ر
1. رات آنڌاري، ٻَڙڌَ ڪارا، گوچريو کيتر، پگان ۾ وارا،
ڏوسي ڪوهَڙِ، اڱڻئي سارا؛ اهي پنج ئي پيٽ ٻارا.
(چوڻي)
ٻڙڌ: ڍڳو. گوچريو: ڳوٺ سان لڳ. کيتر: ٻني، پوک. پگان: پَيرن ۾. وارا: وارَ. ڏوسي: زال. ڪوهڙ: کٽ پٽ ڪندڙ، واتراڌي. اڱڻئي: اڱڻ، اڱڻ سان گڏ. سارا: سالا، زال جا ڀائر. پيٽ ٻارا: پيٽ تي بار، اوٻر نه ڪڍي سگهڻ.
۱ - ڪارو ڏاند، ڪاري رات ۾ جهنگ ۾ رلي وڃي ته کيس ڳولهڻ مشڪل آهي.
۲ - ڳوٺ سان لڳ زمين هوندي ته ڪنهن نه ڪنهن جو مال پيو منجهس پوندو ۽ رڳو جهيڙي جو سبب ئي رهندو. ڀيل تنهن کان سواءِ ٿيندي. هاريءَ کي اڻ تڻ ۽ اوجاڳا ڪرڻا پوندا.
۳ - پيرن ۾، وارن ڦٽڻ جي بيماري ٿيندي ته ماڻهو اٿي ۽ گهمي ڦري نه سگهندو.
۴ - زال کٽ پٽ ڪندڙ ۽ ڪروڌڻ هوندي ته به گهر جو چرخو ڪو نه هلندو.
۵ - سالن جو گهر گڏ يا اڱڻ اڱڻ سان هوندو ته، زال کي سچ، منھن تي چئي نه سگهبو. اندر جو سور اندر ۾ ئي رهجي ويندو.
مطلب: ۱ - پنج ئي ڳالهيون، پيٽ تي بار/ تور ٿي بيهن ٿيون.
۲ - رات اونداهي ڏاند ڪارا، پوک جي ڀر تي ڪانبن وارا (چور، فقير)،
ٻار ننڍا، مٿان پون پارا، ڪُلڇڻي نار، ساهراڻا پاڙا.
۳ - ڏند ڀڳا، ڏاڙهي اڇي، وهن گِگن نارا، اهي ٽيئي پيٽ ٻارا.
۴ - رات انڌاري، ٻڙڌ ڪارا، کيٽ اجهوري، پيرن وارا،
نار ڪُلکڻي، پاڙي ۾ ساهرا، اهي پنج ئي پيٽ ٻارا.
۵ - ڪوڙو ڏاند، نافرمان نينگر، عورت گهمي پاڙا،
ٻني ٻج نه لاهي، ليٽي لڱ اگهاڙا، اهي پنج ئي پيٽ ساڙا.
۶ - رات اونداهي، ٻڙڌ ڪارا، پوک جي ڪپ تي ڪانبن وارا،
ٻار ننڍا مٿان پون پارا، زال ننڍي ساهراڻا پاڙا،
رستو تتو پير اگهاڙا، اهي پنج ئي پيٽ ساڙا.
۷ - رات انڌاري، ٻڙڌ ڪارا، رن ڪُهاڙ/ نانگي، پاڙي ۾ ساهورا،
کيٽ اجهوريو، پڳ ۾ وارا، پنج ئي پيٽ ٻارا. (۱۲) ص ۱۴۷.
2. راجا بيوپاري، پرجا ڀيڪاري. (گجرات، پھاڪو)
راجا يا بادشاهه جو ڪم آهي ته هر ڪم تي نگاهه رکي، عدل ۽ انصاف کي قائم رکندي حڪمناما جاري ڪري ته جيئن ملڪ ۽ ملت جو ڪار-وهنوار، اعتدال سان هلندو رهي. اگر حاڪم، لالچي ٿي پوندو ۽ هر جڳهه تان پنھنجي پيٽ پالڻ جي لالچ ڪندو ته هڪ ڏينھن پاڻ ته امير ٿي ويندو پر پرجا يا رعيت ويچاري ڪمزور ۽ پينو ٿي ويندي. ڇو جو حاڪم، ڏنڊي جي زور تي، سندن ملڪيت ڦٻائي ويندو.
اهڙيءَ طرح اگر حاڪم، ملڪ اندر ڪارخانا هڻندو يا واپار جي ادارن تي قابض ٿيندو ته پاڻ امير ٿي ويندو. سستي اگهه تي خام مال ۽ مزور وٺندو ۽ مھانگي ملهه تي ٺھيل مال، پيو وڪرو ڪندو. نتيجي طور، عوام غريب ۽ پينانگ ٿي ويندو. بادشاهه پاڻ ويندو ڪارخانن منجهان ڪارخانا ٺاهيندو.
مطلب: ۱ - اگر بادشاهه واپار جا ذريعا به پنھنجي قبضي ۾ آڻيندو ته عوام منجهه پينڙيات گهڻا ٿي پوندا.
۲ - بادشاهه کي، طاقت جي زور تي، انصاف ۽ عدل کي قائم ڪرڻ گهرجي. لالچ ۾ پوڻ نه گهرجي.
3. راجا رٺو ته گھوريو، پر مند نه رسي مينھن جي. (چوڻي)
راجا راضي ھوندو ته درٻار ۾ گھرائيندو. اڃا راضي ٿيو ته ڪو انعام اڪرام ڏيندو. زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪو نه ڪري سگھندو. ان لاءِ پنھنجا ھٿ پير ڪم ايندا. اھي به تڏھن جڏھن رب راضي ٿئي. برسات موڪلي، زمين منجھان نباتات پيدا ڪري. اگر اھو ناراض ٿئي ته مند به رسي وڃي. اوڀڙ ڪين اڀري. مارو ماڻھو ڏڪر سببان مدد لاءِ محتاج ٿيو وڃي. ان حالت ۾ راجائون پڻ پريشان ۽ محتاج ٿي وڃن. انھن جو رسڻ، مند جي رسڻ جي ڀيٽ ۾، تمام ٿورو نقصان نه ڏيندو. (۳۵) ص ۲۷۱
مطلب؛ ۱ - عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته نه ٿيلھيندو.
4. راجا هٺ، ٻال هٺ، تريا هٺ ۽ جوڳ هٺ. (چوڻي)
هٺ چئن ڄڻن کي گهڻو ٿيندو آهي. هڪڙو راجا يا بادشاه کي. ڇو جو وٽس اڻ ميا اختيار هوندا آهن. وڻيس ته ڪنهن کي ڦاھيءَ تي چاڙهائي ڇڏي، وڻيس ته ڪنهن کي ڦاسيءَ کان موٽرائي ڇڏي. اھي ڪم سندس لاءِ، فقط زبان خرچ آهن.
ٻيو ضد آهي ٻار کي. جڏهن ضد تي چڙهيو ته چوندو؛ هاڻي پاڻيءَ جي وٽي ۾ مون کي چنڊ ڏيو. کنڊ، ملايل کير مان ڪڍي، ساڳيو کير پيئڻ لاءِ ڏيو. اهڙا نخرا ان ڪري ڪندو جو سمجهه گهٽ اٿس ۽ مائٽن جو راض وڏو اٿس. هر ڪو سندس رايو رکي ٿو، جنهن ڪري هر ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيھي رهندو آهي.
ٽيون نخرو ۽ ناز يا هٺ، گهوڙيءَ کي ٿيندو آهي. جوانيءَ/ مستيءَ ۾ ئي ترندي پيئي ايندي.
