لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

م

م

267. ماڇي، مهاڻا، مؤذني، منگت،
چلو ڪين يارو انهن جي سنگت. (چوڻي)
ماڇي: ڏڦير، شڪاري، جيڪي ڪتن ۽ ڏڦن ذريعي شڪار ڦاسائين.
مهاڻو: مير بحر جيڪو درياه/ سمنڊ ۾ ٻيڙيون هلائي ۽ مڇيون ڦاسائي.
مؤذني: ڪنجوس، ظالم، مر-چوٺ، چچي مار، چمچوس.
منگت: منگتو، مڱڻهار، لنگهو.
ماڇي ۽ مهاڻا، سارو ڏينهن شڪار جي هڻ وٺ سبب، ڏاڍا گاريال، بي وڙا ۽ رکا هوندا آهن. جنهن سبب، هر مهذب ماڻهو کانئن نفرت ڪندو آهي.
ڪنجوس/ مرچوٺ/ مکي چوس به قابل نفرت هوندا آهن. پنهنجي ملڪيت مان ٻين کي ته فائدو وٺڻ نه ڏيندا آهن، پر پنهنجي ذات کي به نفعو پهچڻ نه ڏيندا آهن. هٿائين ملڪيت ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي هوس ۾، جڳ جهان سان ڦٽائيندا وتندا آهن.
مڱڻهار، لالچ ۾ اچي تعريف ڪندو ۽ زمين آسمان جا ڪولابا ملائي پئسا گهرندو. جيڪڏهن پئسا نه مليس ته ويٺو گلا ڪندو آهي.
مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل، چئني جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي، سندن پيروي نه ڪرڻ گهرجي. (۱۶)

268. مارا متر اُوءَ، جو گلا ڪري. (پھاڪو)
ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته جڏھن ڪنهن وٽ مهمان ٿيندا يا اڳلي ۾ ڪم پين، ته ويٺا سندس واکاڻ ڪندا. ٻين جي وري گلا ڪندا. ائين اڳلي کي خوش ڪري، پنهنجو مطلب حاصل ڪندا. وري اتان اٿي جڏھن ٻئي وٽ پھچندا ته اتي وري اڳئين ماڻهوءَ جي گلا ڪري پنھنجو مطلب سر ڪندا. اھڙي ماڻھوءَ کان اھو ڀلو، جيڪو منھن تي سڌي ٻڌائي. (۳۵) ص ۱۹۲
مطلب؛ ۱- خود-مطلبي ماڻھو، نيٺ ھلي ذليل ٿئي.
۲- خود-غرض خوشامديءَ کان، بي غرض گلاخور چڱو.

269. مار، ڏاتار آهي. (چوڻي)
ڏاتار: سخي، هڪڙي پير جو نالو، جيئن ڄام ڏاتار.
ماڻهوءَ کي موهي سڌي راه تي آڻڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن مار جي به ضرورت پوندي آهي. ڇو جو ڪي ماڻهو طبعًا ڪوڙا، ڪانئر، بد اخلاق يا چور هوندا آهن. مٿن نصيحت اثر نه ڪندي آهي. کين سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ مار موچڙو ضروري هوندو آهي. جڏهن مار ملندي اٿن، تڏهن گوٿناٽ ڇڏيندا آهن.
ڪن ماڻهن جو عقيدو آهي ته؛ ماڻهو ڪيڏو به کريل هجي، ڄام ڏاتار جي مزار تي پهچڻ کان پوءِ ئي، بريون عادتون ڇڏي، سڌري ٿو وڃي. ڏاتار، کيس سڌو ڪري ٿو ڇڏي.
انهيءَ نسبت سان مار کي به ڏاتار سان ڀيٽ ڏني وئي آهي.
مطلب: ۱ - مار، سنوار آهي.
۲ - عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
ڪتابان اوه نه ڪيتا، جهڙا ڪيتا ڏنڊا. (پنجاب)
۳ - ماڻهو ٻٽيهه لکڻو، موچڙو ڇٽيهه لکڻو.
۴ - سوٽي هجي ساڻ، گڏه گوهي نه ڪري.
۵ - کلو، پنجون پير. (۶) ص ۱۳۰

270. مارواڙي، نَه ماءُ ڀلي نَه گاءِ ڀلي. (چوڻي)
ماڻهوءَ جي طبيعت تي تخم جي تاثير ۽ صحبت جي اثر کان علاوه، علائقي ۽ ماحول جو به اثر ضرور پوندو آهي. هر علائقي جي ماڻهن جي طبيعت، نرالي هوندي آهي. جنهن سببان، هنڌين ماڳين مشهور هوندا آهن ۽ سندن لاءِ انهيءَ تناظر ۾ اهڙو تاثر قائم ڪيو ويندو آهي.
مارواڙ علائقي جي عورتن بابت به اهو تصور قائم آهي ته مڙسن سان چڱيءَ طرح نه هلنديون آهن. نه گهر سان چاه رکنديون آهن ۽ نه مڙس سان. نتيجي طور مڙسن منجھان ڄاول اولاد سان به ورتاءُ اڍنگو هوندو اٿن.
اهڙيءَ طرح مارواڙ علائقي جي ڳئون به کٽر ۽ کير ۾ کٽل هونديون آهن. ڦر کي به پنهنجو نه ڪنديون آهن. جنهن سببان، ڦر به نه ساڳائيندو اٿن.
مطلب: ۱ - مارواڙ جي عورت، بحيثيت زال جي ته ڏکي آهي پر بحيثيت ماءُ جي به سٺي ناهي.
۲ - مارواڙي، نه جوءِ ڀلي، نه گاءِ ڀلي. (۶) ص ۱۳۱.

271. مارئي جي مثل، ٻاٽيءَ جي خوشبوءِ. (چوڻي)
ٻاٽي؛ ٿر ۾ ٿيندڙ ٻوٽو، جنهن جي ننڍڙن گلن، پنن ۽ ڪاٺين ۾ فرحت ڏيندڙ خوشبوءِ ھوندي آهي.
ٿر-ڄائي مارئي، وطن ۽ ويڙھيچن سان محبت جو ھڪ اھڃاڻ آھي. سندس وطن دوستيءَ جي خوشبوءِ، ھنڌين ماڳين پھتل آھي ۽ سموري سنڌ کي واسي ڇڏيو اٿائين.
ٻاٽيءَ جي ٻوٽي جي خوشبوءِ، آسپاس جي ماحول ته ڇا بلڪ سموري ٽڪريءَ کي واسي ڇڏيندي آهي. وڏي فاصلي تان گذرندڙ کي به پئي محسوس ٿيندي آھي.
مانيءَ کي به ٻاٽيءَ چوندا آهن. ان جي خوشبوءِ به ڏاڍي وڻندڙ ۽ بک ۾ بي چين ڪندڙ ھوندي آھي. (۳۵) ص ۲۴۲
مطلب؛ ۱- ٿري ماڻھو، مارئيءَ جي امر ڪردار کي، ٻاٽيءَ جي خوشبوءِ سان ڀيٽيندا آھن.

272. ماکي، ماڪوڙو ۽ مورک نر، ٽيئي لالچي آھن. (چوڻي)
ماکيءَ جا مک مانارو ڀرڻ لاءِ ۽ ماڪوڙا ٻر ڀرڻ لاءِ، مٺاڻ جي ڳولا ۾، سڄو ڏينهن پيا ڀٽڪندا آھن. ان مصروفيت کان علاوھ، کين ٻي ڪا به لوري نه هوندي آهي. ڀلي ڪيترو به مٺاڻ گڏ ٿيل ھجين پر اڃا وڌيڪ جي لالچ ۾ سرگردان ھوندا آھن. مورک يا بيوقوف ماڻهو پڻ، اجايو مال ميڙڻ ۾ محو ھوندو آھي. کيس ٻئي نفعي نقصان ڏانھن ڌيان نه ھوندو آھي. نه ڪنهن کي ڀائيوار ڪندو آهي، نه ئي ڪنهن سان ويجهي ٿي دوستي رکندو آهي. سمجھندو آهي ته ٻئي کي شامل ڪرڻ يعني ٻئي کي حصو ڏيڻ. جنھنڪري ڪو به سندس دوست، همدرد ۽ ساٿي نه هوندو آهي. (۳۵) ص ۲۶۷
مطلب؛ ۱- فطرت جو مشاهدو ڪري، نتيجا ڪڍڻ ئي سماجي ڏاهپ آهي.
۲- مطلب پرستي يا خود مطلبي جي بيماري ئي سماجي ٽوڙ ڦوڙ جو سبب بنجي ٿي.

