لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڳ

ڳ

229. ڳالهه ڪجي سچي، جنھن ۾ نه کڙهو نه مٽي. (چوڻي)
کڙهو: ڀتر، ڦوڙهه. مٽي: ڌوڙ، ڌڌڙ.
سٺي اَنَّ اندر ڀتر، مٽي ۽ ڪيري هوندي ته کائڻ جي حساب سان ڪين وڻندو آهي. تيئن ڪنھن سچي ڳالهه جي اندر، ٽوڙ موڙ، وڌاءُ يا ڪنھن ڳالهه جو لِڪُ ڪبو ته اها به ڪين وڻندي آهي. منجهانئس نتيجا اُگرا نڪرندا آهن ۽ انهيءَ ڪري کانئس پاسو ڪيو ويندو آهي.
سچي ڳالهه، تکي ضرور هوندي آهي. وقتي وڍيندڙ ۽ چيريندڙ هوندي آهي پر اڳتي هلي منجهانئس فائدا گهڻا رسندا آھن. ان جي جاءِ تي، ملاوٽ واري ڳالهه وقتي خوش-ڪُن نظر ايندي آهي پر اڳتي هلي، اها ئي تباهيءَ جو سبب بڻجندي آهي.
مطلب: ۱ - ڳالهه چئجي چٽي؛ جنھن ۾ نه ڪو کڙو، نه ڪي مٽي. (ساهتي)
۲ - سچي ڳالهه چوندڙ جي منھن ۾ ڌوڙ نه ٿي پوي.
۳ - ڳالهه ڪجي چٽي، جنهن ۾ کڙو نڪو مٽي. (۳۵) ص ۲۶۵
۴ - سچي ۽ تکي ڳالهه ڪندڙ، دليل يا ڀراءَ طور، پنھنجي لاءِ ائين چوندو آهي.

230. ڳجھ جي نظر، سؤ ڪوھ تائين. (پھاڪو)
ٿر، قحط ساليءَ يا ڏڪارن سبب، ڳجھ پکيءَ جو وطن رھندو آيو آھي. ڪارونجھر جي جبل ۾ رهي، ٻچا ڪندي آهي.
پيڻ پکي کان پوءِ، وڏو پکي ڳجھ آهي. گوشت خور آهي پر شڪاري ناهي. مئل جانور جو گوشت کائيندو آهي. اوچن وڻن جي چوٽين يا جبلن ۾ اتانهين جاين تي آکيرو ٺاهي رهندو آهي. آسمان ۾ پڻ وڏي اتانهين تي اڏامندو آهي. نظر تيز اٿس، جيڪا پري پري تائين پهچندي آھي. مئل جانور جي ڍونڍ تي، پهرئين ڏينهن پهچندي آھي. گھڻي ڌپ ۽ ڍونڍ ڦھلجڻ کان اڳ، ان جو آخري ذرو به کائي چٽ ڪندي آھي. (۳۵) ص ۲۳۲
مطلب؛ ۱- آسمان ۾ ڀلي ڳجھ ڏسڻ ۾ نه اچي، مئل جانور جي ڍونڍ تي يڪدم اچي ڪڙڪندي.

231. ڳڙ کائي، ڳوٿري ڦٽي ڪريئه. (پھاڪو)
ڳڙ، کائڻ جي، مٺي وٿ آهي. مٺي شيءِ تي ڪوليون ماڪوڙا به عاشق هوندا آهن. تنھنڪري کيس ڪنھن محفوظ ڳوٿريءَ ۾ سانڍي رکبو آهي ته جيئن ڪولين ۽ ماڪوڙن جي ڌڻ پوڻ کان، حفاظت هيٺ رهي. ڪوليون ماڪوڙا، هڪ پاسي ڏانھن ٽُڪيندا کائيندا ويندس ته وري ٻئي پاسي کان منجهس ڦولهڙيون لاهيندا، آڪو ڪندا ويندا. کائڻ، کائڻ جي ماڳ، ڏسڻ ۾ به مزو نه ڏيندو.
جڏهن ڳوٿريءَ ۾ بند ڪبو آهي ته ان کي به چوڌاري ڪوليون ماڪوڙا چنبڙندا آهن ۽ ٻاهران ڳوٿريءَ کي ڪنو ڪري ويندا آهن. جڏهن اندران، حسب ضرورت ڳڙ ڪڍي کائي وڃبو آهي ته پوءِ، انهيءَ وڃايل ڳوٿريءَ کي ٻيهر ڪم آڻڻ لاءِ ڌوئڻ تي ڪنھن جي به دل نه ورندي آهي. ڇو جو منجهانئس، مٺاڻ جي ڏوس وارو چيڙهه، سٿرو نه نڪرندو آهي. ان ڪري مٿس محنت ڪرڻ اجائي هوندي آهي. جنھن سببان، استعمال شده ڳوٿري کڻي اڇلائبي آهي.
مطلب: ۱ - رس نڪرڻ کانپوءِ ميوي جا ڇلڪا اڇلبا آهن.
۲ - مقصد پورو ٿيڻ کانپوءِ، وسيلن مان هٿ ڪڍبو آهي.
۳ - سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
۴ - ڀيٽيو: ڪم سريو، ڪاڳر وريو.

232. ڳل ۽ لپاٽ ۾، فاصلو ناھي. (پھاڪو)
لپاٽ هڻندڙ ماڻهو جي هٿ ۽ لپاٽ کائيندڙ ماڻھوءَ جي ڳل جي وچ ۾، صرف هڻڻ جي وقت جو فاصلو هوندو آهي. اکيون کولي، اڳ پٺ جاچي، نتيجي جي خبر وٺي، پوءِ ڪو قدم کڻجي. ٻي حالت ۾ ٿوري غلطي به، نقصاندھ بڻجي سگهي ٿي. ٿوري لاپرواهي يا اٻھر، تڪڙ يا اجائي لالچ، نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون. (۳۵) ص ۲۳۰
مطلب؛ ۱- ڪنھن به ڪم مان، محنت جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سبب، فائدي ۽ نقصان جي وچ ۾، ڪو فاصلو ناهي رھندو.
۲- ڪاميابي ۽ ناڪامي، عزت ۽ ذلت، نفعي ۽ نقصان وچ ۾ ڪو به فاصلو ناهي.