چوٿون هٺ، جوڳين کي هوندو آهي. کين پنهنجي جوڳپائيءَ تي، ماڻهن جي انڌي عقيدي سبب، وڏو بانور هوندو آهي. جنهن ڪري هٺ ڪندا آهن.
مطلب: ۱ - جنهن کي اڻ-پڇيا اختيار ملندا آهن سو هٺئون هيٺ نه ٿيندو آ.
۲ - ڀيٽيو: ناري هٺ، بادشاھ هٺ، ٻاري هٺ، ڪڏهن نه هٽ. (۲)
5. راجپوتي ذات ڏنڊي وانگر، ڀڄي پر جهڪي ڪا نه. (چوڻي)
راجپوت؛ راجائن جو اولاد آهن. سندن پاڙا، تمام گهڻا آهن. خانداني نسل مان هئڻ سبب، سندن طبيعت ۾ شاهاڻي خوءِ اچي ويندي آھي، جنھن سبب سندن خيال پڻ شاهاڻا ٿي پوندا آهن. بهادر قوم پڻ آهن. بهادريءَ وارن معاملن ۾، اڳڀرا ۽ ضدي ٿيندا آهن. جيئن ڏنڊي جو ڪم آهي؛ دشمن مٿان وسڻ ۽ وسندي وسندي ختم ٿي وڃڻ. ڏنڊي جو وسڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي ناهي. اهڙيءَ طرح، راجپوت پڻ آهي. دشمني ۽ جنگ ۾ وڙهندي، مرندو مري ويندو پر دشمن آڏو نه جهڪندو ۽ نه ئي ھيڻي ٻوليندو.
مطلب: ۱ - راجپوت، دشمن آڏو سر نِوائڻ سکيو ئي ناهي.
۲ - راجپوت مرندو مري ويندو پر دشمن آڏو، پنهنجو سِر نه نِوائيندو. (۱) ص ۳۳۵.
6. راڄ پوپان ٻائي رو، ليکو رائي رائي رو.
(راجسٿان، چوڻي)
پوپان ٻائي، هڪ ڪنڀر جي زال هئي، جيڪا کنڊيلي راڄ جي جيپور نالي علائقي ۾ تمام گهڻي مشهور شخصيت هئي. سندس راڄ ۾ هر فصل، هڪ ئي اگهه تي وڪامندو هيو. جنهن ڪري ’پوپان ٻائيءَ جو راڄ‘ گفتي جي معنيٰ ’انڌير گردي‘ يا ’سينه زوريءَ جو زمانو‘ ورتي ويندي آهي. ان دور ۾ ٽوڪ طور ائين به چوڻ ۾ آيو؛ ”ٺڪر ٺوٻر پاسي ڪريو، پوپان منهنجي نچي!“ يعني پوپان کي ميدان ڪرڻ لاءِ، کليل جاءِ ڏيو ته پنهنجي انڌير گرديءَ جو جلوو ڏيکاري.
ڪن روايتن مطابق؛ پوپان، پنهنجي انهيءَ بد-مزاجيءَ سبب، سوليءَ تي چاڙهي وئي هئي. ڪن روايتن مطابق؛ پوپان ٻائي، گجرات جي راڄ گهراڻي ۾ ڄائي هئي. گجرات جا راجائون پنهنجي فراخ دليءَ سبب، مشهور هيا. پوپان جي دل وري مڙني کان فراخ هئي، جنهن مان نوڪرن غلط فائدو ورتو. نتيجي طور راجائن جي مان ۽ مرتبي، اوج ۽ دٻدٻي ۾ گهٽتائي اچي وئي.
مطلب: ۱ - ٺڪر ٺوٻر پاسي ڪيو، پوپان منهنجي نچي.
۲ - انڌير نگري، راجا چرٻٽ، نڪا ساهمي نڪو وٽ، ڏي به ٻڪ وٺ به ٻڪ.
۳ - پوپان ٻائي پرگهٽ هووي، نَوي چلاوي ريت. (۱) ص ۲۴۸-۴۹.
7. راڳي، پاڳي، پارکو، ناڙا ويد، نياءُ،
سيکاريا نه سکيا، اُڪلي منجهه هنياءُ. (ڍٽ، چوڻي)
راڳي: راڳيندڙ، ڳائڻا. پاڳي: پيرا کڻندڙ، پيري، پيراڍو. ويد: حڪيم، طبيب. نياءُ: انصاف ڪندڙ، فيصلا ڪندڙ. هنياءُ: دل مان.
دنيا ۾ سمورا ڪم تجربي جي بنياد تي يا استادن کان سکڻ سان يا ڪتابن ۾ پڙهڻ سان سکي وٺبا آهن. ڪي اهڙا ڪم به آهن، جيڪي سکڻ سان تيستائين سکي ڪين سگهبا آهن، جيستائين رب پاڪ جي طرفان، اندر ۾ قدرتي طور صلاحيت نه رکيل هوندي آهي. جهڙيءَ طرح؛
۱ - راڳ لاءِ سريلو آواز ۽ فن هئڻ ضروري آهي. اھي ٻئي نه هر ماڻهوءَ وٽ آهن ۽ نه سکڻ سان ھٿ ايندا آهن.
۲ - پيرو سڃاڻڻ به ڪنهن ڪنهن جو ڪم آهي. ھر ماڻھوءَ منجھ اھا صلاحيت يا لياقت نه ھوندي آھي.
۳ - بري ڀلي جي پرک رکڻ به، جنهن تنهن جو ڪم ناهي.
۴ - حڪمت ۽ طب به قدرتي ڏات آهي.
۵ - عدالت ڪرڻ لاءِ به ڏات جي ضرورت آهي، جيڪا رب پاڪ ھر ماڻھوءَ ۾ وديعت نه ڪئي آھي.
مطلب: ۱ - مٿيان ڪم، سکڻ سان نه پر قدرتي ڏات سان ئي ڪري سگهبا آهن.
۲ - راڳ ڳائڻ، پيرو کڻڻ، پرک رکڻ، جراحي، طب، علم ۽ انصاف ڪرڻ، سکڻ سان نه ايندا آهن. بلڪ ڏاتار جي ڏنل ڏات آهن. (۲) ص ۶۰.
8. رامديو جا چيلا؛ ڍيد ۽ چمار. (مارواڙ، چوڻي)
مارواڙ جي علائقي ۾، رامديو نالي هڪ وڏو بهادر شخص ٿي گذريو آهي. ڀئروَ نالي هڪ ڪميڻي شخص کي مارڻ بعد، رامديو چؤطرف مشهور ٿي ويو. هندو ۽ مسلمان، سڀئي کيس ”رام شاه پير“ يا ”راما پير“ جي نالي سان پوڄڻ لڳا. ۱۵۷۲ع ڌاري، رامديو مارواڙي علائقي جي روڻيچا ڳوٺ ۾ جيئري سماڌي ورتي/ پاڻ کي دفنايو. تنهن کان پوءِ راماپير، ديوتا طور مشهور ٿي ويو. سندس نالي پويان، اڄ تائين ميلا ملاکڙا لڳندا آهن. کيس پوڄڻ وارن ۾، گهڻو ڪري هندن جي گهٽ ذات وارا شخص ايندا آهن. جن ۾ اڪثريت، ڍيڍن ۽ چمارن جي آهي. سندس سمورا ڀڳت، چيلا يا مريد، چمار يا ڍيڍ ئي آهن. سندس پوڄاري ۽ ساڌو پڻ چمار ٿيندا آهن.
مطلب: ۱ - جهڙو گرو، تهڙا چيلا.