273. ماکي نه ڏسي وڻ، زال نه ڏسي وڙ. (چوڻي)
ماکيءَ جي مک کي، انساني فائدي رسائڻ واسطي، قدرت واري خلقي، سندس فطرت اندر اها ڪيفيت داخل ڪري ڇڏي آهي ته مانارو ٺاهڻ لاءِ مخصوص جاءِ يا هنڌ جي تاڙ نه ڪندي. وڻ هجي يا جبل، گهر هجي يا لوڙهو، کيس اتي مانارو ٺاهي، کاڄ منجهس ڀرڻو آهي. ماکي ڪهڙي گل مان ٺهندي؟ سو ان جاءِ جي ويجهو آهي يا پري، ان جو کيس فڪر يا اونو ناهي. قدرت واري منجهس ماکيءَ ٺاهڻ جي صلاحيت، ماحول کان هٽي ڪري رکي آهي. دنيا اندر ٺهندڙ ڪارخانا، اتي لڳايا ٿا وڃن، جتي خام مال ۽ مزدور سستا ۽ هڪيا حاضر ملن. جڏهن ته ماکيءَ لاءِ اهڙي ماحول جوڙڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.
زال کي مڙس گهرجي. قد ۽ بت، رنگ ۽ روپ ڪهڙو هجيس؟ ڪمائي ۽ گهر گهاٽ، ذات ۽ نسب ڪهڙو هجيس، تنھن لاءِ کيس ڪو سروڪار ناهي. کائڻ پيئڻ، هنگڻ مٽڻ ۽ پرڻي جهڙيون تقاضائون، نسلي ۽ مذهبي مت ڀيد ۾ پوڻ کي ترجيح نه ٿيون ڏين. انهن تقاضائن کي پوري ٿين لاءِ، فطرتي رنگ ۽ ڍنگ کپي. ٻين ڳالهين سان کين ڪا به وچڙ سچڙ ڪونهي.
مطلب: ۱ - ماکيءَ کي ويهڻ لاءِ محفوظ هنڌ ۽ عورت کي مردانگيءَ وارو مڙس کپي.
۲ - ماکي، ويهڻ وقت، وڻ جي چونڊ نه ٿي ڪري. عورت کي به مڙس گهرجي، پوءِ جھڙو به هجي.

274. ماگهه؛ ڇوڙا ڏاگهه. (چوڻي)
ماگھ؛ مانگھ، سنبت وڪرمي سال جو مهينو، فيبروري ڌاري اچي. ڇوڙا؛ ڇوڙو، کل، چمڙي. ڏاگھ؛ ڏاگھ تي چڙھڻ، مٿي ٽڪٽڪيءَ تي چڙھڻ، ساڙي ڇڏڻ.
ماگھ ۾ سياري جي پڇاڙي هوندي آهي. ڀٽن جي واريءَ ٺرڻ سبب، ٿر اندر سردي ۾ ويتر اضافو آيل ھوندو آهي. سيارو ۽ واڻيو، آخر تائين، ڪسر نه ڇڏين. موٽي به ڌڪ ضرور ھڻن. سيارو به ويندي ويندي ٿڌين هوائن وارا اھڙا آخري پارا ھڻندو آھي جو ماڻھن ته ڇا اٺن جي کل/ چمڙي به ساڙي ڇڏيندو آھي. وڻن جا پن ڏانڊين سميت سڙي ويندا آھن. (۳۵) ص ۱۹۶
مطلب؛ ۱- ماگھ ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هر شيءَ سڙيل يا ڏاگهه تي چڙهيل هجي.
۲- فبروري؛ وٺي خبر وري.

275. مال ڀٽارو، اکين جو تارو. (چوڻي)
ٿري ماڻهن جو جياپو، کير مکڻ تي آهي، جيڪو کين مال منجهان ميسر ٿئي ٿو. وُٺي تي جيڪا اوڀڙ اڀري ٿي، سا سموري جي سموري، ڏٿ طور ڪتب نه ٿي اچي. بلڪ مال متاع کائي ٿو. مال وري موٽ ۾، کير مکڻ ڏئي ٿو. يا منجھانئن ڄاول ڦر ڦروٽا وڪڻي، پئسو ڏوڪڙ هٿ ڪجي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو ٿري ماڻهو، مال جي وڏي سنڀال ڪن ٿا. کيس اولاد وانگر، اک جو تارو سمجهن ٿا.
مطلب: ۱ - مال، جياپي جو سھارو آهي.
۲ - ڀيٽيو: ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪي ڪڻ تي.

276. مال صدقو سِرَ جو، سر صدقو لڄ جو. (چوڻي)
انسان، ٽن شين کي اهم سمجهي ٿو؛ مال، جان ۽ لڄ. انهن جي اهميت وري هن ترتيب سان آهي؛ مال کان وڌيڪ جان جي اهميت آهي. اگر ڪا مصيبت جان تي اچي ٿي ته اتي ماڻهو، پئسو خرچ ڪري به جان آجي ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندو. جھڙوڪ جيل ۾ پوڻ يا بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ يا آفت اچڻ جي صورت ۾ ماڻهو، جان بچائڻ کي مال مٿان ترجيح ڏيندو آھي.
اهڙيءَ طرح، لڄ يا شان ۽ عزت، جان کان وڌيڪ اهم آهن. اهي هليا ويا ته زندگي زهر ٿي ويندي. پنھنجي جان مان به ماڻهو بيزار ٿي ويندو. اگر لڄ بچائڻ لاءِ جان هلي وڃي ته سودو سستو سمجهندو. جڏهن ته لڄ وڃائي، جان بچائڻ، وڏي نقصان کڻڻ جي مترادف آھي.
مطلب: ۱ - مال، جان تي قربان ۽ جان، شان تي قربان.
۲ - نڪ، پيٽ ۽ وات کان مٿي کيو ويو آھي.

277. مال؛ لال. (چوڻي)
مال: ڍڳا ڍور، رڍون ٻڪريون. لال: هيرا، لعل.
ٿر جي اندر، ڪمائيءَ جا ذريعا؛ زراعت، مال متاع ۽ هٿ جو هنر آهن. زراعت، آسماني برسات تي آهي. جيڪا جڏهن پئي، تڏهن ٻج ڇٽڻ جي تڪليف ڪرڻي آهي ۽ بعد ۾ ان جي جهار هڪلڻي آهي. جڏهن ته هنري ڪم لاءِ، سڄو ڏينھن محنت ڪرڻي آهي. وري جڏهن اها وٿ وڪامي ته پيٽ گذر ٿئي.
جڏهن ته مال، پاڻ-مرادو جهنگ مان چريو اچي. برساتين تي پاڻ-مرادو اڀريل گاهه سندن خوراڪ آهي. سوڪھڙي وارن ڏينھن ۾ گاهه وغيره وڍي اچي گهر ۾ سڪائجي ته سو پيا چرن. ويلي تي کير ڏهائين، وري جهنگ چرڻ وڃن. کير؛ ڌونئري ۽ مھي ولوڙڻ، گيھ/ مکڻ ڪڍڻ ۽ ڏڌ/ لسيءَ لاءِ به ڪم اچي. نجو به پيئجي، جنھن تي ٻالنگهه ٿيو وڃي. مکڻ منجهان گيهه ٺهي، جيڪو وڪڻي گذر سفر ڪجي. تڏهن چوندا آهن؛ ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪ ڪڻ تي.
کير ڏهائڻ کان علاوه، مال مان ڦر ٽڪر ملن، جيڪي وڏا ٿي ڌڻ کي وڌائين. وقت تي مال وڪڻي گذر ڪجي. اناج ۽ هنري ڪمن جي ڀيٽ ۾ مال جي حيثيت ائين آهي جيئن بئنڪ ۾ رکيل پئسي جي. يا گهر اندر رکيل هيرن جواهرن جي، جيڪي جڏهن کپائجن ته کپي به وڃن ۽ منجهانئن ترت فائدو به پئجي وڃي.
مطلب: ۱ - مال جي حيثيت، روڪ پئسي جھڙي آهي.
۲ - مال، لعل آھي. (۳۵) ص ۲۰۸

