گھ
233. گهانچي، موچي، گائينچو، ڀڻيو ڀوپٽ ٿاءِ،
ڀوتاپڻو پلٽي پڻ ذاتي سباءِ نه جاءِ. (چوڻي)
گهانچي: تيلي، چاڪي. موچي: جوتن کي چتيون ھڻندڙ، جوتا ٺاھيندڙ. گائينچو: حجام، جيڪي وار ٺاھين، ختنو ڪن ۽ شادين مرادين ۾ ڀت رڌين. اھي سڀ ذاتين جا نالا آھن، جيڪي مٿن سندن ڪسب سبب پيا آھن. ڀڻيو: پڙهي. ڀوپٽ: ڀوپن جو ڳواڻ، عامل. ڀوتاپڻو: پلو يا ڪنارو.
سباءُ: سڀاءُ، ريت، عادت، فطرت. جاءِ: جائي، ھليو وڃي، وڃڻ.
گهانچي، موچي، گائينچو ۽ ڀوپو، ڀلي ڪيڏو به پڙهن پر منجهانئن اصليت واري رڳ نه ويندي. ڦِريو ڦِريو ساڳيا ڪڌا ڪم پيا ڪندا. ڇو جو منجهن پيل اڍنگيون عادتون، عضون وانگر پڪيون ٿي، سندن روح ۾ رچي بسي وينديون آهن.
مطلب: ۱ - عادت عضوو آهي.
۲ - عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جاءِ،
اٺ پوي ڪڻڪ ۾، جواسا چُڻ چُڻ کاءِ.
۳ - گهانچي، موچي، گائينچا، ڀڻيا، ڀوپت ٿائي،
پوٽا وار، پلٽي جاتي، گڻ نه جائي. (۱۶)
234. گھٽيءَ، گھرن جي سونھن آھي. (چوڻي)
گهٽيءَ؛ گهرن جي وچ واري واٽ يا چارو.
واٽ، رستو، گھٽي، پيچرو يا پير-چارو، رب جو آھي. ڪير به ان جو وارث ناھي. عام خاص جي لنگھ لاءِ آھي. سمورا ماڻهو گذري سگھن ٿا. پيادا ماڻهو، بيل گاڏيون، گڏهه گاڏا، هٿ گاڏا، ريڙها، جيپ، ٽرڪ، ڇڪڙو وغيره بوقت ضرورت مٿس ھلي سگھي ٿو. اھو ڪڏھن به بند ڪبو ناھي. نه وري قبضو ڪري سوڙھو ڪبو آھي. مٿس مالڪيءَ جو حق ڪنھن کي ناھي پر سنڀال ۽ صفائيءَ جي ذميواري مڙني استعمال ڪندڙن تي عائد ٿئي ٿي.
ان لاءِ گهٽيءَ جو ويڪرو هئڻ ضروري هوندو آهي. اخلاقي طرح گهٽيءَ جي ماپ اندر ڪا اڏاوت ڪري سوڙهو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ساڳئي طرح گهٽيءَ کي صاف رکڻ جي ذميواري به سڀني ماڻهن جي گڏيل هوندي آهي.
اگر صاف نه هوندي يا سوڙهي هوندي ته اچ وڃ جي تڪليف وڌندي. ان کان علاوھ مسافر مڙا، ڳوٺ وارن جي لاپرواهيءَ تي پيا کلندا ۽ عيب ڪڍندا. (۳۵) ص ۲۱۹
مطلب؛ ۱- گهٽيءَ جو ڪشادو ۽ صاف هجڻ، عقلمنديءَ ۽ ڳوٺاڻن جي ٻڌيءَ جي نشاني آهي.
235. گهر آهي، زال سان. (چوڻي)
ھر جاءِ جو پنھنجو ماحول ھوندو آھي. اسڪول جي شڪل شبيھ، ڪورٽ جي شڪل شبيھ کان مختلف ھوندي آھي. آفيس جي شڪل شبيھ ۽ ماحول، اسٽيشن جي شڪل ۽ ماحول کان ٻيءَ طرح جا ھوندا آھن. اھڙيءَ طرح اوطاق جي شڪل شبيھ ۽ ماحول، گھر جي ماحول ۽ شڪل کان مَٽَ ھوندو آھي. اوطاق اندر مرد ئي مرد ھوندا آھن. منجھس ڌاريا به اچي سگھن ٿا. اوڀاريون لھواريون ڳالھيون به ڪري سگھجن ٿيون. جڏھن ته پنھنجي ئي اوطاق ۾، پنھنجي گھر جون عورتون به، ڪير آڻڻ پسند نه ڪندو آھي.
ان جي بر عڪس، گھر جو وري ماحول اڃا مختلف آھي. ان ۾ مرد ۽ عورتون گڏ گڏ ته رھن ٿا پر پنھنجي ئي گھر جا. ٻين کي، اچي منجھس دخل ڏيڻ جي اجازت نه ھوندي آھي. اگر ٻاھريان ماڻھو، پوءِ ڀلي نوڪر يا نوڪراڻيءَ جي صورت ۾ ئي اچن، گھر جي ماحول ۾ سواءِ بگاڙ جي ٻيو ڪجھ نه ڪري سگھندا. پنھنجي گھر جي سنڀال، پنھنجي زال ئي بھتر نموني ڪري سگھندي، ٻي ڪا به نه. پنھنجي گھر جو مرد به نه. تنھن ڪري، زال کي گھرجي ته پنھنجي گهر کي سنڀالي. ٻي صورت ۾ گھر اجاڙ ٿي ويندو. ائين به آھي ته جنھن جاءِ ۾ زال ناهي، تنھن کي گهر نه ٿو چئي سگهجي.