۲ - گرو مرائي گانڊ ته چيلا به چِتو. (۱) ص ۲۴۸.
9. رام رام جپنا، پرايا مال اپنا. (چوڻي)
جيڪي ديندار يا مذھبي ماڻھو ھوندا آھن، سي پنھنجي مذھب جي ڏسيل واٽ تي پورو پورو ھلڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اھي ان ھلت سبب، مذھبي طور پنھنجو مثال پاڻ ھوندا آھن. کين ڏسي، ٻيا ماڻھو به ان مذھب جي تعليم کي پرکڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اگر انھن ماڻھن ۾ عيب آھن ته اھي عيب به ھر ڪو ان مذھب جا سمجھندو آھي. ڇو جو ھر مذھب، چڱي واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڪئي آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته سندس ڪي پيروڪار، ڪڏھن ڪڏھن لالچ ۾ اچي، پنھنجي لاءِ سولائيءَ ۽ مال ميڙڻ واريون واٽون گھڙي وٺندا آھن. تن کي مذھب خود ته ڌڪاري ٿو پر عام ماڻھو پڻ چڱي نگاھ سان نه ٿا ڏسن.
جيڪو ماڻھو، سڄو ڏينھن ويٺو رام جو نام جپي، تنھن ڏانھن ڪنھن جو به گمان نه ويندو ته ڪو بي ايماني دل ۾ اٿس. ھر ڪو کيس دنيا کان بيزار ۽ اللھ وارو پيو سمجھندو. اگر اھڙو ماڻھو، پرايو مال ھڙپ ڪري ته عجب ضرور لڳندو.
مطلب: ۱- بر مک رام رام، در دل گائو و خر، اين چنين تسبيح چہ دارد اثر.
۲ - منھن ۾ ملان، اندر ۾ ابليس.
۳ - منھن موسيٰ جھڙو، اندر ابليس جھڙو.
۴ - رام رام ڪيتي جا، پرايا مال پيتي جا. (سرائڪي)
10. راوڙو گھوڙو، روھي رو ڪک، واکاڻيان نه واکاڻجين. (پھاڪو)
راوڙو؛ راجا جو، بادشاھي. روھي؛ آزاد سيم، ٻيلو. ڪک؛ گاھ.
راجا جي گھر جو گھوڙو، روھيءَ جي ڪکن/ گاھ جي ساراھ ڪرڻ يا نه ڪرڻ ساڳي ڳالھ آھي. ڇو جو بادشاھي گھوڙو، تاتيل تمام ڀلو ھوندو. تنھنڪري ميدان تي لٿي کان پوءِ گھڻن گھوڙن کي دڳ ۾ ڇڏي ويندو. اھڙيءَ طرح ٻيلي يا آزاد رک اندر، ڪو جانور ويو ئي ناھي، ان جي گاھ کي ڪنھن مال چڪ ئي نه ھنيو آھي ته ان ۾ کوٽ ئي نه آئي ھوندي. ھاڻ انھن ٻنھي جي، ان کان وڌيڪ ڪھڙي تعريف ڪجي. (۳۶)
مطلب: ۱ - جنگل مين مور ناچا، چي؛ ڪس ني ديکا؟
11. رٻڙي ٿانرا رونس، بساران نبسرين. (چوڻي)
ڇاڇري جو هڪڙو سيٺيو، هڪ دفعي گهمڻ جي ارادي سان آگري وڃي نڪتو. هڪڙي واقفڪار مارواڙي سيٺ وٽ وڃي مهمان ٿيو ۽ رات جو جڏهن ماني آئي ته اندر ۾ انومان ڪيائين؛ ”آگري جي سيٺ جي گهران ماني آئي آهي، سا ته الائي ڇا هوندي؟“
وڏي چاھ ۽ سڪ مان ڍڪ لاٿائين ته ٻوٿ وڃي ڀِت سان لڳس. سندس توقع جي خلاف، اندران فقط رٻ نڪتي. ڏسي هيانءُ ئي ڀرجي ويس. مانيءَ مان ئي کڻي هٿ ڪڍيائين.
”رٻڙي ٿانرا رونس، بساران نبسرين،
ڇڏي ڇاڇرا پرهي، ڏي ڏهران تي ڏوس،
ڪري سؤ سؤ ڪوس، آئي پنهنجي آگري.“
وري ڳوٺ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو؛
”رٻ تنهنجا رونشا، وساريي نه وسرن،
ڇڏي ڇاڇرو پري، ڏنم ڏھرن تي ڏوھ،
ڪري سوين ڪوھ، آئينءَ پنھنجي آگري!“
مطلب: ۱ - جيڪو نصيب ۾ آهي، ان کان گهٽ وڌ نه ملندو.
۲ - توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيئي لوح قلم ۾.
۳ - اي دال! مان ته گاڏيءَ ۾ چڙهي آيم!
تون ٻڌاءِ! تون ڇا ۾ چڙهي آئينءَ. (۵) ص ۶۳.
12. رت؛ راڻو آ. (پهاڪو)
رت، هر ساهدار منجهه هوندو آهي. جنهن جانور ۾ تازو توانو رت آهي، اهو جانور سوکو ۽ خوش ليکبو آهي. جنهن ۾ رت ناهي يا رت جي ڪمي اٿس، اهو ڪمزور ۽ بيمار هوندو آهي. سوکو ۽ خوش جانور، ڏھڻ ۽ ڪهڻ، ڄڻڻ ۽ وڻڻ جي ڪم ايندو آهي. بيمار ۽ ڪمزور، پالڻ ۾ به مهانگو پوندو آهي.
ھتي رت مان مراد، بدن ۾ سگهارو مال آھي، جنھن کي ڏھڻ سان منجھانئس کير جام ڏڀي ۽ ڪھڻ سان منجھانئس گوشت جام لھي.
راڻو، بادشاهه هيو. مومل جو ساڻس عشق هيو. سڄي دنيا کي تياڳي ساڻس لونءَ لاتائين. بهادر ۽ وڏي پهچ وارو هيو. جنهن سبب، مومل جي مٿان سندس سائٿ ٿي پئي.
رت يا مال، پڻ راڻي بادشاه وانگر آهي. ٿر اندر جيترو، مال متاع ڪم اچي ٿو ۽ ڏکئي وقت ۾ جيترو مٿس گذران ٿئي ٿو، اوترو ڪنهن ٻيءَ شيءِ منجهان نه ٿو ٿئي.
ٿري، ٿر اندر جيتري مال متاع جي سار سنڀار لهن ٿا ۽ ٽهل ٽڪور ڪن ٿا، اوتري راڄ وارا پنهنجي راجا يا راءِ جي مس ڪندا هوندا.
مطلب: ۱ - تر جيترو رت؛ جبل جيتري پريت.
۲ - رت؛ مٽ عزيز، راجائن کان وڌيڪ پيارو آهي.
۳ - مال کي هر ڪو راڻي وانگر مان ڏيندو آهي.
۴ - رت، رت آ.
۵ - ڏڀي به رت، جڀي به رت. (ساھتي)
۶ - سون جي رتيءَ کان، رت جي رتي چڱي. (ٿر)
۷ - ناڻي کان، چوپايو مال ڀلو آهي.
۸ - سون کان، لڱن ۾ طاقت هئڻ ڀلي آهي.
۹ - رت جي رتي، محبت جو خرار. (ٿر)
۱۰ - رت جو ٿورو رشتو به وڏي ۽ گهاٽي دوستيءَ کان وڌيڪ آهي.
۱۱- طاقت وارو ۽ رت وارو جانور، دوستيءَ کان وڌيڪ ڪم ايندو آهي.