278. مان جهڙي ڏيڪري، ٺان جهڙي ٺيڪري. (پهاڪو)
مان: ماءُ. ڏيڪري: ڇوڪري/ ڌيءَ. ٺان: ٿانءُ. ٺيڪري: ٺڪري، ٺڪر-ٽُڪر.
جنهن عنصر منجهان ٿانءُ جڙيل هوندو آهي، ٽٽڻ تي منجهانئس ٿيل ٽُڪَر به اهڙي ئي مادي ۽ خاصيت جا نڪرندا آهن. ڀڳل دلي جي ٺڪري، شڪل شبيھ ۽ رنگت ۾، ڀڳل دانگيءَ جي ٺڪريءَ کان مختلف ھوندي آھي.
اهڙيءَ طرح اولاد به، والدين تي ئي ڇِڪ ڪندو آهي. جهڙا لڇڻ ماءُ جا هوندا، تهڙا لڇڻ، سندس پيٽ ڄڻيءَ ڌيءُ جا به ھوندا. زال پرڻجڻ وقت، ٿيڻ واري ڪنوار بجاءِ، سندس ماءُ جا لڇڻ جاچڻ گهرجن. ٿيڻ واري سس، پاڻ چڱي آهي ته سندس ڌيءُ پڻ چڱي هوندي ۽ ان منجهان جيڪو اولاد ڄمندو سو پڻ چڱو هوندو. ٻيءَ صورت ۾ اولاد، نانيءَ تي ڇڪ ضرور ڪندو ۽ پرڻجندڙ جي انتخاب واري حس کي ضرور لڄائيندو. بهتر آهي ته سڱ ڇڪڻ وقت، ڇوڪريءَ جي ماءُ جي لڇڻن تي نظر رکجي.
مطلب: ۱ - جهڙي ماءُ تهڙي ڌي، جهڙو ٿانءُ تهڙي ٺڪري.
۲ - ڌيءُ ماءُ جھڙي، ٺڪري ٿانءَ جھڙي.
۳ - ٺڪري ٺان جھڙي، ڏيڪري مان جھڙي.
۴ - ماءُ جنھن جي جھڙي، ڌيءُ تنھنجي تھڙي، ڳالهه تن جي ڪجي ڪھڙي، آڪھه ئي اهڙي. (لاڙ)
۵ - ناني ستين پيڙهي ڇڪي.
۶ - ڀت، بنياد تي ويندي آھي.
۷ - جهڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا.
۸ - جھڙو گھڙو، تھڙي ٺڪري، جھڙي مان، تھڙي ڏڪري. (۳۶)
۹ - تخم تاثير، صحبت اثر.
۱۰ - ڀيٽيو؛ نو پيڙهيون، ناناڻو ڇڪي. (۶) ص ۱۲۹.
279. مانُ گهٽي ڪڇ مک سين منگت،
پريت گهٽي نت پر گهر جايا،
گيان گهٽي نرمونڍ ڪي سنگت،
ڌيان گهٽي چِت ڪو ڀر مايا،
تيج گهٽي پر نار ڪي سنگت،
ٻڌ گهٽ ٻھو ڀوڄن کايا،
شوڪ گهٽي ڪُڇ ساڌ ڪي سنگت،
روگ گهٽي ڪڇ اوکت کايا،
داس بھاري ڏک ڏار ڊر گهٽي،
گووند گووند گووند گايا. (چوڻي)
مک؛ وات. نرمونڍ؛ بيوقوف. ڀر مايا؛ لالچائڻ. شوڪ؛ دنيا جي سُڌِ. ساڌ؛ درويش. روگ؛ بيماري. اوکت؛ سادا.
۱ - ھر انسان پنھنجيءَ ۾ پورو آھي. ھٿ پير ھڻي، پنھنجي سر ۽ ٻچن کي سکيو رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. ان کان اگر وات سان گهربو ته چڙي پوندو. اگر ظاھري طرح نه چڙيو ته به دل ۾ پيو پڄرندو ۽ سندس نظرن ۾ ڪري پئبو.
۲ - ھر ڪو پنھنجي گھر ۾، پنھنجي منھن ويٺو آھي ۽ پيو وقت گذاري. اگر ٻئي جي گھر وڃي، سندس ڪمن ڪارين ۾ رخني جو سبب بڻجبو ته کيس پريشان ڪبو. بظاھر پريشاني ظاھر نه ڪيائين ته به دل ۾ خفي ضرور ٿيندو ۽ دل منجھان ملڻ واري سڪ ختم ٿي ويندس.
۳ - بيوقوف ماڻھوءَ جي سنگت مان، ڪنھن به قسم جو فائدو ناھي. ھٿائين ساڻس گڏ ويھڻ ۾ ڪيئي نقصان آھن. وڏو نقصان اھو آھي ته پنھنجو عقل گهٽجي ٿو وڃي.
۴ - لالچ ڪرڻ چڱو ڪم ناھي. ان سان ٻين جي نظرن ۾ ته ماڻھو ڪري ٿو پر ڌڻيءَ ڏانھن به ڌيان ڪرڻ رھجيو وڃي.
۵ - انسان جو شان مان، حياءَ سان رھڻ منجھ آھي. جيڪو ماڻھو بيحياءُ ٿي پراين عورتن کي تڪي ٿو، سو ٻين جي نظرن ۾ ڪري پوي ٿو. خسيسپڻي سبب، ٻين مان، سندس رعب به نڪري وڃي ٿو.
۶ - کاڌو، ھَٺَ سَھائيندو کائجي. وت کان واڌو کاڌو، جِورندو ڪونھي. گهڻ-کائڪ، بجاءِ ساڳائڻ جي، ويندو لھڪاريندو. اگر لھڪار نه آيس ته به بد ھاضميءَ سبب سندس سمجهه ۽ ڌيان ساڳيا نه ٿا رھن.
۷ - الله وارن جي صحبت ۾ رھڻ چڱو ڪم آھي. دنيا ڏانھن رغبت گھٽجي ٿي.
۸ - هوا خوري، ھاضمي لاءِ ڀلي آھي. ان سان بيماريون نه ٿيون وچڙن. جنھن جاءِ ۾ ھوا ۽ روشنيءَ جو بندوبست ناھي، تنھن ۾ رھڻ سان ڊاڪٽرن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا آھن.
۹ - رب پاڪ، انسان کي پنھنجي عبادت لاءِ خلقيو آھي. انسان جي اندر موجود خلشون ۽ ڏک، ڊپ ۽ ڊاءَ، ان مالڪ جي يادگيريءَ ۽ نالي وٺڻ سان گهٽجيو وڃن.
مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل نو عمل، انسان جي موچاري زندگيءَ لاءِ لاڀائتا آھن. مٿن عمل ڪرڻ گھرجي.

280. مانئي تو ديو، نهين ڀينت ڪو ليو. (راجسٿان، پھاڪو)
مانئي: مڃيوس. ڀينت: پٿر.
هندو مذهب وارا، پنهنجي ڀڳوان ۽ وڏن مها پرشن جون، پٿر منجهان مورتيون گهڙائي، پنهنجي عبادت گاهن ۾ رکندا آهن. انهن جي معرفت، پوءِ حقيقي رب کي ٻاڏائيندا آهن. يا پنهنجي من جون مرادون مڃرائيندا آهن. انهن مورتين جي حيثيت، ديو واري تڏهن آهي، جڏهن کين دل سان سچو مڃجي. جيڪڏهن کين دل سان نه مڃبو ته پوءِ ڄڻ اهي پٿر سمان آهن.
اهڙيءَ طرح، ڪن مسلمان فرقن اندر به، ڪن مماتي بزرگن بابت اھڙي قسم جا عقيده دل اندر ويٺل ھوندا آهن. جنھن سببان سندن قبرن مٿان قبا اڏائي مجاور ٿي ويهن ٿا. انهن مماتي بزرگن جي عزت تعظيم يا بزرگي به تڏهن آھي جڏهن جيئرا ماڻھو کين عقيدي جي نگاھ سان ڏسن. ٻي صورت ۾ اهي به عام قبر وارن وانگر آهن، جيڪي قبرن اندر ڪجهه نه ٿا ٻڌن.
اهو ماڻهوءَ جي اندر جو عقيدو آهي، جيڪو پٿر کي ڀڳوان يا قبر کي وليءُ بڻائي ٿو. ور نه ته اصل ڪار ساز، فقط هڪ ئي رب پاڪ آهي.
مطلب: ۱ - جهڙو عقيدو رکبو، رب پاڪ کي، اهڙو ئي لهبو.
۲ - پوجو تو ڀڳوان، نهين تو پٿر ڪا پٿر. (هندي)
۳ - ڪاشي ڪا ڪنڪر، وه ڀي شنڪر. (هندي)
۴ - مانَ ته ديو، نا ته پٿر. (ڀوڄپوري) (۱) ص ۳۸۷.

281. مانيءَ ۾ ٻانهي، مهانگي ناهي. (چوڻي/ پهاڪو)
دل سان، دوستن/ مٽن جي خدمت ڪرڻ ۽ مالڪن جي نوڪري ڏيڻ وارا جذبا، اڄڪلهه ناپيد ٿي ويا آهن. نفسا نفسيءَ جي هن جهان ۾، پُٽ اهو ٿو وڻي، جيڪو کاٽو آهي. اولاد به اهو خدمت ٿو ڪري، جنهن کي والدين منجهان ڪي حاصل ٿئي ٿو. محبت به سهڻي صورت يا سٺي سيرت واري سان گهٽ پر گهڻي دولت واري سان جهٽ ٿيو وڃـي.
دولت/ ملڪيت ڏانهن، ماڻهوءَ جي من جو ميلان، آزمائش خاطر رکيو ويو آهي. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو نوڪر، پيٽ تي ٻيلپو ڏيڻ لاءِ تيار هجي ته ان کي مهانگو نه چئبو. ڇو جو ماني ته بنا معاوضي سڀ ڪنهن نوڪر جو بنيادي حق آهي.
اهڙو نوڪر، ڪم ۾ ڪوتاهي ڪري ته کيس ڇڙٻ به نه ڏجي. ڇڙٻ ته پيٽ-ڄڻيو اولاد به نه ٿو سهي. تنهنڪري خدمتگار نوڪر کي، ٻچن وانگر هلائجي. کيس ڇڙٻون ڏيڻ يا دوڳڻ، چڱو ڪم ناهي.
مطلب: ۱ - پيٽ تي بيٺل نوڪر، مهانگو ناهي. اهو ته اولاد کان به سستو آهي. سندس سمورا عيب نظر انداز ڪري، قرب سان کيس پاڻ وٽ رهائڻ گهرجي. (۵)

282. ماڻسان ري مايا آهي، ڍونڍان نان ڪوڻ ٿو پڇي. (چوڻي)
ماڻسان ري: مڙسيءَ وارا. مايا: دولت. ڍونڍان: ڍونڍن. ڪوڻ: ڪير.
هر علائقي جي دولت، مال ۽ مايا، اتان جا رهواسي ئي هوندا آهن. رهواسين منجهان، ڪارائتا يا دولت وانگر ڪارگر ماڻهو اهي هوندا آهن، جن منجهه مڙسيءَ وارا اکر هجن. جن منجهه غيرت ۽ مانَ وارا لڇڻ ناهن؛ سي کوٽي سڪي مثل ٿڏيل هوندا آهن. تن نامرد ۽ مڄو مڙسن جو مثال؛ ڍوند وانگر آهي، جنهن کي هر ڪو پاڻ کان پري اڇليندو يا ڦٽو ڪندو آهي.
مطلب: ۱ - مڙس ماڻهو، وڏي وٿ/ دولت آهن ۽ نامرد، ڍونڍ مثل آهن. (۶) ص ۱۲۹.

