڪري، چور چوريءَ نهين جائي،
چاڪر بيچارا ڪيا ڪري، روج پار ڪا کائي،
آڌي رو هڪل ٿائي، تو ’جي جي‘ ڪرتا جائي. (چوڻي)
ڪڀوئي: ڪڏهن ڪڏهن. منگت: مڱڻهار، لنگهو. آرس ڪرڻ: پار: پرائي.
روج: روڳار، پگهار، روزي. آڌي رو: اڌ رات جو. سستي ڪرڻ، ڌنڌي تي نه وڃڻ. ٿائي: ٿئيس. ’جي جي‘ ڪرتا: ’جيءُ جيءُ‘ ڪندو.
۱ - مڱڻهار، ڪاسبي آهي. جيستائين محنت نه ڪندو، تيستائين کائڻ لاءِ ڪين ملندس. پنهنجي نفس ۽ دل ۾ آزاد آهي. چاهي ته ڪشتو کڻي دانَ پڃ مَنگڻ لاءِ وڃي، چاهي ته نه وڃي. مٿس ڪنهن جو ڪو زور ناهي.
۲ - چور به ڪاسبي آهي. ڏيهاڙي محنت ڪري، ڏيهاڙي کائي. جيستائين محنت نه ڪندو، تيستائين گهر جي چلهه نه ٻرندس. ان هوندي به دل جو بادشاه آهي. دل چويس ته ڪم تي وڃي ته ويندو ۽ جيڪڏهن سستي چڙهيس ته دل جي چوڻ تي سارو وقت پيو آرام ڪندو.
۳ - نوڪر يا چاڪر، محنتي ۽ ڪاسبي هئڻ سان گڏ، پرائي حڪم جو محتاج آهي. دل چاهيندي به موڪل نه ٿو ڪري سگھي. اڌ رات جو حڪم ٿئيس ته زال کي بستري تي ستل ڇڏي، مالڪ جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندو.
مطلب: ۱ - نوڪر ڪي، تي نخرا ڪي. (پنجابي)
۲ - چاڪر ته چياڪر.
۳ - اتم کيتي وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
ڀيٽيو؛ ڏونگريا هريا هئا، جڏهن سکر ٽهوڪي مور،
تڻ رت چالين تين جڻا؛ چاڪر، منگت، چور. (۲) ص ۶۴.

135. ڪتي آھي مادي، پر آھي ڏاڙھين جو مَٽُ. (چوڻي)
ڪتي؛ آسماني نکٽ جو نالو، جيڪو جون ڌاران سنڌ جي آسمان تي اڀري ۽ ڊسمبر ڌاران لھي وڃي. ان دوارن سنڌ-ڌرتيءَ تي جيڪي به فصل ٿين ٿا، تن کي ڪتيءَ جا فصل ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏھن ته ان پوري مند کي، ڪتي يا خريف ڪوٺيو وڃي ٿو. سال اندر، زراعت جي حساب سان ٻه مندون ٿين ٿيون؛ ھڪ خريف، ٻيو ربيع. ڪڻڪ وغيرھ ته ربيع ۾ ٿيندي آھي. جڏھن ته ڦٽيون وغيرھ ڪتيءَ ۾ ٿيندا آھن. ان کائڻ وارا فصل، ربيع ۾ ۽ ڪمائيءَ وارا فصل، ڪتيءَ ۾ ٿيندا آھن.
نر ۽ مادي؛ ساھدارن منجھ ٻه مخالف جنسون آھن. نر کي ھمت ۽ ڪم جي حساب سان مٿانھون سمجھيو وڃي ٿو. جيڪو ٻاھران، جوانمرديءَ جھڙا ڪم ڪري، ڪمائي گھر آڻي ٿو. ماديءَ کي ڪمزور سمجھيو ڃي ٿو. ان کي گھر اندر لڪي، پنھنجي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. ٻنھي جو ظاھري حليو، ھڪٻئي کان ٿورو مٽ ھوندو آھي. جسماني ساخت کان علاوھ ڳالھائڻ ٻولھائڻ، لٽي ڪپڙي ۽ ٺاھ ٺوھ ۾ فرق کان علاوھ، سندن نالا به اھڙي نموني جا ھوندا آھن، جو اھي وٺندي، سندن جنس جو تصور قائم ٿي ويندو آھي.
ڪتيءَ جو مھينو پڻ نالي جي حساب سان ماديءَ-منھن وارو آھي. جنھن مان حاصلات به نسواني قسم جي ھئڻ گھرجي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته نر وانگر، ان پاڻي ڪمائي گھر اندر پھچائي چڪي ھوندي آھي. (۳۵) ص ۱۹۴
مطلب؛ ۱- مرد جڏهن به گهر ۾ اچي ته خالي هٿين نه اچي. جيڪڏهن کيس ٻيو ڪجهه به هٿ نه اچي ته ٻاهران ڪو ڀتر، ڇيڻو يا ڪا ڪاٺي به کڻي اچي.

136. ڪتي جو بک ۾ ساهه وڃي، سرائيءَ جي وٺ تي بڇ. (پھاڪو)
ڪتو، گوشت خور هئڻ سان گڏ، ماڻهن سان به هري مري ويندو آهي. ڪي ماڻهو، پنھنجي حفاظت لاءِ کيس ڌاريندا آهن. چور چڪار کان، يا موذي جانور جھڙوڪ؛ گدڙ بگهڙ کان بچاءَ لاءِ، ٻھراڙين جا ماڻهو اڪثر ڪتو ڌاريندا آهن. رات جو گهر کي لڪي کاٽ هڻندڙ چور تي ڀونڪڻ لاءِ يا مال جي واڙ ۾ پيل بگهڙ يا ناهر سان ويڙهه کائڻ لاءِ، گهر ۾ ڪتو ڌاريو ويندو آهي.
ڪي شوقين وري مرونءَ يا رڇ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ به، ڪتا ڌاريندا آهن. انھن ڪتن کي ٿورو بک تي رکي، پوءِ ذرو ذرو گوشت چاربو آهي ته جيئن بک ڪاٽڻ جا به ڏاڍا ٿين ته مرونءَ جي ماس کي پٽڻ جو ڏانءُ به سکن.
هڪڙي سرائيءَ ڪتي ڌاري هئي. ان کي بک تي رکي، بک ڪٽڻ تي ته هيرايو هيائين پر سڃائيءَ هئڻ سبب ماس پٽڻ تي نه هيرايو هيائينس. جڏهن مرونءَ سان مقابلي لاءِ ڪتيءَ کي لاٿائين ته ڪتي بکن سبب ڪمزور هئي. وڙهڻ بجاءِ ڊڄي، پڇ پائي، ميدان مان نڪرڻ جي پئي ڪيائين. سرائيءَ جو زور هيس؛ ”وٺ!“ ڪمزور جانور کي ساهه پيارو هيو، مرونءَ سان مقابلي بجاءِ ڪوڪراٽ ڪري، ميدان مان ڀڄي آئي.
مطلب: ۱ - وڙهندي آهي، پيٽ جي بک ۽ لڱن جي طاقت.
۲ - پيٽُ بک تي ۽ لڱ ڪمزور ته ويڙهه نه ٿيندي.
۳ - ڪتيءَ کي ڪڇ ۾ سور، سرائيءَ کي بڇ تي زور.
۴ - ڪتيءَ کي پڇ ۾ سور، مالڪ جو بڇ تي زور.

137. ”ڪتي ري وات ري مانٽي ڇو کايئه؟“
چي؛ ”مانٽي چوپڙياري هَتي.“ (پھاڪو)
ري؛ جي. وات ري؛ وات-ھڻي. مانٽي؛ ماني. چوپڙياري؛ چؤپڙو اڦراٽو، مکيل، سڻڀي ماني.
هڪڙو ٿريو، پٿوري جي ميلي لاءِ، گهران هڙ ۾ ماني ٻڌي نڪتو. ميلي اندر گهميو پئي ته سندس ٻڌل مانيءَ جي خوشبوءِ تي هڪڙي ڪتي به کيس تاڙي ورتو. هڪ هنڌ مانيءَ جي هڙ رکي، پاڻ ڪنھن ٻاڪڙا هوٽل تان ڳنڌڻ وٺڻ لاءِ، جيئن ويو ته پويان، ڪتي اچي هڙ ۾ ٻوٿ وڌو. ماني کائڻ لاءِ جيئن هڙ کي پٽڻ لڳو ته ٿريي جي مٿس نگهه پئجي وئي ۽ اتان ئي ڪتي ڪتي ڪندو مٿس الريو آيو. پھچي ڳٿڙ مروٽي، جھپڙ ڏئي، ڪتي جي واتان، مانيءَ جي ڳنڍ ڇڏائي وڌائين.
ماني ڇوڙي، ٻوڙ سان کائڻ لڳو ته، ٻئي ٿريي جنھن اھو لقاءُ ڏٺو پئي، سو سندس ويجهو آيو.
”ڪتي ري وات ري مانٽي ڇو کايئه؟“ حال احوال وٺندي پڇڻ لڳس؛ ”ڪتي جي وات-هڻي ماني ڇو ٿو کائين؟“
”مانٽي چوپڙياري هتي!“ کيس دليل ڏيندي چيائين؛ ”اوڦراٽو مکيل آهي!“
مطلب: ۱ - سڻڀو گرهه، ڪتي جي وات مان به کسي کائجي.
۲ - چڱي شيءِ، ڪتي جي وات مان به کسي وٺجي.
۳ - لک رپيو ڪري پوي ته ڪنڌ ورائي نه ڏسانس، ڪتو ٽڪر کڻي وڃي ته سکر تائين نه ڇڏيانس.
۴ - سڻڀو گرهه، ڪير به نه ٿو ڇڏي. (۶) ص ۷۶.

138. ڪُتي کي چرڻو، انڌي کي پرڻو،
اهو آهي؛ ڪارو منهن ڪرڻو. (چوڻي)
چرڻو: وڏن پانچن سان سٿڻ. ڪتي کي چرڻو: ڪتي کي ڪانچ پارائڻ، (اصطلاحي معنى) ڪتي سان چڱائي ڪرڻ.
ڪتو به اهڙو جانور آهي، جنهن کي موسمي اثرات کان بچڻ لاءِ، ڪپڙي لٽي جي فطرتاً ضرورت ناهي. سندس اگهڙ عام آهي. کانئس، ڪنهن عورت وغيره کي پردي ڪرڻ جي جهل ٿيل ناهي. فطرت کان هٽي ڪري، اگر کيس ويڪرن پانچن سان سٿڻ ڍڪائبي ته ڪهڙي ڪم جي؟ جڏهن کيس رفع حاجت جي ضرورت پوندي ته فطرتاً، ڪنهن کي ٻڌائڻ بغير پيو منجهس مٽندو ۽ هنگندو. بلڪ ٽنگ کڻي پيو، پيٽ هلڪو ڪندو. ڪانچ ڪِني ڪيو، پانچا گند ۾ پُسايون پيو، ڌپ پکيڙيندو.
انڌو ماڻهو، عورت هجي يا مرد، جيئن ته ٻڌڻ ۽ ڇهڻ سان ئي پنھنجي آس پاس کي معلوم ڪري ٿو. معذور هئڻ جي ناتي، کيس سهاري جي پڻ ضرورت آهي. پر هڪ دفعو جڏهن چکي چرهو ٿيو ته هر وقت پئي کيس سڌ ٿيندي. نه ڏسي سگهڻ سبب، محفل جي به خبر نه پوندس. بي صبريءَ منجهان، پنھنجي پرائي ۾ هٿ هوندس. زبان سان به، بي خبريءَ سبب، ڏاڍيان اظهار محبت ڪرڻ جي ڪري، بي حياءُ پيو لڳندو.
مطلب: ۱ - ڪتي ۽ انڌي سان وڙ ڪرڻ، ٺهي نه ٿو.
۲ - ڪتي کي ڪانچ پارائيندڙ ۽ انڌي کي پرڻائيندڙ، موٽ ۾ چڱائي نه ٿا ڏسن.