مطلب: ۱ - زال کان سواءِ گهر، مساڻ جي مثال آهي. (ٿر)
۲ - زال مئي، ڄڻ گهر ڀڄي پيو. (ٿر)
۳ - زال جو ٻيو نالو؛ گهر آهي. (هندي)
236. گهر به گهر، ٻاهر به گهر. (بيراجي، چوڻي)
جيڪو ماڻهو، پنھنجي گهر يا ڳوٺ ۾ ترسيل آهي، سو پنھنجي گهر ۾ موجود اَنُّ وغيره واپرائي ٿو. پئسو پنجڙ، جيڪو گهر ۾ رکيل اٿس، سو جان تي خرچ ڪري ۽ کپائي ٿو.
اگر ٻاهر ويندو ته به گهر ۾ رکيل پئسو پائي کڻي، پوءِ ويندو ته اتي وقت چڱو گذرندس. مسافر ٿي ڪري، ٻين جي درن ۽ اوتارن تي وڃي ٽُٽندو ته ضروري ناهي ته اهي سندس لاءِ جوڳو بندوبست ڪن. اتي به کيس، ڳنڍ ۾ ٻڌل ناڻو ئي ڪم ايندو.
مطلب: ۱ - گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو.
۲ - ٻاهر ڪا رڌي پڪي ڪا نه پئي آهي.
237. گهر جو ٻانڀڻ، بئل برابر. (پھاڪو)
بئل: ڍڳو.
گهر جي اندر موجود شيءِ، ويجهي ۽ آسانيءَ سان دستياب هئڻ سبب، پنھنجو قدر ۽ قيمت وڃائي ڇڏيندي آهي. قدر ۽ قيمت، ان شيءِ جا وڌيڪ ٿيندا آهين، جيڪا پھچ کان دور ۽ تڪليف سان حاصل ٿيندي آهي.
ٻانڀڻ يا بزرگ، ڀلي ٻين جي لاءِ وڏا پھتل ۽ اعلى درجي وارا ڇو نه هجن پر گهر جي ڀاتين لاءِ، سواءِ گهر جي هڪ نڪمي ڀاتيءَ جي ٻيو ڪي به ڪو نه هوندا آهن. ان ڪري سندن قدر ۽ قيمت، گهر جي ڀاتين جي نظر ۾ ڪري پوندي آهي.
مطلب: ۱ - گهر ڪي مرغي، دال برابر.
۲ - ويجهي؛ ڪوجهي.
۳ - پنھنجي؛ سھنجي.
۴ - دور ڪا ڍول، سهانا بجتا هي.
۵ - ڀيٽيو: گهر ڪا جوڳي، جوڳيئڙا، آن گانو ڪا سڌ.
238. گهر ڌِيڻو، ٻُنڀ ٻاجهري، گاھ ڪاٺي، گهر گنج،
ڀائر پُٽ چئي ۾، اهي پنج ئي سهنج. (چوڻي)
ڌيڻو: کير مکڻ. ٻنڀ: ٻنڀو، در. سهنج: سک.
۱ - گهر ۾، لسيءَ ۽ مکڻ لاءِ ولوڙو هجڻ، سک جي نشاني آهي.
۲ - ٻني تي ٻار يا در وٽ کيتي به، وڏي سهوليت آهي. در واري زمين کيڙڻ، پوکڻ، سنڀالڻ، ڳاهڻ وائرڻ تمام سَهنجي آهي.
۳ - مال لاءِ گاھ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ گھر اندر ٻارڻ طور ڪاٺيون جام هئڻ به، سهوليت جون نشانيون آهن.
۴ - گهر ۾ گنج/ ڏوڪڙ پئسو، هر وقت موجود هجڻ سان به، گهڻي آساني ٿئي ٿي.
۵ - ڀائر ۽ پٽ، فرمانبردار هجن ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪا عزت جهڙي ڳالهه ڪانهي. انهيءَ سان برڪت به گهڻي پوندي آهي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج ئي سهوليتون، وڏا سک ڏيندڙ آهي.
۲ - اول ندي آب جي، گاھ ڪاٺي، گهر گنج،
وٽ کيتي، گهر ولوڙو، اهي پنج ئي سهنج.
۳ - گهر ندي، ٻنڀي گاھ، ڪاٺي ڦانگھو گنج،
سوئا مينهن در تي، سندر ناريءَ ٻيٽو هنج، اهي پنج ئي سهنج.
۴ - در اڳيئون کيتي، ٻنڀي اندر کوھ،
تري تازي هيٺئون، جا ريجهائي روح،
گاه ڪاٺيون گهر گنج، اهي پنج ئي سهنج.
۵ - گهر نديءَ ڪناري، ڪاٺيون سوڙهيءَ منجهه،
نار سلکڻي گهر ۾، ٻيٽا هجنس هنج،
تازي هجي تُري، مٿس سونا سنج، اهي پنج ئي سهنج.
۶ - گهر ندي ڪناري، ڪاٺي پاڻي گنج،
چٽيهه لکڻي ڪامڻي، ٻيٽو سونهينس هنج،
ڀلو گهوڙو چڙهيءَ هيٺ، اهي پنج ئي سهنج.
۷ - ڀيٽيو؛ گهر ندي ڪناري وٽ، هجي کير جو گنج،
ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج،
زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنهن جي هنج،
هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي سهنج. (۴) ص ۲۵۷.
239. گهر را گهيرٽي چٽين، گرو ٿو آٽو کائي. (پهاڪو)
آڳاٽي دور ۾، هڪڙو شهري ٿريو، ٻائو ٿيو. اوس پاس جي ڳوٺن کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيائين. ڏيهاڙي، گيهه، دال، اٽي، کنڊ ۽ چانورن لاءِ ٿانءُ کنيو بيٺو هوندو هيو. تر جا ماڻهو کانئس تنگ ٿي پيا.
