لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ج

221. جاٽ، جنوائي، ڀاڻيجو، رئيٻاري، سنار،
ڪدي نه هوسين آپڻا، ڪر ديکو ويوهار. (چوڻي)
جاٽ: جٽ، ڄٽ، ذات جو نالو. جنوائي: جوائي، نياڻو، ناٺي، داماد.
رئيٻاري: ذات جو نالو، هارپو ڪندا آهن ۽ مال پڻ چاريندا آهن.
سنار: سونار، سونارو. ويو هار: وهنوار، واپار، ڏيتي ليتي.
۱ - جاٽ يا جت ذات تي اعتبار نه ڪجي. انھن لاءِ پڻ ائين چيو ويو آھي؛ ’جت، بي پت، مار گھت يا اڳون لاتي وت.‘ لاڏائو قسم جي ماڻھن جو نه ٺام ٺڪاڻو، نه زبان ۽ نه ئي وري ڪا ساک پت.
۲ - جنوائي يا نياڻو، پنهنجي گهر جو چشم چراغ ٿيندو. ان جو شجرو اجاريندو. ساهري گهر کي ڪين سنواريندو.
۳ - ڀاڻيجو، مامن جو ٿيڻ بدران، پنهنجي چاچن جي ڪلهي تي ٺهندو. ڏوهٽا، ناناڻن لاءِ، وڌندي جا ويري آهن. پرائو باغ ۽ پرائو نسل آهن.
۴ - رئيٻاري به ڪم سان ڪم رکندڙ ۽ مطلب خاطر ٻيلپو ڪندڙ هوندا آهن. گهڻي ڪمائيءَ کان پوءِ، حصو ڇڪيندڙ ٿيندا آهن. محنت مزدوريءَ وٺڻ بدران، نفعي ۾ اڌ وٺندڙ ٿيندا آهن.
۵ - سونارو به پنهنجي ماءُ جي نٿ مان نه مڙندو آهي. ڪيترو به نصيحت ڪجيس، واڌارو پئسا ڏجنس ته به ابي ڏاڏي واري، مَٺَ ملائڻ واري ڪرت کان ڪين مڙندو.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنجن ڄڻن سان شل نه واهپو پوي، ڏاڍو ڏکيو ڪن.
۲ - شير نه ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا.
۳ - سونار؛ سؤ نار. (ھڪڙو سونارو، سؤ عورتن جيترا مڪر ڄاڻندڙ آھي. جڏھن ته عورت جي مڪر کي، عظيم مڪر ڪوٺيو ويو آھي ۽ چيو ويو آھي ته؛ عورت ڪين ڄاڻي ته به اُٺُ مڪرن جو ڄاڻي.)
۴ - سونارو، ماءُ جي نٿ مان به نه مڙي. (۱) ص ۳۶۴.
222. جاٽ ڪهي ري جاٽڻي، اُوئي ديس ۾ رهڻا،
جي ڪهي اونٺ ٻلاڙو ليگيو، تو ”هان جي هان ڪهڻا.“ (پھاڪو)
جاٽ: جت. جاٽڻي: جتڻي. اُوئي: انهيءَ. اونٺ: اٺ. ٻلاڙو: جهنگ ٻلو.
ڪهڻا: چوڻ گهرجي.
جتي به رهجي، امن ۽ سڪون سان رهجي. امن ۽ سڪون تڏهن ملندو، جڏهن ٻين کي آزارڻ بدران، ساڻن سٺو سلوڪ ڪبو. مخالفت ته ڪا نه ڪبي پر ساڻن موافقت سان هلبو. سندن سڏ ۾ سڏ ڏبو. ها ۾ ها ملائبي. ڇو جو هر ڪو اهو چاهيندو آهي ته؛ سمورا ماڻھو سندس ساٿي ۽ هڏ ڏوکي، سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ ۽ فرمانبردار هجن. جيڪڏهن مطيع ۽ فرمانبردار نه هجن ته ڀلا مخالف ۽ ايذائيندڙ نه هجن.
هونئن به ڪنهن سان مخالفت، ڪمزور ماڻهوءَ کي جڳائي نه ٿي. ڪمزور کي ته هيٺانهين ڪري، وقت گذارڻ ۾ عافيت آهي. تڏر ڏيکارڻ، اکيون اکين ۾ ملائي حق گهرڻ، طاقت وارن کي جڳائين. ڪمزور کي ته هر ڳالهه ۾ جيءُ ڪرڻ گهرجي.
مطلب: ۱ - جتي به رهجي، سھج-سلوڪ ۽ مان-مرجاءَ سان رهجي.
۲ - جنهن جو راڄ، تنھن جو رگليشن.
۳ - درياهه ۾ رهي، نه وجهجي واڳونءَ سان وير.
۴ - جنهنجي راڄ ۾ رهجي، راڳ تنهن جو ڳائجي.
۵ - هڪ- ٽنگين جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ لڪائجي.
۶ - روم ۾ رهجي ته پوپ سان وير نه وجهجي. (۲۱)

223. جانڃ آئي ڇَني ٻيٺي، ڪنوار ماءُ ڪتڻ ٻيٺي. (پهاڪو)
جانڃ؛ ڄڃ. ڇَني ٻيٺي؛ ڇن/ مَنهه ۾ اچي ويٺي، اوطاق اندر پھتي.
ڪنواريتا، ڪنوار کي پرڻائڻ وقت، سامان سرڙو ۽ لٽو ڪپڙو ڏاج طور ڏيندا آهن. امير ماڻهو ته عين وقت تي، هٿ پير هڻي، هٿ ڪري وجهندا آهن ۽ نياڻيءَ کي ڏيڀ ڏيندا آهن. جڏهن ته غريب ويچارا، سوير کان ئي ڳڻ ڳُوت ۾ لڳل هوندا آهن. نياڻي ڄائي ته لوري وڌين. ڏينهن رات پيا پيٽُ ڪاٽي، نياڻيءَ لاءِ ڪا نه ڪا شيءِ جوڙيندا. ڪڏهن سون ذري ته ڪڏهن کٽ يا رلهي. ڪڏهن ڪپڙو لٽو ته ڪڏهن مٿس ڀرت وغيره.
اهو حال آهي انهن جو، جن کي نياڻي وقت سر شينهن ڪلهي چاڙهڻي آهي. ڪي وري اهڙا ٽوٽي به هوندا آهن، جيڪي ڄڃ در تي پهچڻ تائين ڪجهه نه ڪندا آهن. پوءِ رڳو سهڪ سهڪان هوندي اٿن.
مطلب: ۱ - دنيا جا سمورا معاملا، وقت سر اُڪلائڻ گهرجن.
۲ - مهل پوڻ وقت، ٽوٽي ماڻهو ئي محتاج رهي ٿو ۽ پشيمان ٿئي ٿو.
۳ - ڄڃ اچي در تي بيٺي، ڪنوار ماءُ هاڻ ڪتڻ ويٺي.

224. جايا جڪان را پوت، ڪتيا جڪان را سوت. (پهاڪو)
جايا: ڄڻيو. پوت: پٽ. ڪتيا: ڪتڻ. سوت: سٽ.
پٽ انهيءَ جو سڏبو، جنهن ڄڻيو هوندو. سُٽَ جو مالڪ اھو آهي، جنهن مٿس محنت ڪري، ڪتيو آهي.
ماڻهو هميشه محنت ۽ مردانگيءَ سان ئي دنيا اندر موجود شين مٿان، لکيل تقدير جي اندازي جيترو، وارث/ مالڪ ٿئي ٿو. تنهنڪري انسان کي مسلسل محنت ڪرڻ گهرجي.
پالڻهار، ٻه هٿ ۽ ٻه پير انهيءَ لاءِ ڏنا آهن ته کانئن ڪم وٺجي ۽ روزگار تلاش ڪجي. جيڪو وس هوندي، ڄنگهون ٻانهون نه ٿو هلائي، مٿس موليٰ به مهربان نه ٿو ٿئي.
مطلب: ۱ - همت مردان، مدد خدا، بي همت بنده، بيزار خدا.
۲ - الڪاسب حبيب الله
۳ - پورهيت، خدا جو دوست آهي.
۴ - پنهنجي ٻارجي، پنهنجي چاڙهجي.
۵ - محنت سان مالڪ ٿجي، چوريءَ سان نه.
۶ - جيڪي پٽ ڄڻين، سيئي سُٽ ڪتين. (۶) ص ۱۰۰.
225. جتي باهه ٻري، اها جاءِ جلي. (پھاڪو)
باهه اندر، ساڙڻ جي خاصيت آهي. فطرتي طور سندس اثر، ان هنڌ تي تمام گهڻو پوندو آهي، جتي ٻرندي آهي. سيڪ به اتي ايندو. جڏهن ته تڪويني طور، اوس پاس وارن کي به لهس اچڻ جا امڪان آهن.
لهس اچڻ ۽ سڙي خاڪ ٿيڻ ۾ وڏو فرق آهي. اهو صرف ۽ صرف، باهه جي سڙڻ واري هنڌ سبب آهي. هڪ هنڌ ٻري ٿي، ٻئي هنڌ ان جو اثر ٿئي ٿو. جڏهن ته پري وارن کي ان جي ٻاڦ به نه پھچندي آهي. اهڙيءَ طرح دنيا جا ڪيترا ئي معاملا آهن، جن ۾ نقصان انھن کي ئي پھچندو آهي، جيڪي انھن معاملن ۾ ملوث هجن.
مطلب: ۱ - اها جاءِ جلي، جتِ باهه ٻلي.
۲ - جتي باهه ٻري، اها جاءِ سڙي.
۳ - ٻاهر ٻرندي هر ڪو ڏسي، اندر ٻرندي ڪير نه پسي.

226. جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. (پھاڪو)
وريام: مڙس ماڻهو.
انسان اندر، ڪيترن ئي معاملن سان منھن ڏيڻ ۽ انھن کي نمٽائڻ جي صلاحيت رکي وئي آهي. جيئن انھن مان پھچندڙ فائدا حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ، منجهانئن پھچندڙ نقصانن کان به پاسو ڪري سگهي. ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي فائدي حاصل ڪرڻ سان گڏ، نقصان به پرائيندا آهن. منجهن نقصان کي ٽارڻ جي استعداد نه هوندي آهي. اهڙيءَ جڳهه تي وري اهي ماڻهو، مڙس ماڻهو ليکبا آهن، جيڪي نه پڄي سگهڻ واري حالت ۾، پنھنجو سِرُ بچائي نڪري وڃن. جيئن اوچتو آيل ٻوڏ، اوچتو لڳل باهه منجهان، سِرُ ۽ سامان سميت ٻار ٻچا ڪڍي وڃڻ به وڏي مڙسي آهي.
مطلب: ۱ - جت پڄڻ نه پھت، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو.
۲ - نقصان واري جاءِ تان، جان بچائڻ به ڪن ڪونڌرن جو ڪم آهي.

227. جتي جتي کيجڙي، اتي اتي گوگو چوهاڻ. (چوڻي)
گوگو چوهاڻ؛ نانگن جو بادشاه. کيجڙي؛ ڪنڊيءَ جو وڻ.
ٿر/ ريگستان واري علائقي ۾، جنهن کي به نانگ ڏنگ هڻندو آهي، تنهن کي گوگي جي نالي جو سڳڙو ٻڌندا آهن. گوگي جو اسٿان/ رهڻ جو هنڌ، کيجڙي/ ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ ۾ هوندو آهي.
ڳوٺن ۾ جنهن به گهر ۾ نانگ نڪرندو آهي ته هو گوگي کي ياد ڪري خير جا ڇنڊا هڻندا آهن. ان کان علاوھ مينهن واري مهيني ۾، مينهن وسڻ کان پوءِ، جنهن ڏينهن هَرُ هلائڻ شروع ڪبو آهي، ته گوگي جي نالي وارو نون ڳنڍين وارو سڳڙو، جنهن کي ’گوگو رکڙي‘ چئبو آهي، هر ۽ هاريءَ کي ٻڌبو آهي ۽ بار بار چئبو آهي؛ ”هلي بالدي، گوگو رکوالو.“
مطلب: ۱ - جتي جتي ڪنڊيءَ جو وڻ، اتي اتي گوگو چوهاڻ.
۲ - گانو گانو گوگو، گانو گانو کيجڙي. (راجسٿان) (۱) ص ۲۴۸.
228. جتي چاهه، اتي راهه. (پھاڪو)
چاهه: کوهه. چاھ: چاھت، محبت، پيار.
کوهه منجهان پاڻي حاصل ٿئي ٿو، جيڪو سر چشمه حيات آهي. ٿر اندر جتي کوهه کوٽڻ ڏاڍو مشڪل هجي، اتي اگر ڪٿي کوٽيل کوهه ملي وڃي جنھن مان جالارو پاڻي ميسر هجي، تنھن ڏانهن هر ساهدار جو پنڌ ۽ رخ هوندو آهي. جنھن ڪري اوڏانھن رستا ٺھي ويندا آهن.
جنھن سان محبت ٿيندي آهي، تنھن ڏانھن ماڻهو فطري طور ڇڪجي ويندو آهي. يا جتان قرب سبيل ملندو آهي ته ماڻهوءَ جا قدم پاڻ مرادو پيا اوڏانھن کڄندا آهن ۽ اوڏانھن ڄڻ راهه رسم جھجهي ۽ پڪي ٿي ويندي آهي.
مطلب: ۱ - محبت واري سان رستو رکڻ لاءِ ھر ڪو آتو هوندو آهي.
۲ - جتي کوهه، اوڏانھن رستا.
۳ - جتي چاهت/ دل، اوڏانھن پنڌ.
۴ - جتي خزانا، اوڏانھن سڀ جي ڊڪ ڊوڙ.
۵ - مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چارا.
۶ - جتي سکر، اتي نکر.
۷ - جتي ڳوٺ، اتي ڳليون.
۸- ڀيٽيو؛ محبت واري رٻ ڀلي، راھ اتي رھجي. (چوڻي)

229. جتي ماني، تتي ماڳ. (بيراجي، چوڻي)
ماڻهوءَ جو روزي رزق، وقت ۽ هنڌ جي حساب سان، اڳواٽ لکجي چڪو آهي. جنھن جاءِ ۽ وقت تي کيس، جيڪا شيءِ کائڻي هوندي، ان جاءِ تي اهو ماڻهو، ان وقت تي ضرور پڄندو. ترسڻو هوندس ته ڪنھن بھاني سان ترسندو ضرور ۽ پنھنجو نصيب چڳڻ کان پوءِ اڳتي قدم وڌائيندو.
اگر کيس گهڻي مدت لاءِ، هڪ هنڌان رزق ملڻو آهي ته اوتري مدت لاءِ اتي ماڳ مڪان ٺاهي ترسي پوندو. جڏهن اتان سندس داڻو پاڻي پورو ٿيندو ته اتان سندس پير پٽجي ويندا. ٽپڙ گول ٿي ويندس. وري ان دُڻيءَ تي وڃي نڪرندو، جتي سندس چوڳو سندس انتظار ۾ هوندو.
مطلب: ۱ - ماني ۽ موت، ماڻهوءَ کي پيا پنڌ ڪرائين.
۲ - جتي روزي رزق ملڻو آهي، ماڻهو اتي پھچڻو ضرور آهي.

230. جتي هر، تتي گهر. (بيراجي، پھاڪو)
فصل ڪاهڻ لاءِ، ٻنيءَ منجهه هر سان کيڙي ڪرڻ لازمي آهي. ڇو جو دنيا اندر ڪا به شيءِ، بنا محنت جي اچڻي ناهي. هرُ ڏيڻ، هڪڙو محنت طلب ۽ وقت وٺندڙ ڪم آهي. اهو هلندي چلندي نه ٿي سگهندو. بلڪ ساهه ستو ۽ سنجيدگيءَ سان رٿي، پوءِ منجهس هٿ وجهبو ته ڪري سگهبو. جان ۽ وقت لڳڻ کان سواءِ، اهو ڪم سر انجام نه ٿي سگهندو. جنھن لاءِ لازمي آهي ته هرَ واري جاءِ تي، گهر ڪري ويهجي تان ته سُچتائيءَ سان زمين کي فصل لائق بڻائي سگهجي. جڏهن زمين، فصل لائق ٿي وئي ۽ منجهس فصل لڳو ته وري جهار ۽ جهرڪيءَ، ڪانءَ ۽ پکيءَ، مرونءَ ۽ ٻلي وغيرھ کان کيس بچائڻو پڻ آهي. پاڻيءَ ۽ ڀاڻ جي، بيماريءَ بڙيءَ کان بچاءَ جي ڳڻ ڳوت پڻ ڪرڻي آهي. اها ٽھل ٽڪور، گوڏو ڀڃي، هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي ويهڻ يا رهڻ سان ڪري سگهبي. ٻي صورت ۾، نه فصل ٿيندو ۽ نه ئي ٻچن جي روزي روٽيءَ جو ايندڙ سال لاءِ بندوبست ٿي سگهندو.
مطلب: ۱ - ڌنڌي واري جاءِ تي، گهر ڪري رهبو ته ڌنڌو سٺو ٿيندو.