139. ڪٿي لک پيا لٽجن، ڪٿي ڪک لاءِ پيا سڪن. (چوڻي)
دنيا جي ڪار وهنوار کي، ڪنهن ربط اندر هلائڻ لاءِ، رب پاڪ منجهس هيٺ-مٿانهين، اونچ- نيچ ۽ گهٽ-وڌايون رکيون آهن. هڪڙن کي عقل جي دولت سان نوازيائين ته کين جسماني طاقت ۾ ڪمزور رکيائين. هڪڙن کي جسماني طاقت ۾ سٻر ڪيائين ته ڌن دولت ۾ گهٽ ڪيائين ته جيئن هيڻن جا ڪم، پئسي جي زور تي، ٿي سگهن.
هڪڙن کي پئسي جي حساب سان امير ڪيائين پر سندن ڪاروبار کي سنڀالڻ لاءِ، ٻين کي عقل ۽ همت سان نوازيائين ته جيئن جھان جو چرخو هلندو رهي. ڪن کي پالڪين ۾ پاليائين ته ڪن کان پاهڻ پيهرائي حياتي چوڙايائين. انهن گهٽ-وڌاين جي راز کي پاڻ ئي ڄاڻي ٿو. ٻئي جي سمجهه کان به مٿي آهن.
مطلب: ۱- دنيا اندر گهٽ-وڌايون رکيل آهن.
۲- هر ماڻهوءَ کي ماحول، موقعا ۽ مال ملڪيت مختلف انداز سان ملن ٿا.
۳- ڪنهن کي ڏنائين آل جال، ڪنهن کي ڏنائين سڪ سرير ۾.
۴- ڪٿي لک پيا لٽجن، ڪٿي سپ جيان پيا سڪن.

140. ڪٿي واري، ڪٿي ترڪاري. (زرعي، پهاڪو)
واري، اڻڀن ۽ اڻ-چهٽندڙ سخت داڻن جو ڍڳ آهي. مٿس ڪيتري به بارش پوي، گُڙپ، ڦڙو نه ظاهر ٿئي. نه مٿس هر ڪاهي سگهجي، نه ٻج ڇٽي سگهجي ۽ نه ريج ڏئي سگهجي. جيڪي رب جي طرفان، پاڻ-مرادو منجهانئس ڦٽو. ٻيو مڙيئي خير. دنيا اندر، هڪڙن هنڌن کي رب پاڪ واريءَ وانگر رکيو آهي. چيڪي مٽي، چيڙهالي ٿئي. مٿس پاڻي پوڻ سان بيهي رهي. منجهس پاڻي چوهڻ جي سگهه، واريءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. بلڪ پٿر جي ڀيٽ ۾ سندس چُوس وڌيڪ آهي. مٿس هر سان کيڙ ڪري سگهجي. مرضيءَ جو ٻچ ڇٽي سگهجي. هاريءَ جي مرضي آهي ته کيتي ٻاڙي ڪريس يا وکري پوکيس. منجهس، اهڙي قسم جي صلاحيت، رب پاڪ طرفان رکيل آهي. دنيا اندر، انسان جي نفعي لاءِ، اهڙي قسم جون زمينون به قدرت واري کوڙ رکيون آهن.
مطلب: ۱- هر علائقي جو پنھنجو رخ ۽ رواج آهي.
۲- هر هنڌ ساڳيا حالات ناهن.

141. ڪجا راجا ڀوڄ، ڪجا گنگو تيلي. (سنسڪرت، چوڻي)
هڪڙو شاگرد، ڏکڻ هندستان جي پرتِشٺانپور شهر ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، اتي هڪ عالم وٽ ٽيهارو سال کن رهي، سڀني شاسترن جو علم ۽ اڀياس حاصل ڪيائين. کيس اچي گهمنڊ کنيو ته هاڻي سندس جهڙو ڪو ڄاڻو ناهي. شاستر-ارٿ يعني علمي مناظري ۾ ٻين عالمن کي مات ڏيڻ لاءِ سفر تي اُسهيو. ٻڌو هيائين ته اُجين جي راجا ڀوڄ جي دربار ۾ گهڻيئي عالم آهن. اتي پهچي سمورن پنڊتن کي شاستر-ارٿ ۾ هارائي ڇڏيائين. اها حالت ڏسي، راجا ڀوڄ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. انهيءَ ڏک واري ڪيفيت ۾، دل کي وندرائڻ لاءِ شڪار تي روانو ٿيو. واٽ تي ڏٺائين ته گنگو نالي هڪ ڪاڻو تيلي آهي، جيڪو هڪ هٿ سان گهاڻو پيو هلائي ۽ ٻئي سان، ڏاڍي خبرداريءَ سان، تيل مٽن ۾ پيو نائي.
اهو تماشو ڏسي، راجا وٽس ويو ۽ کيس چيائين؛ ”مان راجا ڀوڄ آهيان. منهنجي درٻار ۾ هڪڙو عالم آيل آهي. تون ساڻس شاستر-ارٿ ڪندين؟“ ائين چئي کيس مناظري لاءِ راضي ڪري وٺي آيو. مناظري جو ڏينهن مقرر ٿيو. گنگوءَ کي ويس وڳا پارائي، پنجاھ شاگردن جي سٿ سان مقابلي واري هال ۾ ويهاريو ويو. اتي ڏکڻ هندستان کان آيل عالم کي به سڏايو ويو. اجازت ملڻ سان، ٻنهي ۾ بحث ڇڙي پيو.
عالم، گنگوءَ ڏانهن هڪ آڱر مٿي ڪري اشارو ڪيو ته موٽ ۾ گنگوءَ ٻن آڱرين جو اشارو ڏيکاريس. ان تي عالم پنج ئي آڱريون ڦهلائي اشارو ڪيو ته گنگوءَ مُڪ ڀڪوڙي ٺونشو هوا ۾ لهرائي ڏيکاريس. انهيءَ تي عالم گنگوءَ جي پيرن تي اچي ڪريو ۽ چيائينس؛ ”تو منهنجو غرور چُور چُور ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي سوالن جا صحيح جواب ڏنا اٿئي!“
راجا ڀوڄ، پهرين عالم کان شاستر-ارٿ جي سمجهاڻي ورتي. جنهن ٻڌايس؛ ”مون هڪ آڱر ڏيکاري چيس ته شِو هڪ آهي ته عالم ٻه آڱريون کڻي ٻڌايو ته شِو سان گڏ شڪتي پاروتي به آهي. مون پنج آڱريون ڏيکاري چيس؛ حواس پنج آهن ته هن مڪو ٺاهي ٻڌايو ته آهن پنج پر سونهن تڏهن اٿن جڏهن وس ۾ رکجن.“ اها سمجهاڻي ڏئي عالم راجا ڀوڄ کان موڪلائي، پنھنجي ديس ھليو ويو.
راجا ڀوڄ، جڏهن گنگو تيليءَ کان شاستر-ارٿ جي سمجهاڻي گهري ته ان ٻڌايس؛ ”اهو شخص وڏو بدتميز هيو. مون کي هڪ آڱر ڏيکاري چيائين ته؛ هڪ اک کان ڪاڻو آهين. مون ٻه آڱريون ڏيکاري چيس؛ مان تنهنجون ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيندس. جنهن تي هن مون کي پنج آڱريون ڦهلائي چماٽ هڻڻ جي ڌمڪي ڏني ته مون مڪو ٺاھي ٺونشو ڏيکاريس. ڊڄي، يڪدم پيرن تي اچي ڪريو.“
مطلب: ۱ - جڏهن ڏاڍا اچن، تڏھن هيڻا ميدان ڇڏي وڃن.
۲ - مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي.
۳ - ڪاٿي احمد ميان سومرو، ڪاٿي گوشو ڊرائيور؟ (جيڪب آباد)
4 - ڪِڏان راجا ڀوڄ، نِه ڪِڏان گنگو تيلي. (ڪڇ)
۵ - ڪيڏانهن راجا ڀوڄ، ڪيڏانهن گنگو تيلي؟ (۱) ص ۲۶۳.

142. ڪجا علي، ڪجا پلي. (پهاڪو)
ڪُجا: ڪاٿي
روايت آهي ته؛ هڪ دفعي گروهڙي صاحب، ساميءَ سان مناظرو ڪرڻ لاءِ سهي سنبري نڪتو. نڪرڻ وقت پاڙي ۾ رهندڙ علي پليءَ کي به دعوت ڏنائين. پر علي پلي ساڻس گڏ نه هليو. انهيءَ تي گروهڙي صاحب چيو؛
”ڪجا علي ڪجا پلي، رڳو ٺڙ ٺڙ ٺلي،
جيڏانهن راھ ڀلي، تيڏانهن پير نه پائي پلي“.
مطلب: ۱ - ڪاٿي راج ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.
۲ - ڪاٿي ڪوري، ڪاٿي تراريون.
۳ - ڇا ڪِول، ڇا ڪول جو وزن. (۶) ص ۴۲.

143. ڪَچَرَوُ ٻونٺو، سدائين سائو. (پهاڪو)
ڪچرو: لتاڙ هيٺ، جنهن تي گهڻي لتڙ هجي. ٻونٺو: ٻوٽو.
جنهن ٻنيءَ/ فصل کي گهڻو مال لتاڙي ٿو يا منجهانئس گهڻو گاه چري ٿو، اهو فصل، بجاءِ کٽڻ جي زور ڏئي ڦٽي ٿو ۽ منجهائنس پئدائش/ اپت جام ٿئي ٿي.
اهڙيءَ طرح سخي ماڻهوءَ جو مثال آهي. جيترو ٻيا سندس مال مان، سخاوت سبب، فائدو وٺن ٿا، ان کان کوڙ دفعا وڌيڪ پاڻ فائدو وٺي ٿو. ان جي برعڪس ڪنجوس جو مال، ملھالا کائي ويندا آهن ۽ پاڻ رڳو مال جي وڃڻ جو غم ئي کائيندو آهي.
مطلب: ۱ - سخي، سرنهه، چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.
۲ - ڏنو، نه ٿئي ڪنو.
۳ - ڏنو، ٻنو آهي.
۴ - جنهن جي چانئٺ گسي، تنهن جو گهر وسي.
۵ - ڏنو ڪنو نه ٿئي، جيئن ڏي تيئن گهڻو،
سخي، سرنهن چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو. (شاه) (۲۵)

144. ڪچو، ڪاڇو ۽ ٿر، پاڻيءَ بنا لڳي بر. (چوڻي)
پاڻيءَ سان حياتي آهي. جتي پاڻي تمام ٿورو آهي، سو دُٻو، وڌيڪ ته تلاءُ، اڃا وڏو ته ڍنڍ، وهي هلي ته واهڙ، وڏو ته نئن يا ندي. جتي تمام گهڻو ڪٺو ٿئي سو سر، جهيل، سمنڊ يا بحر. جتي ٺُپ پاڻي نه هجي سو بر يا صحرا.
ڪچو؛ درياهه يا نديءَ جي ڪناري جي پاسي وارو علائقو. درياهه ۾ چاڙهه اچي ته اٿل سان، جيڪو علائقو ٻڏي، تنھن کي ڪچو ڪوٺجي. ٻاهرئين ۽ اندرئين بچاءَ بند اندر موجود زمين کي پڻ ڪچو سڏبو آهي. منجهس نديون، نالا يا بئراجي سرشتو نه هوندو آهي. چاڙهه جي پاڻيءَ تي، نار يا چرخيءَ يا ٽيوب ويل ذريعي آباد ٿئي. جڏهن ٻوڏ نه اچي ته رڻ پٽ وانگر، ساوڪ نظر اچي.
ڪاڇو؛ جبل جا پاساڙ، جيڪي جبل ۽ بچاءَ بند جي اندر واري علائقي تي مشتمل آهن. منجهس برساتي پاڻي، جبلن تان لهي ٻوڏ آڻي ته آبادي ٿئي. ور نه ته ڪا به اوڀر نه اڀڙي. ائين ٺوٺ، جيئن تريءَ تي وار نه اڀري.
ٿر پڻ، وُٺي تي آباد ٿئي. برسات پوي ته جتي ڪٿي قدرتي پاڻي پڄيو وڃي ۽ پاڻ مرادو ساوڪ اڀري، اگر برسات نه پوي ته زمين سڄي ٺوٺ.
مطلب: ۱ - حياتي پاڻيءَ سان آهي.
۲ - ڌرتي بغير پاڻيءَ جي، بر، رڻ يا صحرا جو ڏيک ڏئي.
۳ - ڀيٽيو؛ وٺو ته ٿر نه ته بر.
145. ڪچي دلي ۾ پاڻي ڪيسين رھندو؟ (پھاڪو)
دلو يا مٽ، پاڻي سانڍڻ لاءِ ڪم ايندا آھن. منجھن پيل پاڻي، نه جلدي ڌپ ڪندو آھي، نه ئي رنگ مٽيندو آھي. اگر ڇانءَ ۾ رکيل ھجي ته ويتر ٿڌو رھندو آھي. شرط اھو آھي ته پڪل صحيح ھجن. اگر ڪچا ھوندا ته، ڪم جا نه رھندا. ڇو جو مٽيءَ جي خاصيت اھا آھي جو پاڻي منجھس پيو ٽمندو ۽ اثر انداز ٿيندو آھي. مٽ يا دلا به چيڪي مٽيءَ مان ٺھندا آھن. ڪنڀر جي آويءَ مان چڱيءَ طرح پچي نه نڪرندا ته ڪچا رھندا. ڪچي رھڻ سبب، منجھانئن پاڻي پيو ٽمندو ۽ جلدي خالي ٿي ويندا. پاڻي ڀرڻ واري محنت ئي رائگان ھلي ويندي.
مطلب: ۱ - بنا سوچ جي ۽ اڌ-گيدو ڪيل ڪم، ناقص ۽ ناڪارھ ٿئي ٿو. (۳۵)

146. ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (چوڻي)
جوڳي؛ جوڳ پچائڻ وارا، ڪن- ڦاڙ جوڳي، جيڪي جهنگ جهر منهن ڪيو وتن ۽ نانگن بلائن کي جهلي، مطيع ڪن ۽ منجهانئن مَڻِ حاصل ڪرڻ جا جتن ڪن. تن جو مسڪن، گهڻو ڪري ڪڇ رهيو آهي. اتي جي سادا-لوح ماڻهن کي، پنھنجي ڪرتبن ۽ ڪارنامن سان مائل ڪري، منجهانئن مال کائين.
ٺوڳي؛ ٺڳي ڪندڙ يا ٺڳ پير، جن جي هٿ ۾ سواءِ شعبدي بازي ڏيکارڻ جي ٻيو ڪي ڪين هوندو آهي، سي سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي، اولاد خاص طور تي پٽ وٺي ڏيڻ جي بهاني ٺڳين. اول سندن مال متاع، ڍڳي مينهن يا ٻڪري ٺڪري تاڙين، بعد ۾ کريبت ڪري، اها وٽانئن تڳائين.
مطلب: ۱- ٺوڳين ۽ ڦورن لاءِ، ميدان پڻ کليل آهن.
۲- ڪڇ کي نانگن جي جوڳين ۽ سنڌ کي، اولاد وٺي ڏيڻ جي بهاني، ٺڳ پيرن ڦُري ناسُ ڪيو آهي.


147. ڪراڙي اٺ کي، مٽڻ ڏانءُ نه اچي. (پھاڪو)
پيشاب پڙي وارو فعل، گوشت پوست منجهان ٺهيل ساهدار سان وابسته آهي. جيڪو کائيندو پيئندو، سو هنگندو مٽندو ضرور. ان لاءِ کيس، مخصوص عضوا عطا ڪيا ويا آهن، جن سان هو پنھنجو پيٽ هلڪو ڪري آسائش وٺي.
هر ساهدار جي مخصوص عضوي جو رخ، اڳ ڏانھن هوندو آهي. جنهن ڪري، پيشاب سولائيءَ سان وهي ويندو آهي. جڏهن ته اٺ جي نليءَ جو رخ پٺ ڏانھن هوندو آهي، جنھنڪري سندس چڏا سدائين موٽانگي ۾ ڏوسيل هوندا آهن. منجهانئن مخصوص قسم جي بوءِ پئي ايندي آهي. ڀرسان بيهندي، موٽانگي جي ڄر مان اٿيل سڙانڊ واري ڌپ، نڪ ئي ساڙي ڇڏيندي آھي.
مطلب: ۱ - اٺ ڪراڙو ٿيو، ته به مٽڻ نه سکيو.
۲ - بيوقوف ماڻهو، عمر رسيده ٿيڻ بعد به نه سڌري.

148. ڪرم-ٺوڪ کيتي ڪري، ڪا ٻڙڌ مري ڪا ٽوٽو پڙي. (پهاڪو)
ڪرم ٺوڪ: بدنصيب. کيتي: پوک. ٻڙڌ: ڏاند. ڪا: يا. ٽوٽو: ٽوٽ، نقصان. پڙي: پوي.
دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي توڪل وارو ڌنڌو، هاريءَ جو آهي. جهنگ ۾، پکين ۽ جانورن جي هوندي، ٻج ڇٽي اچي ٿو. مالڪ مهربان ۾ آس لڳائي، ان جي واھت ڪري ٿو. توڪل وارا سمورا ڌنڌا، ويساه سان هلندا آهن.
جنهن جو نصيب ڦٽل آهي، اهو پوک پوکيندو ته پوکيل ٻج، پنهنجي اصول تحت ضرور اسرندو پر بدنصيبي ٻين روپن ۾ منهن ڪڍندس. يا زمين کيڙڻ کان اڳ، ڏاند مرندس يا فصل کڻڻ کان اڳ، جيت جڻيي جي حملي يا باه وغيره لڳڻ سبب نقصان ضرور پوندس.
مطلب: ۱ - بدنصيب/ بدبخت، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو، تنهن ۾ نقصان پائيندو.
۲ - بختاور، مٽيءَ ۾ هٿ وجهندو ته مٽي به سون ٿي پوندي.
۳ - ڪرم هيڻ کيتي ڪري، ڏاند/ بيل مري يا ٽوٽا پڙي. (۶) ص ۱۱۹.

149. ڪرم لکي نان ٽري، ڪرڻ هار ڪلتار. (چوڻي)
ڪرم لکي: نصيب جو لکيل، قسمت ۾ لکيل. نان: نه، اصل نه. ٽري: هٽي. ڪرڻ هار: ڪندڙ. ڪلتار: جڳ هلائيندڙ، پالڻهار.
پالڻهار، هڪڙو ئي رب پاڪ آهي، جنهن هيءُ جهان پيدا ڪيو آهي ۽ منجهس ڪيئي مخلوقات پيدا ڪري، انهن جي جياپي لاءِ روزي رزق ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هر هڪ کي مخصوص وقت لاءِ، مخصوص هنڌ تي، مخصوص ماحول ۽ مخصوص قوم اندر، مخصوص ٻولي ڏيئي لاٿو اٿائين. سندس جياپي لاءِ، کاڌ خوراڪ، نفعا نقصان وغيره پڻ، سندس کنڌي واري ڪتاب ۾ لکي ڇڏيا اٿائين.
پالڻهار، جيڪي به ڀاڳ، نصيب واري ڪتاب ۾ لکيو آهي، سو انسان کي پڙندو ۽ نه ٽرندو. کيس اهو ڀوڳڻو آهي. ان کان ڀڄي نه سگهندو. ڇو جو اهو سڄو نصيب، ان هستيءَ جو لکيل آهي، جنهن جي امر سان، هيءَ ڪل ڪائنات جڙي آهي. جنهن جي حڪم کان ٻاهر ڪو ڪک به نه ٿو چري، سو ٽرندو ڪيئن؟
مطلب: ۱ - نصيب جو لکيو نه ٽري، ڇو جو ڪرڻ وارو ڪلتار آهي.
۲ - لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
۳ - لکيو نا ٽري، اوس پڙي. (۶) ص ۱۱۹

150. ڪرنتا سو ڀوڳنتا، کودنتا سو پڙنتا. (راجسٿان، چوڻي)
ڪرنتا: ڪرند، ڪندڙ، جيڪي ڪبو. ڀوڳنتا: ڀوڳيندڙ، پسندڙ.
کودنتا: کوٽيندڙ، جيڪو کوٽي ٿو. پڙنتا: پوندڙ، کڏ ۾ پوندڙ.
هيءَ دنيا، ڪرڻ ۽ ڀوڳڻ جو جهان آهي. محنت جو اجورو هتي ئي مليو وڃي. چڱائيءَ واري صورت ۾ واڌو مليو وڃي؛ ڏهه دنيا ستر آخرت. برائيءَ جي صورت ۾ هڪ دفعو يا هيڪوڻ تي ضرور ملي ٿو. جيڪڏهن ٻين سان برائي ڪبي يا نيت بد رکي، ساڻن سلوڪ روا رکبو ته اوس پاڻ به ڀوڳبو يا لوڙبو.
اهڙيءَ طرح، جيڪو دل ۾ کوٽ ۽ بد نيتي رکي، ٻين لاءِ کڏون کڻندو، سو ضرور ھڪ ڏينهن پاڻ ان ۾ پوندو. ھيٺ ڏنل ھڪ قصو، بزرگن کان ٻڌو آهي.
ابو جهل نالي مڪي جي هڪ مشرڪ، پاڻ سڳورن ﷺ جن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ، سندن واٽ مبارڪ تي پنهنجي نوڪرن هٿارئون رات پيٽ ۾ کڏ کڻارائي، مٿس ڪمزور ڪکن ڪانن جي ڇت، مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي. پاڻ سڳورا ﷺ جن جڏهن اتان لنگهيا ته الله تعاليٰ کين مدد ڪئي ۽ معجزي طور، ملائڪن سندن پيرن مبارڪن هيٺان پر ڏنا، جنهن سبب پاڻ سڳورا ﷺ جن با حفاظت لنگهي ويا. جڏهن ساڻن واقعو پيش نه آيو ۽ وقت ٽرندو نظر آيو ته ابوجهل کي دل ۾ هورا کورا ٿي ته ڇا ٿيو جو هن مهل تائين حادثي جي خبر نه پهتي آهي. پاڻ پنهنجي سر، کڏ جو معائنو ڪرڻ لاءِ ۽ خبر گيريءَ لاءِ پهتو ۽ بي خبريءَ ۾ منجهس پاڻ ئي ڪري پيو. گهڻين ڪوششن جي باوجود اتان نه پئي نڪري سگهيو. جنهن کان پوءِ سڀني کي چيائين؛ مونکي هتان ڇوٽڪارو هڪ ئي شخص ڏياري سگهي ٿو. ان کي وٺي اچو. سندس سڏ تي، پاڻ سڳورا ﷺ جن اتي آيا. پاڻ سڳورن ﷺ سان ايمان آڻڻ جو واعدو ڪيائين. پاڻ سڳورن ﷺ جن کيس، ٻانهن کان وٺي، ڇڪي ٻاھر ڪڍيو. ٻاھر نڪرندي ئي، ابو جھل زبان تان ڦري ويو. چي؛ ”هي ته جادو هيو.“
مطلب: ۱ - جو ڪندو سو ڀوڳيندو، جو کوٽيندو سو پاڻ کڏ ۾ پوندو.
۲ - ڪرند پسند، ڏيند لهند.
۳ - کوٽيندڙا، پوندڙا.

151. ڪسيري ري ڪان ري ڪري،
لکان ري لوڏ ڪنهي ڇڏجي. (پهاڪو)
ڪسيرو: ٽڪي جو اڌ، بي قيمت. ڪان: تير، گز. ري: جي. لکان: لکن جي.
هڪڙو سوڍو راڄپوت، پنهنجي ٺَڪرائِي لوڏ سان پئي ويو ته پويان سندس هڪڙي دشمن، گز ڪمان ڪشيس. اهو لقاءُ ڏسي، ٺڪر جي هڪڙي همدرد کيس رڙ ڪندي چتايو؛ ”ڀڄ! پريان ڪانُ ٿو اچئي!“
سوڍي هن جي لفظن ٻڌڻ کان پوءِ به، ڪانَ واري طرف ڏانهن ڪنڌ ورائي به نه ڏٺو ۽ ساڳيو پنهنجي ٺڪرائي لوڏ سان هلندو پئي ويو. انهيءَ تي ساڳئي همراه ٻيهر خبردار ڪرڻ لاءِ چيس.
”ڀايا! ڪسيري ري ڪان ري ڪري، هون لکان ري لوڏ ڪنهي ڇڏيان!“ راجپوت بنا ڪنڌ ورائڻ جي ۽ ڪان کي ليکي ۾ نه آڻيندي چيس؛ ”ڪسيري جي ڪان جي ڪري، لکن جي لوڏ، ڪو نه ڇڏيندس.“
مطلب: ڪسيري جي ڪان جي ڪري، لکن جي لوڏ نه ڇڏجي. (۶) ص ۴۲.