هڪ ڏينهن گهٽيءَ سان صدائون هڻندو پئي آيو؛ ”آٽي را ٿال، ڀڳوان را مال.“ اها سدا هڪڙيءَ گهر-ڌياڻيءَ به ٻڌي. تنهن کيس ھٿين-خالي موٽائڻ لاءِ، سٽ سٽي رکي. ٻائي جيئن ئي سندس در تي سئن هنئي ته گهر جا ننڍڙا ٻارڙا ڊوڙندا ماءُ وٽ آيا.
”امان! گرو جي آيا اَهين، اوئان نان آٽو ڏيو!“ ٻار ماءُ کي چوڻ لڳا؛ ”امان! گرو صاحب آيو آهي، کيس اٽو ڏيو.“
”گھر را گھيرٽي چٽين، گرو ٿو آٽو کائي.“ مائيءَ ڏاڍيان ۽ وڏي آواز چيو، جيئن گرو ٻڌي ۽ شڪي ٿئي؛ ”گهر وارا ٿا چڪي چٽين، گرو ٿو اٽو کائي.“
اھي لفظ پاڙي وارين به ٻڌا ته ڏاڍو کليون. ٻائو اھو لقاءُ ڏسي، شرمساريءَ تتان، اھا گھٽي ئي مَٽي ويو.
مطلب: ۱ - غريب ماڻهوءَ مان، خيرات جي اميد نه رکجي.
۲ - جو پنندڙن کان پني، سو گونھ ڪتن جو ڳنهي. (۶) ص ۷۴.
240. گهر سونهين انسان سان، ميخانو سونهين پيمان سان،
مندر سونهين ديوان سان، صحن سونهين ايوان سان. (چوڻي)
گهر، جاءِ، جڳهه، اوطاق، اسڪول وغيره ۾ اگر ماڻهو رهندا ته صفائي سٿرائي پئي ٿيندس. هر وقت دروازا پيا کلندا ۽ ٻيڪڙبا ته کين زنگ يا اڏوهي نه لڳندي. ڇنڊ ڦوڪ سان، تانيئڙن جا ڄارا ۽ مٽيءَ جا ڍير نه ٿيندا. ٽپڙ ٽاڙيءَ جي سور پور، هنڌ بستري جو استعمال، گهر اندر هڪ قسم جي حياتي آڻيندا آهن. رھائشي ٿاڪ ٺهندا به، ماڻهن جي رهڻ سان آهن، ٻي صورت ۾ ويران ٿي ويندا يا منجهن سڃ پئي نظر ايندي.
ميخانو: جنھن اندر متوالا شراب جون سرڪيون پيئن ٿا. صراحين منجهان ڇلڪو ڏئي اوتيل مئي جو به هڪڙو حساب ۽ پيمانو هوندو آهي، جنھن تحت اها پيئبي آهي. ساقيءَ ۽ پيماني کانسواءِ، ميخانو ڄڻ ته هڪ دائرو آهي، جنھن اندر جنھن مواليءَ کي جيئن وڻي تيئن ڪري.
مندر به ان جي سنڀاليندڙ، ديوان سان سونهين ٿو.
گهر يا جاءِ جو اڱڻ/ اڳنڌ به ميدان سان سونهين ٿو. اگر اڱڻ جو ميدان ننڍو هوندو ته نه منجهس سياري ۾ اس هوندي ۽ نه اونهاري ۾ نِوائي. نه سياري جي ڏينھن ۾ تڙڪي جو مزو ماڻي سگهبو ۽ نه وري اونهاري جي ڏينھن ۾ کليل هوا وارو سرور حاصل ڪري سگهبو.
مطلب: ۱ - چار شيون، چئن شين کان سواءِ، ٻُسيون ۽ بي چسيون آهن.
241. گهر ڪا جوڳي جوڳيڙا، آن گانو ڪا سِڌ.
(راجسٿان، پهاڪو)
جوڳي: جوڳ پچائندڙ، بزرگ. جوڳيڙا: پنيڙيات فقير. گانو: ڳوٺ. آن: ۽
سِڌ: سپورنج، سمجھدار.
جوڳي، جيڪي گهر کي تياڳي، بنواس وٺن ٿا ۽ جھنگن ۾ وڃي جوڳ پچائين ٿا. پنهنجي انهيءَ تارڪ الدنيا واري صفت سبب، ماڻهن جي دلين تي اثر انداز ٿين ٿا. ڇو جو جيڪو ماڻهو دنيا کي تياڳ ڏئي ٿو، دنيا ان جي پٺيان هلي اچي ٿي ۽ جيڪو دنيا کي ٻک وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دنيا تنهن کان ڏور هلي وڃي ٿي.
جوڳي به تيستائين عوام جي دل ۾ عزت وارو آهي، جيستائين کانئن ڏور آهي. جڏهن اهو گهر جو فرد آهي ته ان جي حيثيت پينڙيات جوڳيءَ کان به پري آهي. گهر جا ڀاتي به، کيس ٽوٽي ۽ نڪمو سمجهندي، عزت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.
اهڙيءَ طرح ڳوٺ جو سپورنج يا سمجهدار ماڻهو آهي. ٻاهر جا ماڻھو کيس ڄاڻو ۽ داناءُ سمجهي، پيا کانئس صلاحون وٺندا، جڏهن ته ڳوٺ وارا کيس واندو، نکمڻو ۽ بيوقوف سمجهي پيا ٿڏيندا.
مطلب: ۱ - گهر يا ڳوٺ ۾، ماڻهوءَ جي اها عزت نه ٿي رهي.
۲ - گهر جو پير، چلهه جو مارنگ
۳ - گهر ڪي مرغي، دال برابر. (۱)
242. گهر گهانچيان رو ٻڙيو،
تو ئي سيڪ رونڏران نان پرهو آئي. (پهاڪو)
گهانچيان: گهانچين، چاڪين، تيلين. رو: جو. ٻڙيو: سڙيو. سيڪ: تؤ، لھس. رونڏران: ڪوئن کي. نان: کي. پُرهو: پرتي، پرانهون. آئي: اچي.