283. مائٽ ميڻ هوندو آهي. (چوڻي)
ميڻ: جنهن مان ٻرڻ لاءِ بتيون ٺهن ٿيون.
ٿوري تَوَ تي ميڻ رجي، ٻرندي ۽ ڳرندي رهندي آهي. ماءُ يا پيءُ جي دل، اولاد جي آڏو پڻ ميڻ وانگر آهي. لاڏ ڪوڏ سان پالڻ پڄاڻان، اگر اولاد بيهودائي ڪري ٿو ته مائٽ ان کي دل تي نٿا وٺن. نه دل ۾ ڪن ٿا ۽ نه وري موٽ ۾ ساڻن بدسلوڪي ڪن ٿا. نه زبان تي ڪو ويڻ آڻين ٿا ۽ نه وري کين ڪڏهن ڪو ڏوراپو ئي ڏين ٿا.
جڏهن ته اولاد، ٿوري ڳالھ به سهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. وڏي ٿيڻ کانپوءِ والدين جي تڪليف ونڊي ورهائي پاڻ تي کڻڻ ته رھي پري جي ڳالهه، کين ان حالت ۾ ڏسي ٻه ڳوڙها به نه هاريندو آهي. کين اڻ-ڏٺو ڪيون ۽ ڪن لاٽار ڪري، نڪتو هليو ويندو آهي.
مطلب: ۱- والدين جي ڀيٽ ۾ اولاد نرڄو آهي.
۲- مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺڻ. (هندي)
۳- مائٽ ميڻ، اولاد پهڻ.
۴- ماءُ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺڻ.
۵- اولاد، پٿر هوندو آهي.

284. ماءُ ڪک تي پاري، ٻاپ لک تي ڪنهين پاري. (چوڻي)
پاري: پالي. ڪنهين: ڪڏهن به نه، ھرگز نه.
ڪمزور ۽ ناتوان ٻار کي پالڻ لاءِ، دولت جي نه پر دل سان ڪيل خدمت جي ضرورت هوندي آهي. ٿڃ پيئارڻ، هنگائڻ مٽائڻ، آڍڻ سوٽڻ، تنجڻ، ڌوئڻ پوئڻ ۽ لولي ڏئي سمهارڻ وارا ڪم ئي ٻار لاءِ اهم هوندا آهن، جيڪي محنت، شفقت ۽ محبت سان منسلڪ آهن. اهي فقط ماءُ ئي ڪري سگهي ٿي ۽ خالي هٿن تي به ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ساڳين ڪمن لاءِ، پيءُ منجهه ٽڪي جي به استعداد نه هوندي آهي، پوءِ ڀلي کڻي لکاپتي ڇو نه هجي. ان ڪري ٻار کي پالڻ، ماءُ جي ڀيٽ ۾، پيءُ لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي.
ماءُ، پاڻ نه کائي به اولاد کي کارائيندي، حتيٰ ڪ پيٽ مان ڪڍي به کيس پئي تڳائيندي. کيس ڪوسو واءُ به لڳڻ نه ڏيندي. ڏينهن جو گهر جي ڪم ڪاڄ ۽ حاج لاءِ ڪشالا ڪڍڻ جي باوجود، اولاد کي پالڻ لاءِ رات جو اوجاڳا به سهي ويندي آهي.
مطلب: ۱ - ماءُ ٿوري تي پالي سگهي، پيءُ گهڻي تي به پالي نه سگهي.
۲ - پيءُ مئي اولاد اڌ ڇورو، ماءُ مئي سڄو ڇورو. (۶) ص ۱۳۰.

285. مايا ٻيٽي شوم ڪي، سخيان پاس نه جائي،
سخيان درشن شينهن ڪا، جيئن ديکي تيئن جائي. (ڍٽ، چوڻي)
مايا؛ ڌن دولت يا ملڪيت.
مال ملڪيت ڪٺو ڪرڻ جو حرص ۽ هوس، لالچ ۽ لوڀُ، ڪنجوس جي دل ۾ هوندو آهي. اولاد کان وڌيڪ، دولت کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مايا/ ملڪيت به، سندس ڌيءَ وانگر سندس گهر ۾ اچي ٿي. پٽ تي ماڻهوءَ جو ايترو حڪم نه هلندو آهي، جيترو ڌيءُ تي هلي ٿو. گگدامن وانگر، جيئن ڌيءُ گذاري ٿي ۽ چُپِ ۾ رهي ٿي، تيئن پٽ نه ٿو رهي. اهڙيءَ طرح ملڪيت به ڪنجوس وٽ، گهُٽيل ۽ بند رهي ٿي. سخين وٽ وڃڻ جي واري ئي نه واريندي آھي.
ڪنجوس جي ڀيٽ ۾، سخين وٽ مال ملڪيت مِڙندو ئي ناهي. جيئن وٽن پهتو، تيئن کانئن ٽاھ کائي ائين ڀڄندو آھي، جيئن شينهن تي نظر پوڻ کان پوءِ، ڪمزور جانور ڀڄڻ جي ڪندو آهي.
مطلب: دولت ڪنجوس وٽ ٽڪاءُ ڪري ٿي، سخين وٽ نه ٿي ٽڪي. (۲) ص ۶۱.

286. متر اوءَ، جو ٻڪرال جيان آوي. (چوڻي)
متر؛ عزيز، مائٽ. ٻڪرال؛ اتر اوڀر ڪنڊ جو مينھن.
ٻڪروال کنوڻ ڏسڻ شرط مارو ماڻهو خوش ٿيندا آهن. ڇو جو اھا اھڙي مينھن جو پيشگي نياپو آھي، جيڪو اجهو ڪي اجھو آيو. مرد ٻنيءَ کان ڊوڙي، گهر تائين مس پهچندو يا عورتون گهر جو سامان سنڀالي مس اندر رکنديون ته مينهن پهچي ويندو. (۳۵) ص ۲۶۸
مطلب؛ ۱- ٻڪرال کنوڻ وارو مينهن، سکن جو ساکي آھي.
۲- مشڪل وقت ۾ مدد لاءِ جلد پهچندڙ، عزيز، مٽ ۽ ھڏ-ڏوکي آھي.

287. مٿو ڀاڳو تو سڄو پرھو ٿيسي،
روپيو ڀاڳو تو سڄو ڪنھين ٿيسي. (چوڻي)
گجراھ جو علائقو، جيسلمير جي ڏکڻ ۽ ڀُڄ-ڪَڇَ جي اتر-اوڀر ۾ واقع آهي. اتان جا هندو واپاري ڏاڍا پڪا/ ڪنجوس ٿيندا آهن. رکيل پئسا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ٻڌو نوٽ کليو ڪرائڻ، وٽن عيب آهي.
اهڙيءَ طرح، سڄي ٿر وارن جي حالت پڻ ساڳي آهي. ڇو جو ٿر ۾ سواءِ برسات جي ڪا آبادي ڪا نه ٿئي. ڪنهن وقت ڪهڙا حالات ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ٿري ماڻهو، پئسي جي حفاظت، جان کان وڌيڪ ڪندا آهن. وٽن پئسو وڏي اهميت واري شيءِ آھي. گهٽ آباديءَ ۽ گھٽ پوک سبب، مشڪل سان جڙيل پئسو، کپائڻ لاءِ، ڪير به تيار نه هوندو آهي. ڇو جو هڪ دفعو پئسو ٽٽو ته وري ڪو نه جڙندو. ڀڳل مٿي جو علاج آهي، ٽڙيل پئسي جو نه. اھو ئي سبب آھي جو مٿو ڀڃائڻ پسند ڪندا آھن، نوٽ ڀڃائڻ پسند نه ڪندا آهن.
مطلب: ۱- مٿو ڀڳو سڄو ٿئي، رپيو ڀڳو سڄو نه ٿئي. (چوڻي)
۲- مٿو ڀڳو ته ان جو علاج ٿي پوندو. مگر ٽوڙيل رقم ٻيھر گڏ نه ٿي سگھندي.
۳- سوڙ سارو، پير ڊيگهارجن.
۴- اهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
۵- اهڙو ڪنجوس جو، هنگي هيٺ ڏسي ته؛ گهڻو ته نه وهي ويو.
۶- اهڙو ڪنجوس جو چوي؛ ”روڏ ڀڄي، نوٽ نه ڀڄي“. (۵) (۶) ص ۷۵.