۱۲ - رت جي رتي، اٺ جيڏي پريت.
۱۳ - رتيءَ جيترو رت، پربت جيتري پريت.
13. رت نان ئي رونٻڙي لڳسي. (پهاڪو)
رونٻڙي: رُمي، سئي، رت ڪڍڻ جي سئي.
جڏهن هڪڙي ماڻهوءَ کي رت کپندو آهي ته ان لاءِ ان ماڻهوءَ کان رت ورتو ويندو آهي، جنهن جي رت جو گروپ ساڳيو هجي ۽ جسم سگهارو ۽ متارو هجيس. ڪمزور ۽ بيمار جيو مان رت نه ڪڍبو آهي. ڪمزور کان رت ڪڍبو ته نڪرندو ڪو نه. نڪرندو ته ڪمزور، چيڪندو ۽ روئيندو. ڏک ۽ ڪمزوريءَ ۾ جلد مري ويندو. هڪ کي بچائڻ لاءِ، ٻئي جو ساھ نِيڻ، چڱو ڪم ناهي.
اهڙيءَ طرح قرض به ان کان وٺبو، جنهن وٽ مال جھجهو هجي ۽ دل سخاوت واري هجيس. سڃي، ڪنجوس ۽ پوءِ-ڍائي کان ڪو نه وٺبو. گهرڻ سان ملندو ته ڪو نه پر بيعزتي پڻ ٿيندي.
مطلب: ۱ - هوند واري وٽان، مراد پوري ٿيندي آهي.
۲ - منهن ڏسي، مٺائي گهرجي.
۳ - چور به ڀريل ڀڪيل گھر ۾ کاٽ ھڻندو آھي.
۴ - رت کي رمي لڳندي آهي.
۵ - رت ڏسي ڀلي، سُئو هڻجي.
۶ - منھن ڏسي، مٺائي گهرجي.
۷ - ڀيٽيو؛ رت ڏسي، رُمي هڻجي. (۶) ص ۱۱۱.
14. رتيءَ بن رڌ، رتيءَ بن سڌ،
رتيءَ بن جوڳ، اجوڳ جتي ڪا،
رتيءَ بن راج، رتيءَ بن پاٽ،
رتيءَ بن ڀائي، نه ماني بات ڪسي ڪا. (چوڻي)
رتي: مڻيا، عقل، دماغ، ميڄالو، ڏَيا، آڳاٽي دور ۾ تور جو وٽ. رڌ: ڌنڌو، رڌل هئڻ. سڌ: سمجهه. جوڳ: علم، ڄاڻ. اجوڳ: جھالت، اڻڄاڻائي. جَتي: ستي جتي، ست سيل واري. پاٽ: پُٽ، اولاد. ڀائي: ڀاءُ، برادر.
۱ - رتي يا ڏيا، جنهن مڙس ۾ ناهي، سو به بيڪار ۽ زال جو مڄو هوندو آهي. اندر-ٻاهر، اٿڻ-ويهڻ جي کيس خبر نه پوندي آهي. زالن جي اشاري تي پيو نچندو آهي.
۲ - عقل يا دماغ کان سواءِ، ڪو به ڌنڌو ڪارگر ناهي. منجهانئس فائدي بجاءِ نقصان پوندو. رتيءَ سان ئي ماڻهو سپوت ٿئي ٿو. بغير رتيءَ جي ڪپوت آهي.
۳ - علم ۽ ڄاڻ به فائدو تڏهن ڏيندا، جڏهن ٻين جي ڀيٽ ۾ پاڻ وٽ عقل ۽ دماغ سوايو هوندو. کٽل علم کان جهالت ڀلي آهي. رتيءَ وارو ئي چڱيءَ طرح جوڳ پچائي سگهندو. بغير رتيءَ جي پچايل جوڳ، اجوڳ ئي رهندو.
۴ - عورت به ستي جتي ۽ ست سيل قائم رکندڙ تڏهن آهي جو وٽس ڏاهپ ۽ ڏيا آهي. بغير دماغ واري، مٺڙين ڳالهين ۾ لوڀجي، لُوپجي ست سيل وڃائي ويهي ٿي.
۵ - عقل ۽ ڄاڻ کان سواءِ، راڄ ڀاڳ وٺڻ ۽ مٿس حڪومت هلائڻ ڏکيو آهي. مڙني کي ميڙي، ساڻُ کڻي هلڻ ۽ هڪ ئي راڄ اندر هار جي مڻين وانگر پوئي، هڪ ئي لڙهه ٺاهي هلڻ، مت کان سواءِ اهنجو آهي. جنهن بادشاه کي رتي ناهي، ان جي حڪومت جو شيرازو وکري ٿو وڃي.
۶ - جنھن منجھ ڏيا ناھي، تنھن جي ڳالھ ته سڳو پٽ به مڃڻ لاءِ تيار ناھي.
۷ - جنهن کي عقل ۽ ميڄالو ناهي، ان جي ڳالهه ته سڳو ڀاءُ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.
مطلب: ۱ - مڙس ته رتي.
۲ - علم کان سواءِ انسان، انڌي جي آچار آهي. (۲) ص ۲۷۵.
15. رپيو جو ڀيلڻ ري کڙي جهڙو. (پهاڪو)
روپيو: ڊينگلو، ٺڪر وارو روپيو. جو: ڏس. ري؛ جي.
ڊينگلو، رپئي جو سڪو، اوائلي دور ۾ چانديءَ مان جڙندو هيو. هاڻي به اڇي ڌات مان جڙي ٿو. ان جي ڀيٽ، سنڌ ۾ آباد قديم قوم، ڀيل جي عورت جي کڙيءَ سان ڏني وئي آهي. جنهن مان ڀيلڻ عورت جي سونهن مراد آهي.
ڀيلڻ عورت جي کڙي، رپئي وانگر اڇي، ننڍي ۽ گول هئڻ سبب، رپئي جي مَٽُ آهي. اڇو ڊينگلو رپيو، سھڻي ڀيلڻ جي کڙيءَ جھڙو آهي.
مطلب: ۱ - رپيو، قيمتي وٿ آهي.
۲ - رپئي جو وڏو قدر آهي. (۶) ص ۱۱۱.
16. رسوئيو، ڇپني ۾ ئي بک ڪنهي مري. (چوڻي)
رسوئيو: بورچي . ڇپنو: ڇپن، ڇاونجاھ، سنبت وارو سال ۱۹۵۶ جنهن ۾ ٿر اندر وڏو ڏڪار پيو. ئي: به. ڪنهي: ڪين.
سنبت ۱۹۵۶ع ڌاري، ٿر ۾ وڏو ڏڪار پيو. مال متاع ڏاڍو مري ويو. ماڻهو به ڪافي مئا. لڏ پلاڻ دوارن، رستن ۾ مال ته مئو پر بک کان نڍال ماڻهن، ڪيهون ڪندڙ ٻار به رستن ۾ ڦٽا ڪيا ھيا.
بورچي، اهڙي ڏڪار ۾ به بک ڪين مئا. رڌڻ وارا راڌا، سدائين ڍَوَن ۾ هوندا آهن. سندن لاءِ ھيٺ ڏنل لطيفو مشهور آهي.
هڪڙي تپيدار پنهنجي بورچيءَ کي سڏي چيو؛ ”مان هاڻي لائين حاضر آهيان. تنهنڪري اڄ کان مرغيون ۽ ڇيلا بند! فقط دال پٽاٽي تي گذر ڪرڻو آهي“.