231. جر ميگھان جر، ٻر ته ٻانھان ٻر. (چوڻي)
ميگھان؛ برساتي. ٻر؛ ٻل، طاقت.
سگھڙن جي ڪنھن ڪچھريءَ منجھ، ھڪڙو بادشاھ به لنگھي اچي ويٺو. مڙني، اٿي سندس مرحبا ڪئي. ھر ڪو پنھنجي جاءِ تي ٿي ويٺو ته وري ڪچھري شروع ٿي وئي. ھلندي محفل ۾، سڄي ڪچھريءَ ڏانھن بادشاھ ھڪ سوال اڇليو؛ ”پاڻي ڪھڙو سٺو آھي؟ ۽ طاقت ڪھڙي سگھاري آھي؟“
مختلف آواز آيا؛
”پاڻي، درياھ جو سٺو.“
”پاڻي، سمنڊن جو سٺو.“
”پاڻي، کوھن جو سٺو.“
اھڙيءَ طرح وري طاقت بابت ھيٺيان جواب آيا؛
”طاقت؛ دولت جي سگھاري آھي.“
”طاقت؛ فوج ۽ ھٿيارن جي سگھاري آھي.“
”طاقت؛ سياست جي سگھاري آھي.“
بحث اندر ڪافي رايا آيا. بادشاھ مڙني راين ۽ خيالن کي رد ڏيندو رھيو. اڌ رات ٿي چڪي پر اطمينان بخش، جواب ڪٿان به نه آيو. آخر ۾ ھڪڙو ڪراڙو مڙس، بحث منجھان بيزار ٿي چوڻ لڳو؛ ”وقت ته وڃايو اٿو. ننڍي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي اٿو.“
”ڪراڙا!“ بادشاھ، ڏانھنس رخ ڪندي چيو؛ ”تون ئي کڻي ٻڌاءِ.“
”بابا! پاڻي ته برسات جو، جيڪو جاتي پوي، صاف شفاف ھجي. وڻ ٽڻ ڌوئي ڇڏي. نديون نالا صاف ڪري ڇڏي.“ ڪراڙي دليل ڏيندي چيو؛ ”طاقت ته پنھنجي ٻانھن جي طاقت. جيڪا ھر محتاجيءَ کان بينياز ڪري ڇڏي. جتي ٻيا سڀ وسيلا ڇڏي وڃن، اتي پنھنجا پير ڇڏائن ۽ پنھنجا ھٿ ڪم اچن.“ (۳۵) ص ۲۳۴
بادشاھ، سندس جواب ۽ دليل ٻڌي مطمئن ۽ راضي ٿيو.
مطلب: ۱ - پاڻي، اصل ۽ شفاف، ھاضميدار ۽ صحت بخش آھي ته برساتي آھي. اھڙيءَ طرح اصل طاقت اھا آھي جيڪا پنھنجي ٻانھن ۾ آھي.

232. جڪو گهڻي رو گيو، سو موٽيو ڪو هي. (پھاڪو)
هيءَ دنيا، رڃ ۽ سراب مثل آهي. هٿ ۾ ناهي ته الائي ڇا ۽ الائي ڪيتري پئي نظر ايندي. حيران ۽ فريفته ڪري ڇڏيندي. جڏهن کيس حاصل ڪرڻ لاءِ، ڏينھن ۽ رات هڪ ڪري ٿا ڇڏجن ته پوءِ خبر ٿي پوي ته؛ اهو ته نظر جو دوکو هيو. اڳيان ته ڪي به ڪين هيو. ماڻهو، ساري عمر ان لاءِ محنت ٿو ڪري ته سکيا ڏينھن ڏسان. حالانڪ محنت ڪندي ڪندي، جواني ۽ جوش ته کپائي ڇڏي ٿو پر سرير ٻڍو، ڪمزور ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃيس ٿو. جنھن کي هاڻي ڪنھن قسم جي آرام ۽ آسائش جي ضرورت ئي نه ٿي رهي. ماڻهو پنھنجي بت مان بيزار ٿي ٿو پوي ۽ پنھنجي زبان سان موت کي سڏ ٿو ڪري. انهيءَ نفسا نفسيءَ ۽ هڻ وٺ ۾ رشتا ناتا به ٽٽي وڃنس ٿا. اڪيلو ٿيو پوي.
مطلب: ۱ - انسان، سک حاصل ڪرڻ لاءِ، ٻين سان ڦٽائي ٿو. آخر ۾، کيس سک به نصيب نه ٿو ٿئي.
۲ - جيڪو گهڻي جي ڪڍ ويو، سو موٽيو ئي ڪو نه.

233. جڪي مارگ نه جاڻو، اوئي رو نان ڪي ليڻو. (چوڻي)
جِڪي؛ جنهن جي. مارگ؛ ماڳ، مڪان، اسٿان، ٺام ٺڪاڻو. اوئي رو؛ ان جو. نان؛ نالو، نام، نيسڻ. ڪي ليڻو؛ ڪهڙو وٺڻو.
دوستن ۽ دل-وارن ڏي، قرب جا پير ڀري اچبو آهي. دشمن يا زباني يار سان، پري جي دعا سلام رکبي آهي. من-گهرين وٽ وڃڻ لاءِ، سانباها به ٿيندا آهن ته نياپا سنيھا موڪلي، ملڻ لاءِ وقت به وٺبو آهي. دل-گهرين سان ملڻ واري ڳالهه جي تشريح به ٿيندي آهي ته تشهير پڻ ڪبي آهي.
تشهير ۾، اهاني بهاني ٻين کان، سندس واٽون به پيون پڇائبيون آهن. واند ۽ ويساهه بابت، پئي آگاهي وٺبي آهي. ائين ڪرڻ سان، جنهن کي نه خبر، تنهن کي به پئي خبر پوندي آهي. مراد وارن جي مراد پئي پوري ٿيندي آهي ۽ معشوقن جو مقام به پيو اوچو ٿيندو آهي.
ان جي برعڪس، جنهن سان ٽڪي- پئسي جي واٽ ئي ناهي. وٽس وڃڻو ئي ناهي. جنهن سان ملڻ جي تانگھ ئي ناهي، تنهن بابت حال احوال وٺڻ لاءِ ڪنهن جي به دل نه چاهيندي آهي. جيڪڏهن ڪير وٺي ٿو ته ڄڻ اڳلي کي خوار ۽ پاڻ کي ڏٺو وِٺو ٿو ڪري.
مطلب: ۱ - جنهن واٽ تي هلڻو ئي ناهي، تنهن بابت معلومات وٺڻ مان ڪهڙو فائدو؟
۲ - جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ ڇو پڇائجي.
۳ - جنھن واٽ نه وڃجي، تنھن جو پنڌ نه پتوڙجي.
۴ - جنھن شھر ۾ وڃڻو نه هجي، تنھن جي واٽ نه پڇجي. (۶) ص ۱۰۱.

234. جکران ري جياڙ، کيٽي ۾ کوٽي ڪيو. (پهاڪو)
هڪڙو ٿريو ڀيل، ڀرواري ڳوٺ مان لسي/ جهَڻِ وٺڻ لاءِ پئي ويو ته واٽ تي ڪي همراه گڏيس، جن کي پاڻ ۾ چوندو ٻڌائين؛ ”اڄ جکرن ۾ ٻڪر ڪسندو.“
پهرو پوڻ جو ٻڌي، جهَڻِ جو خيال مٽي، جکرن جي ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيو.
”جکرن مان آنڊا، اوجهري ۽ منڍي وٺي موٽندي جهڻ وٺيو ايندس.“ اهو سوچي، جکرن جي ڳوٺ پهتو.
اتي ڪي همراه ٻڪر ٻڌيو ويٺا هئا. پاڻ ۾ پئي چيائون؛ ”ٻڪر اڄ ڪهجي! يا سڀاڻي؟!“
”اڄ سڀاڻي“ چوندي، سج لهي وين. ٻڪر نه ڪٺائون. ڀيل مايوس ٿي، ڳوٺ موٽيو. جهَڻِ جو ويلو به ٽري ويو هو، سا به نه مليس.
”ڀڳت ڪهڙا حال آهن؟“ ڳوٺ پهچڻ تي، هڪڙي همراهه پڇيس.
”جکران ري جياڙ، کيٽي ۾ کوٽي ڪيو.“ نراسائيءَ مان وراڻيائين؛ ”جکرن جي پهروءَ تي کيٽي سبب، جهَڻِ وٺڻ کان کوٽي ٿيس.“
مطلب: ۱ - جکرن جي پھروءَ، کيٽي سبب، وقت وڃائي ڇڏيو.
۲ - هڪ ڪم جي ڪڍ، ٻيو کري ته ائين چيو ويندو آهي. (۶) ص ۵۷.