288. مٺو ۽ کارو پاڻي، ڪڏھن به نه گڏبا آھن. (پھاڪو)
کارو پاڻي، لوڻياٺ ملڻ سبب، وزن ۾ مٺي پاڻيءَ کان ڳرو هوندو آهي. نتيجتًا، مٺي جي هيٺئون هوندو آهي. مٺو پاڻي هلڪو ھئڻ سبب، ساڳئي کوھ اندر، کاري جي مٿئون ھوندو آھي. انھن خاصيتن سبب، ھڪ ٻئي کي ڌڪي پري ڪري بيھاريندا آھن. کوهن مان پاڻي ڀريندڙ، ڪوشش ڪندا آهن ته کوهه مان مٿيون پاڻي، ٻين ڀريندڙن کان، اڳي ڀري وٺن. جيئن جيئن ماڻهو مٿيون پاڻي ڀريندا ويندا، تيئن تيئن مٺو پاڻي گهٽ ٿيندو ويندو. آخر ۾، کوھ اندر کارو پاڻي وڃي بچندو. پاڻي ڀريندڙ، انهيءَ کوهه کي ويساند ڏيڻ خاطر، ھڪ اڌ ڏينھن ٻئي کوهه تان پاڻي ڀريندا آھن. تيستائين مٺو پاڻي زمين مان سمي، اڳئين کوهه اندر، کاري جي مٿان گڏ ٿي ويندو آھي. (۳۵) ص ۲۴۵
مطلب؛ ۱- ٻن مخالف طبيعتن وارا ماڻهو دوست نٿا ٿي سگهن.
۲- خوشخصلت ماڻھو بماشبه مٺي پاڻيءَ جي ۽ بد خو بمشابه کاري جي آھي. ٻنھي سان ماڻهن جو ورتاءُ ساڳيو نه ھوندو آھي. ھر ڪو بد خو کي ڇڏي، خوشخصلت ڏي پيو مائل ٿيندو آھي.

289. مٺي، ڏاڍي مٺي آهي. (چوڻي)
مٺي، هڪ روايت مطابق مٺيءَ کوهيءَ تي ٻڌجڻ سبب ۽ ٻيءَ روايت مطابق، اتان جي دلير رهواسڻ مٺيءَ جي نالي پويان سڏجندڙ شهر آهي.
ٿر جو مشھور شھر ۽ پنھنجي ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر آھي. جابلو ٽڪرين جي گود اندر اڏيل، پنھنجي ساوڪ ۽ خوبصورتيءَ سبب سھڻو ۽ سندر، وڻندڙ ۽ من موھيندڙ شھر آھي. جنھن سببان، ھر رھندڙ کي مٺو لڳي ٿو ۽ ڪير به اتان ڇڏڻ ۽ لڏڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي.
هيءَ چوڻي به حب الوطنيءَ جي ثبوت طور، اتان جي رهواسين جوڙي آهي. هر ڪنهن کي پنهنجو ديس مٺو لڳندو آهي ۽ ان جي ئي تعريف ڪندو آهي.
مطلب: ۱ - ديس، هر ڪنهن کي پيارو آهي.
۲ - سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، جنين وطن وساريو.
۳ - مٺي، ڪنھن نه ڏٺي. جنھن ڏٺي، تنھن جي سدائين ڦٽي.
۴ - ڀيٽيو: ڪارونجهر ري ڪور، مريجي مليجي نا.

290. محبت واري رٻ ڀلي، راھ اتي رھجي. (چوڻي)
انساني فطرت ۽ سڀاءُ آھي؛ جتي کيس محبت ملندي، اوڏانھن ھليو ويندو. اتي کيس سڪون ملندو، جتي عزت ملندس. کائڻ لاءِ ڀلي رٻ مليس، رھڻ لاءِ ڀلي واٽن تي ويھي، پر پاڻ کي سکيو پيو ڀانئيندو. کيس سک ۽ سڪون، سھوليتن جي اندر نه پر من اندر مان ملندي محسوس ٿيندو. (۳۵) ص ۲۶۲
مطلب؛ ۱- جتي محبت ملي، سارو ڏيھ ڇڏي اتي اچجي.
۲- ڀيٽيو؛ جتي چاھ، اتي راھ.

291. مِچو جاءِ ماهين ۾، گهر جاءِ باڏ ۾. (پهاڪو)
مچو: کٽ. جاءِ: وڃي. ماهين: واڍولو. باڏ: جھيڙو.
واڍولو، کٽ ۾ پيرن واري پاسي ڏانهن پوندو آهي. واڍولي جي مٿان، کٽ جو پيٽ، واڻ سان واڻيل هوندو آهي. واڻ سان واڻيل تاني-پيٽو، واڻ ۾ انگهڻ جي صلاحيت سبب، وزن وغيره پوڻ تي جهول هڻي ويندو آهي.
ان جهول کي کُٽائڻ ۽ کٽ ڇڪڻ لاءِ، واڍولي جي پيرن واري پاسي کان رسي جي واڏڻ/ تانگهه وجهبي آهي، جيڪا ضرورت وقت ڇڪبي رهبي آهي.
کٽ جيترو ڇڪيل/ تاڻيل هوندي، اوترو ويهڻ ۾ سهنجي ۽ وزن کڻڻ ۾ مضبوط هوندي. آڏي ابتي وزن تي، ويندي نه. اهو ممڪن تڏهن آهي، جڏهن واڍولي ۾ پيل ڪاٺي/ سريو مضبوط ھجي. اگر اهو ٽُٽو ته کٽ ٻيهر واڻائڻ کان سواءِ سڌاري نه سگهبي.
اهڙيءَ طرح، گهر به پيار قرب سان هلندو آهي. منجهس هڪ دفعو جهيڙو پيو ته؛ نه سڌري نه سڌرندو. جيئن پوءِ تيئن، ڦٽي ناس ٿيندو ويندو.
مطلب: ۱ - کٽ جو واڍولو ۽ گهر جو قرب، مضبوط رکجن.
۲ - ڪروڌ، ٺڪرن/ نارن جو پاڻي، سڪائي ڇڏي. (۵)

292. مڇيءَ وٽ ٻُڌ آهي، سُڌ ناهي. (چوڻي)
مڇي، پاڻيءَ اندر رهندڙ ساهدار آهي. منجهس آنا يا لاروا لاهي، پلجي ۽ وڏي ٿئي. کڙڪو ڪن تي پويس ته ٽاهه کائي ڀڄي وڃي. ايتري کُڙڪ جي به سمڪ کيس پوي. اگر، ميربحر يا ميو، پاڻيءَ اندر ڄار يا ڪلوئڙو وجهي ته کڙڪي تي ڪنائي. منجهس پيل لوڀ تي وري کسڪي ويجهو اچي. اکيون پوري، کيس کائڻ شروع ڪري.
هڪڙي، لوڀ کائيندي ڦاسي وڃي ته ٻيءَ کي سمڪ ئي نه اچي. اھا به لوڀ تي ڇڪجي اچي ۽ ڦاسي پوي. ايتري سڌ يا عقل کيس نه آهي جو، انھيءَ انت آڻيندڙ لوڀ کان، ڇرڪي ڀڄي وڃي.
مطلب: ۱ - مڇيءَ ۽ مهاڻي کي، عقل گهٽ هوندو آهي.

293. مذهب سين محروم رهيا، دين ڪنون دور،
چوري سين چاه لڳائي، ڪم ڪنون وڃي هلور،
عمر ساري اپنا نفعا ڍونڍي، نت ڪري ڪلور،
چغليان تي عزت وڌائي، سچ ڪنون ٿئي سور،
پنج ئي مرد نه مور. (چوڻي)
وهلور: پري ڀڄڻ. ڍونڍي: ڳولي. ڪلور: ظلم. سور: ڏکيو لڳڻ. نِت: سدائين.
۱ - جنهن، نه مذهب جي تعليم ورتي، نه ئي آگاهي رکيائين ۽ ساري عمر دين ڌرم کان پري رهيو، سو به گڻن وارو مرد ناهي.
۲ - چوريءَ سان چاه رکي، ان تي گذر ڪرڻ وارو، ڪم کان ونءُ پيو ويندو آهي. حق حلال جي ڪمائيءَ واري رستي کان ٽهڻ وارو به بزدل آهي.
۳ - سڄي عمر، رڳو ٻين مان فائدي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو به، مڙس ماڻهو ناهي. مڙس اهو جو، ٻين جي ڪم اچي.
۴ - سدائين ظلم ڪرڻ وارو به، مڙس ماڻهو ناهي، بلڪ بزدل آهي.
۵ - چغليون هڻي پنهنجي عزت وڌائي، سچ ڳالهائڻ کان پري رهي ۽ سڄي عمر ڪوڙ تي سندرو ٻڌي ھلي سو به گڻن/ اخلاقن وارو مرد ناهي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل عيبن واري ۾، مڙسيءَ وارا اکر/ داڻا نه هوندا. (۱۲) ص ۱۴۹

294. مرد جي دل ۽ درياهه تي ڪهڙو ويساهه. (چوڻي)
درياهه، جابلو علائقن جي پٿريلي زمين مان، برساتي نئن ۽ کوڙ، نالي ۽ نديءَ جي صورت ۾ جنم وٺي، رستا ۽ رخ ڪندو، پوراليون ۽ چيڙهاليون زمينون چيريندو، زرخيز ۽ آباد ڪندو، واٽن تي واريءَ ۽ لَٽَ جا ڍِڳَ هڻندو، پاڻُ وڃي سمنڊ ۾ اڇلي ٿو. واٽن تي سندس رُخَ ۽ رَنگَ، عجيب آهن. ڪٿي ماٺو ۽ ڦھليل ته ڪٿي سوڙهو ۽ ڇوهو. ڪٿي ڪُنن جا گڙگاٽ ڪيو، پٿريلا پَٽَ پٽيون، لَڪَ لَٽيون، هر شيءِ لوڙهيون کنيو پيو ويندو ته ڪٿي ڍپر ھنيو بيٺو ھوندو.
مرد جي دل يا مَنُ پڻ، ساڳيءَ طرح روپ وارا آهن. ڪڏهن ڪيهر شينهن وانگر گجگاٽ ڪيو، روھن مان راهون ٺاهيون پيو ويندو. ڪڏهن ٻڪريءَ وانگر گدڙ جي اوناڙ کان به پيو ڇرڪندو ۽ ٽهندو.
مطلب: ۱- مرد ۽ درياهه، ڪنهن وقت به رخ ڦيرائي سگهن ٿا.
۲- ماڻهوءَ جي مَنَ ۽ ڪاٺ جي پور تي ڪهڙو ڀروسو.