بورچيءَ ننڍڙا ھٿ ٻڌي، سيني تي رکندي چيس؛ ”حاضر سائين، اڄ کان بلڪل بند!“
چند ڏينهن گذرڻ پڄاڻان، تپيدار اوچتو بورچيخاني ۾ آيو. ڏٺائين ته بورچي، چرغو سو به مڪمل، اڪيلو کائي رهيو آھي. کيس هڪل ڪري چيائين؛ ”تو کي جي چيو هئم ته هاڻي دال پٽاٽن تي گذر ڪرڻو آهي. ڇو جو مان لائين حاضر آهيان“.
”بلڪل سائين! تون لائين حاضر آهين!“ بورچيءَ ڪڪڙ جون سُنڍيون ڪُرٽيندي چيس؛ ”مان ته لائين حاضر ناهيان!“.
مطلب: ۱ - بورچي، سدائين ڍَوَن ۾ هوندا آهن.
۲ - بورچي مڙئي هر حال ۾ پنھنجو پيٽ تڳايو وڃي.
۳ - جنهن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڍو ڪري سو ئي. (۶) ص ۶۲.
17. رماڙيو رو نان ڪونهي، رُئاڙيو رو نان هي. (پهاڪو)
رماڙيو: پرچائيندڙ، ريجهائيندڙ. رو: جو. نانءُ: نالو. رئاڙيو: رئاريندڙ.
جيڪو ماڻهو، ڪنهن معاملي ۾ اگر، ڪنهن جي ٻار کي کيڏائيندو/ ڪُڏائيندو آهي ۽ کيس پرچيل/ سرچيل رکندو آهي ته، کيس ڪا به شاباس وغيره نه ملندي آهي ۽ نه ئي کيس ڪو ياد به رکندو آهي.
ان جي برعڪس، اگر ڪنهن ماڻهوءَ، ڪنهن جي ٻار کي کيڏائيندي/ ڪڏائيندي يا ائين ئي راه ويندي روئاري وڌو ته ٻار جي ٻاڪارڻ تي، روئارڻ واري کي جٺ ڦٺ به ٿيندي آهي ۽ سندس نالي جي به وڏي ڊوءِ ڊوءِ ٿيندي آهي. کيس ٻارن آزاريندڙ طور، ياد پڻ رکيو ويندو آھي.
مطلب: ۱ - برائي ڪرڻ وارو، چڱائي ڪرڻ واري جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ مشهور ٿئي ٿو.
۲ - بد نام کي هر ڪو سڃاڻي ٿو.
۳ - بدنام ھوئي تو ڪيا، نام نه ھوگا. (اردو)
۴ - نانگ ويهڻ واري جاءِ ڏانهن اچي ته کيس ڏسڻ بعد سمورا اٿي پوندا، جڏهن ته بي ضرر جانور جي اچڻ تي ڪير به گوشو ڪو نه ڏيندو آهي.
۵ - ظالم آفيسر جي هر ڪو آڳي پيڇي ڪندو آهي، شريف کي ڪو پڇندو به ناهي. (۵)
18. رن تي ٻُڏءِ، پَلَوَ تي نپوڙءِ. (پهاڪو)
تي: ٿي. ٻُڏءِ: ٻڏي، غوطا کائي، گهوتا کائي. پَلَوَ: ڪپڙي/ گنديءَ جو پلاند.
نپوڙءِ: نپوڙي، نپوڙڻ، مروٽي پاڻي ڪڍڻ.
پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ واري کي، سواءِ پنهنجي جان بچائڻ جي، ڪا به ڳالهه ياد نه ايندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪا بيوقوف عورت، جان جو خيال ڪرڻ بدران، ويهي ڪپڙن جا پَلَوَ/ پلاند نپوڙي ته حيرت اوس ٿيندي. جڏهن ته پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ، ڪپڙن جا پُسيل يا آلا ٿيل پَلَوَ/ پاسا نپوڙي ۽ سڪائي سگهجن ٿا. ان جي برعڪس پاڻيءَ ۾ پئي، اگر هيڏانهن هڪڙو پَلَوُ نپوڙبو ته ھوڏانھن ٻيو ان کان اڳ پُسيو پيو هوندو. اتي نپوڙڻ مان ڪو فائدو ناهي.
مطلب: ۱ - عورت جي فطرت، الٽي ۽ ضد واري ٿيندي آهي. هميشه فطرت جي خلاف قدم کڻندي آهي.
۲ - رن ٻڏي سکر، ڄار پوي بکر. (اوڀاري پنڌ ڏانھن، ٻڏل عورت کي ان لاءِ ڳولھجي ٿو جو، الزام اٿس ته، مئي کان پوءِ به ابتي ھلڻ وارو ضد نه ڇڏيندي.)
۳ - رن ٻڏندي وڃي، نيهنگ (ابداڻو) نپوڙيندي وڃي. (۵)
19. رن جهاپي، مڙس پوڙهو،
بي چيو پٽ، چُٽر گهوڙو،
چلوڪو ڪتو، جڏو جوڙو،
پري جي مائٽي ۽ وڏو وڇوڙو،
ست ئي سور. (چوڻي)
جهاپي؛ خراب. پوڙهو؛ ڪراڙو. بي چيو؛ نافرمان. چُٽر؛ زخمن وارو، بيمار. چلوڪو؛ ڊڄڻو. جوڙو؛ ڏاندن جي جوڳ.
۱ - گھر کي سٺي نموني ھلائڻ چلائڻ، عورت جو ڪم آھي. اگر عورت خراب ٿي پئي ته سڄو گھر ئي ڊانواڊول ٿي ويندو. مرد لاءِ، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو اھنج ئي ناھي.
۲ - عورت کي مڙس کپي، جنھن کي شينھن جھڙي طاقت ھجي. ڪراڙو، ڪمزور ۽ اڳڙين جو گڏو، کيس ڪنھن به صورت ۾ نه وڻندو آھي. اگر نرڙ ۾ لڳي ويس ته ان کان وڌيڪ ٻيو سور ئي نه ڀانئيندي.
۳ - اولاد جي تمنا، ھر ھڪ کي ھوندي آھي. منجھانئس آئيندي جي اميد آسرو ھوندو آھي ته پيريءَ ۾ سھارو ٿيندو. اگر اولاد نافرمان نڪتو ته ان جھڙو عذاب ۽ نقصان-رسان ٻي ڪا شيءِ ئي ناھي.
۴ - گهوڙو، سواريءَ جي لاءِ ڪم اچي ٿو. خاص طور تي ڏکين ۽ اڙانگن پنڌن تي، گھوڙو ڊڪي مھل ڪندو آھي. اگر گھوڙو بيمار ھجي ته بجاءِ کڻڻ ۽ پڄائڻ جي، ڳچيءَ پئجي ويندو. سندس ٽھل ٽڪور ئي بيزار ڪندڙ ۽ بيسود پئي نظر ايندي آھي. ان جھڙو پريشان ڪندڙ ڪم، ٻيو نظر ئي نه ايندو آھي.
۵ - گھر ۾ ڪتو، چور چڪار کان ڌاربو آھي، جيئن راتين جو جاڳي مالڪ جي گھر جي چوڪيداري ڪري. اگر اھو ڊڄڻو ھجي ۽ چور يا بگھڙ/ سوئر سان نه وڙھي ته مالڪ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو آزار آھي ئي ڪو نه.
۶ - ڏاندن جي جوڳ، ٻني کيڙڻ لاءِ ڌاربي آھي. منجھانئس ٻيا به ڪم اڪلن ٿا. جھڙوڪ؛ ڏاند گاڏي گھلڻ، ڳاھ ڳاھڻ، ھر سانھر وغيرھ. اگر اھو ڪمزور ھوندو ته ڪنھن ڪم جو نه رھندو.