235. جُڳائيندو کائجي ۽ رُچندو هنڍائجي. (چوڻي)
هر ساهدار جو جياپو، کاڌ-خوراڪ تي آهي. وت ۽ بُوتي آهر، کاڌو هر جيو کي کپي، جيڪو هو کائي ۽ هضم ڪري سگهي ته جيئن سندس جسم جيئرو، صحتمند ۽ ڪارائتو رهي. اگر نه کائيندو ته لاغر ٿيندو ويندو ۽ هڪ ڏينھن نٻل ٿي، ڳرڻ شروع ڪندو.
اهڙيءَ طرح وري جسم اندر موجود اوجهريءَ يا معدي ۾، محدود کاڌي کي ٿمائڻ جي صلاحيت هوندي آهي. مقرر مقدار کان وڌيڪ گُدي، ٿمائڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو کاڌو، معدي ۽ آنڊن جي ڪم ڪرڻ واري صلاحيت جو توازن ته بگاڙيندو پر کين زخمي ڪري پڻ ڦاڙيندو. بھتر آهي ته بُوتي آهر کائجي.
ڪپڙو لٽو پائڻ سان زيب زينت وڌن ٿا. هڪ نور آدمي آهي ته سؤ نور ڪپڙو آهي. اهو به سرنديءَ آهر پائجي ته ڀلو. پِني، ڀلا وڳا پائبا يا دوستن يارن کان وڌيڪ اوچا ڪپڙا پائبا ته ٻين کي به ريس ايندي. اهي به چٽاڀيٽيءَ ۾ لهي ايندا ته پوءِ مقابلي جي رجحان ۾ گهڻو پئسو خرچ ٿي ويندو. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي. ڀلان ڀليءَ جي ڊوڙ ۾، سموري ملڪيت دُڦ ٿي ويندي. يا ٿيندو ائين جو هڪڙا مقابلي ۾ کُٽي پوندا، پوءِ اڻ-سهڻائپ تي لهي ايندا ۽ ٻئي نموني سان زير ڪرڻ لاءِ نقصان ڏيندا. بھتر آهي ته لٽو ڪپڙو به ٻين جي سھپ ۽ برداشت آهر پائجي.
مطلب: ۱ - هٺَ-سھائيندو کائجي، لوڪ-سھائيندو پائجي.
۲ - من-پسند کائجي، لوڪ-پسند پائجي.

236. جڳ جا سيڻ؛ ٿر جا سيئنڌ. (وٽ، سارو سنگهار، چوڻي)
سيڻ: رشتيدار، سڱابنديءَ وارو مائٽ. سيئنڌ: ڄاڻ سڃاڻ، واقفيت.
جڳ جهان اندر اهو اصول آهي ته ڪير اوهان جو مائٽ يا رشتيدار آهي ۽ اوهان کان پر-ڀرو ويٺل آهي ته جڏھن وٽس وقت پئي وڃبو ته آڌر به ڏيندو، ماني به کارائيندو، ٽڪائيندو ترسائيندو به، حال احوال به وٺندو، ڪچهري به ڪندو ۽ منجهس ڪو ڪم ڪار هوندو ته اھو به ڪندو. جيڪڏهن مٽ مائٽ نه هوندو ته اوترو آڌر نه ڏيندو.
ان جي برعڪس ٿر جو ماڻهو، ڀلي مائٽ نه هجي، رڳو واقف هجي، ان سان اهو رشتو ڪافي آهي. وقت پئي لنگھي وڃبس ته ساڳيو پيار ۽ پنهنجائپ ملندي. رهائش، ماني ٽڪي، حال احوال وٺڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ تائين. حتانڪ، سندس ۾ پيل ڪم به نڪرندو. جڏهن ته اڄ رت رت کي باهه آهي. اهڙيون قربداريون تن وٽان به ورلي ٿيون ملن، جن سان سڱابنديون ۽ رشتيداريون ٿيل آهن.
ملطب: ۱ - ٿريءَ سان واقفيت، ٻين جي رشتيداريءَ کان وڌيڪ آهي.
۲ - ٻين سان سڱابندي؛ ٿريءَ سان عليڪ سليڪ. (۷) ص ۴۶.

237. جَل ٿنڀ، کڙ ٿنڀ ۽ سوا ٿنڀ. (چوڻي)
جل؛ پاڻي. کڙ؛ گاھ. سوا؛ آمدني. ٿنڀ؛ موسم. جَل ٿنڀ؛ پاڻيءَ جي موسم. کڙ ٿنڀ؛ گاهه جي موسم. سُوا ٿنڀ؛ آمدني جي موسم.
آڳاٽي وقت اندر، سڄي سال کي، ان وقت جي لوڪن ٽن مندن منجھ ورھايو ھيو.
چؤماسي جي مند؛ جنھن اندر پيل برسات، تل، ترايون، ڍنڍون، ڍورا، ڀري ڇڏيندي آھي. پاڻيءَ جي آمد واري ان وقت کي انھن جل ٿنڀ سان موسوم ڪيو ھيو.
کڙ ٿنڀ؛ سياري جي مند ڦوھ تي پھچڻ شرط، پاڻي لاٿ ڪندو ھيو ته فصلن پوکڻ جي تياري ٿيندي ھئي. چوڌاري ساواڻ ئي ساواڻ ٿي ويندي ھئي. مال لاءِ گاھ پٺو اڻ ميو ٿي ويندو ھيو. ان مند کي انھن کڙ ٿنڀ سان موسوم ڪيو.
سُوا ٿنڀ؛ سياري جي پڇاڙي ۽ بھار جي آمد وقت، ٻنين منجھ لابارا ٿيندا ھيا. ان لاباري تي گھڻن جو گذر سفر ٿيندو ھيو. جن ۾ ھاري ناري، واپاري، فقير ۽ گھورڙيا سڄي سال لاءِ اناج وغريھ ڪٺو ڪندا ھيا. ان ڪري انھن لوڪن، ان مند جو نالو سوا ٿنڀ رکيو هو. (۳۵) ص ۲۳۸
مطلب؛ آڳاٽي دور جا ماڻھو، پنھنجي ڏاھپ سان، وقت گذاريندا ھيا.

238. جن ڌاريون ڳئون، تن جو بخت سنئون. (چوڻي)
ڳئون، مينهن جي ڀيٽ ۾ گاهه گهٽ کائيندي آهي. مينهن جي ٽينهن ڏکي آهي. جڏهن ته ڳئونءَ لاءِ ايڏو خفو نه ٿو ڪرڻو پوي. گهٽ-کائڪ هڻڻ سبب، آهُر تي کڙ ۽ ڪتر، گاه ۽ ڏاري جو بندوبست ڪو نه ٿو ڪرڻو پوي. ڪن شهرن ۾ ڪيترن ماڻهن جون ڍڳيون ته ائين پيون بازار ۾ رلنديون ۽ چرنديون آهن. جيئن لاڙڪاڻي ۾ قادرين جون ڍڳيون، شڪارپور ۾ پٺاڻن جون ڍڳيون، ڪنڌڪوٽ ۾ داين جون ڍڳيون ۽ ڪن شهر ۾ وري هندن جي گوشالن جون ڍڳيون. چور به کين نه ڪاهي سگهندو آهي. ٽاهڙ ۽ ويڙهاڪ ٿين. ڳچيءَ ۾ رسو پوڻ تي هيٺ ويهي رهن. چوريءَ جو به خطرو گهٽ رهي ٿو.
منجهانئن اپت گهڻي آهي. رڍ ٻڪريءَ جيترو کائي، هلڪي مينهن جيترو کير ڏين. ڳئونءَ جو گابو ته به ڳوڌو. کيس وس ويندي ڪاسائيءَ ڏي ڪو نه گهلبو. ڇو جو ڏاند ٿيڻ تي هر ۽ بيل گاڏيءَ ۾ وهندو. ڳاهه ڳاهڻ لاءِ ڪم ايندو. جيڪڏهن گابي ڄائي ته به بخت. واڙي وڌندي، کير مکڻ جام ٿيندو. سموري مال کان، ڳئونءَ جو کير مکڻ، وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي.
مطلب: ۱ - ڳائو مال ڌارڻ ۾ بخت سوايو آهي.
۲ - ڳائي مال ۾ گن گهڻا آهن.
۳ - ڀيٽيو؛ سرياند (سرنديءَ وارو) هجين ته ڳئون ڌار، غريب هجين ته رڍون ڌار (سارو سنگهار) (۲۲) ص ۳۱-۳۲.