152. ڪڪڙ مُٺي، کوڻي روئي. (پهاڪو)
مُٺي: بيوھ، طلاقيل، ڏھاڳڻ. کُوڻي: ڪوني ۾، ڪنڊ ۾.
۱ - ڪڪڙ، آنا لاهي ڏيڻ سبب، ڪمائتي آهي پر جڏهن آنو لاهيندي آهي ته تڪليف سببان پهرين ته ٽان ٽان ڪري سڄي گهر ۾ پئي ڀڄندي آهي. آخر ۾، ڪنهن ڪنڊ اندر لڪي، وڃي پيٽ ۾ پيل بلا منجھان رڙيون ڪوڪون ڪري، جان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جڏهن ته انهيءَ نافت واري ويل ۾، نه ساڻس ڪير همدردي ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي ڪو کيس ڪا سهوليت فراهم ڪري سگهندو آهي.
۲ - بيوھ عورت، جنهن جو مڙس مري ويو هجي، هندو سماج ۾ اڀاڳڻ آهي. ساڻس ڪير ٻيھر شادي ڪرڻ نه چاهيندو آهي. نه ئي کيس هار سينگار ڪرڻ يا گهران ٻاهر نڪرڻ جي اجازت آهي. کيس سڄي عمر، هڪ ڪنڊ ۾ روئڻو آهي، جتي ڪير به ساڻس ڪا همدردي ڪو نه ڪندو آهي.
مطلب: ۱- آنن لاهڻ واري ڪڪڙ ۽ بيواه عورت کي، پنهنجي منهن ھڪ ڪنڊ ۾ ئي روئڻو آهي.
۲ - ڀيٽيو؛ کُوڻي ۾ مُٺي، ڪنهن نه ڏٺي. (۶) ص ۱۲۲.

153. ڪمائين غريب، کائين سيٺيون. (چوڻي)
دنيا اندر جيڪا به ترقي ٿئي ٿي، سا انساني هٿ جي مابدولت ٿئي ٿي. محنت ڪندڙ طبقو، غريب ۽ گهرجائو قسم جي ماڻهن تي مشتمل هوندو آهي. امير ۽ پيٽ ڀريل ماڻهو، محنت کان ڪيٻائيندا آهن ۽ کانئن ٿيندي به ناهي. تعميراتي ڪم هجي يا ڪارخاني جي محنت، منجهس ٻن قسمن جون سيڙپون ٿينديون آهن. هڪ خام مال جي، جيڪو پئسي سان مهيا ٿيندو آهي ۽ سيٺيون ئي ڪري سگهن ٿا. ٻيو مزدوريءَ جي (مئن پاور)، اهو به پئسي سان ئي حاصل ٿئي ٿو، جيڪو پڻ سيٺيون، پئسي جي زور تي حاصل ڪري سگهن ٿا. اگر مزدور، دل لائي ڪو ڪم نه ڪن يا پنھنجي مجبورين کي آڏو رکي، ڪم سان وچڙ سچڙ نه ڪن ته هوند، دنيا اندر ڪو به ترقيءَ جو ڪم نه ٿئي. جڏهن غريب جي پورهيئي سان ڪارخاني، زراعت ۽ تعمير اندر محنت ٿئي ٿي ته اپت ۾ سيٺيون به ڀائيوار ٿي کائين ٿا.
مطلب: ۱ - غريب هڏ هڻي ته کائي. امير پئسي جي زور تي، غريب جي محنت خريد ڪري.

154. ڪم ڀلا اَهين، چم ڀلا ڪو اهين. (چوڻي)
هر سهڻي شيءِ، پرڪشش هوندي آهي. ڪا کائڻ جي حساب سان، ڪا پائڻ جي حساب سان. ڪا چمڻ جي لحاظ کان ته ڪا ڀاڪر ۾ جهلڻ جي روءِ. سونهن؛ رنگ ۽ روپ ۾ آهي. جوانيءَ اندر، چهري جي وسپن ۽ نقش نگار تي نکار اچي ويندو آهي. رت جي تازگي، چهري جو ڀريل هجڻ. بت، پورن لڱن ۽ چست عضون ھئڻ سبب، وڻندڙ هوندو آهي.
اهي مڙيئي خد خال، موهيندڙ ته ٿيندا آهن پر ڪنهن حد تائين. عورت سهڻي آهي، پر ڪم ڪار نه ٿي ڪري يا سنڍ آهي، ٻنهي صورتن ۾ مڙس کانئس بيزار ٿيو وڃي. سندس سونهن مان، اها رونق ئي مڙس کي نظر نه ايندي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪارڙي پر ڪارائتي ۽ ٻارن واري، مڙس کي پئي وڻندي. ڇو جو اها سندس وندر جو سامان تيار ڪري ٿي.
اهڙيءَ طرح دوست ۽ نوڪر پڻ آهن. سهڻا آهن پر نڪما آهن ته ڪين وڻندا. جتي ڪٿي پئي سندن گلا ڪبي. اگر ڪوجهي شڪل اٿن پر مهربان ۽ هڏ ڏوکي، ڪم ڪندڙ ۽ همت وارا آهن ته هر وقت پئي ڏانهن دل ورندي. جتي ڪٿي سندن ساراه به پئي ڪبي.
مطلب: ۱ - اصل سونهن چمڙيءَ جي رنگت ۽ شڪل ۾ نه پر نيڪيءَ ۽ ڪار آمد عملن منجهه آهي.
۲ - سهڻا ٽوھ، پٽن تي پيا آهن.
۳ - پورهيت، خدا جو دوست آهي.
۴ - ڪم سٺو آهي، چَمُ سٺو ڪو نه آهي.
۵ - ڪير ڪنھن جو چَمُ چوپي ڪو نه پيئندو آھي، بلڪ ڪم مان فائدو ضرور وٺندو آھي.
۶ - هر ڪو ڪم پرين آهي، چم پرين ڪو ڪونهي. (۶) ص ۱۲۰.

155. ڪم سريو، ڪاڳر وريو. (بيراجي، پھاڪو)
سريو: سر انجام ٿيو. ڪاڳر وريو: دفتر بند ٿيو.
گهڻا ڪم هوندا آهن ته يادگيري لاءِ، انھن جي وچور ٺاهبي آھي. جيئن جيئن ڪم اڪلائبا وڃبا آهن، تيئن تيئن انھن جا نالا، وچور منجهان خارج ڪبا وڃبا آهن. انھن جي جاءِ تي ٻين ڪمن جا نالا داخل ڪبا آهن. يا ٻين ڪمن ڏانھن ڌيان ڌرڻ لاءِ، اهي ٽِڪ ڪبا آهن.
اهڙيءَ طرح، جڏهن گهڻن هنڌن تي ڪم هوندا آهن، تڏهن پڻ سندن ترتيب ۽ اوليت دل ۾ لکي ڇڏبي آهي. جيئن هڪ هنڌ جو ڪم پورو ٿيندو آهي ته اتان ڌيان هٽائي، ٻئي هنڌ تي ڌربو آهي.
تيئن وري، جڏهن گهڻن ماڻهن ۾ ڪم پوندا آھن، تن جي به اوليت جي بنياد تي، دل جي دفتر اندر هڪڙي ترتيب جوڙبي آهي. جنھن جنھن مان ڪم سرندو ويندو آهي، تنھن جو نالو ان دفتر مان ميساربو ويندو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ٻيا نالا اڪرندا ويندا آهن.
مطلب: ۱ - ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
۲ - ڪم نڪتي کانپوءِ، ڪير به ڪنھن کي ياد ڪو نه ٿو ڪري.
۳ - ندي پار ٿيڻ کانپوءِ، تون ڪير مان ڪير؟
۴ - ڀيٽيو: ڳڙ کائي، ڳوٿري ڦٽي ڪريئي. (پھاڪو)

156. ڪم، ڪم ڪي سکايئي. (ڪڇ، پهاڪو)
ڪم ڪرڻ سان، ڪم اندر موجود رڪاوٽون ۽ رنڊڪون، سامهون اچن ٿيون. انهن کي هٽائڻ لاءِ، ڪم ڪندڙ، سوچ ويچار ڪندو آهي. انهيءَ سوچ ويچار سان ڪم جي موشگافين کي سمجهندو ويندو آهي. پنهنجي تجربي ۽ آزمودي سان، انھن کي آسان به بڻائيندو ويندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ جيڪو ماڻهو، ڪم نه ٿو ڪري ۽ نکمڻو ٿي ويهي ٿو رهي، تنهن جا هٿ ته چيو نه ٿا ڪن پر کيس ڪنهن به ڪم جي رنڊڪن ۽ مشڪلاتن جي ڄاڻ به نه ٿي رهي.
مطلب: ۱ - ڪم، ڪم کي سيکاري ٿو.
۲ - ڪم ڪبو، ته عقل به ايندو.
۳ - هَٿُ، هَٿَ تي رکي ويهبو ته عقل پلئه نه پوندو.
۴ - زمانو آهي ڊکڻ، پيو ٿو ڪپي ۽ ڪوري، گهڙي ۽ سيکاري. (۱) ص ۱۶۶.

157. ڪنٺ بنا گائيي، مت بنا چور،
تريئا تريوڙ بنا، تيني رپٽا روڙ. (چوڻي)
ڪنٺ: گلو، ڳلو، نڙي. گائيي: ڳائڻ، ڳائي. تريئا: زال. رپٽا روڙ: ڪم بگاڙيندڙ. تيني: ٽيئي. تريوڙ: سگهڙائپ، گهرو ڪم ڪار ۽ خرچ پکي لاءِ حساب ڪتاب رکڻ جي اٽڪل يا وينت ته جيئن پورت ٿي سگهي.
۱ - ڳائڻ لاءِ، سريلو گلو هئڻ ضروري آهي. بي سري ڳلي سان، آواز ۽ ڳائيندڙ کي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. جيڪو ٻين کي زوريءَ بي سري گلي جو راڳ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو سو ڄڻ، ٻين کي هٿ وٺي بيزار ڪندو ۽ گهري مار کائيندو. ڇو جو راڳ ٻڌبو آهي راحت وٺڻ لاءِ، پنهنجا ڪن کاڄڻ يا بي سرو آواز ٻڌڻ لاءِ نه.
۲ - چوري به هڪڙو فن آهي، جنهن ۾ اٽڪل ۽ حرفت سان، ڀاڳيي جو مال، ڀاڳيي جي قبضي مان کسڪائي ڪڍجي ٿو. جنهن کي چوريءَ جو ڏانءُ ۽ هنر ناهي، سو مال ته چورائي نه سگهندو، هٿائين ساٿين سميت پاڻ جهلائي ڦاهيءَ تي ٽنگرائيندو.
۳ - عورت به اها ڀلي آهي، جيڪا سگهڙ هجي. ڦوهڙ عورت جو گهر ۾ هلڻ به نقصان کان گهٽ نه هوندو آهي.
مطلب: ۱ - بي سرو ڳائڻو، بنا مت جي چور ۽ ڇيڳري عورت، مٿي جو سور آهن.
۲ - ڪنٺ ناهي راڳ ڪري، مت ناهي چور،
ڪاڻي اک ڪجل پائي، بنا نڪ ڏئي طنبور،
کيٽ پوکڻ ڏور، پنج ئي گھنگھر گهور.
۳ - ڪنٺ ناهي راڳ ڪري، مت ناهي چور،
ڪاڻي اک ڪجل پائي، بنان نڪ طنبور،
ٻچي ڏاڙهي، هٿ هڻي ۽ ڏئي مڇ مروڙ، پنج ئي گهنگهر گهور.
۴ - ڪنٺ بنا ڳائي، مت بنا چور،
ٻچيءَ ڏاڙهيءَ هٿ هڻي، بڻي نڪ تنبور،
ڪاڻيءَ اک ۾ ڪجل پائي، پنج ئي گهنگهر گهور. (۱۲) ص ۱۳۸.