295. مرد ۽ ڀؤنرا، ڀٽڪندا سونهن ٿا. (چوڻي)
ڪيسوٻاءِ، پورڻ وا جاگير جو، جاگيردار هئو. کيس ٿر جو هڪ لوڪ ڪردار چئي سگهجي ٿو. سندس داستان به عجيب آهي. هن رڻ جي ھڪڙي سفر دوران، پنهنجي گهر واريءَ کي ساڻ سمهڻ لاءِ چيو هو. جنهن تي ان کيس ٽوڪ هڻندي چيو ھو؛ ”ماڻهو ڇا چوندا ته ٺڪراڻي رڻ ۾ سُتي آهي؟! ان ڪري آئون تو سان ڪو نه سمهنديس!“
ڪيسوٻاءِ، ڪاوڙ ۾ اچي کيس چيو؛ ”جيڪڏهن تو مون کي نهڪر ڪئي آهي ته ھاڻي ڪيسوٻاءِ ڪڏهن به تو وٽ نه ايندو.“
پوءِ هن ايئن ئي ڪيو ۽ ڪڏهن به گهر ڪو نه ويو.
ٺڪرائڻ کي ساڙڻ لاءِ، سھيلين چيو؛ ”تنهنجو مرد ڪولهڻين پويان پيو ڦري“.
تنهن تي ٺڪرائڻ، کين هڪ جملو چيو، جيڪو ٿر جي چوڻي بڻجي ويو؛ ”مرد ۽ ڀؤنرا، ڀٽڪندا سونهن ٿا“.
مطلب: ۱ - مڙس ۽ شينھن، پڃرن ۾ بند يا ٻيلن ۾ ڇيڪ ڇڏيل ھوندا آھن.
۲ - گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورڙا ڏينھنڙا. (۲۹)

296. مرگهه-نيني، چندر-بدني، گنيور چال چلت،
هيم-ورڻ، ٻالڪ-بدن، جهيڻ-لنڪ، مرگهه-چڪ،
روسوندر ڪم-بِسري، جنهن ايڪ جيو گُڻ لک. (چوڻي)
مرگهه- نيني: هرڻ- اکي، چشم آهو، هرڻ جي اکين واري.
چندر-بدني: چاندني جهڙو چمڪندڙ بت رکندڙ، چنڊ جهڙو اڇو جسم.
گينور: هاٿي. گينور-چال: هاٿيءَ وانگر ديهي چال.
هيم- ورڻ: سون جهڙو رنگ. جهيڻ- لنڪ: سنهي چيلهه. گڻ: ڳڻ، خوبي.
ڪم بِسري: گهٽ وِسري. جيو: ساهدار، ساهه ۾.
روسوندر: اها سهڻي عورت. مرگهه- چڪ: هرڻ جيان گهُور، هرڻيءَ نما.
جنهن ايڪ جيو گُڻ لک: جنهن هڪ ساهه ۾ لکين گڻ آهن.
دنيا اندر انسان جيڪي ڏسي ٿو، ڏانهنس ڇڪجي وڃي ٿو. مڙني موجود رحمتن مان مزا ماڻي ٿو ۽ مٿن موهت ٿئي ٿو. ساڻن دل لائي ٿو ۽ کين هينئين ۾ هنڍائي ٿو ۽ مغز تي سوار ڪري ٿو. ڪنهن جي دل مال ۾ اٽڪيل آهي ته ڪو ٻنيون وڌائڻ جي جستجوءَ ۾ مگن آهي. ڪو گهوڙن ڌارڻ ۽ پالڻ ۾ مشغول آهي ته ڪو ڪڪڙن سان پيو دل وندرائي. ڪنهن کي پئسي سان چاهت آھي ته ڪنهن کي جاين جوڙائڻ جو شغل پيو وڻي. ڪو سهڻيءَ صورت تي مستان آهي ته ڪو ڪنهن جي شجاعت جو اسير آهي.
بهرحال زر، زمين ۽ زن مڙني شين کان وڌيڪ موهيندڙ آهن.
جڏهن ته مڙني موهيندڙ شين مان، مرد لاءِ هڪ ئي وڌيڪ پرڪشش چيز آهي، سو آهي من موهيندڙ مکڙو. مک سان گڏ جيڪڏهن ان سندر ديويءَ جو سراپا به پرڪشش ۽ مٿي ٻڌايل خوبين سان ڀريل هجي، سو ته ڪنهن کان به ڪين وسرندو.
مطلب: ۱ - مرد فطرتي طور، عورت جي سونهن تي موهت رهندڙ آهي. کيس مال ملڪيت کان وڌيڪ، حورن ۽ اپسرائن جي تلاش رهي آهي. (۲۷)

297. مرڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار. (چوڻي)
مهڻو يا ڍيڪ، انساني عيب يا عمل تي ڏئي سگهجي ٿو، جنھن جي ڪرڻ يا ڇڏڻ تي انساني اختيار يا وس هلي سگهي. جيئن سگريٽ، چانهه يا نشو، اهڙا عيب آهن، جن جي ڪرڻ يا ڇڏڻ تي انسان کي اختيار آهي. دنيا اندر، ڪيترا ئي انسان ملندا، جن پنھنجي حياتي، انهن شين کان پري رهندي پوري ڪري ڇڏي. جنهن عيب مان هزارين بچي سگهن ٿا ته ٻيا به بچي سگهيا پئي. پاڻُ نه بچايائون، تنھنڪري هاڻ مهڻي-هاب ٿيا. جڏهن ته انسان کي مرڻ يا هنگڻ تي اختيار ناهي. کيس اهي فطري تقاضائون ۽ اَمُرَ، مڃڻا ئي آهن. تن ۾ مهڻي يا طعني کان آجو آهي.
جنسي عمل جي تقاضا، هر ساهدار اندر رکي وئي آهي. ان کي روڪڻ يا دٻائڻ، انسان جي وس اندر ناهي. اگر کيس جائز رستو ڪڍي ڏجي ۽ پوءِ به ڪڌو ڪم ڪري ته پڪڙ ٿيندس. جانورن کي ڇڏي، انسانن کي هڪڙو قانون جوڙي ڏنو ويو آهي ته نڪاح جي صورت اختيار ڪري، جوڙا جوڙا ٿي زندگي گذارين. شرع شريعت ۾ ۽ شرعي فعل اختيار ڪرڻ ۾ ڪو به شرم ناهي. تنهنڪري، اهي اختيار ڪرڻ، گار جي زمري ۾ نه ٿا اچن. هونئن به، نياڻيءَ جي ماني، بادشاهن جي گهر ۾ ناهي.
مطلب: ۱ - هنگڻ نه مهڻو، پرڻو نه گار. (ساهتي)
۲ - موت هر ساهدار تي آهي. پرڻو به هر جوڙي تي لازم آهي.
۳ - ڀيٽيو؛ اٺ ڀارتو کڻو، ٽِٽا ڏِيڻ ۾ ته ڪو نه گيو.
۴ - مرڻ ناهي مهڻو، اهو ٻج ٻنيءَ. (۳۵) ص ۲۴۰

298. مرڻو مٽ جو، پرڻو ڍٽ جو. (چوڻي)
مَٽَ؛ مٽياري شهر. ڍٽ؛ ٿر جو وچ وارو علائقو.
مٽياري شھرن لاءِ مشهور آهي ته جڏهن به ڪو منجھس مري ويندو هئو ته ان جي جنازي ۾ واسطيدار يا غير واسطيدار، پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، اچي شريڪ ٿيندا هيا.
ڍٽ جي علائقي لاءِ مشهور آھي ته جيڪڏهن ڪو ٿر کان ٻاهر جو ماڻهو، ڍٽ مان پرڻبو ته اهو نه رڳو انهيءَ گهراڻي يا ڳوٺ جو ناٺي سمجهيو ويندو بلڪ پوري ڍٽ جا رھواسي، پيا سندس خيال رکندا.
مطلب: ۱ - ڪي علائقا، ڪن عملن جي ڪري به مشهور آهن.
۲ - مٽياريءَ جو موت، ويندي جي ويرم. (۲۰)