239. جنني ۽ جنم ڀومي، سرڳ کان اتم. (چوڻي)
جنني؛ ڄڻيندڙ، ماءُ. جنم-ڀومي؛ جاءِ پيدائش، ڄمڻ جو هنڌ. سرڳ؛ بهشت. اتم؛ مٿي، وڌيڪ.
انسان، دنيا ۾ اچڻ کان اڳ، روح جي صورت ۾ موجود هيو. دنيا ۾ آيو ته، ماءُ جي ڪُک اندر، سندس پهريون ٺڪاڻو ٺهيو. جڏهن اتان نڪتو ته ڌرتيءَ تي ڪنهن وسنديءَ اندر، سندس ماءُ کيس ڄڻيو. اتي پالي، تاتي، پانڌڙو ڪيائينس.
هن دنيا اندر اچڻ جا سندس پهريان ۽ اوائلي ماڳ، اهي ئي ٻه آهن. هڪ ماءُ جي ڪک ۽ ٻيو جنم-ڀومي. جيئن ته انسان، اوچتو ۽ اچانڪ اچي، انهن سان ملي ٿو ۽ ٻئي کيس وڌائي وڏو ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، تنهنڪري کيس ٻنهي سان انسيت اتم ۽ اعليٰ درجي جي رهي ٿي. ساڻن ڪڏهن به ميري اک نه ٿو ڪري. ڪيترو به پري هليو وڃي ۽ بهشت جهڙي هنڌ وڃي رهي پر ٻنهي جي ڇڪ ۽ سڪ، سندس سيني اندر موجزن ضرور رهي ٿي.
مطلب: ۱ - امڙ ۽ جنم-ڀومي، ڪنهن اڻاسيءَ کان وسرن.
۲ - جنني ۽ جنم-ڀومي؛ سرڳ برابر.
۳ - جنني ۽ جنم-ڀومي؛ سرڳ سمان.
۴ - جنني، جنم ڀومشچ، سور گارڌپ گريسي. (سنسڪرت)
۵ - ماءُ ۽ ڄمڻ جي جاءِ، بهشت کان به وڌ پياريون آهن.
۶ - جَنَني (ڄڻڻ واري يعني ماءُ) ۽ جنم ڀومي (پيدائش واري جڳهه)، ٻئي سُرگ کان به اُتم (مٿي) آهن. (۸)

240. جوان مرد، واڌي حرص، ٻيا چيلهه ٽڪا ڇڻڪن،
سوھڻيون سنگهارن کوڙيون، وِڄن مينهن وسن،
پنج ئي ٻهڪن. (چوڻي)
۱ - مرد جوان هوندو ته منجهس مڙسي ۽ مردانگي به سرس هوندي. پنهنجي ونيءَ سان نباه ڪري سگهندو، مٽن مائٽن جي خدمت کان علاوھ دوست يار جي ڪم به پيو ايندو. جڏهن ٻين کي سک ڏيندو ته ٻيا به کيس سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪندا، تنھنڪري پيو ٻھڪندو.
۲ - واڌو حرص، ڪم ڪرڻ لاءِ اڪسائيندو آهي. جيڪو پڻ عزت ۽ شهرت، خوشيءَ ۽ خوءِ جو سبب بڻجي ٿو. پنھنجي ھٿ سان ڪيل ڪم جھڙو نشو ۽ سرور ڪنھن شيءِ ۾ ناھي.
۳ - اڳي ڪاڳرن جا نوٽ نه هوندا هيا، بلڪ چانديءَ وغيره جا سڪا، رائج الوقت هوندا هيا. اهي کڻڻ لاءِ، ٿيلهين/ همياڻين ۾ وجھبا ھيا. اھي ھمياڻيون وري چيلهه سان ٻڌي هلبيون هيون. ڀريل همياڻيون، سکئي هئڻ جون نشانيون هونديون هيون. الغرض ته جھجهي دولت به سُک جو سبب ٿئي ٿي.
۴ - مارو ماڻھن وٽ، مند تي اڻ-ميو ڏٿ يا اناج لھي، اھو به خوشيءَ ۾ واڌارو آڻيندڙ آھي.
۵ - وِڄُ سان مينهن جهجهو وسندو آهي، جيڪو ڏهر ۽ ترايون ڀري ڇڏيندو آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي اڻ ميو ٿيڻ سان گڏ، ميدان ۽ ماٿريون، پوٺا ۽ ڀٽون، گاه ۽ فصل سان سائي چادر اوڍي بيهندا آهن. جيڪي پڻ سک جو سبب ٿين ٿا.
مطلب: ۱ - مٿيون سھوليتون، سک جو سبب بڻجن ٿيون. (۲) ص ۱۳۲.
241. جوانيءَ ۾ ڌن تو پُور ۾ پُور،
گرڍاپڻ ۾ ڏک تو سُور ۾ سُور،
پنڌ ۾ ڀار تو ڏُور ۾ ڏُور،
کنڊ ۾ کير تو نُور ۾ نُور. (چوڻي)
گرڍاپڻ ۾؛ پيريءَ ۾. ڀار؛ بار، وزن. ڏُور ۾ ڏُور؛ گھڻو ڊگهو معلوم ٿيڻ.
۱ - جواني، اڳيئي مستاني ٿيندي آهي. ويتر جو کپائڻ لاءِ، اڻ ميو پئسو هٿ اچي وڃي ته پوءِ ماڻهو صفا موج ۾ هوندو آھي ۽ آپي کان ٻاهر به نڪري ويندو آھي.
۲ - پيري، اڳيئي ٻين جي محتاج هوندي آهي. ويتر جو بيماري ۽ بک جهڙا ڏک گڏجنس ته ماڻهوءَ کي ايمان مان ئي ڪڍي ڇڏين.
۳ - پنڌ، سفر ۾ اڳيئي اڻانگو هوندو آهي، ويتر جو سفري سامان جي ڀري به مٿي تي کڻي هلڻي پوي ته اهو سفر چڱي ڀلي جوان کي به ڇِهه مان ڪڍي ڇڏيندو.
۴ - کير، اڳيئي مڙني پيئڻ وارين شين کان ذائقي ۽ تاثير ۾ وڻندڙ هوندو آهي. ماڻهوءَ جي پهرين غذا به کير ئي رهي ٿي. ان ۾ جو کنڊ جهڙو مٺاڻ پوي ته پوءِ ذائقي منجهه ذائقو وڌي وڃي. نه پيئڻ وارو به، زور ڪري پيئي.
مطلب: ۱ - چئن سان چار شيون گڏجن ته سندن اثر وڌي وڃي.
۲ - کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور،
جواني ۽ مايا، پور ۾ پور،
پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور. (۲) ص ۶۶.

242. جُوٺا پرين، کوٽو ٻڙڌ، کٽر گانءِ،
ڇڊا گيهون، گهاٽا تر، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
جوٺا؛ ڪُوڙو. کوٽو؛ ڪم چور. ٻڙڌ؛ ڍڳو. پرين؛ دوست. گيهون؛ ڪڻڪ.
۱ - ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو، محبوب ته ڇا دوست به ٿي نه ٿو سگهي. ساڻس ڪوڙ ڳالهائڻ سبب، نفرت ئي ٿيندي آهي.
۲ - ڪوڙو يا ڪم-چور ڍڳو، هَرَ، بيل گاڏيءَ يا نار ۾ وهڻ کان وتندو ٻوڙن ۾ لڪندو. پاڃاري ڏسي ڀڄي ويندو. ڪيترو ڀڄندو؟ ڏاند لڪي پاڃاريءَ کان، ٻوڙي ۾ ٻه پاڃاريون. اهڙي ڏاند جي قيمت ڪاسائيءَ وٽ ٿي سگهي ٿي.
۳ - ڳئون ڌاربي آهي کير لاءِ. کٽر کي ڏهبو ته لت هڻي، پنھنجو ڏڌل ته هاريندي پر ٻيءَ کي به کاريندي. تنهنڪري اهڙي ڍڳي، ڪير به نه ڌاريندو آھي.
۴ - ڪڻڪ ڇڊي پوکيل هوندي ته سراسري اپت گهٽ لهندي. فصل سان ٻج، ڪلر ۽ هر جو خرچو به نه نڪرندو.
۵ - تِرَ، گهاٽا پوکبا ته مارجي ويندا. اپت اوتري نه ٿيندي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنجن شين/ حالتن کان پاسو ڪجي. انهن مان ڪو به فائدو نه ورندو.
۲ - گهاٽا تر، ڇڊا گيهون، اڻ پليو وياءُ،
سڙيو گهوڙو، کر ماڻهو، اهي پنج ئي نه ٿين.
۳ - ڏچر گهوڙي، سُچر زال، اڌارو وهانءُ،
گهاٽا تر، ڇڊي ڪڻڪ، پنج ئي نه ٿيا. (۱۲) ص ۱۴۸

243. جو دم جيوين، کير ولوڙ. (غلام فريد، چوڻي)
ٿرين جو گھڻو تڻو گذر، مال جي کير تي آھي. کير جو احترام سندن دُڪي ۽ داخل آھي. اڳلي کي دعائيه ڪلمات ڏيڻ وقت پڻ چوندا آھن؛ ”کيرن پٽن وارو ٿيندين“ يا ”جيسين جيئين، تيسين کير ولوڙيندين.“ (۳۵) ص ۲۵۲
مطلب؛ ۱- سدائين امير ۽ سائو ھجڻ لاءِ، دعائيه ڪلمات.