جيڪڏهن چاڪين يا اھي گهر جن منجھ تيل جھڙو ٻارڻ رکيل آھي، تن کي اگر باھ لڳي ته انھن جا ٽپڙ ٽاڙي ۽ منجهس رهندڙ جيت جڻيا ته سڙندا پر پاڙيوارن کي به باھ جو سيڪ ضرور ايندو. جيڪڏهن لڳل باھ کي اتي وسائي، روڪيو نه ويو ته پاڙي جا ٻيا گهر به سڙي رک ٿي سگهن ٿا. نتيجي ۾ هڪڙي فرد کي پهتل نقصان جا اثرات، ٻين تي به مرتب ٿي سگهن ٿا.
اهڙيءَ طرح ٻوڏ، ڌاڙي، زنا، جوئا، شراب ۽ ٻين براين جا به اثرات پاڙيوارن ڇا پوري ملڪ ۽ قوم تائين پکڙجي سگهن ٿا. مڙني براين کي بر-وقت يا منڍئون دٻائي ڇڏجي ته بهتر آهي.
مطلب: ۱ - برائيءَ کي اُسرڻ نه ڏجي.
۲ - ٻئي جي نقصان تي خوش نه ٿجي. هٿائين ساڻس مدد ڪجي. ور نه ته انهيءَ نقصان جا اثرات، پاڻ تائين به پهچي سگهن ٿا. (۶) ص ۱۲۶.
243. گھر گھر ٿيندي گھرٽيءَ، گھر گھر ٿيندو ماڻ،
اھي ڦٽيءَ جا اُھڃاڻ. (چوڻي)
گهرٽيءَ؛ جنڊ. ماڻ؛ ماپو.
اٽي پيھڻ جون چڪيون، بجليءَ تي ھلڻ سبب، ٿر اندر ھر وستيءَ ۾ ھڻڻ اوکيون آھن. ھر ماڻھو به جنڊ نه ٿو رکي سگھي. پيهڻ لاءِ، پاڙي ۾ ڪو هڪ اڌ جنڊ ھجي ته ھجي، ور نه ڳوٺ واري جنڊ تي سموريون عورتون، انتظار سان ۽ ھڪ ٻئي جي مدد سان پيون اٽو پيھنديون آھن. جنھن سببان، ھڪٻئي سان ربط، واسطو ۽ محبت قائم رھندي آھي.
نه وري تور تڪ لاءِ، ھر گھر ۾ وٽ ساھميون ھونديون آھن. ان مئڻ يا ورھائڻ لاءِ به ماڻ ماپا ھوندا آھن، جيڪي ڳوٺ يا تر ۾ ڪنھن ھڪ اڌ سکيي ستابي وٽ ھوندا آھن. ھر ڪو کانئس اڌارا وٺي، بٽئيءَ بعد واپس ڪندو آھي. ان ربط سبب، ماڻھن منجھ مٺ محبت قائم رھي ٿي.
ھن اڳڪٿيءَ منجھ ھڪ نياپو ڏنو ويو آھي. ٿر سکييو ستابو ٿيندو. ھر ڪنھن وٽ، عام استعمال جي شيءِ به پنھنجي ھوندي. ڪير ڪنھن جي ڪاڻ نه ڪڍندو. جنھن ڪري مٺ محبت ۽ ربط ختم ٿي ويندا. (۳۵) ص ۲۳۲
مطلب؛ ۱- اسباب جو ھجڻ، محبت جي زنجير کي ٽوڙي ڇڏيندو آهي.
۲- سھوليتن جي اچڻ سان، سڀ ڪو پنھنجو ڏيڍ چانور، ديڳڙيءَ ۾ ڏور پيو چاڙهيندو آھي.
244. گهر ندي ڪناري وٽ، هجي کير جو گنج،
ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج،
زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنهن جي هنج،
هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي سهنج. (چوڻي)
۱ - گهر، نديءَ جي ڪناري هوندو ته ماڻهوءَ لاءِ گهڻا سک ٿي پوندا. آڳاٽي دور ۾ ڳوٺ ٻڌبا ئي درياهن جي ڪناري سان هيا. آمدرفت جا رستا پڻ درياه سان ھوندا هيا. زمينون درياھ جي پاڻيءَ تي زرخيز ٿينديون هيون. پاڻي زندگيءَ جي هر ضرورت پڻ آهي.
۲ - کير لاءِ، مال متاع جام هجڻ سان، گهڻا سک آهن. کير ڳنڌڻ طور ته ڪتب اچي پر بذات خود به مڪمل طور کاڌو (Complete Food) آهي.
۳ - آڳاٽي دور ۾، تکي سواري، گهوڙي جي هئي. اڄ به جتي رستو ناھي، اتي گھوڙي جھڙي تکي ۽ يقيني سواري آھي ئي ڪا نه. لينڊ ڪروزر گاڏين جو پيٽرول کٽي سگھي ٿو، موبل ھارجي سگھي ٿو، ٽائر پنڪچر ٿي سگھي ٿو. گھوڙي کي بک يا اڃ لڳي ته کاڌو ۽ پاڻي جھر جھنگ ۾ مليو وڃي. تنھنڪري اتي، گهوڙي جو هئڻ وڏي نعمت هئي. ان سان گڏ، جيڪڏهن مٿس سونا سنج وجهڻ جيتري دولت به هجي ته پوءِ سک ئي سک آهن. ڇو جو انهن ۾ وڏو دٻدٻو ۽ رعب تاب هيو.
۴ - گهر ۾ سلڇڻي/ سگهڙ زال هجي ته ان کان وڌيڪ ٻيو سک ئي ناهي.