۷ - مائٽي ڪبي آھي، رشتو جوڙڻ لاءِ. ان سان تعلقات ته مضبوط ٿيندا آھن پر اوکيءَ سوکيءَ ھڪ ٻئي جي ڪم پڻ اچبو آھي. اھو تڏھن آسان ٿيندو جڏھن پنھنجپائيءَ ۾ يا ويجھڙن ۽ ويجھڙو رھندڙ مائٽن سان مٽي ڪجي. پري جي مائٽي، گھڻيون وٿيون وجھندڙ ٿيندي آھي. ان ۾ اھنج به وڏا آھن.
۸ - وڇوڙو به ھڪ قسم جو سور آھي. جيترو ٿي سگھي، اوترو وڇڙيلن سان ھر ڪو جلد ملڻ چاھيندو آھي. اگر وڇوڙو وڏو ٿي وڃي ته ڏاڍا سور ڏيندڙ ٿيندو آھي.
مطلب: ۱ - خراب عورت، ڪراڙو مڙس، نافرمان اولاد، بيمار گھوڙو، ڊڄڻو ڪتو، ڪمزور ڏاندن جو جوڙو، پري جي مائٽي ۽ وڏو وڇوڙو، وڏا سور ڏيندڙ ھوندا آھن.
20. رن ري مونڏاڻي ئي مهونگي. (چوڻي/ پهاڪو)
رن: رنڙ عورت. مونڏاڻ: مٿو ڪوڙائڻ. مهونگي: مهانگو. ئي: به.
ڪيترين هندو قومن ۾ رواج آهي ته مڙس جي مرڻ پڄاڻان، عورت جو مٿو ڪوڙائي ڇڏيندا آهن. ان سان سندس ظاهري زيب ۽ زينت ختم ٿي ويندو آهي. جنهن ڪري، هڪ ڪنڊ ۾، بيواهين وانگر حياتيءَ جا پهر پئي پورا ڪندي آهي.
جيڪڏهن ڪا عورت، اها ڌرمي رسم بجا آڻڻ کان لهرائيندي آهي ته کيس مهڻا ڏيندا آهن.
طعني طور کيس چوندا آهن؛ مٿو ڪوڙائڻ ڪهڙو مهانگو آهي.
مطلب: ۱ - ڌرمي رسم بجا آڻڻ سهنجو ڪم آهي، اھنجو ڪم ناهي. ان ۾ ڪير گوٿ ناٿ ڪري ته کيس ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
۲ - مطلقه يا بيوھ جي مٿي ڪوڙائڻ وارو خرچ به، ڪير برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
۳ - بيوه جو مان گهٽجي وڃي ٿو. (۶) ص ۱۱۱.
21. رن گڻنئي اگلي، جنهن جو ڪُني مٿي ڪهٽ،
ڪڻا کٿي ۾ ٿورڙا، لُٽي ڏئي مَٽ،
ڪار نه ڪري گهر جي، اولاڻيو ڇڏي ارٽ،
چنگلايون ڪري چگهه سان، بيهي مٿي ھٽ،
اهي چار ئي لڇڻ چٽ. (چوڻي)
اگلي: اڍنگي، بد لڇڻ. ڪھٽ: ڪروڌ. اولاڻيو: وقت وڃائڻ، ٽاري ڇڏڻ.
ارٽ: ائٽ، ڌنڌي جو اوزار. چنگلايون: نخرا ڪرڻ. چگهه: يار، عاشق.
جيڪا عورت گهر ۾ رهي، نه مڙس جي خدمت ڪري ۽ نه ٻارن ٻچن جي پيٽ لاءِ ڪا ماني ڪري، سا به سگهڙ ۽ لڇڻن واري نه چئبي.
مڙس ٿورا ڪڻا يا پورو سُورو انُّ، سڄي سال لاءِ آندو هجي، گھر ۾ وري جوڻس ويٺي مٽن مائٽن کي سمورو لٽي ڏئي، سا عورت به اڍنگي ۽ ڇيڳري چئبي.
عورت جو اصل ڪم آهي؛ گهر جي سار سنڀال ڪرڻ. چار چيزون سندس مرڪ آهن؛ چادر، چار ديواري، چڪي ۽ ائٽ. جيڪا ڪم نه ڪري ۽ هر ٽاڻو ويهي ٽاري ڇڏي، سا به اخلاق واري ۽ سڌريل ڪين چئبي.
پردو ۽ حياءُ عورت جو زيور آهي، زيور ۾ سونهن آهي. بنا زيور جي، بدزيبي آهي. جيڪا عورت حياءُ ڇڏي، يار ۽ چگهه تاڙي، ساڻن هٽن ۽ هوٽلن تي پئي تاڙا ملائيندي ۽ کجڪار ڪندي وتي، تنهن کي به باڪردار ۽ پاڪدامن ڪين سمجهبو. منجهس هر ڪو پيو آسرو رکندو. جنهن ڪري ترت سندس عزت ڪري پوندي.
مطلب: ۱ - عورت کي ڪُنو-ماني ڪرڻ کان ڪيٻائڻ نه گهرجي. گهر جي سهيڙ ۽ سنڀال سان گڏ، ڪم ڪار ڪرڻ ۾ به ھٿ ونڊائڻ گھجيس. مڙس کي گھر ۾ اڪيلو ڇڏي، ٻاهر هرڻ جهٽڻ نه گهرجنس. (۴) ص ۲۴۶.
22. روپ روئي، ڪرم کائي. (چوڻي)
روپ: حسن، سونهن. ڪرم: قسمت، نصيب. روئي: پٽي، تڪليف ڏسي.
کائي: ڍَوَڪري، خوش رهي.
حسين شيءِ جا طالبو ته گهڻا هوندا آهن پر حسين شيءِ پاڻ ڪيڏانهن وڃي ۽ ڪنهن جي ٿئي؟ سهڻي شيءِ ۽ سهڻي ماڻهوءَ سان، ياري رکڻ لاءِ ته هر ڪو تيار هوندو آهي پر ان جون گهرجون ڪير پوريون ڪري؟ هڪڙو پوريون ڪرڻ لاءِ، وٽس پنهنجي جاءِ ٺاهيندو ته ٻيو ان کي هٽائي پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو. ٽيون وري ايندو ته ان کي به هٽائي، پاڻُ ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندو. نتيجي طور، حسين ۽ سهڻي شيءِ يا عورت، نِڌڻڪي ٿي ويندي ۽ پئي قسمت تي روئندي ۽ ٻاڪاريندي.
ان جي ڀيٽ ۾، گهٽ سونهن واريءَ ڏانهن، گهٽ ماڻهو مائل ٿين ٿا. هڪ اڌ مائل ٿئي ٿو ته ان کي هٽائڻ وارن جي قطار نه ٿي لڳي. جنهنڪري اها خوش گذاري ٿي.
مطلب: ۱ - بخت جو دارومدار، سونهن تي ناهي.
۲ - ڪن کي سونهن ملي ته بخت نه مليو. ڪن کي وري بخت مليو ته سونهن نه ملي.
۳ - سونهن ۽ بخت، ورلي ڪن کي گڏجي ملن ٿا.
۴ - سهڻيون ٿيون سيڏائين، لنڊيون ٿيون لاڏ ڪن.
۵ - حُسن روئي، بخت کائي.
۶ - سھڻيءَ کي سنڍ ڪيائين، ڪاري ٻارن واري. (۶) ص ۱۱۲.
