لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڀ

123. ڀار پلاڻ جي ڏيست ڀونڏو، پاڪ پٺي، رٻ پينت هئي،
انگ مهين نا، اڇرنگ نهين، پر لنگر سون لاوت هئي،
اڌيرام ڪهي سڻ متر ميرا؛ جوڙ بنا جڳ جاوت هئي. (چوڻي)
ڀار پلاڻ: ڪاٺيون ڍوئڻ لاءِ، اٺ تي رکڻ وارو ڪجائو. ڏيست: ڏسڻ ۾.
ڀونڏو: بڇڙو. پينت: کائڻ / پيئڻ. مهين: مڙس. اڌيرام: نالو، اسم ذات.
لنگر: لنگر، ننگر، خيرات جو ڀت. لاوت: کڻي اچڻ. متر: مٽ، سڄڻ، عزيز.
جاوت: ويل، تباهه ٿيل. جوڙ: زوج، ساٿي، Spouse
۱ - اٺ تي رکيل ڪجائو/ پلڻ، ڀلي شڪل جو بڇڙو هجي ته به ڪاٺين جي وزن جا نشان/ ڏنا، اٺ جي پٺيءَ تي نه پوندا. پلاڻ/ پاکڙو نه هئڻ کان، ڦڏو سڏو ڪجائو هئڻ به ضروري آهي.
۲ - مرد جا عضوا، جيڪڏهن موچارا ۽ اڇي رنگ جا ناهن، تڏهن به عورت لاءِ سون پائڻ کان وڌيڪ آهن. عورت سون ۾ ايترو سهڻي نه ٿي لڳي، جيترو موچاري شڪل واري مڙس جي ٻانهن ۾ لڳي ٿي.
۳ - زال لاءِ مڙس ۽ مڙس لاءِ زال هئڻ ضروري آهي. ٻئي ھڪ ٻئي لاءِ ڍڪ آھن. ٻنھي کي ھڪ ٻئي جو لباس پڻ سڏيو ويو آھي. ھو ھن لاءِ ۽ ھيءَ ھن لاءِ، ساٿي آھن. جڏھن ته ساٿيءَ کان سواءِ، جهان ئي ڪونهي.
مطلب: ۱ - عورت نون مرد اور جيور ڪا وجن نه لگي. (پنجابي)
۲- عورت کي مرد ۽ زيور جو وزن محسوس نه ٿيندو آھي.
۳ - اٺ لاءِ پاکڙو، زال لاءِ مرد ۽ مرد لاءِ ، اشد ضروري آهن. (۶) ص ۶۵.

124. ڀاٽ ڪي بات جاٽ ڪيا جانت،
ڀينس ڪيا جانت گيت سگا ڪا،
جاڳاه ڪا ڀيد ڪونڀار ڪيا جانت،
ڀيل ڪيا جانت پاپ لوا ڪا،
ڪهي ڪوي گنگ ڀاٽ،
گڏهه ڪيا جانت نير گنگا ڪا. (چوڻي)
ڀاٽ: چارڻ، سگهڙ، شجرو ڄاڻندڙ جنهن وٽ پورا تفصيل هجن، وينجھار.
جاٽ: ڄٽ، جاهل . جانت: ڄاڻي. سگاۡ: سُر. جاڳاه: جڳهه، اڏاوت. ڪونڀار: ڪنڀر. پاپ: ڏوهه. لواڪا: جيت. نير: جل، پاڻي. گنگا ڪا: گنگا جو.
۱ - ڀٽ، جيڪو ڳالهين جو ڳهير، وارتائن جو وير ۽ ڪويتائن جو ڪويسر آھي، ان جي ڳالھين مان ڄٽ ڇا ڄاڻي. رڍ کي رباب جي سر جي ڪهڙي خبر.
۲ - مينهن کي پيٽ ڀرڻو آهي، پرائي پوک جي ڀيل سان ڀرجي يا ڌڻيءَ جي ٻني ڀيلڻ سان. اھا ڳڻ ڳوت ڪرڻ، سندس ڪم ناھي.
۳ - جڳهه جي راز/ اسرار منجهان، ڪنڀر کي ڪهڙي ڄاڻ. کيس مٽي ڳوهڻ، چڪ تي چاڙهڻ ۽ ٿانون ٿپڻ کان علاوه ڪا ڄاڻ نه هوندي آهي.
۴ - ڀيل کي ڏوهه ثواب جي ڪهڙي خبر؟ کيس جيت مارڻ جي ڏوهه جو ڪو به ڀؤ نه ٿيندو. ڇو جو ھو مئل ڍور جو چمڙو لاھيندي به دير نه ٿو ڪري.
۵ - گڏهه گنگا شنان مان ڇا ڄاڻي. کيس گنگا جل جي پويتر هئڻ جو ڪهڙو قدر. پيئڻ کان پوءِ، پيو منجهس پيشاب ڪندو ۽ پستيون ڇڏيندو.
مطلب: ۱ - عقل وارا ئي، نقطي وارين شين جو قدر ڄاڻندا آهن. (۶) ص ۲۷۸.