۵ - جنهن ماڻهوءَ وٽ اولاد آهي ۽ اولاد لاءِ سڪايل ناهي، سو به سک سان آهي. ڇو جو مال متاع ۽ اولاد وغيره، دنيا جي ورونهن آهن. مثال؛ پٽ جهڙو مٺو ميوو دنيا ۾ ناهي.
مطلب: ۱ - ماڻهوءَ لاءِ، مٿي ٻڌايل شيون، دنيا جي سک طور ڪتب اچن ٿيون.
۲ - گهر نديءَ ڪناري، ڪاٺي ڦانگهو گنج،
نار سلڇڻي گهر ۾، پٽ هجيس هنج،
تري ھجي تازي، سونا مٿس سنج،
اهي پنج ئي ڄاڻج سهنج.
۳ - سوئا مينهن در تي، گاھ ڪاٺيءَ جا گنج،
زال هجي سلڇڻي، پٽ هجيس هنج،
ڀلو گھوڙو در تي، تنھن تي سونا سنج،
پنج ئي ڀائر ڀيڙا ٿيا، اهي ٿيا سڀئي سهنج.
۴ - ڀيٽيو؛ گهر ڌيڻو، ٻانڀ ٻاجهري، گاھ ڪاٺي، گهر گنج،
ڀائر ۽ پٽ چئي ۾، اهي سڀئي سهنج. (۱۲) ص ۱۴۶.
245. گهر نينگر ٻوجهه گهڻو، ڪچي ڦلي ڏوئو واءُ،
ڀائيان وڇوڙو ماهيلي، مينهان اگتيو واءُ، چار ئي تباه. (چوڻي)
نينگر: ڇوڪر، ڄاٽو. ٻوجهه: بوجهه، وزن. ڏوئو: ٻه واءُ، ڪڏهن اتر ته ڪڏهن ڏکڻ. ڀائيان: ڀائرن منجهه. وڇوڙو: اڻبڻت، ڌار ٿيڻ. ماهيلي: زالون. مينهان: مينهن لاءِ. اگتيو واءُ: اڀرندي طرف جو واءُ.
۱ - گهر-ڄاٽي تي گهڻو وزن رکبو ته ڀڄي وڃڻ ۾ ويرم ئي نه لائيندو. سندس ڀڄي وڃڻ ۾ ته سندس عافيت آهي پر نياڻيءَ وارو تباه ٿي ويندو.
۲ - بهار جي موسم ۾، پندرهين فيبروريءَ کان پندرھين مارچ تائين، وڻن ۽ ٻوٽن ۾ گل ڦل لڳندا آهن. ان وقت واءَ ٻه-طرفا لڳندا آهن. صبح جو اتر ته شام جو ڏکڻ پيو گهلندو. اهي واءَ، ڪچين ڦلين ۽ گلن لاءِ خراب ۽ هاڃيڪار هوندا آهن.
۳ - ڀائر به تيستائين ڀائر ۽ دوست آهن، جيستائين پرڻيا ناهن. پرڻي پڄاڻان، هر ڪنهن کي ٻچڙ-والي وٺي ويندي آهي ۽ ڀانت ڀانت جا مسئلا آڏو ايندا آهن. جنهن سببان، ڀائرن ڏانهن ڌيان هٽي، ٻارن ٻچن ۽ گهر گرهستيءَ ڏانهن ٿي ويندو اٿن. پاڻ ۾ ورهئين ڪرهئين ۽ مشڪل سان پيا ملندا آهن. الزام وري به عورتن تي هوندو آهي ته؛ انهن آئي، وڇوڙا ٿيا.
۴ - جنهن مينهن سان گڏ، اڀرندي طرف جو واءُ هوندو آهي. اهو جلد اوڪاڻجي ويندو آهي.
مطلب: ۱ - گهر-ناٺيءَ لاءَ گهڻو بار، ڪچين ڦلين لاءِ ٻِه-طرفو واءُ، ڀائرن لاءِ ڏيرياڻيون، مينهن لاءِ اڀرندي جو واءُ، پويون ڏينهن آهن. (۱۲) ص ۱۴۱.
246. گهر ئي گهاڻي، تيلي روُکو ڪيون کاوئي؟ (پهاڪو)
آڳاٽي دؤر ۾، سرنهن ۽ ڄانڀي وغيره جو تيل کائڻ طور استعمال ٿيندو هيو. اڄ پڻ پڪوڙا وغيره ترڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. ترڻ واريون شيون، ڪڙهائيءَ ۾ ترجڻ کان پوءِ، تيل کڻڻ بجاءِ، واڌو تيل ڇڏينديون آهن. انھيءَ واڌو ڇڏيل تيل منجھ، ٻيون ۽ ٽيون شيون پڻ تري سگهجن ٿيون. جيڪڏهن ان لاءِ گيهه استعمال ٿيندو ته ان ۾ هڪڙو نقصان آهي ته اهو ٻيهر ٽيهر سڙڻ کان پوءِ وهه ٿي ويندو آهي ۽ منجهس تريل شيءِ پڻ زهر جهڙو اثر رکندي آهي. ان جي برعڪس، جيڪڏهن تَر واري شيءِ، تيل ۾ پئي تربي ته تيل ٻيهر ٽيهر ٿيڻ بعد، گيهه ٿي پوندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ساڳ وغيره کائڻ جا شوقين، اڄ به سرنهن وغيره جو تيل هٿ ڪري، منجهس ساڳ يا پليءَ جو ٻوڙ رڌي کائيندا آهن. تيليءَ/ چاڪيءَ کي تيل پيڙڻ جو گهاڻو، پنهنجو هوندو آهي. وٽس ته اصلي ۽ نج تيل هوندو. اهو گهر ۾ تيل جو گهاڻو هئڻ سبب، اڻڀو ٻوڙ ۽ رُکي ماني ڇو کائيندو؟
مطلب: ۱ - تيل جو گهاڻو گهر ۾ هوندي، تيلي پوءِ به رکي ماني کائي ته سندس قسمت خراب چئبي.