158. ڪنجھو، پتل ۽ بيوقوف ماڻھو، بغير ڇيڙڻ جي پيا وڄندا. (چوڻي)
ڪنجھو؛ ٽامي جي ڌات جو ھڪڙو روپ. پتل؛ ٽامي ۽ جست جي ملاوٽ منجھان جڙيل ڌات.
ڪنجھي ۽ پتل منجھان جڙيل ٿانون کي اگر ٿورو به ٺينشڙو لڳو ته آواز سان وڄندا ۽ بس ٿيڻ تائين پيا جِھنوندا رھندا.
بيوقوف ماڻهو به اجائي بڪ ۾ ڪاھي پوندو آھي. ڳالهه مان ڳالهيئڙو ٺاهي ڇڏيندو آھي. بلڪ بغاغو ڪري، ڳوٺ مٿي تي کڻي ڇڏيندو آهي. (۳۵) ص ۲۲۹
مطلب؛ ۱- ھڪڙا ماڻھو فطرتي طور تي وڄڻا ھوندا آھن، سي وڄندا رھندا آھن.

159. ڪنجھو ۽ پتل آواز ڪندا، پر سون نه وڄندو آھي. (چوڻي)
ھر ڌات، پنھنجي رنگ ۽ وڄت مان سڃاپجندي آھي. ڪنجھو ۽ پتل، ٻن ڌاتن جي ملاوت سان جڙيل آهن. ڌڪ هڻڻ سان، منجھانئن آواز پيو نڪرندو آھي، جيڪو ڪافي دير تائين پيو جھِنوندو آھي. جنھن سببان، منجھانئن ٽليون، چڙا، چنگ ۽ گهنڊ ٺاھيا ويندا آھن، جيڪي وڄت کان مشھور پڻ ٿيندا آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ سون، اصل ڌات آهي، جيڪو ٻاڙو وڄندو آھي. سون کي ڪيڏو به ڌڪ لڳي، نرميءَ سبب چٻو ٿي ويندو، ٻي شڪل اختيار ڪندو پر منجھانئس ٻڙڪ يا ٻاڦ گھٽ نڪرندي آھي.
(۳۵) ص ۲۲۷
مطلب؛ ۱- بي اصل ماڻھو ئي ڄاڙي ھڻندو آھي.
۲- خالي ذھن وارو، پيو اجايون ڊاڙون ٻٽاڪون ھڻندو آھي.
۳- ڏاھو ماڻھو، ڳالھائيندو گھٽ آھي. اگر ڳالھائيندو ته سوچي سمجھي ڳالھائيندو آھي.
۴- سوچي سمجھي ڳالھائڻ وار، نج سون جهڙو آهي.
۵- ڀريل مٽ وانگر گھٽ ڇلڪندو آھي.

160. ڪنڊيءَ جي ڪاٺي آڻجي نه، آڻجي ته ٻارجي نه،
ٻارجي ته چورجي نه، چوريئي ڄڻ چانڊيي کي چوريئي. (چوڻي)
ڪنڊيءَ جي ڪاٺي، آلي هوندي ته موراڳو باهه نه وٺندس. جڏهن سڪندي ته به باهه کيس جيڪا لڳندي سا جٽاءَ دار هوندي. جلد نه وسامندي آهي. ڪنڊيءَ جي ٽانڊي کي به وسامڻ ۾ وقت لڳندو آهي. ٻھراڙيءَ ۾ جن ماڻهن وٽ ماچيس گهٽ يا اڻ لڀ هوندو آهي، سي باهه ٻارڻ لاءِ ڪنھن جي گهر ۾ ٻرندڙ باهه مان چوچڙي يا ٽانڊو کڻي ايندا آهن. مٿس ڪک رکي منجهانئس باهه دکائيندا آهن. چوچڙي: ٻرندڙ تيلي آهي، جيڪا ٿوري مفاصلي لاءِ کڻبي آهي. ڇو جو ٿورو وقت هلندي آهي ۽ جلد وسامي ويندي آهي. جڏهن ته ٽانڊو جلد نه وسامندو آهي.
ڇيڻي جي ٽانڊي کان ڪاٺيءَ جو ٽانڊو دير تائين هلندڙ آهي. ڪاٺين منجهه وري ڪنڊيءَ جي ڪاٺي وڌيڪ نِهري ٿئي ٿي. منجهس سيڪ به وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ سندس ٽانڊو به جلد نه ٿو وسامي. ڇارُ اندر، ٽانڊو پوري رکبو ته، ويلي کان ٻئي ويلي تائين، پيو رهندو. کوٽهڙو ڏبس ته منجهانئس باهه لٻرڪا ڏئي پئي ٻرندي.
ٿر اندر موجود چانڊيا ذات وارن جي به ڪنڊيءَ جي ٽانڊي سان مشابهت ڏني وئي آهي. سندن جهيڙي واري باهه به جلد نه ٿي وسامي.
مطلب: ۱ - چانڊيا قبيلي سان کينس نه ڪجي.
۲ - اچائڻ ته ڪنھن سان به چڱو ناهي پر چور پور به چڱي ناهي. تنھن هوندي به چانڊين سان چور پور اڃا خراب آهي.
۳ - ڪن ذاتين وارا ماڻهو، جهيڙي ۾مشھور هوندا آهن. تن لاءِ ته ائين به چئبو آهي، ”فلاڻي ذات وارو مئو پيو هجي، ته به پاسو ڏئي نه لنگهجي.“ يا ائين به چئبو آھي؛ ”نانگ ڇڏي، فلاڻو (ذات) مار.“

161. ڪنواري ڇوري ڪوڏ ڀري، پرڻي ڇوري پِڇي پِڇي. (چوڻي)
ڪوڏ ڀرڻ: ٺينگ ٽپا ڏڻي، ڊاڙ ٻٽاڪ هڻڻ. پِڇي پڇي: پوئتي پوئتي.
ڇوڪري، جيستائين ڪنواري آهي، تيستائين جوانيءَ سبب، پئي جيڏين سرتين ۾ ٺينگ ٽپا، ڊاڙا ڊشا ۽ کل کجڪار ڪندي آھي. نه کيس حالتن جي پرواھ هوندي آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي ڳڻتي هوندي اٿس.
جڏهن شادي ٿيندي اٿس ته حالتون يڪسر مختلف ٿي وينديون اٿس. گهر مٽجي ويندو اٿس. هڪڙو جوان مرد، سندس زندگيءَ ۾ اچي ويندو آهي. ان جا مٽ مائٽ تنهن کان علاوه. پنهنجن توڙي مڙس جي مائٽن سان، بيڪ وقت نباهڻو کيس هوندو آهي. ٻچن ٿيڻ جي صورت ۾، انهن کي پالڻ لاءِ جتن ڪرڻ سبب کانئس هار سينگار، کل کجڪار، جيڏين سرتين سان مَرڪڻ/ مِلڻ، وسري ويندو آهي. انهن معاملن ۾ ڪنواريءَ جي ڀيٽ ۾، صفا پوئتي رهجي ويندي آهي.
مطلب: ڪنواريءَ کي سينگار وغيره لاءِ وقت آهي پر پرڻيل کي نه. (۶) ص ۱۲۱.

162. ڪنو وٽي، وِه جي وٽي. (چوڻي)
ڪنو وٽي؛ بدي جي مٽي، ڏي-وٺ جي مٽي.
ڏي-وٺ جي مٽيءَ مائٽيءَ ۾، فائدا به آهن ته نقصان پڻ. فائدا اهي آهن جو نه اگهڻ جهڙو گهوٽ/ ڪنوار به، اٽي تي اٽو ڏيڻ سبب، اگهيو وڃي. نقصان اهو آهي، جو ننهن يا نياڻيءَ کي، ساهري گهر ۾ اهو آدر نه ٿو ملي، جيڪو هوءَ طلبي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن هڪ جوڙي جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پوندي آهي. سندن کِٽ پٽ جا اثرات ٻئي ٺھيل ٺڪيل جوڙي تي پڻ پوندا آهن. جنهن سبب، ان جوڙي جو گهر به برباد ٿي ويندو آهي.
مطلب: ۱ - بدي جي مٽيءَ کي بندوق. (۱۳)
163. ڪنھن گهڙيءَ جي آندل ڪاٺي به سڀاڳي. (پھاڪو)
آندل؛ ورتل، گھر ۾ آندل.
ھر گھڙيءَ يا وقت کي، پنھنجو ڀاڳ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھندو ماڻھو اھڙو سمو پيا واچيندا آھن، جنھن ۾ ڪو مخصوص ڪم ڪرڻ سان تمام گھڻا فائدا نظر اچن. خاص طور تي، ڪنوار کي گهر ۾ آڻڻ لاءِ سڳوري ڏينھن ۽ سڳوريءَ ساعت جو گهڻو خيال ڪندا آهن. لگن نھاريندا آهن ته ڪنوار اهڙيءَ ساعت ۾ گهر ۾ پير وجهي، جيئن سڀڪنھن نموني سک، شانتي رزق ۾ برڪت پوي. ان لاءِ ائين مثال ڏيندا آھن.
مطلب: ۱ - ڪا گھڙي، شڀ ٿيندي آھي.
۲ - ڪا گھڙي/ مھل نه ڪنھن جھڙي.
۳ - ڀيٽيو: وقت وقت جي، ٻلھاري آھي.

164. ڪُني اوڻنڌي ته پنڊ جا ڪنٺا کينڌي. (ڪڇ، پهاڪو)
اوڻنڌي: اٻرندي، اڀامندي. پنڊ: پنهنجا. ڪنٺ: ڪنا، ڪنارا.
کينڌي: کائيندي، ساڙيندي.
باهه تي چڙهيل ديڳڙو، پاڻ ته سڙندو آهي پر منجھس پيل پاڻي، پڻ ٽهڪندو آهي. جڏهن اڌوري ڪُني، اڀامندي آهي ته اڀامڻ تي منجهانئس پاڻي اڇل کائي ٻين کي ايترو نقصان نه ڏيندو آهي، البته سندس ئي ڪنن تي ڦهلبو آهي. ان پاڻيءَ جا گهرا نشان، ڪُنيءَ جي ڪنن تي پڪيءَ طرح چٽجي پوندا آهن. جيڪي مُئيءَ سان مھٽيندي ۽ زور سان مليندي به نه لهندا آهن.
اهڙيءَ طرح غريب ۽ بي وس ماڻهو، جڏهن ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ لاءِ وڙهڻ جي ڪندو آهي ته ڌاريي يا دشمن سان پڄي نه سگهندو آهي. پنهنجي ئي قميص جو ڳلو ڦاڙيندو آهي يا پنهنجي ئي ٻچن کي ڌڪ هڻندو آهي.
مطلب: ۱ - ڪمزور ماڻهوءَ کي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي.
۲ - ڪني اڀامندي ته پنهنجا ڪَنَا کائيندي/ ساڙيندي.
۳ - ڪمزور ماڻهو ٻين تي ڪاوڙ ڪندو ته، پاڻ کي ئي نقصان ڏيندو.
۴ - اڀرو گڏه، پاڻ سٽي. (۱) ص ۱۷۵.