125. ڀاڳ وارن جا ڍڳا به ڍڪا. (پھاڪو، بيراجي)
ڍڪو ٿيڻ، ماديءَ جو مرڪ آهي، جنھن تي نر ٽپو ڏنو آهي. ڍڳو، جيئن ته خود نر آهي ۽ منجهس ڄڻڻ جي صلاحيت آهي ئي ڪا نه، سو ڍڪو ئي نه ٿيندو. نر جو ڍڪو ٿيڻ، ناممڪن ۽ اڻ-ٿيڻي ڳالهه آهي.
جڏهن ڀاڳ ورندو آهي ته پوءِ مٿئين مثال وانگر، اڻ-ٿيڻا ڪم به آسان ٿي پوندا آهن.
مطلب: ۱ - ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.
۲ - ڀاڳ ڏئي دٻ ته سيري مان رٻ.
۳ - ڀاڳ ڀڄي، ڀاڳ ڏي.

126. ڀاڳيان رو ڀوت ڪمائين. (چوڻي)
ڀاڳيان؛ ڀاڳوند، ڀاڳوارا. ڀوت؛ جن، ديو.
ڀاڳوند جو ڀاڳ ورندو آھي ته وٽس جن ڀوت به نوڪرن وانگر پيا وھندا آھن. (۳۶)
مطلب: ۱ - جنھن جو ڀاڳ کلندو آھي، سو ڀلي ننڊ ھجي، اڻ-پڇيو پئي ملڪيت وڌندس.

127. ڀانئين ته ڀڄي وڃان، پر جانچ پھرين جُوءِ. (چوڻي)
ٿر اندر ڏڪار پوندو آھي، ته زندگي گذارڻ ڏکي ٿي پوندي آھي. جنھن سبب ھر ڪو لڏڻ تي مجبور ٿي پوندو آھي. تنھن ھوندي به ڪي محب وطن اھڙا به ھوندا آھن جو ديس جا وقتي طور ڪک ڇڏڻ لاءِ به تيار نه ھوندا آھن. اھڙي صورتحال ھوندي به لڏڻ کي زندگي ڇڏڻ جي مترادف سمجھندا آھن. آخري وقت تائين به پيا دل اندر ٽليندا ته ڪھڙي جُوءِ ۾ وڃي رھن، جتي سندن ڀرم قائم رھي ۽ وطن کان وڇوڙي جو وڍ به وڍيندو نه رھي. (۳۵) ص ۲۵۰
مطلب؛ وطن ڪنھن به صورت ۾ نه ڇڏجي.

128. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهر جي سونھن،
ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ ڏورئون ڏري. (چوڻي)
ورونهن؛ وندر. ڏُڄڻ؛ دشمن.
۱ - ڀاءُ جو مثال ڪوٽ جي ڪنگري سان ڏنو ويو آھي. ڪوٽن جا ڪنگرا دشمن سان مقابلي ڪرڻ وقت مورچي جو ڪم ڏيندا آھن. ائين ڀائر به وقت پوڻ تي، ڀرجهلو ٿي بيھندا آھن.
۲ - پٽ کان سواءِ به گهر نه ٿو سونھي. پٽ جو ڄمڻ به ڄڻ دشمن جي منھن تي دانگي گھمڻ برابر آھي. پٽ گهر ۾ ساڻ هجن ۽ رڳو ويٺا ھجن ته به دشمن پري کان ٽھي ڀڄي ويندو.
مطلب: ۱- گھر-ڀاتين کان سواءِ گھر، قبر مثل آھي.
۲ - ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهرن جي سونھن،
پيا ڪن ورونھن، ڀل پڇن پاڙيواريون (هندي)
۳ - ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ، گهَر جي سونهن،
ويٺا ڪن ورونهن، ڏُڄڻ، ڏورائين ڏري..
۴ - ڀائر ڪوٽ ڪونگرا، پُٽ گهَرن جي سونهن،
ڌيون، ڌرم پاليون، جي اَبي-اَما وِرُونهن،
سڄڻ ساٿوڙي ٿيا، ڪُونڌن سندي ڪُونهن،
ڏُڄڻ ۽ ڏُونهن، پريان ئي پوءِ پيا. (مرحوم رئيس فتح خان)
(ڌرم پاليون؛ نڪاح واريون، شريف، سُلڇڻيون. ساٿوڙي؛ ساٿ ڏيندڙ، مددگار. ڪونڌن؛ پهلوانن. ڪونهن؛ طاقت. ڏُونهن؛ ڏَنءُ، طعنو تنڪو. پريان ئي پوءِ پيا؛ پري کان ئي ڀڄي ويا.)