23. روزي حيلي، موت بهاني. (چوڻي)
دنيا جي تختي تي ماني/ روزي/ رزق، اهو ئي ملندو، جيڪو نصيب ۾ لکيل هوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان نصيب کي حاصل ڪرڻ لاءِ به مقرر ٿيل محنت ضرور ڪرڻي آهي. لوچڻ کان سواءِ نصيب به رسي ٿو وڃي.
هَٿُ هَٿَ تي رکي ويهڻ واري کي، محنت ڪرڻ واري جي ڀيٽ ۾، ڪشادي روزي نه ٿي ملي. محنت به اهو ڪندو، جنهن جي قسمت ۾ لکيل هوندي.
اهڙيءَ طرح موت، جيڪو اڻ-ٽر ۽ بر-حق آهي، تنھن جو به هڪ ڏينهن مقرر ٿيل آهي. هر ساهدار تي اچڻو ضرور آهي. جيڪي به هن دنيا ۾ آيا/ ايندا، سي سمورا هليا ويا/ ويندا. رهندو نالو فقط الله جو. بقاءُ، فقط سندس ذات کي آهي. ازل کان ابد تائين، سندس ذات قائم آهي. کيس نه ننڊ ٿي اچي نه اونگهه، نه ٿڪاوٽ نه گهيرٽ. اوڻايُن کان پاڪ ۽ بي عيب ذات، فقط سندس ئي آهي.
موت لاءِ به بهانو يا سبب وغيره ضرور ٿيندو. جيڪو پڻ آزمائش خاطر هوندو. انهيءَ آزمائش مان صاحبِ دل ۽ صبر وارا ئي پار پوندا.
مطلب: ۱ - حيلي رزق، بهاني موت.
۲ - هر ڪم جي ٿيڻ لاءِ، ڪا نه ڪا راه ۽ نتيجو ضرور آهي.
۳ - رحمتِ خدا بهانه مي جويند، بها نه مي جويند. (فارسي)
۴ - رب جي رحمت بھانو ٿي ڳولھي، بھا نه ٿي ڳولھي. (ترجمو) (۵)
24. روکا ڀوڄن، ڀونءِ پوڍَڻَ، ڪَرَهَ ڪميڻي نار،
چوٿا ميلي ڪپڙي، نَرڪَ نشانين چار. (چوڻي)
روکا: رکو، بنا ٻوڙ جي، بنا ڳنڌڻ جي، لوڻ کان سواءِ. ڀوڄن: کاڌو. نارِ: عورت. ڀونءِ: ڌرتي، زمين، پٽ. پوڍڻ: سمهڻ. ڪَرَه: ڪلڪل، جهڳڙو. نرڪ: نرڳ، دوزخ.
۱ - غربت سبب گهر ۾ ٻوڙ، کير، لسي يا ٻيو ڳنڌڻ نه هجي، رڳو رکو سڪو ٽڪر-ڀور ويلي تي مس ملي ته گهر ۾ مزو نه رهندو.
۲ - سمهڻ لاءِ گهر ۾ جاءِ نه هجي يا هنڌ کٽولو نه هجي ۽ ڌرتيءَ تي سمهڻو پوي ته ننڊ مزي جي نه ايندي.
۳ - گهر ۾ ڪروڌي يا جھيڙيڪار/ جھڳڙالو زال هجي ته گهر ۾ سک نه ملندو.
۴ - پائڻ لاءِ ڦاٽل يا ميرو ڪپڙو هجي ته معاشري ۾ مقام نه ملندو.
مطلب: ۱ - هڪڙي اڻ هوند، ٻيو گهر وارن جا افعال بڇڙا هجن ته؛ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو دوزخ آهي.
۲ - ميرا لٽا، رکا کاوڻ، بُنهن سُمهڻي، ٽڪ ٽڪ ڪري نار، اهي موت نشانيون چار. (۱۲) ص ۱۴۰.
25. روھڻ تپي، مگسر وائي، آدر ڊهوڪي، ميهولو آئي. (چوڻي)
روهڻ: هڪ نکتر يا نکٽ جو نالو، جيڪو جون جي پهرين تاريخ کان شروع ٿئي. آدر: اُڊ، نکٽ جو نالو، جنهن کي هندو ماڻهو برسات جو سنئوڻ سمجهندا آهن. مگسر: هڪ نکتر يا نکٽ، جيڪو جون جي پندرهينءَ کان جولاءِ جي پهرينءَ تائين هلندو آهي. ميهولو: ميھ، مينهن. نکٽ يا نکتر؛ مهينن کي ڳڻپ لاءِ، نکٽن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪي ۱۵ ڏينهن جي عرصي جا ٿيندا آهن.
هندو ماڻهو برسات کان اڳ نکشترن بابت سوڻ ويچاريندا آهن. هر هڪ نکشتر پندرهن ڏينهن تائين هلندو آهي. روهڻ نکتر يا نکٽ دوران، گرميءَ جو پد تمام گھڻو مٿي ٿي ويندو آهي، جنهن سان پاڻي ٻاڦ ٿيڻ لڳندو آهي. ستت ئي مگسر نکتر نروار ٿيندو آهي، جنهن ۾ واءُ يا هوا گهڻي لڳندي آهي. ان هوا کي چؤماسي جي هوا پڻ سڏبو آهي. چؤماسو جيئن ختم ٿيندو آهي ته آدر يا اڊ جو نکٽ نمودار ٿيندو آهي. منجهس زوردار برساتيون پونديون آهن، جنهن سان ڌرتيءَ جو تتل جُسو ٺري پوندو آهي ۽ سائي گاه جا اُڙد، ڀٽن ڀر نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن.
مطلب: ۱ - روهڻ نکتر جي سخت گرميءَ کان پوءِ، مگسر نکتر ۾ هوا لڳي ته آدر مهيني ۾ برسات ايندي آهي.
۲ - برسات پوڻ جي اڳڪٿي، روهڻ ۽ مگسر نکترن جي اهڃاڻن مان پوندي آهي.
۳ - روهڻ تپي، مگهسر وائي، تو آدر ۾ ميهه اڻ پُڇو آئي.
۴ - روھڻي تپي، مرگھسر وائي، آرڌرا ڊٻوڪي، مينھڙلو آئي. (۳۵) ص ۱۵۹
۵ - روهڻ تپي، مگسر وائي، اُڊَ مينهن وهلو آئي.
۶ - روهڻ تپي، مگسر وائي، آڊ ڊٻوڪي مينهڙلو آئي. (۳) ص ۱۶۳ ۽ (۱۴) ص ۶۱.
26. رهه گهڙندو گهوٽيو، پانچاريو ڪهڪاڻ،
سوئر سڱا ڪڍيا، شينهان مک ماراڻ،
استيءَ اروھ سٽ، پنج ئي مي مت. (چوڻي)
رهه گهڙندو: جنهن کي مڇ جي ريهه اچي. گهوٽيو: گهوٽ. ڪهڪاڻ: جوانيءَ ۾ هئڻ. پانچاريو: گهوڙو. سڱا ڪڍيا: جواني ڦٽڻ. مک ماراڻ: ڳچيءَ وار ڦٽڻ. استي: عورت. اروھ سٽ: ارھ نڪرڻ، ڇاتيون اڀرڻ. مي مت: مئي ۾ اچڻ، مست ٿيڻ.
۱ - جنھن کي اڃا مڇن جي ريهه مس آئي ھجي يعني جواني آئي هجي، سو اگر گهوٽ ٿئي ته پوءِ مست ته ٿيندو ئي ٿيندو.