299. مِڙتي گاءِ نا گُهوڪاءِ هڻسو تو لت هڻسئه. (پهاڪو)
مِڙتي: مِڙندڙ، مِهر سان ڏهائيندڙ. گهوڪاءِ: رگهو، گهت. لت هڻسئه: لت هڻندي، کٽر ٿي بيهندي.
مِهريات مينهن يا ڳئونءَ کي، کير جي لالچ ۾، رُگهون نه هڻجن. ائين ڪرڻ سان، مڙندڙ ڳئون/ مينهن به کٽر ٿي پوندي.
دنيا جو وهنوار آهي؛ تون مون سان چڱو ھل ته مان تو سان چڱو هلان. کير ڏيندڙ گانءِ جو اهو ٿورو آهي جو رضا خوشيءَ سان ڏهائي ٿي. ان جي بدلي کيس خوب چارجي، سو وري ان جو حق آهي. بجاءِ اهو احسان ڪرڻ جي، کيس اجايو ڌڪ هڻبا ته چڙي پوندي ۽ کير کڻي ويندي.
مطلب: ۱ - چڱائي ڪندڙ سان، چڱائيءَ سان پيش اچجي. ساڻس اڍنگو رويو اختيار نه ڪجي.
۲ - هلندڙ وهٽ کي، لڪڻ نه هڻجي.
۳ - کير ڏيندڙ گانءِ جون، لتون به سهبيون آهن.
۴ - ستل شينهن کي، آڱر نه ڪجي.
۵ - ٺريل کير کي، ڦوڪون نه ڏجن.
۶ - ستل جهيڙي کي نه چئجي؛ اُٿ! (۵)

300. مڙدا، ڪڏهن مساڻ مان واپس آيا آهن؟ (بيراجي، چوڻي)
دنيا اندر، انسانن ڇا بلڪ سمورن ساهدارن جو اچڻ هڪ فطرتي اصول ۽ ترتيب تحت آهي. وڃڻ جي اگر ترتيب مقرر ناهي ته هڪڙو اصول يا ميعاد ضرور مقرر ٿيل آهي، جيڪو خالق ڪائنات پنھنجي قبضه قدرت ۾ رکيو آهي. ان تحت جيڪو ماڻهو هتي آيو آهي، سو ڪڏهن موٽي رحم مادر ۾ نه ويو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪو هن دنيا منجهان، قبر جي پيٽ ۾ وڃي پيو آهي، سو هرگز اتان اٿي، هن دنيا ۾ موٽي نه آيو آهي.
هن دنيا اندر، هڪ طرفي ٽريفڪ هلي ٿي. ايندڙ، هڪ طرف کان ايندا رھن ٿا ۽ اوڏانهن موٽن نه ٿا. ويندڙ ٻئي طرف وڃن ٿا، اوڏانھن کان واپس نه ٿا موٽن. موٽڻ، مڙني لاءِ محال ۽ ناممڪن آهي.
مطلب: ۱ - فطرتي اصول تحت ڪي شيون ۽ ڪم، اڻ-ٿيڻا آهن.
۲ - ڏڌو کير، ڇٽو تير، نڪتو گفتو، ٻيهر نه ٿا موٽن.

301. مڙس کي ٻه گهر؛ اٺ کي هڏ-تر. (چوڻي)
اٺ کي سوگھو ڪرڻ لاءِ، سندس گوڏو ٻڌڻ ئي ڪافي ھوندو آھي. سفر وغيرھ ۾ قطاري ھلڻ وقت، سوگھو رکڻ لاءِ کيس ناڪيلي ھڻندا آھن. ناڪيل وجھڻ لاءِ، عمومًا چم يا چپ ٽوپي، منجھس ناڪيل ھڻندا آھن، جنھن کي چم-تر چئبو آهي.
سياري ۾، پوهه جي مهيني اندر اُٺ مست ٿيندو آهي. مستيءَ جي انھن ڏينهن ۾، سيءَ جي جيئن لُري لڳندي، تيئن اُٺ جي لانگ لڳندي، گوڙ پئي پوندس. زبان وات کان ٻاهر ھوندس ۽ گجي پئي وهندس. چم-تر کي به نه ليکيندو آھي ۽ ڇنايو پيو گوڙيو ڏيندو آھي. ڪن صورتن ۾ ته ماڻھن کي به چڪي وجھندو آھي. سندس چڪ به ڏاڍو خطرناڪ ھوندو آھي. ان وقت اُٺ کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جت ناڪيليءَ سان گڏ کيس نڪ ۾ هڏ-تري هڻندو آهي ته جيئن مستي گهٽائي. يعني نڪ جي ڏاڍيري هڏ ۾، ناڪيلي وجهندا آهن، جنهن ۾ مهار ٻڌبي آهي. هونئن چپ ۾ مهار ٻڌبي آهي. هڏ-تر لڳو ته اٺ ٿيو لوهه.
اھڙيءَ طرح، لااُبالي ۽ جوان مرد کي شادي ڪرائبي ته گھر گرھستيءَ ۾ ھٿيڪو ٿي ويندو ۽ لانگ ھڻڻ بند ڪندو. اڃا به اگر مستي اٿس ته ٻي شادي ڪرڻ سان اھا به ختم ٿي ويندس. جيڪو سدائين بيخيالو پيو ھلندو ھيو، سو ھاڻي ھر قدم ڦوڪي ڦوڪي پيو کڻندو.
مطلب: ۱ - اٺ کي ھڏ-تر ۽ مرد کي ٻه گھر واريون سوگھو رکن ٿيون. (۳۰)

302. مقام ۽ مڪان، ڪڏھن وسرن ڪينڪي. (چوڻي)
مقام؛ قبرستان، جتي وڏڙن جون ھڏڙيون دفن ٿيل ھجن. مڪان؛ گھر، جنھن اندر جنم ٿيو.
گهر جي تعمير ۾ پگهر جا ڦڙا شامل هوندا آهن. جنھن ڪري ان جي ذري ذري سان اڻ لکو انس ھوندو آھي. پوءِ ڀلي اها کڻي ڪا ڪکائين جهوپڙي ئي ڇو نه هجي.
ھر ڪو پنهنجي وڏڙن سان بي انتها محبت ڪرڻ سبب، سندن مئي کان پوءِ، قبرستان ۾ وڃي مٿن درود دعائون ضرور بخشيندو آھي. اھي ٻه جايون، ڪنھن کان به دل تان نه لھنديون آھن. مرڻ گھڙيءَ، ساڳئي مقام اندر دفن ٿيڻ جي وصيت پڻ ڪندو آھي ته جيئن سندس ھڏڙيون وڏڙن جي ھڏڙين سان وڃي گڏجن. (۳۵) ص ۲۷۲
مطلب؛ ۱- مٽيءَ جي ڇڪ، انساني جبلت اندر رکيل آھي.

303. مڪڙ اڳيان کائي، پويان ڪڍي. (پهاڪو)
مڪڙ: ماڪڙ جڏهن ڪنھن فصل مٿان لهندا آهن ته ڄڻ قدرتي عذاب ٿي لهندا آهن. هڪ ته هوندا آهن لکن جي تعداد ۾، ٻيو منجهن افزائش به ڪينسر جي مرض وانگر واڌڙ هوندي آهي. ٽيون کائيندي، کين ڍؤ به نه ٿيندو آهي. لڪڙ پٿر، ٽڪيندا کائيندا، هضم ڪندا ۽ پويان ڪڍندا ويندا. کاڌل شيءِ، ڪو ڏينهن اڌ ته ڇا، پهر اڌ به سندن پيٽ ۾ ڪا نه ٽڪندي آهي. هيڏانهن هڪ شيءِ سندن وات مان اندر ٿيندي پئي، ته هوڏانھن اڳهارو وارو کاڌل کاڌو، پيٽان ائين پيو ٻاهر نڪرندو، جيئن چيچڙي منجهه هيڏانھن ڪمند جي ڇڙهي پوي ۽ هوڏانهن رس نڪتل پُوپو پيو نڪري. ڪتر جي مشين وانگر، هر شيءِ ٽڪي زيان ڪندا ويندا. ڪتر جي مشي مان نڪتل، ڪتر ٿيل گاهه، مال جي کائڻ جي قابل رهي ٿو، جڏهن ته مڪڙ جي پيٽان نڪتل گاهه، سواءِ گند جي ڪي ڪين ٿو رهي.
مطلب: ۱ - جيڪي وڏا هاڻا ٿا هڻن، تن جا پيٽ هرگز نه ٿا ڀرجن.
۲ - ڌاڙيل ۽ چور، ڦورو ۽ لٽيرو، غريبَ ڦري ٿو پر حاڪمن وٽ ٻيڻو ڦرائي ٿو.