129. ڀِٽون اُتي وڏيون، جتي جبل ڪونهي. (پهاڪو)
ڀٽون: ڀٽ جو جمع، واريءَ جو وڏو دڙو.
جبل سخت پٿر جو ٺهيل ۽ ڊيگهه ويڪر يا عمق ۾ تمام وڏو ٿيندو آهي، جڏهن ته ڀٽون، واريءَ جي دڙن جون ٿينديون آهن. ڀٽون، جڏھن کليل ميدان تي اڪيليون ھونديون آھن، تڏھن سندن اونھاڻ وڏي پئي معلوم ٿيندي آھي. اھي وري جڏھن ڪنھن جبل جي آڏو ھونديون آھن ته پوءِ، سندن حيثيت ائين گم ٿيو وڃي، جيئن وڻ آڏو ڪانڊيري جي.
مطلب: ۱ - جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت آهي.
۲ - جتي جبل ناهي، اتي ڀٽون به پهاڙ آهن.
۳ - ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ناهي.
۴ - ماريءَ مٿان ماري پيو آهي.
۵ - جتي وڏي حيثيت وارا ماڻهو نه هوندا آهن، اتي ننڍيءَ حيثيت وارا ماڻھو به وڏو سڏرائيندا آهن. (۶) ص ۹۳.

130. ڀريا ڇولي نهين، ڇولي آڌا،
گهوڙا ڀونڪي نهين، ڀونڪي گاڌا. (پهاڪو)
ڇولي: ڇُلڪي. گاڌا: گڌا، گڏهه.
۱ - ٿانءُ/ دلو/ مٽ وغيره پاڻيءَ سان اڌيڪو ڀريل هوندو ته مٿي يا چيلهه تي کڻي هلڻ سان ڇلڪندو هلندو. ان جي برعڪس ٽٻٽار/ ڀريل ٿانءُ، ڇلڪندو ڪو نه.
اڌوگابري ڄاڻ وارو عالم، رڳو پيو مٿو هڻندو ۽ ٻين کي گهٽ وڌ سمجهندو. ان جي برعڪس پوري ڄاڻ/ علم رکڻ وارو شخص، ٻين جي عزت تعظيم پيو ڪندو آهي.
۲ - ڀڄڻ يا ڊڪڻ، گهوڙي جو مَرڪ آهي. جيترو به ڀڄائبس، پيو ڀڄندو. گڏهه ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڀڄڻو آهي. جيڪڏهن ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪبس ته اِٽَ هڻي بيهي رهندو ۽ رڳو پيو هينگندو.
اهڙيءَ طرح بداصل ۽ اصيل جو فرق آهي. اصيل، هر ڪم آسانيءَ سان سرانجام ڏيندو آهي. بداصل کان ڪم نه ٿي سگهندو آهي. نه ئي وري منجهانئس ڪنھن ڪم ٿيڻ جي ڪا توقع رکجي. جيئن ڪتي تي وزن رکجي يا نه رکجي ته به پيو سھڪندو، تيئن ٽوٽي ماڻھو به سواءِ سھڪڻ جي ڪي ڪين ڄاڻندو آھي.
مطلب: ۱ - اصيل مان ئي چڱائي ٿيندي. (۱۶)

131. ڀڳو گهڙو، ڍئون ڍئون ڪري. (پھاڪو)
گهڙو: دلو، مَٽُ. ڍئون ڍئون ڪرڻ: ٻاڙو وڄڻ، بي سرو آواز ڪڍڻ.
ٺڪر جو مٽ يا دلو، سستو ته هوندو آهي پر ڪارائتو پڻ. پاڻيءَ سانڍڻ طور ڪم ايندو آهي. اگر منجهس، سنهي سير يا سنهو سوراخ ٿي پوي ته رات-پيٽ اندر، سوسريءَ مان پاڻي سمي، صبح تائين دلو/ مٽ خالي ٿي وڃي. پري کان ڀري، مٿي تي کڻي اچڻ واري محنت ۽ تڪليف، پاڻيءَ وانگر وهي وڃي.
ان ڪري، ڏاها ماڻهو، دلو مٽ وٺڻ وقت، ان جي پرک ڪندا آهن. آيا سڄو آهي يا سوسري اٿس. ان جا ٻه طريقا آهن. هڪ ته منجهس پاڻي ڀري، گهڙي سوا انتظار ڪجي. اگر پاڻي نه ٿو وهي ته سنهون سوراخ ناهيس. اگر اوڻو ٿيڻ لڳو ته سمجهبو ته ٺِينڍي اٿس.
ٻيو طريقو آهي، خالي دلي يا مٽ کي، ڪاٺيءَ يا ٺونگي سان، ٺڙڪائي آواز جاچڻ. ٺڪر ٽاڪئون هئڻ سبب، خالي حالت ۾، ڌڪ لڳڻ وقت، وڄت ڪندو آهي. اگر منجهس سوراخ هوندو يا سير پيل هوندس ته آواز ٻاڙو ٿي ويندو ۽ وڄت ٺڻ ٺڻ بجاءِ ڍئون ڍئون واري هوندس.
مطلب: ۱ - ڀڳل ٺڪر جي وڄت، سٺي نه هوندي.
۲ - اندر جو کوکلو ۽ جاهل ماڻهو، ڳالهائڻ وقت دليل بجاءِ گاريون ڏيندو.