165. ڪوٽ ته امر ڪوٽ، ٻيون سڀ ڪوٽڙيون. (چوڻي)
ڪوٽڙي: ڪوٽ جي تصغير، ڪوٺڙي، اوطاق، اوتارو.
ڪوٽ يا گڍ يا ڳڙهه وغيره، سرن ۽ گاري منجهان مزدورن ۽ ڪاريگرن جي مدد سان جڙندا آهن. جيئن ته پوري ٿر اندر، سرن ۽ گاري جھڙو مٽيريل نه ٿو ٿئي. روڊن رستن جي اڻ هوند سبب، مٽيريل ٻاهران آڻڻ به مھانگو پوي ٿو. ان ڪري جيڪي به بچاءَ خاطر ٿر اندر ڪوٽ يا قلعا ٺھيا سي، امرڪوٽ يا عمرڪوٽ واري تاريخي قلعي جي ڀيٽ ۾ ڪوٽڙا يا ننڍڙا ڪوٽ آهن.
عمر ڪوٽ وارو قلعو، ٿر ۽ بئراجي علائقي جي دنگ تي هئڻ سبب، تمام وڏو جڙي سگهيو. سر سبز علائقو هئڻ سبب هر شيءِ مهيا ٿي سگهي پئي. جنھن ڪري تمام وڏو قلعو اڏجي سگهيو.
مطلب: ۱- عمرڪوٽ جو قلعو، ٿر اندر ٻين ڪوٽن کان تمام وڏو آهي.
۲ - اسباب جي جھجهائيءَ سان، وڏا معاملا به سولائيءَ سان، سرانجام ڏئي سگهجن ٿا.
۳ - عمرڪوٽ شھر اندر ٺهيل تاريخي قلعي امرڪوٽ لاءِ مشھور هيو ته؛ ان جھڙو ڪوٽ ڪو به ناهي.

166. ڪوڏر بنان کاٽي کڻي، بنا ڏاٽي هڻي لائي،
سٿ ويٺي سمهي رهي، نيچو وهي اونچو تري،
اڻ ڏٺي ڏي اوڳاهي، اهي پنج ئي گهوچائي. (چوڻي)
لائي: لاهي، لاٿ، لابارو. نيچو وهي: تري ۾ وهندڙ پاڻي. اونچو تري: اوڀارو تري. اوڳاهي: ڪوڙي شاهدي. گهوچائي: ڏٽئي، بيوقوف.
۱ - زمين سخت هجي يا نرم، منجهس کاٽي ڪوڏر سان ئي سهنجي ٿي سگھي ٿي. ڪوڏر، کوٽڻ ۽ لپو هڻڻ، مٽي ريڙھڻ ۽ اڇل ڏئي مٿي ڦٽي ڪرڻ جهڙن مڙني عملن لاءِ مفيد ۽ ڪارائتي آهي. جنهن ڪڙميءَ يا ڪارائي وٽ، ڪوڏر نه هجي ۽ ڪم ڪرڻ جي لٻاڙ هڻي، سو به ڊاڙي ۽ ڪم-چور چئبو.
۲ - لابارو به ڏاٽي سان سهنجو ٿيندو آهي. ڏاٽو مڙيل، ڏندن ۽ ڪاٺ جي هٿيي سان هوندو آهي. فصل کي ڪٽڻ ۾، ڏاٽي سان ئي آساني ٿيندي آهي. جيڪو ڏاٽي کان سواءِ لاباري تي يا لوب جي ونگار تي اچي، سو به بيوقوف سڏبو.
۳ - مهمان، عزت واري وٽ ايندا آهن. جيڪو عزت ڏئي ڄاڻي ۽ مهمان کي مرشد وانگر سمجهي، سو عزت وارو ماڻهو آهي. جيڪو مهمان کي ڏسي، ڄنگهون ڊگهيون ڪري سمهي پوي، سو به ڏٽئي ۽ بيڪار قسم جو ماڻهو چئبو.
۴ - ترڻ، گهري پاڻيءَ ۾ ئي سونهندو آهي. تراکڙي ۾ ترڻ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي ۽ لهوارو ترڻ ته آسان آهي، ڪجهه کنڀڙن هڻڻ سان ۽ ڪجهه پاڻيءَ جي رَوَ تي، سنهنجهڙو ترندو وڃبو. ان جي برعڪس اوڀارو ترڻ، جلد ٿڪائي وجهندو آهي. تيز وھندڙ ۽ گهري پاڻيءَ اندر، ترندي ٿڪجي پوڻ به جان وڃائڻ جي مترادف آهي. ائين ڪرڻ وارو به بيوقوف چئبو.
۵ - شاهدي، هميشه ڏٺل وائٺل واردات جي، پورن پُنن لفظن ۾، پوريءَ طرح ڏيڻ چڱو ڪم آهي. گهٽ وڌ لفظن ۾، حالات واقعات کي مروڙي سروڙي پيش ڪرڻ يا اڻ ڏٺل شيءِ/ واقعي بابت آگاهي ڏيڻ به، ڪوڙو ۽ گهوچائي هئڻ جي نشاني آهي.
مطلب: ۱ - مٿيان پنج ڪم/ فعل/ حالتون، بيوقوفيءَ وارا ئي ڪندا آهن.
۲ - ري ڪوڏر ٻني ولي، ري ڏانٽي گاهي،
ريءَ ناڻي شهر گهمي، ڏئي اڻ پڇي اوڳاهي،
نيچي وهي اوچيءَ مُوٽي، اهي پنج ئي گهوچائي.
۳ - ريءَ ڪوڏر کاٽي کڻي، ريءَ ڏاٽي لائي،
ڀرئي سٿ سمهي رهي، ڏي اڻ ڏٺي اوڳاهي،
جنهن مڙس جي ڳالهه نه پري، اهي پنج ئي گهوچائي.
۴ - ريءَ ڪوڏر ڪڙمي، ريءَ رنبيءَ گاهي،
جيڪو سٿ ويٺي سمهي، ڏئي اڻ ڏٺي اوڳاهي،
پنجون نيچي ويهي پاڻ ۽ اوچا ڪري راهي، اهي پنج ئي گهوچائي.
۵ - ڪوڏر بنا کاٽي کڻڻ، ڏاٽي بنا لابارو ڪرڻ،
سنگت ويٺي سمھڻ، ننڍي پاڻيءَ ۾ اوڀارو ترڻ،
اڻ ڏٺي شاھدي ڏيڻ، پنج ئي ڏٽئي/ بيوقوف. (۱۲) ص ۱۵۰.

167. ڪوڏ لڳي يا ھوڏ، وريو ڀاڳ مڱڻھار جو. (پھاڪو)
ڪوڏ؛ خوشيءَ جو ناچ. ھوڏ؛ ضد، مقابلو.
شادي مرادي ھجي، وھانءُ وڌاڻ ھجي، ميلو ملاکڙو ھجي، دھل کان سواءِ ٻُسو ۽ بي چسو رھندو. دھل وڄائڻ به جنھن تنھن جو ڪم ناھي. ماڻھن جي وڏي انبوھ جي وچ ۾ بيھي، وڏي زور سان دھل اھو وڄائي سگھندو، جنھن کي پيڙھين کان دھل وڄائڻ جو تجربو ھوندو ۽ حجاب لٿل ھوندس. وڄايل دھل جي موٽ ۾ مراد وٺڻ به ان جو ئي ڪم آھي. سنڌ اندر، اھو ڪم مڱڻهار، لنگھا، ميراثي يا دھلاري ڪندا آھن. شاديءَ جي خوشي ھجي يا ملاکڙي اندر، ٻن پھلوانن جو مقابلو ھجي، دھل ۽ دھلاريءَ کان سواءِ بي مزي لڳندا آھن. کين گھور گھاٻور ڏئي به پيا وڄرائبا آھن ته جيئن پنھنجو ڪاڄ سھڻو ۽ وڻندڙ ٿئي. نتيجي طور، مڱڻھار يا دھلاري ئي فائدي ۾ ويندو آھي. باقي ھر ساڏي، پيو کيسي منجھان ڪجھ نه ڪجھ ڏيندو آھي. (۳۵) ص ۲۶۴
مطلب؛ ۱- دھلاري، شادين مرادين ۽ ميلن ملاکڙن ۾، ھٿين خالي وڃڻ کان پوءِ به، ڪمائي ايندا آھن.

168. ڪوري، ڪنڀر، ڪڪڙ ۽ ڪانءُ،
اُٺي مينهن، چئني جو وڃي هانءُ. (چوڻي)
۱ - ڪوري، ڪتيل ڪپهه ۽ سُٽ منجهان ڪپڙا اڻي ٿو. ڪتيل سٽ ۽ ڪپڙو، کيس اُسَّ ۾ سڪائڻو آھي ۽ پاڻيءَ کان بچائڻو آھي. اُسَّ نه لڳڻ جي صورت ۾ يا پاڻيءَ پوڻ تي، سُٽُ منجهي ويندو ۽ ڪپڙو اڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي. انھيءَ ڪري برسات ڇِنڊ کان، ڪوري ونءُ پيو ويندو.
۲ - ڪنڀر، مٽيءَ مان وڏي محنت ۽ پورهئي کان پوءِ، ڪچا ٿانءَ ٺاهي ٿو. ڦَڪُرا ٿيڻ لاءِ، اس تي سڪڻا رکي ٿو. ٻاھر، پاڻيءَ چڪو پوڻ تي، سمورا وري ڊهي مٽي ٿي ويندس. محنت ئي رائيگان هلي ويندس.
۳ - ڪڪڙ تي به پاڻيءَ چڪو پيو ته کنڀن پسڻ کان پوءِ، هلائڻ ڏکيا ٿي پوندس. ڪرونڊڙو لڳو، پسيل پرن ۾، منڍي لڪايو پيو هوندو.
۴ - ڪانءُ چالاڪ ته آهي پر اس ۽ مينهن جي آڏو ڀاڙي پکي آھي. نه اس سهي سگهي، نه مينهن واچ. طوفان لڳڻ سان ئي ڪانءُ مري پوندو آهي. اهڙي ڳالهه هڪ بنگالي ڪهاوت مان پڻ ثابت آهي: ”ڪانءُ مئو طوفان جي ڪري، چٻرو چوي؛ منهنجي پٽ لڳس!“.
مطلب: مينهن جي پوڻ سان مڙني مخلوقات کي جھجهو ۽ جالارو فائدو پوي ٿو، پر ڪوريءَ ۽ ڪنڀر، ڪڪڙ ۽ ڪانءَ کي وقتي تڪليف به اچي ٿي. (۴) ص ۲۴۸.

169. ڪوڙ جي ڊوڙ، ٿورڙي ۽ ساهي گهٽ. (چوڻي، بيراجي)
ڪوڙ، جيئن ته حقيقت تي مبني نه هوندو آهي، ان ڪري سندس وک اوندهه يا اوجهڙ ۾ هوندي آهي. سچ، حقيقت تي مبني هوندو آهي. سر ميدان چٽو ۽ نشانبر بيٺو هوندو آهي. دليلن دلائلن سان پيو مقابلو ڪندو آهي.
ان جي برعڪس، ڪوڙ هڻندڙ، ڪوڙ گهڙڻ لاءِ پيو گيسر ڪندو ۽ لڪندو. هڪڙو ڪوڙ ٺاهيندو ته ٻه چار پاسا ڳالهه جا وري اگهاڙا ڪري وجهندو. جيئن ته ڪوڙ يادگيري ۽ حقيقت بجاءِ، من گهڙت ڪٿا تي مبني هوندو آهي، تنھنڪري جلد کٽي ۽ کاپي پوندو آهي. ورجائي ورجائي ساڳي ڳالهه پڇڻ تي، ڪوڙو ماڻھو، بيزار ٿي پوندو آهي. جڏهن ته سچ ڳالهائڻ واري کي سچي ۽ اکين سان ڏٺل وارتا پيش ڪرڻي آهي. تنھنڪري اهو ساڳي ڳالهه ورجائي ورجائي پيش ڪرڻ ۾ ورچندو نه.
مطلب: ۱ - ڪوڙي وٽ، دليل نه هوندو آهي.
۲ - ڪوڙ کي، پير نه هوندا آهن.
۳ - ڪوڙي کي، حافظو نه ٿيندو آهي.