244. جوئيتان ري اڳي، روئيتان هوسين. (چوڻي)
جوئيتان؛ ڏسندڙ، انتظار ڪندڙ. ري؛ جي. اڳي؛ اڳيان، اڳ ۾. روئيتان؛ روئندڙ. هوسين؛ هوندا.
انتظار، ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪن ته ان کي موت کان به وڌيڪ شديد ڪوٺيو آهي. ڇو جو انتظار يا آسرو ڪرڻ، بيزار ڪري وجهندا آهن. جيڪڏهن وڏي انتظار کان پوءِ ڪا شيءِ هٿ ايندي آهي ته ان جو نه اهو قدر رهندو آهي ۽ نه ئي سنڀال. جيئن وڏي انتظار کان پوءِ ڄاول اولاد، پاس-خاطريءَ سبب، اڌري ويندو آهي ۽ روڄ راڙي جو سبب بنجندو آهي. محبوب جي ملڻ سان محبت ماٺي ٿي ويندي آهي. جنهنڪري ڀٽائي سڳوري پڻ فرمايو آهي؛ ڳوليان ڳوليان، شال مَ ملان هوت.
ڀٽائيءَ ته انتظار/ صبر کي ئي اصل عشق چيو آهي. جيڪا طراوت انتظار ۾ آهي، سا حلاوت، حاصلات ۾ به ناهي. وڌي ائين به چيو اٿس؛
”جا جَرَ جاٽون نه ڏئي، جا ڏيئا نه موهي،
سا ڪوه سڌون ڪري، محب ملڻ جون“.
مطلب: ۱ - ڳوليندڙن جي اڳيان، روئندڙ هوندا.
۲ - انتظار، روئاريندڙ هوندو آهي. (۶) ص ۱۰۳.

245. جھڙو سوار، اهڙو پنڌ. (بيراجي، پھاڪو)
سئيس يا سوار، سواريءَ کي هلائڻ جي مھارت رکندي، کيس ان نموني سان هلائيندو آهي، جيئن هلائڻ جي منجهس صلاحيت هوندي آهي. ڄاڻو سئيس، سِڌايل سواريءَ کي، سٺي نموني هلائيندو پر جڙ مان به ڪم ڪڍي ويندو. ان کان علاوه، پنڌ جو ڪپجڻ، سندس منزل ۽ وقت جي هئڻ سان پڻ منسلڪ ضرور رهي ٿو.
سئيس/ سوار کي، اگر منزل ڏوراهين ۽ وقت گهٽ آهي ته اهو پنھنجي وهٽ کي تڪڙو ڪُڏائيندو. اگر وٽس وقت جهجهو ۽ منزل اوڏڙي آهي ته آرام سڪون سان پيو پنڌ کي ڪپيندو.
مطلب: ۱ - پنڌ جي ڪپجڻ جو دارومدار، سوار جي صلاحيتن ۽ گهرجن آهر آهي.

246. جهڙي تهڙي جوءِ، گهرين ويٺي هوءِ. (چوڻي)
گهر، جو حقيقي سينگار، گهر-واريءَ سان آهي. عورت نه هئڻ جي صورت ۾، گهر سڃو ۽ بيگاني اوطاق مثل آهي.
سگهڙ، با اخلاق، باشعور عورت جي ته ڳالهه ئي اور آهي. ان جي هجڻ سان گهر سڌري ٿو، برڪتون پون ٿيون، رونق اچي ٿي ۽ گهر کي چار چنڊ لڳيو وڃن.
مرد، ٻاهران ڪمائي اچڻ واري ڪم جا ماهر هوندا آهن. گهر ۾ عورت وارو ڪم؛ گهر ۽ ٻچا سنڀالڻ، مهمانن لاءِ رڌو پڪو تيار ڪرڻ، لٽو ڪپڙو ڌوئڻ ۽ گهر کي صاف سٿرو رکڻ، مرد کان نه ٿي سگهندو. اهي سمورا ڪم، عورت سهڻي نموني سان نڀائي سگهي ٿي.
عورت ڪهڙي به هجي، فقط گهر ڪري ويهي ته سندس عزت، مانُ به انهيءَ ۾ آهي. عورت گهر کان سواءِ ۽ گهر، عورت کان سواءِ بيڪار آهن.
زال ڪھڙي به هجي، سھڻي يا ڪوجهي، عالمه يا جاهله، کيس پردي ۾ يا گهر جي ڪم ۾ رڌل رکجي. ان ۾ ئي سندس خوبصورتي آهي.
مطلب: ۱ - جهڙي به جوءِ هجي، گهر جو سينگار آهي.
۲ - مرد رلي ته کلي، عورت رلي ته ڀلي.
۳ - گهر ته گهر واري.
۴ - رن نه رلي ته ماريو ڇو ڀلي.
۵ - ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (۶) ص ۱۰۲.

247. جهڙي ڏيک، تهڙي سيک. (چوڻي)
ڏيک؛ ڏسڻ. سيک؛ سکڻ.
دنيا ۾ جيترو گهڻو گهمبو/ ڏسبو، عقل اوترو پرائبو. ڇو جو انسان، ڏسڻ سان ئي سکي ٿو. ماءُ جي پيٽان ڪير به سکي نه نڪرندو آهي. جهڙي جهڙي ماحول ۾ رهبو، اهڙو اهڙو عقل پرائبو.
چڱن سان رهبو، سٺا اخلاق پرائبا. برن جي صحبت ۾ اوگڻ پرائبا.
ٻيو ته ھڪ هنڌ رهي زندگي گذارڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو دنيا ۾ گهمي ڦري. ان سان به عقل وڌندو آهي.
مطلب: ۱ - حرڪت ۾ برڪت آهي.
۲ - هر وقت کلندڙ دروازي کي اڏوهي نه لڳندي آهي.
۳ - بيٺل پاڻي به ڌپ ڪري ويندو آهي.
۴ - ساڌو رمتا ڀلا، پاڻي بهتا ڀلا.
۵ - گهمي گا، ڦري گا، بني گا نواب، سمهي گا، گائي گا، بني گا خراب.
۶ - صحبت جو اثر، طبيعت تي پوندو آهي. (۶) ص ۱۰۱.

248. جھڙي وائبي، تھڙي کائبي. (پھاڪو)
وائبي: (مصدر) وائڻ، وائرڻ، پوکڻ.
پيٽ کي پالڻ لاءِ، هر ساهدار کي لوچڻو آهي. چُوڻو هٿ ڪرڻ لاءِ، زمين اندر محنت ڪري، جنھن جنس جو اَنُ ڇٽيندو، اُنَ ئي جنس جو اَنُ، بٽئيءَ تي کيس ملندو. اهو ئي کائڻو پوندس. جَوَ پوکيندو ته جَوَ لڻندو. جوئر پوکيندو ته جوئر لڻندو. ٻاجهري پوکي، جوئر جي اميد ڪرڻ اجائي آهي. ڪڻڪ پوکي، ڪمند جي لھڻ جي آس رکڻ فضول آهي.
مطلب: ۱ - دنيا اندر، ٻين سان جهڙو سلوڪ ڪبو، ٻيا به اهڙو ئي ڪندا.
۲ - چڱو هلبو ته ٻيا به چڱو هلندا، ساڻن برو هلبو ته پاڻ به برو هلندا.
۳ - ڪانڊيرا پوکبا ته ڪانڊيرا ئي لڻبا.
۴ - ٻٻر پوکي، ٻير گهربا ته ٻير ڪو نه ملندا.
۵ - برسات پوڻ کان پوءِ، جھڙو اَنُ ڇٽبو، تھڙو ئي فصل لڻي کڻبو.

249. جُہ سي لوڙائو، جنين ڍار رهن،
مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو. (شاهه، چوڻي)
لوڙائو: ڌاريل، ڦورو، لوٽو. ڍار: ھيٺانھين، جھوڪ.
حاڪم، ڇپر ۽ ڇانءَ ٿيندا آهن. نه پاڻ ظلم ڪندا آهن ۽ نه وري ٻين ھٿارئون ظلم ٿيڻ ڏيندا آهن. ڌرين اندر، انصاف کي قائم ڪندا آهن ته جيئن معاشرو، جنھن جو بقاءُ انصاف اندر لڪل آھي، سو وڌيڪ وقت جٽاءُ ڪري سگهي. جيڪڏهن انصاف هڪ دفعو هٿان ويو ۽ ظلم برپا ٿيو ته معاشري جو شيرازو ئي وکري ويندو.
حاڪم اگر، پاڻ بيهي لڄون لٽي ۽ قوم کي ڦُري ۽ ڦَٽي ته پوءِ مارو ۽ مسڪين ماڻهو، ڪنھن گهر دانهڙي ڏين؟ بھتر آهي ته ڀڄي جان بچائين.
مطلب: ۱ - حاڪم رعيت جي لڄ لٽيندا ته ڌاريا ڪھڙو اچي لٽو وجهندا.
۲ - جنهن جي آسري تي رهجي، سو ئي دشمن ٿي پوي ته پوءِ ڇا ڪجي؟
۳ - جنھن حاڪم جي آسري، ٿر جھڙي ڏکئي علائقي ۾ رهجي، سو ئي اگر ٻانهون کڻي، ڦُري ۽ لُٽي ته پوءِ مارو ماڻهو ڪيڏانھن وڃن.