132. ڀڳي-من ڀوڄن ڪيسا، ٽٽا-نينهن نه سنڌ،
سرمر ڦوٽو جل گيو، گهلي-پار مَ ٻنڌ. (چوڻي)
ڀڳي-من: ٽٽل دل. ڀوڄن: کاڌو، کاڄ. ٽٽا-نينهن: ٽٽل ناتو، ڀڳل مٽي.
سنڌ: جوڙ، ٽاڪو. سرمر: ترائي، کوهه. ڦوٽو: بلبلو، بوڙيو. جل: پاڻي.
گهلي- پار، درياهه پار. ڪيسا: ڪهڙو.
۱ - ڀڳل من سان، ٻيو ته ٺهيو پر کاڌي کائڻ جهڙو مرغوب ڪم به نه ٿي سگهندو آهي. گرهه به نڙيءَ کان هيٺ نه لھندو آهي. دل جي خوشيءَ سان کاڌل کاڌو ئي کاچي ۽ هضم ٿئي ٿو.
۲ - نينهن ۽ محبت جو ناتو به سنهيءَ سئيءَ سان سبيل تند ذريعي جڙيل آهي. تمام گهڻو نازڪ ۽ ٽاڪئون آهي. وڏي احتياط ۽ بردباريءَ سان کيس دوام بخشي سگهجي ٿو. صبر ۽ استقلال جو دامن ڇڏڻ وارن کي، نينهن جو ناتو راس ئي نه ايندو آهي. منجهس هڪ دفعو سير پئي، لک ڪوشش ڪرڻ سان به سنڌو دور نه ڪري سگهبو.
۳ - پاڻيءَ يا جر مٿان ٺهندڙ بوڙيو يا ڦوٽو به نازڪ ۽ غير جٽادار آهي. سندس حياتي تمام ٿوري آهي. اک ڇنڀ ۾ جڙي ٿو ته اک ڇنڀ ۾ وري ڦِٽيو ٽُٽيو وڃي. ساڳيي ڦوٽي کي ٻيهر وجود ڏيڻ به ممڪن ناهي.
۴ - درياهه پار جي ٻنڌ يا پل به ٽٽي ته درياهه پار ڪرڻ اَولو ۽ اهنجو ٿيو وڃي. ٻار ٻچا، پرين پيارا به ڄڻ دور ٿيو وڃن ۽ سندن ديدار لاءِ به ترسڻو ٿو پوي.
مطلب: ۱- ٽٽل دل سان ڪا ڳالهه نه اڄهندي آهي، جيئن ڀڳل پل، پاڻيءَ مٿان ڦوٽو ۽ ٽٽل ناتو جوڙي نه سگهبو آهي.
۲ - سڻ وينجها سورٺ ڪهي، پريت ڪِتا مڻ هوئي،
لاگي جو لاک ڪروڙ، ٽٽي ته ٽانڪو نه سهي.
۳ - سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروئڙن سين مَنُ،
هڻي کُڻ حِلم جا، نَنهَه وڌائين نُنَ،
ڪيئن ٿو ڀايان ڪَنَ، اباڻي اِبر ريءَ. (۲) ص ۲۴۱.