170. ڪوڙو ڍڳو سٻرو ساڄو، گهوڙو پڻ گهه-گير.
رن ڪميڻي مور نه مُڙي، توڙي لڳنس تير،
ماڻهن منجهه مڄو مڙس، مرن منجهه خنزير،
اهي پنج ئي بي پير. (چوڻي)
ڪوڙو: ڪم چور. سٻرو: ڳَرُدار، ڏسڻ جو ٿلهو ٿنڀرو. ساڄو: سڄي ڪلهي تي وَهندڙ. گھه-گير: گوهير، گھيگهر. مڄُو؛ رن-مريد.
۱ - ڍڳو ڀلي ڏسڻ جو ٿلهو ٿنڀرو هجي پر وھي رڳو سڄي ڪلھي تي ۽ کٻي ڪلهي تي نه وهي ته ڪوڙو آهي. ڪوڙي منجهان ڪمائي نه ٿيندي. مثال: سڄيءَ وهي سڀ ڪو، کٻيءَ وهن خان.
۲ - گهوڙو به اهو ڀلي آهي، جيڪو ڊڪي منزل تي پڄائي. جيڪو اڙي هڻڻ کان پوءِ گَهُه ڪري يا اڙجي بيهي رهي، سو پڻ بيڪار آهي. منجهانئس ڪا گزا ڪا نه ٿيندي.
۳ - مار موچڙي جي باوجود، جيڪا عورت گهر جي چانئٺ لتاڙي وڃي ۽ غريب پيءُ جي ڏاڙهي ۽ ڪمزور ماءُ جي سينڌ سڪيءَ پاڪيءَ سان ڪوڙي وڃي، سا به عزتدار نه چئبي. دليريءَ سان گناهه ڪندڙ عورت به، نانءُ ناموس چٽ ڪرائيندڙ سڏبي.
۴ - رن-مريد مڙس به، زال جي عقل تي هلندو آهي. پيءُ ماءُ جي شناخت وٽس نه رهندي آهي. عورت، اڳي ئي سس سھري مان بيزار هوندي آهي. ويتر جو چئيوان مڙس ملي وڃيس ته کيس سس سھري کان بِر ڪندي دير نه ڪندي آهي.
۵ - خنزير يا سوئر، مرن جي اندر غيرت کان وانجهيل جانور آهي. جتي غيرت ڪرڻ گهرجي، اتي غيرت ڪري نه وڙهندو آهي، پيٽ خاطر وڙهندو، عزت خاطر نه. ماديءَ تي لانڍ ڪري چڙهندو، اتي غيرت نه ايندس. جتي پيٽ گذر نه ٿيس اتي وڙهندو.
مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل پنجن کي، ڪير به ضد تان نه ٿو لاهي سگهي. ڇو جو سندن ڪو پير مرشد آهي ئي ڪو نه، جنھن جو چوڻ وٺي ضد تان لھن.

171. ڪوڙو نه ڀلو ڪُوڪرو، سچي نه ڀلي ساک،
ڏنو ڀلو روپيو، ليو نه ڀلو لاک. (چوڻي)
ڪُوڪرو: ڪوڪريا ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪو واڪاڻ ڪرڻ.
ساک: قسم، سُنھن.
۱ - جيڪي ڪم، پيار/ قرب سان نه ٿيندا آهن، تن لاءِ زبان هلائبي آهي. اڃا نه ٿين ته چئو-چواءِ يا ستُ-سَتاءُ ڪرائبو آهي. اڃا نه ٿين ته دانھن ڪوڪ، فرياد يا ڪورٽ جو در کڙڪائبو آهي. پنھنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ، رڙيون ته هر ڪو ڪندو آهي. جڏهن ته رڙيون، سچ پڇ واري ڪم لاءِ ڪارگر آهن. تنھن هوندي به داهوڙي ماڻهوءَ کي، ڪير به پسند نه ڪندو آهي. ڀلي سچ تي دانهون ڪندو هجي. ان جي برعڪس، ڪوڙ تي دانهون ڪندڙ لاءِ ته هر هڪ کي نفرت ٿي پوندي آهي.
۲ - ساک، تڏهن ڏبي آهي، جڏهن اڳلي کي ڪنھن ڳالهه جو اعتبار ڏياربو آهي. جڏهن اڳلو زباني بيان ڏيڻ مان دلي طرح مطمئن نه ٿيندو آهي، تڏهن ساک يا قسم تي ڳالهه/ معاملي کي وڃي اڪلائيندو آهي. مطمئن، لفظن سان اهو نه ڪري سگهندو آهي، جنھن جي وائيءَ ۾ ور هوندا آهن ۽ سندس ڳالهين منجهان ڪوڙ جي بوءِ ۽ چھري جي ورنن منجهان چور هئڻ جو شڪ پيدا ٿيندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جي ساک به مشڪوڪ هوندي آهي. اگر، ماڻهو سچ تي ساک ڏئي ٿو ته به ڄڻ پاڻ کي شڪي ڪرائي ٿو. ان ڪري چوندا آهن: قرآن؛ نه ڏني چڱو، نه ورتي.
۳ - پئسو هر ڪنھن کي پيارو آهي. جھڙو وٺڻ واري کي، تھڙو ڏيڻ واري کي. اگر وٺڻ واري کي وٺڻ سان خوشي ٿئي ٿي ته ڏيڻ واري کي ڏيندي رنج ضرور ٿيندو. وٺڻ سان جيڪا خوشي ملي ٿي، ان جي بدلي ڏيندڙ کي تڪليف به پھچائجي ٿي. پوءِ ڀلي هڪڙو رپيو ڇو نه هجي. لک رپين جو وٺڻ سان ته، ڏيندڙ جا ڳيرا ئي ڳاري ڇڏڻا آهن.
۴ - ڏيڻ ڏکيو آهي. پر وٺندڙ کي وڻندڙ آهي. اگر گهڻا نه رڳو رپيو به ڏبس ته هيانءَ تان مونجهه ۽ بار لهي پوندس.
مطلب: ۱ - داھوڙي/ قرآني/ پينانگ ماڻھوءَ کان، ھر ڪو پيو لھرائيندو آھي.

172. ڪوسي پاڻيءَ مان ڪھڙي اڃ لھندي. (پھاڪو)
ٻاڙي پاڻيءَ جو گرمي پد، ٿڌي جي مقابلي ۾ وڌيل ھوندو آھي. پاڻي جيترو ٻاڙو ۽ گرم ھوندو، اوترو منجھس اڃ لاھڻ جي صلاحيت گھٽ ھوندي. جھولو ۽ لڪ لڳي ته ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي، ٻاڙو ڪري ڇڏي. چؤماسي جي مند ۾، سخت گرمي سبب ڇانئن ۾ رکيل دلن ۽ مٽن جو پاڻي به گرم ٿي ويندو آهي. پيئندي؛ نه اُڃ لهندي آھي، نه تاس مرندي آھي. اڃ جو لھڻ ۽ تاس جي مرڻ لاءِ، ٿڌو پاڻي واپرائجي. (۳۵) ص ۱۹۱
مطلب؛ ۱- اڃ، ٿڌي پاڻيءَ لهندي آهي.
۲- مقصد واري ڪم سان چنبڙبو ته ڪاميابي حاصل ٿيندي.

173. ڪونڀٽ پن ڪتريو؛ مينھن آيو ڪي آيو. (چوڻي)
نباتات اندر به قدرت واري ڪجھ اھڃاڻ رکيا آھن، جيڪي وقت، موسم ۽ برسات جي اڳڪٿيءَ يا خوشخبريءَ جو نياپو سنيھو ڏيندا آھن. ڪونڀٽ جي وڻ جي پنن کي، لونئين نالي ننڍڙو جيت ڪتري کائيندو آھي. اھو جڏھن ڪترڻ شروع ڪري ته پن ڇڻڻ لڳندا آھن. پن ٽڪيل پيو نظر ايندو. ان جيت جو ڪونڀٽ جي پنن کي لڳڻ يا ڪترڻ، ان ڳالھ جو اھڃاڻ سمجھيو ويندو آھي ته مينهن جلد ايندو. (۳۵) ص ۲۳۱
مطلب؛ ۱ - برسات کي تڪڻ وارن لاءِ، ڪونڀٽ جو ڪتريل پن به ھڪ خوشخبري آھي.

174. ڪُوئا ڍاڪَڻَ ڍاڪِڻو، کيتر ڍاڪڻ واڙ،
ٻاپ ڍاڪڻ ٻيٽڙو، گهر ڍاڪڻ نار. (چوڻي)
ڪُوئا: ڪئا. ڍاڪڻ: ڍَڪُ، بچاءُ. واڙ: ٻنيءَ جي چوڌاري ڏنل لوڙهو. ٻاپ: پيءُ. ڍاڪڻو: ڍاڪون، مٽيءَ جو يا تيلين جو پنڊو، پاٽ وغيره ڍڪڻ لاءِ ڪم اچي. کيتر: کيت، ٻني. ٻيٽڙو: ٻيٽو، بيٽو، پٽ، اولاد. نارِ: زال، سگهڙ عورت.
۱ - گهر ۾ رکيل ڪا به شيءِ، ڪوئن کان تيستائين محفوظ نه رهندي، جيستائين ڪنهن ڍاڪونءَ، پيتيءَ يا محفوظ هنڌ تي سانڍي نه رکجي.
۲ - ٻني يا فصل به مال يا زيانخور جانور لاءِ کليل دعوت هئڻ سبب، تيستائين غير محفوظ آهي، جيستائين چوڌاري لوڙهو/ پيھر نه ڏنل اٿس.
۳ - پيءُ جي مڙسيءَ يا نامرديءَ لاءِ، پٽ جو ڄمڻ ۽ سڌرڻ به هڪ ڍڪ آهي. پيءُ جي ملڪيت تيستائين غير محفوظ آهي، جيستائين پٽ سڌريل نه اٿس.
۴ - گهر جو چرخو به تيستائين ڊانوانڊول آهي، جيستائين سگهڙ زال منجهس ناهي. سگهڙ زال، سانگ صرفي سان رهندي ۽ سنجم ڪري ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به، گهر جي پورت پيئي ڪندي. هٿ-ڦاڙ زال ته، ڀريل تريل گهر کي به اچڻ سان ئي اهنج-و-اهنج ڪري ڇڏيندي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار ئي شيون، بچاءَ، پردي يا حفاظت ڪندڙ طور، ڪتب اچن ٿيون. (۱۲) ص ۱۴۴.

175. ڪويَلين جي ڌلالي ۾ ڪارا هٿ ٿيئين. (ڪڇ، پهاڪو)
ڪويَلين: ڪوئلن. ڌلالي: دلالي، واپار، ڌنڌو.
ڪوئلو، ڪاٺ کي جلائڻ منجهان ٺهندو آهي. ڪاٺ، اڌ-گيدو ساڙڻ سان، ڪوئلو ٺهي ٿو، جيڪو رنگ ۾ ڪارو هئڻ سان گڏ سڪل ۽ ڀورُو هوندو آھي. هٿ لائڻ سان سندس ڀورِ، هٿن کي چنبڙي پوندي آهي. هٿ تان لاهڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڀور ته هٽندي، پر ڪارنهن لهڻ بدران، هٿائين چنبڙي پوندي. اگر اهي ڪوئلا يا ڪوئلن-هاڻا هٿ، ڪپڙن کي لڳن ته انهن کي به ڪارو ڪن.
مطلب: ۱- ڪوئلو، جنهن لڱ يا عضوي کي لڳي، تنهن کي ڪارو ڪري.
۲ - بڇڙي ڌنڌي مان، آخر برائي ئي نصيب ٿئي.
۳ - ڪوئلن جي دلاليءَ ۾، هٿ ڪارا ٿين.
۴ - ڪوئلن جي دلاليءَ ۾، هٿ به ڪارا ته منهن به ڪارو.
۵ - ھر ڌنڌي جو، ماڻھوءَ جي طبيعت تي سڌو اثر پوندو آھي. (۱) ص ۱۷۵.

176. ڪي حال مست، ڪي مال مست آهن. (چوڻي)
مال متاع ۽ پئسي پنجڙ کي ته مڳي آهي پر جسماني طاقت کي پڻ نشو آهي. جن وٽ پئسو ۽ دولت آهي، سي ته انڌ جي گهوڙي تي چڙهيا، غريب غربي تي فلڪ نه ٿا آڻين پر جن کي سرير ۾ سگهه آهي ۽ ٻيو کين ڪرڻو ڪرتڻو ڪجهه ناهي، نه رن اٿن نه روڳڙي، سي به پنھنجي ڄڻ گهرئون ٿا کائين. بي فڪرا ۽ بي فلڪا ٿيا پيا گهمندا ڦرندا آهن. مستن وانگر، نه تنھنجي ٻڌن، نه منھنجي ورنائن. اهڙي قسم جا حال مست ماڻهو، انهن مال مست ماڻهن کان گهڻا خوش آهن، جن کي ٻيون لِنجهڻون ۽ اهنج ساڻ آهن.
مطلب: ۱ - دنيا اندر، هر ڪو پنھنجي مستيءَ ۾ مگن آهي.
۲ - هڪڙا مال ميڙڻ ۾ مست، ٻيا سڃائيءَ ۾ سيٽيل.
۳ - هر ڪو ڪنھن نه ڪنھن مستيءَ يا وجدان ۾ مستغرق ضرور آهي.