250. جيترو پاڻي اونھون، اوتري مٽي جي سِڪ وڌيڪ.
(پھاڪو)
ھر ساھدار جو تڳاءُ، پاڻيءَ تي آھي. جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ان جي وسيلن ڏانھن ڊوڙي ڊڪي ٿو. اگر ڍنڍن ڍورن مان ميسر آھي ته انھن مٿان وڃي پھچي ٿو، اگر ندين ۽ واھڙن منجھان مليس ٿو ته انھن ڏانھن دلا ۽ مٽ کڻي ٿو. اگر جر کيس زمين اندر ملي ٿو ته ان منجھ کوھ کوٽي ٿو يا بور ڪري نلڪا ھڻي ٿو.
ٿر اندر آخري سھارو، جنھن تي زندگيءَ جو دارومدار وڃي رھي ٿو سو آھي، زير زمين پاڻي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏين مشڪلن سان، اڄ جي دور ۾ بور ٿين ٿا. آڳاتي دور ۾ فقط اونھا کوھ کوٽي سگھبا ھيا، جيڪي اڃا به وڏن جھدن پٽڻ کان پوءِ کوٽي سگھبا ھيا. مٿن وڏي محنت، ڪاريگري ۽ مٽيريل استعمال ٿيندو ھيو. ايڏي وڏي تڪليف کانپوءِ جڏھن ٺھي راس ٿيندا ھيا ته منجھانئن پاڻيءَ چڪو ڪڍڻ تي به وڏو خرچ کاٻار ٿيندو ھيو. کوھ تي پھچڻ لاءِ ۽ اتان پاڻي ڀري موٽڻ تي به وقت ۽ جان خرچ ٿيندا ھيا. تنھن ڪري ان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جو قدر ھوندو ھيو. ان وسيلي سان، اتان جي رھواسين جي، عشق جي حد تائين محبت ھوندي ھئي. (۳۵) ص ۲۱۱
مطلب؛ محنت سان حاصل ڪيل شيءِ جو قدر آھي ۽ ان سان محبت ٿئي ٿي.
۲. جيتري محنت، اوتري محبت.

251. جيسلمير جيسلمير، گهر سان وير پَرَ سان ميڙ. (چوڻي)
جيسلمير؛ هندستان اندر علائقي جو نالو، جيسلمير جا باشندا.
پنهنجن کي گهٽ سمجهڻ ۽ پراون کي اتم سمجهڻ، نه رڳو جيسلمير جي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي عادت آهي بلڪ انساني فطرت ۾ ائين سمايل آهي. پنهنجن جو هر ڪو، قدر گهٽ ڪندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻين کي عزت وڌيڪ ڏيندو آهي. پنهنجي ڳوٺ ۽ گهر وارن سان، ٽڪي ٽڪي تي ڪروڌ هوندس، جڏهن ته ڌارين کي، مٽن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجهندو ۽ جھجھو قرب پيو ڏيندو. سندن هر ڳالهه، صبر سان پيو سهندو ۽ تحمل سان پيو برداشت ڪندو.
مطلب: ۱- ملڪ جي مينا به ڪٻر برابر، ٻاهر جي ڪانويلي به بربليءَ برابر.
۲ - پنهنجن جي ڀيٽ ۾ ڌارين کي هر ڪو عزت ۽ قرب وڌيڪ ڏئي ٿو.
۳ - تين بلاوي، تيره آوي، ديکو يھان ڪي ريت،
باهر والي کا جاوين، گهر والي گاوين گيت.
۴ - شاديءَ مراديءَ ۾، ڳوٺ وارن جي ڀيٽ ۾، ٻاهرين کي وڌيڪ عزيت قرب ملندو آهي. چڱو کاڌو به کين ملندو آهي. (۱) ص ۳۷۴.

252. جيسين نه وڃي پاڻ، نينھن نياپي نه ٿئي. (شاھ، چوڻي)
دنيا جا ڪيترا ئي ڪم آھن، جيڪي پنھنجي سر ڪرڻا ھوندا آھن. ماني پاڻ کي کائڻي آھي. لٽو ڪپڙو پاڻ کي پھرڻو آھي. ڪاڪوس يا پيشاب خاني ڏي پاڻ ھلي وڃڻو آھي. نه وڃبو ته اھي ڪم نه ٿي سگھندا. اھي اھڙا ڪم آھن، جيڪي ٻين جي معرفت نه ٿا ڪرائي سگھجن. محبت به ائين آھي. اھا به جيسين پاڻ، سر جو سانگي لاھي، نه ڪبي، تيسين نڀجي نه سگھندي.
پنھنجي وات سان ڳالھايل لفظ، جتي اثر ڪندا، اتي نياپي پھچائيندڙ ماڻھوءَ جي ڳالھ، ڪجھ نه ڪري سگھندي. نياپو ڏيندڙ، نه اڳلي جي موڊ کي ڏسندو نه ڪيفيت کي. جيڪو رٽيل ھوندو سو چوندو ويندو. پوءِ اڳلي تي ان جو ڪھڙو به اثر پوي. بجاءِ اڳلي جي دل وٺڻ جي، خراب ڪيون ايندو. (۳۵) ص ۲۵۱
مطلب؛ ۱- ٻه ماڻهو جيسين پاڻ ۾ نه ملندا، هڪٻئي جي طبيعت، دلچسپي، روين ۽ مفادن کي نه پرکيندا، تيسين منجهن محبت پيدا نه ٿيندي.
۲- جٽادار محبت لاءِ پرک ۽ اعتماد جي ضرورت پوندي آهي.

253. جيڪي ڪپورئي ۾ هوندو،
سو ئي اوهاءَ ۾ پوندو. (پھاڪو)
ڪپوريو؛ کوھ جي ڀرسان ٺھيل ھودي. اوھاءُ؛ مال کي پاڻي پيئارڻ لاءِ ننڍڙو تلاءُ.
کوھ مان پاڻي ٻوڪن ذريعي، ورت ڇڪڻ سان ڪڍبو آھي. ورت يا واڍ، جيڪا ڀُوڻ يا گرڻيءَ تي گسڪندي ۽ ڦرندي آھي، تنھن کي ٻه چار ماڻھو يا ڍڳو ڍور جوٽي ڦيرائبو آھي ته پاڻيءَ سان ڀريل ڪوس يا ٻوڪو مٿي پھچندو آھي. ٻيو پاڻي کوھ مان ڪڍڻ لاءِ ٻوڪو يڪدم خالي ڪرڻو پوندو آھي. دلي يا مٽ ۾ لاھڻ سان وقت کرندو ۽ سيڙ ٿيندي آھي. تنھنڪري يڪدم ڪپورئي يا ننڍي هوديءَ ۾ لاھبو آھي. جتان وري نڪ/ ناليءَ جو ٻوچ کولڻ سان اوهاءَ/ آواڙي يا ننڍي تلاءَ ۾ مال وغيرھ جي پيئڻ لاءِ ڇڏبو آھي. اگر پاڻي ڪپورئي ۾ کوھ مان ئي نه وجھبو ته آواڙي ۾ ڪين ايندو.
مطلب: ۱ - جيڪي ڪني ۾ ھوندو، سو ئي ڏوئيءَ تي چڙھندو.
۲ - جيڪي دل ۾ ھوندو، سو ئي زبان ذريعي ٻاھر نڪرندو.
۳ - والدين وٽ هوندو ته اولاد کي به ملندو.
۴ - جيڪي ديڳ ۾ هوندو سو ئي چمچي ۾ چڙهندو.
۵ - ڀيٽيو؛ جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو ئي آهه ۾ پوندو.

254. جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو ئي آهه ۾ پوندو. (پھاڪو)
آھ؛ مال لاءِ پاڻي پيارڻ واري هودي.
آھ يا ھودي، کوھ جي ڀر ۾ ٺاھبي آھي ته جيئن کوھ تان پاڻي ڀرڻ وقت ھار وير جو پاڻي منجھس جمع ٿيندو رھي ۽ مال وغيرھ جي پيئارڻ ۾ ڪتب اچي. ڇو جو کوھ مان ورائي پاڻي ڪڍڻ به عذاب جھڙو ڪم آھي. ھار-وير جو پاڻي، جھڙو ئي کوھ مان نڪرندو، اھڙو ئي آھ ۾ پوندو آھي. آھ جي پاڻيءَ جي ذائقي ۽ کوھ جي پاڻيءَ جي ذائقي ۾ ڪو خاص فرق نه ھوندو آھي.
مطلب: ۱ - جھڙي ماڻھوءَ جي طبيعت هوندي، ٻين سان به ائين هلندو.
۲ - جيڪي ڪنيءَ ۾ هوندو، سو ئي ٿالھيءَ ۾ پوندو.
۳ - جڏهن نديون ڀريل آهن، تڏهن کوهه به ڀريل رهن ٿا. (چيني)
۴ - ڀيٽيو؛ جيڪي ڪپورئي ۾ هوندو، سو ئي اوهاءَ ۾ پوندو. (پھاڪو)

255. جي کنوي ڀرڻي، ته نار به جھڙي نه پرڻي. (پھاڪو)
ڀرڻي؛ نکٽ، مينھن جو اھڃاڻ.
علم جوتش موجب؛ ڪل اٺاويھ نکشتر يا نکٽ آهن. جيڪي واري وٽيءَ سان سڄي سال ۾ پيا ايندا آھن. مھيني جي اندر ته ھر ھڪ نکٽ کي وارو اچي ئي ويندو آھي. ڀرڻي به منجھانئن هڪڙو نکٽ آهي.
هر ڏينهن جو پنھنجو ھڪڙو نکشتر يا نکٽ آهي. چؤماسي جي مند وارن مهينن مان، ڪنهن به ھڪ مهيني جي ڀرڻي نکٽ ۾، اگر کنوڻ ٿي ته پوءِ مينهن جو آسرو لٿو. ڏڪار پڪ ٿيندو.
جنھن سال ڏڪار ٿيندو آھي، ان سال شادين مرادين وارا پروگرام درھم برھم ٿي ويندا آھن. خاص طور تي نياڻين جي شادي ڪرڻ وارا، ڪٺو ڪيل ڏيڀ ڏيوڻ، ڏڪار جي لڏپلاڻ سبب، لڪائڻ ۽ ھٿيڪو ڪرڻ سبب پريشان ٿي ويندا آھن. (۳۵) ص ۲۲۱
مطلب؛ اندر جو خوشيون به ٻاھر جي خوشين سان سلھاڙيل آھن.

256. جيوڙي آئي، ڪي نه ڀائي. (چوڻي)
جيوڙي؛ سِرڙي، سِرَ تي، ساھ مٿي. ڀائي؛ ڀائيوار، حصيدار، مددگار.
دنيا اندر، لاهيون-چاڙهيون ۽ هيٺ-مٿانهيون، انسان جي سر تي آهن. انهن سان کيس ئي منهن ڏيڻو آهي. ٻين کان مدد وٺڻ لاءِ ته وٺي سگهجي پر؛ سوال، ويچارو آهي. ڪٿي ٻيو مدد ڪري سگهي، ڪٿي نه ڪري سگهي. دنيا جا الائي ڪيترا اهڙا معاملا به آهن، جن ۾ مائٽ ۽ ڀائر به مدد نه ڪري سگهندا آهن. حتانڪ ماءُ پيءُ به مدد نه ڪري سگهندا آهن.
جيئن، ماءُ پيءُ کارائيندا پياريندا، ڪاڪوس لڳندو ته اوستائين به وٺي هلندا. اندر ڪاڪوس اچي ٿو يا نه، اهو پنهنجي سر تي آهي. ان تڪليف ۾ حصيدار نه ٿيندا.
شادي مرادي، ڌمي وڄائي، ڀت-ڪاڄ ڪري، ڪرائيندا. وني وٺي ڏئي، اندر موڪليندا. پاڻ ۾ ڪمزوري هوندي ته ان ۾ حصو نه ونڊائيندا. اها تڪليف پنهنجي سر تي آهي. بيماري-بڙيءَ ۾ علاج ڪرائيندا، ڀڄ-ڊڪ ڪندا، پئسو پنجڙ ڇَٽيندا، ڊاڪٽر تائين رسائيندا، پر بيماريءَ جو حصو ورهائي نه کڻندا. اها پاڻ کي ئي لوڙ لوڙڻي آهي.
مطلب: ۱ - سر تي آيل مصيبت ۾ ڪير به ڀاڱي- ڀائيوار نه ٿيندو آهي.
۲ - سِرڙي آئي، ڪو نه ٿئي حال ڀائي. (ساهتي) (۶) ص ۱۰۲.

257. جي وس چرندا، تن ڇنڊ ته لڳندي.
ٻڪريءَ لاءِ مشهور آهي ته ڇنڊ لڳي نه آهي، ڍرندي وڻ ۾ يا جهليندي ڀت جي اوٽ. اگر جي گهر ويجهو هوندو ته ڪيترا حيلا بهانا ڪري به هرڙائي چونئري ۾ ڍري ويندي. تنھنڪري ٻڪريءَ لاءِ مشھور آهي؛ ”ٻڪري وس به چرندي، ڇنڊ به نه سھندي.“
مطلب: ۱ - ٻڪري وس به چري، ڇنڊ به نه سھي.
۲ - ٻڪري چي؛ وس به چران، ڇنڊ به نه سھان.
۳ - لالچي ۽ منڊو فقير چي؛ پنان به وٽي تي، سمھان به منجي تي.
۴ - جي پوندا سوڙھيين، تنين لڳندا سيلھ.
۵ - گپ ۾ گھڙبو ته ڦڻنگون ته لڳنديون.

258. جي وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيٽ. (زرعي، چوڻي)
زراعت لاءِ، سنڌ اندر ٻه مندون يا موسمون آهن؛ چيٽ ۽ ڪتي. ڪتيءَ جو فصل انھن مھينن اندر ٿيندو آهي، جن مھينن اندر ڪتي آسمان تي هوندي آهي. ڪتي، جون مھيني ڌاري ڄاپندي آهي ۽ ڊسمبر/ جنوريءَ تائين آسمان تي رات ڌاري نظر ايندي آهي ۽ ان کانپوءِ لهي ويندي آهي. ان وقفي واري مند کي ڪَتيءَ جي مند يا خريف سڏيو ويندو هي. جيئن خريف جي مند پوري ٿيندي، تيئن وري ربيع يا چيٽ شروع ٿيندو.
اگر چيٽ جي مند ۾، فيبروريءَ ڌاري چڱي برسات پئي ته اها فصل لاءِ ڪارائتي ٿيندي. فصل کي نه وڌيڪ ڀاڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه دوائن جي. ان برسات اندر، قدرت واري فصل لاءِ وڏي قوت رکي آهي.
مطلب: ۱ - مندائتو مينھن، ڪارائتو آهي.
۲ - چيٽ جي مند ۾ برسات پوي ته اناج جام ٿيندو آهي.

259. جي هڙان نان ڏين، تو ئي وڙان نان وڃاءِ. (چوڻي)
هڙان؛ هڙئون. نان؛ نه. وڙان؛ وڙئون.
دنيا جو ڪار-وهنوار، هڪڙي ربط سان قائم آهي. جنھن ۾ حسن سلوڪ، وقت پوڻ تي مدد ڪرڻ، شاديءَ- غمي، موتي- فوتيءَ، اڙيءَ- اُڌي هڪٻئي وٽ پير ڀرڻ وغيره جھڙا عمل اچي وڃن ٿا.
اڳلو تڪليف ۾ آهي ته وٽس وڃي، کيس مدد ڪرڻ. پئسي ڏوڪڙ جي مدد نه ڪري سگهجي ته مال ۽ اناج جي ڪجي. اها نه ڪري سگهجي ته سندس تڪليف دور ڪرڻ لاءِ ٻين وٽ مدد لاءِ ڀڄ-ڊڪ ڪجي. ايترو به نه پڄي سگهي ته پوءِ ساڻس، زباني همدردي ضرور ڪجي.
جيڪو ماڻهو، زباني همدرديءَ کان به هليو ٿو وڃي، سو ڄڻ حيوانن جي قطار ۾ اچي ٿو وڃي. آخر ۾ ساڻس همدردي ڪرڻ وارو به ڪين ٿو بچي. انهن ڳالهين سببان ڪيترا ته ري-ڪفنا مري ويندا آهن. ري-ڪفنو مرڻ کان پاسو ڪجي.
مطلب: ۱ - هڪ ٻئي جي دامي درمي، قدمي سخني، مدد ضرور ڪجي.
۲ - هڙئون نه ڏجي ته وڙئون نه وڃجي.
۳ - ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي. (۵)

260. جيئڻ لاءِ به سھپ کپي. (چوڻي)
زندگي ڏاڍي ڏکي آھي. ان کي آسان بنائڻ لاءِ، قدرت واري انساني سڀاءَ اندر سھپ ۽ صبر جو جذبو وديعت ڪيو آھي.
صبر ۽ سھپ واري سان ڄڻ ڌڻي سڳورو پاڻ گڏ آھي ۽ ان جي جوڳي مدد فرمائي ٿو. زندگيءَ اندر، مالڪ ڪڏھن انسان کي نعمتون ڏئي پيو ٿو آزمائي ته ڪڏھن وري نعمتون کسي پيو پرکي. انھن لاھن چاڙھن جي اندر، سکي زندگي اھو انسان گذاري سگھندو، جنھن ۾ سھپ جو مادو ڀريل ھوندو. (۳۵) ص ۲۲۰
مطلب؛ ۱. صبر ۽ سھپ سان گھاريل زندگي ئي سڪون واري آھي.