۲ - تيليءَ جي پنهنجي گهر ۾ گهاڻو هجي ته پوءِ ماني رُکي ڇو کائي؟
۳ - يار به تيلي، سِينڌ به ميلي. (۱) ص ۳۶۰.
247. گهڙيو، اڪريو. (پھاڪو)
درياھ اندر جڏھن پاڻي ڪڙڪاٽ ڪري وھندو آھي، تڏھن ھر شيءِ کي لوڙھيون کنيو ويندو آھي. منجھس گھڙڻ لاءِ ڪو به ھمت نه ساريندو آھي. ڇو جو فطري طور تي ھر ھڪ کي پنھنجي ڪمزوري ۽ درياھي وھڪري جي ڇوھي، اندر ۾ پئي سجھندي ۽ ککندي آھي. درياھ پار وڃڻ لاءِ، جيڪو ترھو ٻڌي گھڙندو ۽ درياھي ڪنن ڪڙڪاٽن سان منھن ڏئي ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻندو، سو ئي اُڪري پار پوندو ۽ پنھنجي منزل ماڻيندو.
اھڙيءَ طرح دنياداريءَ جي حساب سان، ملاکڙي يا ملھ جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي ڪُڏي پوڻ وارو پڻ، هڪ ڏينھن ضرور ڪامياب ٿيندو.
تھڙيءَ طرح دين داريءَ جي حساب سان وري جنھن توڪل رکي، خدا جي عبادت ڪئي، اهو ٻنھي جھانن ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو.
مطلب: ۱ - محنت وارو منزل تي رَسي ٿو.
۲ - پار اهو پوندو، جيڪو توڪل جو ترهو ٻڌي، درياهه، ٿر، رڻ ۾ ڪاهي پوندو.
۳ - گهڙيا، اڪريا. (سنڌ)
۴ - جو گهڙيو، سو اڪريو. (سنڌ)
۵ - گهڙبو ته اُڪري پئبو. (لاڙ)
۶ - گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿئي. (شاهه، سھڻي)
۷ - گهڙيون سي اُکيون، ڪوڙيون پُڇن ڪُن. (شاهه، لاڙ)
248. گهڻو امرت، بِس برابر. (پهاڪو)
امرت: حيات بخش، آب حيات، مٺاڻ. بِس: زهر، بيماري آڻيندڙ.
کاڌو، صحت/ حياتيءَ جو سرچشمو آهي، پر ڪنهن حد اندر. حد کان وڌيڪ کائڻ سان بجاءِ فائدي ڏيڻ جي، نقصان/ بيماريءَ جو سبب ٿيندو آهي. اها بيماري، موت جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿي.
هر شيءِ جي گهڻائي، تمام گهڻي خراب ٿيندي آهي. منجهانئس پيدا ٿيل وبال، غفلت ۽ موت جو سبب بنبا آهن. ڇو جو هر شيءِ جي گهڻائي، مغز ڦيرائي ڇڏيندي آهي.
مطلب: ۱ - هر شيءِ جي گهڻائي، زهر مثل آهي.
۲ - گهڻا موت، گهڻي کائڻ سبب ٿيا آهن.
۳ - گهڻ، آهي چڻ.
۴ - گهڻ؛ چڻ ٿيندي آهي.
۵ - ڄٽ چاءِ مري يا کاءِ مري. (۵)
249. گهڻو ڦُٽو، گهڻو مُٺو. (چوڻي/ پهاڪو)
ڦُٽڻ: اولاد ڄڻڻ. مُٺو: بيواهو ٿيو، ڦاٿو.
جنهن کي گهڻو اولاد ڄمي ٿو، ان تي پالڻ ڪرڻ جا وڏا بار پون ٿا. پنهنجي ٻچن تي توجهه ڪرڻ ۽ مٿن ڪمايل ملڪيت مان خرچ ڪرڻ سبب، ٻين ڏي توجهه گهٽ ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ٻيا به آهستي آهستي کيس ڇڏي ٿا وڃن.
جنهن کي مال ملڪيت جھجهي ۽ اولاد ڪونهي، ان سان مٽن مائٽن جي همدردي جام هوندي آهي. ڇو جو اهي کيس تاڙيون ويٺا هوندا آهن. مرڻ جي صورت ۾ سندس ملڪيت ۾ وارث ھئڻ جا اميدوار ۽ دعويدار هوندا آهن. اولاد ڄمڻ جي صورت ۾، کين اهو آسرو نظر نه ايندو آهي. اھو ئي سبب آھي جو اولادي ماڻھوءَ سان، ٻين مٽن مائٽن جي همدردي گهٽ هوندي آهي.
مطلب: ۱ - اولاد واري کي، مٽ مائٽ ڇڏي ٿا وڃن.
۲ - ٻاليتو، نه ماليتو. (۶) ص ۱۲۷.
250. گهڻي هاريين هر نه هلي، گهڻي ناريين گهر نه هلي. (پهاڪو)
هاريين: هارين سان. ناريين: نارين سان، عورتن سان.
گهڻ؛ ڪثرت يا جھجهائي سواءِ خير جي، ڪنهن شيءِ جي به چڱي ناهي. منجهانئس مفيد ڪارج سَر انجام نه ٿيندا آهن. گهڻِ سبب، غفلت ٿيندي آهي، جنهن ڪري آسان ڪم به بگڙجي ويندا آهن. کين سنڀالڻ ۽ سميٽڻ، سمجهڻ ۽ سموهڻ، اڪلائڻ ۽ پار لڳائڻ، ڏکيو ٿي ويندو آهي. اڪيلو سِر، گهڻن معاملن ۾ هٿ وجهي يا گهڻا ماڻهو هڪڙي ڪم جي ڪڍ پون؛ ٻئي صورتون گهڻِ ۾ شامل آهن.