177. ڪيڙي سينچي تِترِيو کائي،
موذي ڪي مايا پرڙي جائي. (پھاڪو)
ڪيڙي: ماڪوڙي. سينچي: ڪٺو ڪري. تيتريو: تتر. پرڙي: پري وٺي وڃڻ، ٻرڙي وڃڻ، کائي وڃڻ.
ماڪوڙين ۾ محنت ڪرڻ جو وڏو جذبو هوندو آهي. جنهن سبب ٻارهو ئي پيون اَنُ وغيره ٻِرُن ڏانهن ڍوئينديون ۽ ڪٺو ڪنديون آھن. ماڪوڙي ٻين تي ڀاڙڻ بدران، پئي پنهنجي محنت تي ڀاڙيندي آهي. ان جي برعڪس، تتر جو گذران جيت جڙين تي آهي. تتر-باز يا تيتري، تترن کي پڃرن ۾ بند ڪري، جهنگ ۾ کڻي وڃن ۽ اتي ڇيڻي وغيره کي کوٽهڙو ڏئي، منجهس موجود اڏوهيءَ وغيره تي ڇڏين. تتر اڏوهي وغيره کائي پيٽ ڀري. ڪڏهن ڪڏهن اڏوهي نه ملين ته ڪولين ۽ ماڪوڙين جي ڪٺي ڪيل ان داڻي مان به نه مڙن. انهن محنت-ڪش مسڪينن سان ناحق ڪري سندن سال جي ڪمائي ڳڙڪائي وڃن.
تتر جي انهيءَ پاپ جي ڪري يا سندس گوشت لذيذ ھئڻ ڪري، شڪاري سندس تاڙ/ تاڪ ۾ رهندا آهن. پاپ جو ڪيتو لوڙڻ سبب، تتر پڻ شڪار ٿئي ٿو.
مطلب: ۱ - ٻين تي ناحق ڏمر ڪبو ته پاڻ تي به ڏاڍُ ٿيندو. (۴)
۲ - ڪيڙي سنچري، تيتري کائي، پاپي نون مال، پرلي جائي. (گجراتي)
۳ - ماڪوڙين جو ميڙيل ڪڻو داڻو، پکي کائن. پکين کي، مفت جو مال کائڻ سبب، شڪاري ماري کائين.
۴ - موذي جو گڏ ڪيل مال، هٿ-ڦاڙ/ شاهينگ ۽ سخي کائي ۽ موذي هٿ ملي.

178. ڪيڙيءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ. (چوڻي)
دنيا اندر جيڪي به مخلوقات آھن، سي ھڪ ئي رب پاڪ، پنھنجي ارادي ۽ مشيت سان خلقيون آھن. کين ڌرتيءَ تي آڻڻ کان اڳ سندن کاڌ-خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪيو اٿائين. جنھن کي کاڌي جي جيتري ضرورت آھي، تنھن کي کاڌو سانڍڻ لاءِ اوترو پيٽ يا بول عطا ڪيو اٿائين. کاڌو ھٿ ڪرڻ لاءِ کيس ھٿ ۽ پير ڏنا اٿائين ۽ پيٽ ۾ اندر موڪلڻ لاءِ وات ڏنو اٿائين. چٻاڙڻ لاءِ ڏند ڏنا اٿائين. جنھن کي جيتري ضرورت آھي، ان کي اوتري خوراڪ، ويلي تي ميسر پڻ ڪئي اٿائين. سندس جوڙ ۾، ڪٿي به ڪنھن قسم جو به، جھول يا کوٽ ناھي.
مطلب: ۱ - ڪوِل کي ڪَڻِ ته هاڻيءَ کي مَڻُ ملي ٿو. (لاڙ)
۲ - ڪئليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ، قدرت وارو پھچائي ٿو.
۳ - ڪيڻيءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ، ڏيڻ وارو رب آهي.

179. ڪيسر ڪياري جي ڪرو، اگر چندن ملاءِ،
گلاب جل سين سينچيا ڪرو، تو ئي پياز بانس نه جاءِ. (پھاڪو)
ڪيسر: چندن جھڙو خوشبودار گل. ڪياري: پوک. چندن ملاءِ: چندن جو ڀاڻ ڏيڻ. سينچيا: ريج ڪرڻ.
بصر ھونئن ته کائڻ جي شيءِ آھي. ڪو به ٻوڙ، بصر کانسواءِ، بيسوادي ھوندو آھي. ڇو جو بصر ڀُڄڻ کان پوءِ، پنھنجي بوءِ سان گڏ، ٻي ڀاڄي وغيرھ جي بانس به ماري ٿو. مڪ ھڻي، غريب ماڻھو، مانيءَ سان به کائين ٿا. ذائقيدار پڻ ٿئي ٿو. جڏھن ته سندس بوءِ جي ڀيٽ ۾، چندن ۽ ڪيسر وغيرھ جي بوءِ ڏاڍي وڻندڙ ۽ ڪشش رکندڙ ھوندي آھي. اگر انھن گلن جي ڪياريءَ ۾، چندن جي ملايل ڀاڻ سان، بصر جي آبياري ڪجي، ته به منجھانئس پنھنجي بوءِ نه ويندي. ائين جيئن، گندي مٽيءَ تي پوکيل گلاب مان، پنھنجي خوشبوءِ نه ويندي.
مطلب: ۱ - خوشبودار شيون ملائڻ سان، بصر مان ڌپ نه ويندي.
۲ - محنت ڪرڻ سان، بد اصل ڪين سڌرندو.
۳ - حالات واقعات بدلجڻ سان، اصليت نه مرندي آھي.
۴ - ڪـُوَڻ کي پاڻيءَ جيان، پيِڙي پياريم ڪماند،
نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌَر پاند،
ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وِڙواند،
جنهن جو بـَد بُنياد، تنهن جو ميوو مِٺو نه ٿئي.

180. ڪيلو جڏهن ڦَرُ ڏئي، تڏهن سِرُ ڏئي. (پھاڪو)
ڪيلي جي وچ منجهان، ٿڙ جي جاءِ تي ڳاڙهو بوبڪ نڪرندو آهي. بوبڪ جا پن ڇڻندا ويندا آهن ۽ منجهس ڦريون پونديون وينديون آهن. جڏهن ڦريون مڪمل طرح ظاهر ٿينديون آهن، تڏهن ان کي ڏونگر سڏيندا آهن. ڪيلن جون ڦريون، ڇڳن جي صورت ۾، ڏونگر ۾ ٽنگيل هونديون آهن. ڏونگر ڏاڍو وزنائتو ٿيندو آهي. سموري جو سمورو، پاڙ کان ئي وڍبو آهي.
ان دوران ٿيندو ائين آهي جو اصل ڪيلي جي پاڙ منجهان، تيستائين ٻَچَ نڪري ايندا آهن. تن کي ڪڍي ٻئي هنڌ راهبو آهي يا ڪجھ ٻَچَ ڇانگي ڇڏبا آھن ۽ ڪجھ وري پاڙان اکوڙي ڦٽا ڪبا آھن. ڇڏيل ٻَچَ، وڌي وڻ ٿيندا آھن ۽ سلسلو ساڳيءَ طرح ھلندو رھندو آھي. انهيءَ سڄي ڪارروائيءَ سان، ڪيلي جو اصلي ٻوٽو، اصل جاءِ تان پوريءَ طرح اُکڙي ويندو آهي.
مطلب: ۱ - ڦر ڏيڻ کان پوءِ، ڪيلي جي ٿڙ کي هڪدم وڍي ڇڏيندا آهن.
۲ - ڀيٽيو؛ شاهه وچن، شينهن گمڻ، ڪيلو ڦري ايڪ وار،
تريئا تيل، همير هٺ، چڙهي نه ڏوجهي وار. (چوڻي) (۲۶)

181. ڪيهر مڇ، ڀوئنگ مَڻَ، گت سُوران،
ستي پهوسرڻي، ڪِرپڻ ڌن، هاٿ آوين مُوئان. (چوڻي)
ڪيهر: شينهن. ڀوئنگ: نانگ. مڻ: مَن، دل. ستي: پاڪدامن. ڪرپڻ: ڪنجوس. پهوسرڻي: پنهنجو ڪرڻ. گت: نيڪي، چڱائي. سوران: سورهيه بادشاهه. هاٿ آوين: هٿ اچن. موئان: مرڻ ڌاران.
۱ - جيئري جاڳندي، شينهن جي مڇ جو وار پٽڻ، تمام ڏکيو ڪم آهي. مئي شينهن جي مڇ جو وار هٿ ڪري سگهجي ٿو، اهو سولو آهي.
۲ - مٽيءَ ۾ پيل نانگ جي مَڻ يا دل، سندس حياتيءَ ۾ هٿ ڪرڻ ڏکي آهي. مڻ وارو نانگ، جيئري ته چڱي ڀلي جوڳيءَ کي، وَٺُ نه ڏيندو آهي. ڇيڻن جي ٽانڊي جي ڊوهيءَ اندر، مسلسل باهه ٻاري، ان جي زور تي کيس ماري، سندس مڻ هٿ ڪندا آهن.
۳ - بهادر ۽ سورهيه جي سام ٿبو يا سندس پناهه ۾ اچبو ته مئي مارائي کانسواءِ، دشمن کي ٻانهن نه ڏيندو. سندس هٿيارن کي، سندس جيئري ڪنهن کي به هٿ هڻڻ جي هنياري ئي نه ٿيندي. بلڪ سندس مرڻ کان پوءِ به سندس ڪنهن شيءِ کي هٿ لائڻ ۾ به چڱا ڀلا پيا ڇرڪندا آهن.
۴ - پاڪدامن عورت کي، مئي مارائي کان سواءِ، پنهنجو ڪرڻ ڏکيو آهي. کيس حياتيءَ ۾ پنهنجي مڙس ۽ سهيلين کان سواءِ، ٻئي ڪنهن جي هٿ ڇهيو ئي نه هوندو آھي.
۵ - ڪنجوس جي ملڪيت مان فائدو، سندس حياتيءَ ۾، ٻين کي ته ٺهيو پر کيس به نصيب نه ٿو ٿئي. پنهنجو ڪمايل ناڻو، پنهنجي حياتيءَ ۾، پنھنجي پاڻ تي ئي مشڪل خرچ ڪندو آهي، ٻين تي ڪهڙو ڪندو؟ سندس مرڻ کان پوءِ، هيڏانهن سندس لاش زمين ۾ پوربو آهي ته هوڏانهن سندس پوريل ناڻو، زمين مان ٻاهر نڪرندو آهي، جنھن تي ٻيا عياشيون ڪندا آھن.
مطلب: ۱ - مٿيون پنج شيون، مٿي ڄاڻايل پنجن ڄڻن جي حياتيءَ ۾ حاصل ڪرڻ ڏکيون آهن. البته سندن مرڻ پڄاڻان، هٿ ڪري سگهجن ٿيون.
۲ - ڪيهر مونڇ، ڀونگ مڻ، سرڻا گت سوئا،
ستي پهورَ، ڌن ڪرپڻ، پنج ئي پڙسي هٿ موئا.
۳ - شينهن جي مڇ، نانگ جي مڻ، سورهيه وٽ پيل سام،
عورت جي ڇاتي ۽ موذيءَ جي ڌن کي هٿ لڳو ته مئا. (ترجمو)
۴ - ڪيهر مڇ، ڀوئنگ مڻ، سورهيه گت سرڻا،
ستي پهور ۽ ڪرپڻ ڌن، پنج ئي هٿ پڙي مئا. (۲) ص ۲۳۸ ۽ (۱۲) ص ۱۵۰.