133. ڀلان آيو، گانءِ رو ڄايو، جڪي سارو جڳ نپايو. (چوڻي)
گانءِ رو ڄايو: ڳئون منجهان ڄاول، ڍڳو. جڪي: جنھن.
گانءِ: ڍڳي يا ڳئونءَ کي، گئو-ماتا به سڏيو ويو آهي. ڇو جو سندس کير مکڻ طاقت وارو ۽ امڙ جي ٿڃ وانگر زود هضم هئڻ سبب، ننڍڙي ٻالڪ جي غذا پڻ رهي ٿو. ڳئونءَ جو ڄايو يعني ڍڳو وري، ماڻهوءَ جو اوائلي دور کان وٺي، مددگار ۽ ساٿي پڻ رهيو آهي.
انسان، کانئس زور بار وارو ڪم پئي ورتو آهي. خاص طور تي پوکي راهيءَ ۾ وڏو معاون رهيو آهي. هر ۽ سانهر ۾، ليٽڻ ۽ بيل گاڏيءَ ۾ وهڻ کان علاوه نار کي هلائڻ، چيچڙي کي گهمائڻ لاءِ به ڏاند ئي ڪم آيو آهي.
انسان جو جياپو، زراعت تي آهي. زرعي اصلاحات ۽ سڌارن آڻڻ لاءِ، کيس وڏي محنت ۽ جفاڪشي ڪرڻي ٿي پوي. جتي اڄ ٽريڪٽر، ٿريشر ۽ موٽر پمپ هلي، انسان جي مدد ڪن ٿا. اتي اهڙا ساڳيا ڪم، يا ان کان گهٽ محنت وارا، آڳاٽي دور ۾ ڍڳي جي معاونت سان ئي سرانجام ايندا هيا. ڍڳو، انسان جي مدد ۾ پيش پيش رهڻ سبب، ڄڻ کيس پالڻ لاءِ آلئه ڪار رهيو آهي.
مطلب: ۱ - نوازش ڪرڻ وارو، ابي امان وانگر مربي ۽ پاليندڙ آهي.
۲ - جيئي شاه غازي، جنھن ڪئي گڏهه نوازي.

134. ڀلو تو ئي ڀيل، مٺو تو ئي تيل. (پهاڪو)
ڀيل: ڀيل قوم جو فرد
ڀيل ڪيڏو به پڙھيل لکيل ھجي يا ڪيڏو به وهنجي سهنجي هار سينگار ڪري اچي ته به اهو ئي ڀيل هوندو آهي. ڏنگائپ ۽ وير وٺڻ واري عادت، منجهانئس ڪنهن به صورت ۾ وڃڻي ناهي. موقعو ملندي، ڏنگ ھڻي ڪڍندو.
اهڙيءَ طرح تيل، ڀلي مٺو هجي، ته به تيل ئي رهندو. منجھانئس ڪڙائپ ۽ سڻڀ جدا نه ٿيندو. ڪيڏو به ڪاڙھجيس، پر گيھ نه ٿيندو.
مطلب: ۱ - فطرت ڪنهن جي به مٽبي ناهي.
۲ - ڏنگ هڻڻ وڇونءَ جي فطرت ۾ شامل آهي، ڀلي اڳيان ڪک ڇو نه هجيس.
۳ - هر ڪو فطرت کان مجبور آهي.
۴ - ڀيٽيو؛ ڀيل نان انگڙي ڇِٻائي يا ڀاڪڙي گهتي، بات اتي ري اتي. (۶) ص ۹۳.

135. ڀلو نه ڀاڻيجو، ڀيڙي نه رکجي ڀُوئا،
استري نون انت نه ڏيجي، تيني رکجن جُوئا. (چوڻي)
ڀيڙي: گڏ رکڻ، گهر ۾ رهائڻ. ڀُوئا: پڦي. استري: زال. نون: کي.
جُوئا: جُدا. انت:راز، ڳجهه، اندر جي ڳالهه.
ڀاڻيجي ۽ پڦيءَ کي پنهنجي گهر ۾ نه رهائجي. منجهانئن ڪڏهن ڪڏهن وڏو هاڃو به رسي پوندو آهي.
اهڙيءَ طرح راز جي ڳالهه، گھرواريءَ، زال ذات يا ڪنهن به عورت کي نه ٻڌائجي. ڇو جو عورتن ۾ گهڻي ڳالهائڻ جي عادت هوندي آهي. جنهن تنهن کي پنهنجي راز نياز جي ڳالهه ٻڌائيندي دير نه ڪنديون آهن. مبادا راز ظاهر ٿيڻ سان، تمام گهڻا نقصان پهچي سگهن ٿا.
مطلب: ۱ - ڀاڻيجي ۽ پڦيءَ کي گهر کان ۽ زال کي ڳجهين ڳالهين ٻڌائڻ کان جدا/ پري رکجي ته چڱو.
۲ - ڪُچو نه وار، ڀاڻيجو نه ٻار. (سرو) (۱۲) ص ۱۳۹.

136. ڀلي آئي ڪتي، جنھن ۾ گري گنجي متي. (چوڻي)
ڪتي؛ مند جو نالو. گري گنجي؛ ڪمزور، بي پھچ. متي؛ مڇري، وھري، ڪتِ ڪيائين.
ڪتي؛ آسمان اندر تارن جو نکٽ. اھو نکٽ سنڌ جي آسمان تي جون جي مھيني کان اڀرڻ شروع ٿيندو آھي. ڊسمبر ڌاري آسمان تان لھي ويندو آھي. ان سڄي عرصي کي ڪتيءَ جي مند سڏبو آھي. اھا مند، لڳ يا وھر جي به ٿئي، جنھن ۾ ڪتا ڪتيون، ڪت ڪن ٿا. ڪمزور جانور به لڳ ڪن ٿا. ڪتيءَ جي مند کي، نسلي افزائش يا واڌ ويجھ جو ضامن سمجھندي، ڀليڪار ڪئي وڃي ٿي. (۳۵) ص ۱۹۳
مطلب؛ ۱ - ڪتي؛ گري گنجي متي.