زمين اندر هر ڪاهڻ، اڪيلي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. کانئس ڪم نه نبرندو. جوڳ ڏاندن جي، زمين ۾ هر ڪاهڻ لاءِ، هڪڙو ڄڻو ڪاهي ويندو ته ڍڳا هڪ اوڙ به نه ڪاهيندا جو کيس ٿڪائي وجهندا. البته ٻه چار ڄڻا، ٻه ٽي جوڳون ڪاهي وڃي ترتيب سان هر ڪاهيندا ته نبرندو به ۽ شام تائين ڪم اڪلائجي به ويندو. ان جي برعڪس اگر اٺ ڏهه جوڳون ۽ ويھارو کن مڙس وٺي وڃي ڪم شروع ڪبو ته شروع ئي نه ڪري سگهبو. گهڻا ماڻهو، گهڻا دماغ. هر ڪنھن جون پنھنجون گهرجون ۽ تقاضائون. ڪو ڪيڏانھن پيو گهتون هڻندو ته ڪو ڪيڏانھن پيو لوهون هڻندو. جوڳون ترتيب سان نه بيھاري سگهندا ۽ نه وري ڪاهي سگهندا. پاڻ ۾ جوڳون پيئون وچڙنديون. شام تائين نه ڪم نبري سگهندو ۽ نه اڪلائجي سگهندو.
اهڙيءَ طرح گهر کي هلائڻ به، عورتن جو ڪم آهي. هڪ عورت، گهر جو ڪم سهيڙي نه سگهندي. ٻه ٽي هونديون ته ورهائي کڻنديون ۽ شام تائين اڪلائي وٺنديون. اگر گهڻيون هونديون ته رڳو ڪچھريءَ ۽ گلا، پرائي پچار ۽ ھچر پچر ۾ پوريون هونديون. هڪ ٻئي سان ساڙ ۾، نه ڪم نبيري سگهنديون ۽ نه ئي اڪلائي سگهنديون. هٿائين شام تائين هر ڳالهه کي ائين وچڙائي ۽ گنجرائي ڇڏينديون جو مرد جڏهن گهر ايندا ته سندن مٿو ئي ڦيرائي ڇڏينديون.
مطلب: ۱ - گهڻيون دايون، ٻار جو مٿو ڦڏو.
۲- گھڻيون دايون، چڏ جو زيان.
۳- گهڻا بورچي، شاش بيسوادي/ کاري.
۴- گھڻ؛ آھي چڻ.
۵- گھڻ-پٽاڻ بکري، کائي وئي جھار.
۶- ٿورا ڪڻا، ٿالهيءَ ۾ گهڻا. (۵)
۷- گهڻن هاريين هر نه هلي. (۳۵) ص ۲۱۷
251. گهوڙا، گهر ٿا کائين. (چوڻي)
ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ پھچڻ لاءِ، اڄ يا آڳاٽي دور ۾ تڪڙي سواري، جيڪا جھنگ جھر مان سولائيءَ سان ھلي سگھي، سا گھوڙي جي ھئي. ان جي سواري ننڍي ھوندي سکڻ جي ترغيب ڏني ويندي ھئي. ڇو جو وڏو ٿيڻ کان پوءِ اھا سکڻ ڏاڍي اھنجي ھوندي آھي. اھڙيءَ طرح وري گھوڙن جي سنڀال ۽ ٽھل ٽڪور پڻ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ ڏکي ھوندي آھي. مينھن وغيرھ جي ٽينھن ھر ڪو ان ڪري برداشت ڪندو آھي جو منجھانئس ويلي تي کير مکڻ ملي ٿو. جڏھن ته گھوڙي منجھان سواءِ سواريءَ جي ٻيو فائدو گھٽ نظر ايندو آھي. گھوڙي کي بيٺي چاربو ته رڳو مٿس خرچ ئي خرچ ھوندو. نه منجھانئس کير ملي، نه گوشت. جڏھن ته هڪ گهوڙي جو خرچ، چئن پنجن ماڻھن جي آڪھه جي خرچ برابر آهي. جيئن چئجي: فلاڻي جي در تي ڀلا گهوڙا ٻڌا پيا آهن.
مطلب: ۱ - گهوڙو ڌارڻ، سولو ڪم ناھي.
۲ - گھوڙو؛ گھڻو خرچ ڪرائي ٿو.
۳ - ڀلا گھوڙا در تي ھوندا ته گھر کي ئي ٻھاري اچي ويندي.
252. گهوڙا نِه ميدان، ڊوڙي ڊوڙي ڇيهه ڪن. (پهاڪو)
نه: ۽. ڇيهه ڪرڻ: دنگ ڪرڻ
گهوڙي کي خدا تعاليٰ ڀڄڻ لاءِ خلقيو آهي. پالتو وهٽن ۾، سندس جهڙو ڀڄڻو ڪو به، نه آهي. اٺ ۽ گڏه ڍرا آهن. بار ڇڪڻ ۾ به گهوڙو مڙني کان تيز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڇڪڻ يا انجڻ وغيره جي طاقت جو ايڪو به گهوڙن سان ماپيو ويندو آهي، جنهن کي Horse Power چئبو آهي.
ميدان ۾ ڀڄڻ ۽ مقابلو ڪرڻ، مردن جو ته ڪم آهي پر ڪنهن حد تائين. جيڪڏهن ماڻهو، گهوڙي سان مقابلي ۾ ڀڄي ته اُڀ-ساهيءَ ۾ اچي، مري سگهي ٿو. تنهن ڪري ميدان مارڻ، گهوڙي جو مرڪ آهي.
مطلب: ۱ - جيڪڏهن ڪير ضد ڪري، ڪنهن اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهي، جيڪو سندس وس ۾ نه هجي ته کيس ائين چيو ويندو آهي؛ ”تو لاءِ هوءَ گوءِ هو ميدان آهي! ڀڄي ڏيکار.“
۲ - ملان ته ڀت، گهوڙا ته پٽ، هي ڪشيا ته رسيا، هو نِيا ته چٽ.