۲ - گهوڙو به جوانيءَ کي پهچندو آهي ته ڀڄڻ ۾ تيزي ايندي اٿس.
۳ - سوئر/ مرونءَ کي جڏهن سڱ ڦٽندا آھن ته جوان ٿيندو آهي. جوانيءَ جي مستيءَ ۽ جولان ۾ هر شيءِ کي چيريندو ڦاڙيندو وتندو آهي.
۴ - شينهن جي ڳچيءَ تي جڏهن وار ڦٽندا آهن، تڏهن جوان ۽ طاقتور ٿيندو آهي. پوءِ ته شڪار ڪرڻ لاءِ، اڪيلو ئي ڪافي ٿي پوندو آهي.
۵ - جڏهن عورت جون ڇاتين ۾ اڀار ايندو آھي ته جوان ٿي پوندي آهي. الهڙ ۽ مست جوانيءَ ۾، جسم مان ھنڌئون ھنڌئون پئي ڦاٽندي آهي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل جوانيون، ڪي مرحلا طئي ڪرڻ کانپوءِ، مستيءَ ۾ هونديون آهن. (۶) ص ۱۳۲.
27. رهي ٿي راهومان ۾، رڌي نه ٿي رٻ. (پهاڪو)
راهومان: راهمون، ذات جو نالو. رٻ: ٻاجهريءَ جي پيڄي. سادو کاڌو.
ٿر جا راهمان، امير به آهن ته غريب پڻ آهن. غريب راهمن ۾، هڪڙي سکيي گهر جي نينگري پرڻجي آئي. سک ڇڏي، جڏهن ساهراڻي غريب گھر ۾ پهتي ته پهرين کيس مزو ئي نه پئي آيو. پهريان ڏينهن ته ساهرن، نئين نويلي ڪنوار سمجهي، ڏاڍو خيال ڪيس. نيٺ مهمانن وارو مانُ/ آڌر ختم ٿيو ۽ گهر ڀاتين وارو وهنوار شروع ٿيو.
غريباڻي گهر ۾ سادي ماني، سادو ٻوڙ، ڪڏهن ته رڳو رٻ تي دٻ. سکيي گهر جي مائي، رٻ کائڻ ئي ڪا نه سکي هئي سا ھاڻي رڌي ڪيئن. رٻ نه رڌڻ سبب، ٻه چار ويلا لنگهڻ ڪاٽڻا پيس. آخر اوڙي پاڙي وارين سمجهايس؛ ”جيئڻ لاءِ، حالات واقعات سان منهن ڏيڻو پوندو آهي.“ ان تي به جڏهن موشو ڪيائين ته ٽوڪيندي چيائونس؛ ”رهي ٿي راهومان ۾، رڌي نه ٿي رٻ؟“
مطلب: ۱ - جهڙو لڳي اتر واءُ، تهڙي ڏجي پُٺ.
۲ - کيسي سارو، خرچ ڪجي.
۳ - حالات سارو، اٿجي ويهجي.
۴ - رهجي رهومان ۾، ته رڌجي رٻ.
۵ - ڀيٽيو: رهين ٿي رهيءَ ۾، رڌئين نه ٿي رٻ. (۱۶)
28. رهين ٿي رهيءَ ۾، رڌئين نه ٿي رٻ. (پھاڪو)
رٻ رڌڻ: قناعت اختيار ڪرڻ.
رُهي: ٿر جو علائقو، جنھن ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري جو ڪجھ حصو اچي وڃن ٿا. منجھس عام ٿر جي ڀيٽ ۾ برسات تمام ٿوري پوندي آھي. جنھنڪري، اڪثر اوقات، اتان جي حالت ڏڪار جھڙي ھوندي آھي.
رھيءَ اندر، غربت تمام گهڻي آهي. مال متاع گهٽ ۽ اوڀڙ به گهٽ اڀري. مارو ماڻهو، ڏٿ تي گذران ڪندا آهن. عام طور سندن کاڌو، سانئين جي انَّ منجهان جڙيل، رٻ هوندو آهي. اها رٻ، عام حالتن ۾، ماڻهو کائي نه سگهندو آهي. ڇو جو تمام سادي ۽ گهٽ سوادي هوندي آهي. اهڙي سادي سودي کاڌي تي اهو پاڻُ هيرائيندو، جيڪو رُهيءَ جي علائقي ۾ رهڻ کي پسند ڪندو.
مطلب: ۱ - جيڪو رُهيءَ جي علائقي ۾ رهي، رٻ کائڻ کان ونءُ ويندو، سو ضرور بک مرندو.
۲ - قناعت اختيار ڪرڻ وارو رٻ رڌڻ کي ترجيح ڏيندو.
۳ - ڀيٽيو؛ رهي ٿي راھومان ۾، رڌي نه ٿي رٻ. (۶) ص ۶۴.
29. ريءَ سازين چارڻ هليو، ڪوريءَ ڇڄي سيڻ،
ڳوريءَ جوڀن ڇڏيو، گهوڙي ناهي زين،
نڪتو راجا راڄ مان، اهي ئي پنج مسڪين. (چوڻي)
۱ - مڱڻھار جو ڌنڌو؛ ڳائڻ وڄائڻ سان آھي. ڳائڻ وڄائڻ، سازن کان سواءِ نه ٿي سگھندو آھي. اگر ڪنھن مڱڻھار وٽ ساز ناھن ته پوءِ اھو بک مرندو.
۲ - مٽي مائٽي ٿيڻ سولو ڪم ناھي. وڏن جھدن ۽ ڪوششن کان پوءِ ٻين سان رشتا جڙندا آھن. ھڪڙو ماڻھو نئينءَ مان ڪنھن سان مٽي ڪري سا به اگر ڪنھن سبب ڪري ٽٽي پوي ته پوءِ اھڙي ماڻھوءَ جو ڪو به پُرسان حال نه ھوندو.
۳ - عورت ۾ ڪشش به فقط جوانيءَ ۽ جوڀن سبب ھوندي آھي. جوڀن ھوندس ته ته مڙس به وٽس ڇڪجي ايندو ۽ اولاد ڄڻڻ جي صلاحيت به ھوندس. جواني ۽ جوڀن اجاڙ ٿيڻ کان پوءِ، نه منجھس ڪا ڪشش رھي ٿي ۽ نه وري ٻار ڄڻڻ واري صلاحيت. جنھن سببان بيڪار شيءِ وانگر ٿڏجي وڃي ٿي.
۴ - گهوڙي به تڏھن تجلا ٿي ڏئي جڏھن مٿس چڙھڻ لاءِ زين ٿي پوي. جنھن گھوڙيءَ تي زين نه رکبي سا چڙھڻ جي ڪم نه ايندي. اھڙي گھوڙي ڪير به پالڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي، جيڪا چڙھڻ جي ڪم نه اچي. نه کيس گاھ وجھندو ۽ نه ئي کرکڻو ھڻندو. بيٺي بيٺي گرڻ کائي ويندس.
۵ - راجا کي رعب ۽ دٻدٻو تيستائين آھي، جيستائين حڪومت جي واڳ وٽس آھي ۽ رعيت سندس چئي آکئي منجھ آھي. جڏھن راڄ ئي کيس حڪومت تان لاهي ڇڏي ته پوءِ ان جھڙو غريب-حال ڪير به نه ھوندو.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج ئي مسڪين آھن.
۲ - چارڻ بنا ساز جي، ڪوريءَ ڇنل سيڻ، سر بگڙيو ڪلو تيجين،
ڳوري جوڀن ھيڻ، راجا نڪري راڄ مان، اھي پنج ئي مسڪين.