137. ڀليان ڀليءَ جو ته ڇيهه ئي ڪونهي. (چوڻي)
شيءِ اها ڀلي آهي، جيڪا جيءَ کي وڻي. هر جيو جي جيءَ جي پسند، مختلف ۽ نرالي آهي. ڪنھن کي ڪھڙي شيءِ موهت ڪيو آهي ته ڪنھن کي ڪھڙيءَ. سمورا انسان، هڪ ئي شيءِ جا طالبو ناهن. جيڪو، جنھن شيءِ جو طالبو آهي، اهو ان کي حاصل ڪرڻ ۾ مستغرق آهي. اها ئي شيءِ، سندس نظر ۾ ٻين شين کان ڀلي آهي. ان شيءِ جون به مختلف ڪوالٽيون آهن. مٿين يا ٽاپ ڪوالٽيءَ ۾ به مختلف شيون هونديون آهن. هر هڪ ۾ علحده قسم جي ڪشش هوندي آهي. ڪنھن کي به ٽاپ نمبر ڏيڻ ڏکيو هوندو آهي.
نتيجي طور ڀليءَ شيءِ جو انتخاب ڪندي، ماڻهو گهڻي مونجهاري ۾ هليو ويندو آهي ۽ ڪنھن هڪ لاءِ به حرف آخر چوڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي. رب پاڪ جي خلقت اندر، اهڙي قسم جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ به، ان مالڪ جي وڏائيءَ جو مظهر هوندو آهي.
مطلب: ۱ - رب جي خلقت جا انواع بي انت آهن، جيڪي نه شماري ٿا سگهجن ۽ نه قطاري ٿا سگهجن.
۲ - رب جي خلقت کي، رب پاڪ ئي بھتر نموني سان ڄاڻي ٿو. انسان، فيصلي ڪرڻ ۾، ويچارو آهي.

138. ڀلي بک ڀرم ري، شل نه جاءِ شان. (چوڻي)
پيٽ هر ساهدار سان لڳل آهي. جيستائين منجھس ڪي ڪين ٿو پوي، تيستائين قرار نه ٿو اچي. ان کي ڀرڻ لاءِ، هٿ پير مليل آهن. لوچي لهڻو آهي ۽ پيٽ ڀرڻو آهي. پيٽ ۾ ڪجهه هوندو ته ساهدار زنده به رهندو. پيٽرول جي ٽانڪي خالي ٿيڻ تي، گاڏي رستي ۾ بيهي رهي ٿي. ائين پيٽ خالي ٿيڻ تي، ساهدار به وڃي پٽ سان لڳي ٿو.
انسان لاءِ، پيٽ ڀرڻ سان گڏ ڀرم ۽ شان مان برقرار رکڻ به اهم آهن. پيٽ جو تعلق جسم سان ۽ ڀرم/ شان جو روح سان رشتو آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي، تنهنڪري وٽس، جسم جي ڀيٽ ۾، روح مقدم آهي. پهرين کيس، روح کي زنده رکڻو آهي ۽ بعد ۾ جسم کي. پيٽ ڀرڻ سان جسم زنده رهندو. شان مان ماڻڻ سان روح زنده رهندو. جنهن روزيءَ سان شان مان ختم ٿئي، ان جي کائڻ سان، ماڻھوءَ جي روحاني مرده ٿيو وڃي. انسان، جانور مثل ٿيو پوي. تنهنڪري بهتر آهي ته اهڙي حالت ۾، بک تي رهجي. جسم جي بک برداشت جهڙي آهي، روح جي نه.
مطلب: ۱ - شان مان قائم رکڻ، پيٽ ڀرڻ کان وڌيڪ اهم آهي.
۲ - ڀلي ھجي بک، پر ايندو آستاني تي. (۳۵) ص ۲۴۸
۳ - ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان. (۵)