۳ - ملان ته ڀت، گھوڙا ته پٽ، سيد ته سيون، آيون ته ويون.
۴ - گهوڙي لاءِ، هوءَ گوءِ هو ميدان. (۶) ص ۱۲۸.
253. گھوڙو؛ پنج واتي بلا. (چوڻي)
پنج-واتي؛ چار پير/ کر/ سنب ۽ پنجون وات.
گھوڙي کي جنگ جي ميدان ۾ لاهبو ۽ اهو اگر انهيءَ ميدان ۾ لهڻ جو عادي ٿي ويو ته پوءِ ڪو نه ٽهندو آھي. ڪنهن شيءِ جي پٺيان، ٻه چار دفعا شڪار ۾ ڏبس ته ھري پوندو. پوءِ پاڻهي انهيءَ جي پٺيان پيو ڪاهي پوندو. جي بگڙيو ته، پوءِ جيڪو هلڪي رسي جي لوڏي تي نچندو بيٺو آهي، سو به ڪنهن کي ويجهو اچڻ ڪو نه ڏيندو. چئني پيرن ۽ پنجين وات سان وڙهندو آهي. گھوڙي جي ويڙھ جنگين دوران مثالي آھي. جن جنگين ۾ گھوڙو لٿو آھي، انھن ۾ گھايلن گھڻو گھوڙا گھوڙا ڪئي آھي. گھل به ڪئي اٿائون پر اڪيلي ۾ نه بلڪ گڏيل. يعني؛ گھل ڙي گھوڙا!
مطلب: ۱ - اٺ ۽ مينھن کان وڌيڪ، گھوڙو مارڻو ٿيندو آھي.
۲ - گھوڙن ھنيون گھڻيون، اٺن ھنئي آ. (شاھ)
۳ - گھوڙن گھايون گھڻيون، اٺن گھائي آ. (۳۳)
254. گهوڙو ڊوڙي ٿو آپ ري سوڀ ري پگا. (پهاڪو)
آپ ري: پنهنجي. سوڀ: فتح. پگا: لاءِ.
گهوڙي جو ڪم آهي، ميدان ۾ ڀڄڻ. جڏهن ميدان ۾ گهوڙن جي ڀڄڻ جو مقابلو (Race) ٿيندو آهي، تڏهن هر گهوڙو، ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ميدان مارڻ سان سندس سوڀ، نالو ۽ شهرت ٿئي. ائين ٿيڻ سان، سندس مالڪ جي نظر ۾، سندس مانُ وڌي ويندو آهي.
مطلب: ۱ - دنيا ۾ هر ڪو پنهنجي ڪاميابيءَ/ سوڀ لاءِ هَڻُ-وَٺُ ۾ مشغول آهي.
۲ - هر ڪو پنهنجي پيٽ خاطر محنت ڪري رهيو آهي. (۶) ص ۱۲۸.
255. گهوڙو ڪاهي ويا چور، سنج سائين کڻي يا نوڪر. (پھاڪو)
هڪڙي رئيس، هڪڙي ڀيل کي گهوڙي جي سنڀال لاءِ نوڪر ڪري رکيو. ٻئي سفر ۾ گڏ نڪتا. نوڪر تي، رات جو جاڳي، گهوڙي جي سنڀال ڪرڻ وارو ڪم رکيل هيو.
هڪ رات، هڪ ڏکئي ماڳ تي منزل ڪيائون. رئيس، نوڪر کي هوشياريءَ سان پھرو ڏيڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ پاڻ سمھي رهيو.
اڌ رات ڌاري، رئيس جي اک کلي. ڏسي ته نوڪر ننڊ پيو آهي. هڪدم هڪل ڪري چيائينس؛ ”اڙي ڇا ٿو ڪرين!“
”گهنڊ ٿو گهڙان!“ نوڪر ننڊ مان اکيون پٽيندي چيس؛ ”ويچار ٿو ڪريان.“
رئيس تاڪيد ڪري، وري سمھي رهيو. نوڪر کي به ننڊ کڻي وئي. ايتري ۾ چور آيا ۽ کين ننڊ ۾ ڏسي، گهوڙو ڪاهي ويا.
اسر ڌاري، رئيس جي اک کلي. ڏسي ته نوڪر ننڊ ۾ کونگهرا پيو هڻي ۽ گهوڙو لھه ئي نه.
”اڙي مردار ڇا پيو ڪرين! تو کي رکيم ته منھنجي ۽ گھوڙي جي سنڀال ڪر يا مان تنھنجي سنڀال ڪيان.“ نوڪر کي ننڊ مان ڌونڌاڙيندي، رئيس چيو؛ ”گهوڙو ڪونھي! تون ڇا ٿو ڪرين؟!“
”گهنڊ ٿو گهڙان.“ نوڪر ننڊ مان ڇرڪ ڀري، چوڻ لڳو؛ ”ويچار ٿو ڪريان؟!“
”ڪھڙو ٿو گهنڊ گهڙين!“ رئيس پڇيس؛ ”ڪھڙو ٿو ويچار ڪرين!“
”گهنڊ اي ٿو گهڙان؛ گهوڙو تو لي گيا چور، هي سنچ سائين کڻي ڪِ هون.“ ڀيل گنڀيرائي مان چوڻ لڳو؛ ”ويچار اھو ورائي ويو اٿم؛ گهوڙو ته ڪاهي ويا چور، ھاڻي سنج سائين کڻي يا نوڪر.“ (۶) ص ۱۲۷.
مطلب: ۱ - نوڪر، دل سان ڪم نه ڪندو آهي.
۲ - نوڪر کي ڪم ڪرڻو هجي ها ته گهر ۾ ڪم، کوڙ/ کٽو هئس.