139. ڀونگي سوڙھي، ڀوپا گھڻا. (پھاڪو)
ٿر اندر ھڪڙو سکيو ستابو ڀيل، سخت بيمار ٿي پيو. سندس بيماريءَ جو ٻڌي ڀوپن وٽس اچڻ شروع ڪيو ته جيئن وٽس ڌوڻين ته چاق ٿيڻ تي وٽانئس ڪو مال ميڙين.
امير جو ٻڌي، وٽس ايترا ڀوپا اچي مڙيا جو سندس ڀونگي سوڙھي ٿي پئي ۽ ڀوپا وڌي ويا. ڌوڻ لاءِ کين جاءِ ئي نه پئي ملي. مٿس ايڏو ڳاھٽ ڪري اچي ويٺا جو ملاقاتين ۽ طبيعت پڇڻ وارن کي ڳٿو ئي نه پئي مليو. ھڪڙي پيرسن ملاقاتيءَ آخر چئي ڏنو؛ ”ڀونگي سوڙھي، ڀوپا گھڻا.“
مطلب: ۱ - سکيي ستابي جا سڀ مائٽ، غريب جو ڪو ڪو نه.
۲ - ھڪ سڃن جي سنگت، ٻيو سورھن ڄڻا. (لاڙ)
۳ - سکيي جا سوَ سالا، بکيي جو ھڪ به ڀيڻيويو نه. (۶) ص ۹۵.

140. ڀونئر، نانگ ۽ چتر نر، ھميشه واس وٺندا آھن. (چوڻي)
۱. گل جو واس، ڀونئر جي کاڌ-خوراڪ آھي. واس وٺي، ڀونئر زندھ رھندو آھي. ۲. نانگ پڻ مٽي پٽي کائيندو آھي. جيڪي به ماڻھو سندس ڏنگ سان مئا آھن، تن کي نانگ کائي پيٽ نه ڀريندو آھي. البته سندس سنگھڻ سان اھي مري ويندا آھن. ۳. ذي فھم ماڻھو پڻ، گھڻو کائڻ جي ڀيٽ ۾ چڱين شين جو واس وٺڻ ۾ فرحت محسوس ڪندو آھي. (۳۵) ص ۲۲۹
مطلب: ۱ - گھڻي کاڌي کان، گھڻو ڏٺو چڱو.

141. ڀيڙن جو ڀرم آهي. (چوڻي)
ڀيڙن: گڏجي رهڻ. ڀرم: ڍَڪُ، مان مرجاءِ، خوشحالي.
انسان، سماجي زندگي گذارڻ واري مخلوق آهي. سماج کان الڳ ٿلڳ رهڻ ۾ کوڙ اهنجايون آهن. گڏجي رهڻ ۾ ڪيترا ئي ڪم ورهائجي/ ڦانڊجي وڃن ٿا. اڪيلي ڄڻي کي ڪرڻ لاءِ، حصي ۾ ٿورا اچن ٿا، جيڪي کيس نباهڻ سولا لڳن ٿا. ڪم جي ورڇ بعد، هڪ اڌ ڪم، فرد کي ڪرڻ لاءِ ملي ٿو، جيڪو خوش اسلوبيءَ، نفاست ۽ نزاڪت سان، چڱي نموني ۽ ججهي انداز ۾ ڪري سگهي ٿو.
ان جي برعڪس، جيڪي ماڻهو، سماج کان هٽي، اڪيلا رهن ٿا، تن کي سمورا ڪم پاڻ ڪرڻا پون ٿا. جيڪا ڳالهه ڏکيرڙي ۽ ناممڪن آهي. ساڳيو ئي ماڻهو زمين ڪاهي، ڏاند ڌاري، هر ٺاهي، گهوٻا تيار ڪري، نوڙ وٽي، پاڻي ورائي، ڪوڏرون ٺاهي ته مشڪل بلڪ ناممڪن ٿو لڳي.
بهترين ۽ آسان زندگي، گڏجي گذارڻ ۾ آهي. ٽاڻي ٽاڻي تي مدد ملي ٿي ۽ رهنمائي ٿئي ٿي. زندگي آسان ۽ خوشحال گذري ٿي. ڪيئي اوڻايون- چوڻايون ۽ عيب صواب پڻ ڍڪجيو وڃن. اهڙيءَ طرح، ٿري ماڻهو به ڳاٽ گوڇارون ڳولي، وڻن جا فرز ۽ ڀَرَ جهلي، واڙيون ۽ وٿاڻ بڻائيندا ته جيئن سنهون مال محفوظ هجي. متان ڌڻ کي ڇهو ڇٽي نه ماري.
مطلب: ۱ - سماجي جوڙجڪ اندر رهڻ ۾ ئي سڪون آهي.
۲ - گڏجي رهڻ سان، سنهون ڌڻ سنڀالڻ سولو. ننڍيون وڏيون نظر ۾ رهن ٿيون.
۳ - گڏجي رهڻ ۾ خوشحالي ۽ ڍَڪُ آهي.
۴ - ٿري ڌڻ کان ڇنل ٽُٽل، رڍ ٻڪري، ڇيهه ٿيڻ نه ڏيندا. ورائي ڪندا ولر ڀيڙي، پوءِ کڻي ڪنهن جي به هجي. پرائيءَ پنهنجيءَ جو ويڇو مور نه رکن. چوندا؛ “متان ڪنهن غريب جي وٺي مينهن هلي وڃي ۽ بگهڙن جي ور چڙهي وڃي.” (۳) ص ۱۶۵-۱۶۶.

142. ڀيڙون ڀلو نه ڪوس ڪو، ٻيٽي ڀلي نه ايڪ،
ڏيڻو ڀلو نه ٻاپ ڪو، صاحب راکي ٽيڪ. (چوڻي)
ڀيڙون؛ پيدل هلڻ. ڪوس؛ ڪوهه، ٻن ميلن جيترو مفاصلو. ٻيٽي؛ بيٽي، ڌيءَ، نياڻيءَ جو اولاد. ڏيڻو؛ لھڻو، قرض. ٻاپ؛ باپ، پيءُ. ڪو؛ جو. صاحب؛ رب، خدا تعالى. راکي؛ رکي. ٽيڪ؛ پناھ، اوٽ.
۱ - پنڌ ھلڻ، خاص طور تي جڏھن وڏي مسافري ڪرڻي ھجي يا ڀٽن اندر سفر ڪرڻو ھجي، ڏاڍو ڏکيو آھي. اتي اگر اٺ جھڙو وھٽ يا گڏھ گھوڙو، مسافر کڻڻ يا بار ڍوئڻ وارو ساڻ ھجي ته ڏاڍو ڀلو. ھونئن به چوندا آھن؛ پنڌ کان ماڻھو، ڪتي جي وات ۾ کڄي اچي ته به چڱو.
۲ - ڌيءُ يا نياڻي به اولاد ته آھي. کيس ڏاڍو لاڏ ڪوڏ سان پالجي ٿو. ساڻس دل به وندري ٿي. پر جيئن ته سامائجڻ کان پوءِ اھا ٻئي کي ڏيڻي ٿي پوي ته اھي سور چڱي ڀلي کان سَٺا نه ٿا ٿين. ڏيڻ به مجبوري آھي. پوءِ ڇو نه اھا ھڪ ئي نياڻي ھجي. ڇو جو عام طور چوندا آھن؛ نياڻيءَ جي ماني، بادشاھن وٽ به ناھي.
۳ - پيءُ ته ابو آھي. پالڻ جو مٿس بار آھي. جڏھن ماڻھو لائقيءَ چڙھي ٿو ۽ گھر گرھستي وڌي ٿي ته پوءِ پيءُ-پٽ جو سنڌو ٿئي ٿو. ان وقت اگر پيءُ کان ڪو قرض کڻجي ٿو، سو موٽائڻو اوس آھي. وقت پيءُ تي به اچي سگھي ٿو. موٽائڻ لاءِ اھو به تقاضا ڪري سگھي ٿو. جڏھن ان جي سر تي چڙھي آئي ۽ سختيءَ سان واپس گھريائين ته پوءِ چڱين ڀلين اميدن تي پاڻي ڦري ويندو آھي.
رب پاڪ کان دعا آھي ته مٿي ڄاڻايل ٽنھي مھلن کان پناھ ۾ رکي.
مطلب: ۱ - پيدل هلڻ، هڪ ڪوهه به خراب. هڪڙي ڌيءُ هئڻ به خراب. قرض، پيءُ جو به خراب. خدا تعالى ٽنھين کان بچائي.

143. ڀيل نان انگڙي ڇٻائي يا ڀاڪڙ گهتي،
بات اُتي ري اُتي. (ڍٽ، پهاڪو)
انگڙي: آڱر. ڇِٻائي: لاتي، ڇهي. ڀاڪڙ: ڀاڪر. گهتي: پاتو. اتي ري اتي: ساڳي.
هندن وٽ چار-قومي نظريو آهي؛ برھمڻ، وئش، کشتري ۽ شودر. برهمڻ اوچي ۽ شودر نيچ قوم آهي. شودر جي پاڇي کي به پليد سمجهندا آهن.
ڀيل به شودر (Scheduled caste) ۾ شامل آهن. برهمڻ، ساڻن ملڻ پسند نه ڪندا آهن. سندن نظريو آهي ته؛ اهڙي پليد سان ڀاڪر پائڻ به اهڙو آهي ته کيس آڱر لائڻ به اوڏو ئي گناهه آهي.
مطلب: ۱ - پليدي ڪيتري به ٿوري ڇو نه هجي پر پاڪائيءَ تي جلد غالب ٿي ويندي آهي.
۲ - ڪک جو چور، لک جو چور.
۳ - هڪ گناهه ڪرڻ وارو به گناهگار، سؤ گناهه ڪرڻ وارو به گناھگار.
۴ - ڀيٽيو: ڀلو تو ئي ڀيل، مٺو تو ئي تيل. (۶) ص ۹۴.