304. مِڪو ماڻهو، گونگو مينهن،
بيٺل پاڻي، جهڙ جو ڏينهن، چار ئي ٻوڙين. (چوڻي)
مِڪو: ميسوڻو، ڍُٽو، مِمڙو. گونگو مينهن: بنا گوڙ ۽ کنوڻ جي مينهن.
۱ - ميسڻي ماڻهوءَ کي اندر ۾ ڇا ھي؟ سندس اھڙن جذبن جي خبر ڏکي پوندي آهي. ڇو جو هو، پنهنجي اندر جي خوشي ۽ غم، ڪاوڙ ۽ ڏک، چهري جي تاثرات مان ظاهر نه ڪندو آهي. ڪنهن کي اونت نه ڏيڻ وارو ماڻهو، انهيءَ چور وانگر آهي، جيڪو ويهن واٽن مان ڪنهن هڪ واٽ تان لڪي ڀڄي وڃي ۽ ڳوليندڙ، کيس باقي اوڻويهن واٽن تي اجايو ڳوليندي، ڀٽڪي وڃن.
۲ - گونگو مينهن به اوچتو جهور ٻڌي اچي وسندو آهي ۽ بس ڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. چڱين ڀلين جاين جون پاڙون، اکيڙي ڇڏيندو آهي. ڪچين جاين لاءِ ته پويون ڏينهن آ.
۳ - بيٺل پاڻي، اگر گهرو آهي ته منجهس ٻڏڻ جا ان ڪري گهڻا امڪان آهن جو سندس تارڻ واري سگهه گهٽجي ويندي آهي. هلندڙ ۽ متحرڪ پاڻيءَ جي اڇلن ۽ لهرن تي، ٻڏندڙ به وڃي ڪناري سان لڳندو آهي. جڏهن ته بيٺل پاڻي، ٻڏندڙ جي ڪا به مدد نه ڪري سگهندو آهي.
۴ - جهڙ جي ڏينهن ۾، وقتي جهڙ جي ڇانءَ هوندي آ ۽ هوا پڻ هلندي آھي. رکي رکي وري سج ڪني ڪڍندو آهي ته تکي اُسَّ ظاهر ٿيندي آهي. ڪڪر جي ڇانءَ ڏسي، ماڻهو اڃا ٻاهر نڪرندو ئي ناهي ته مٿان اوچتو نڪتل اُسَّ وري کيس لِڪڻ تي مجبور ڪندي آهي. اها لڪ لڪوٽي ۽ گرم-سرد واري ڪيفيت، بيمار ۽ پريشان ڪندڙ هوندي آهي.
مطلب: ۱ - جنهن جو انت نه لهي سگهجي، تنهن مان وڏو نقصان پوڻ جو انديشو هوندو آهي.
۲ - ڀيٽيو؛ پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي. (۴) ص ۲۴۴

305. مڱڻهار، کدڙا، ڪڃريون ۽ ڀٽ،
چار ئي هڙ-چٽ. (چوڻي)
۱ - مڱڻهار، شاديءَ مراديءَ جي وقت تي اچي دهل وڄائي ٿو. اها اهڙي محنت آهي، جنھن سان ٻڌڻ واري جو نه پيٽ ڀرجي ٿو ۽ نه ئي ڪو ٻيو طبعي فائدو آهي. ان جي بدلي، مڱڻهار کي گهور گهاٻور جي صورت ۾ جيڪو ملي ٿو، سو اجايو خرچ هئڻ جي باوجود، سندس نظرن ۾ ٿورو آهي. جيستائين ڄاڃين جا کيسا خالي نه ڪري، تيستائين قرار نه اچيس.
۲ - کدڙا، شادي مرادي ۽ ٻار ڄمڻ تي دهل وڄائڻ ۽ نچڻ ڪڏڻ جي محنت ڪندا آهن. جنھن منجهان ڏسڻ ٻڌڻ واري کي ڪو طبعي اپراسو حاصل نه ٿو ٿئي، سواءِ وقت جي زيان جي. کدڙو فقير به تيستائين ٺينگ ٽپا پيو ڏيندو، جيستائين مراد وٺي نه ٿڪجي ۽ اڳلن جا کيسا خالي نه ڪري.
۳ - ڪڃري يا ڪڃر، ڀڙوي يا ڀڙوو، ساڳي معنى ۾ استعمال ٿيندا آهن. البته ٻنهي ۾ هڪڙو فرق آهي. ڀڙوو، ان کي سڏبو آهي؛ جيڪو ڌاري عورت کان پيشو ڪرائي ۽ مٿين ڪمائي پاڻ کائي. ڪڃر اهو آهي، جيڪو پيشي ڪرائڻ لاءِ، پنھنجي گهر جون عورتون وٺي آڻي ڪوٺي تي ويهاري. سندس اها محنت اهڙي ناهي جو کيس ڪو معاوضو ملي. تنھن هوندي به جن ماڻهن کي سندس پيش ڪيل آئٽم معرفت ذهني آسودگي ملي ٿي، تنھن کي ذهني طور مفلوج ڪري، سندس کيسا خالي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو آهي.
۴ - ڀٽ فقير پڻ، پٽ-ڄائي جو لاڳ وٺڻ لاءِ اچي در جهليندا آهن. ڍورڻو پڄائي يا قصا کڻي، دھل وڄائي يا داستانن سان دل وندرائي، گهور گھاٻور گهرندا آهن. سندن انهيءَ محنت سان، سواءِ وقت جي زيان جي، ٻڌندڙن کي ڪو طبعي فائدو نه پوندو آهي. جڏهن ته ڀٽ فقير، تيستائين مطمئن نه ٿيندو آهي، جيستائين اڳلن جا کيسا خالي نه ڪري.
مطلب: ۱ - مٿيان چار ئي ڄڻا، دل وندرائڻ جو ڪم ته ڪن پر کيسا به خالي ڪيو وڃن.

306. ملوڪ سڀ مري ويا، ٽوڻا ٻڌندو ڪير؟ (پهاڪو)
ملوڪ: ماهر. ٽوڻا: سوڻ ساٺ، ٽوڻا ڦيڻا.
جيئن مذهبي عمل، پيرائتي نموني ڪرڻ لاءِ هادي ۽ رهبر، سونهين ۽ سائين جي ضرورت آهي، تيئن ٽوڻا ڦيڻا، سوڻ ساٺ ڪرڻ لاءِ پڻ انهن ڄاڻوئن جي مشوري جي ضرورت رهي ٿي، جيڪي انهيءَ ڌنڌي سان واڳيل هجن. ڪهڙو ٽوڻو، ڪهڙي وقت ٿيندو ۽ ڪڏهن پورو ٿيندو. مٿانئس وري ڪهڙو ساٺ سنئوڻ ٿيندو ته جيئن اهو چهچٽو آخر تائين هڪ کيل وانگر مسلسل هلندو رهي. ٽوڻائي به ٽهلندا رهن ته رونشائي به ورچي ڀڄي نه وڃن. شادين غمين جي ڪاڄن منجهه اگر ڄاڃين، ماڃين ۽ ڪانڌين کي ٽوڻن ۽ ساٺن اندر وندرائبو نه هلبو ته جلد ساٿ ڇڏي ويندا. پوءِ اهو سانگُ، بي چسو ٿي ويندو. آخر ۾ هڪ اڌ ماڻهو بچندو، جنهن سان ڪاڄ اڌورو رهجي ويندو.
مطلب: ۱ - ٽوڻن ساٺن لاءِ به ماهرن جي محتاجي ڪڍڻي پوي ٿي.
۲ - چڱا ماڻهو، دنيا مان جلد لڏيو وڃن.
۳ - جن جو هتي کپ، تن جو اتي به کپ.
۴ - ميان سڀ مري ويا، تڏھن فوجو ٿيو فقير.
307. منش ڇوٽا، عقل ڇوٽي. (چوڻي)
منش؛ ماڻھو. ڇوٽا؛ ننڍو.
انسان پنهنجي عمر جي لحاظ کان تجربا، مطالعو ۽ مشاهدو ماڻيندو آھي. منجھانئن ڄاڻ، جنھن سان عقل ۽ فھم پيدا ٿئي، ان قدر حاصل ڪندو آهي. جنهن ماڻهوءَ جي عمر وڏي ھوندي ان کي تجربو ۽ مشاھدو به ججھو ھوندو. ان جي برعڪس، جنھن ماڻھوءَ جي عمر ننڍي هوندي ته ان کي تجربو به گهٽ هوندو. جنھن جو تجربو گهٽ هوندو، ان جو عقل يا ڏاهپ به گهٽ هوندي. (۳۵) ص ۲۳۷
مطلب؛ ۱- ڏاهپ؛ وقت جي تجربن مان حاصل ٿيندي آهي.

308. منش نه وڏو، پر عقل وڏي وٿ. (چوڻي)
منش؛ ماڻھو. وٿ؛ قيمتي شيءِ، سوکڙي.
انسان ۾ عقل؛ تجربن، مشاهدن، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ سان اچي ٿو. جيتري عمر ھوندي، اوترو تجربا مشاھدا وڌيڪ ماڻبا. وڏي عمر ھئڻ جي باوجود، ڪنھن ماڻھوءَ نه مشاھدو ڪيو ۽ نه تجربو حاصل ڪيو، سو ان ننڍي عمر واري ماڻھوءَ کان عقل ۾ گھٽ چئبو، جنھن وڌيڪ تجربو ۽ مشاھدو ماڻيو آھي. (۳۵) ص ۲۴۱
مطلب؛ ۱- انساني عقل تجربن مشاهدن مطالعي ۽ ڏاهن جي صحبت مان پرائڻ سان وڌندو آهي.

309. منگهَه، تاڻي ٻڌو تنگَ. (چوڻي)
منگهه: مانگهه، هندي مهيني جو نالو. تاڻي: ڇڪي، ثابوت، مضبوط. تنگَ: سندرا.
آسريس، مينهن وسڻ جو آخري نکٽ آهي. اهو اوڪاڻجي ويو ۽ برسات نه پئي ته پوءِ ٿاريلڙا ويچارا نااميد ٿي ويندا آهن. ڇو جو کين ساريو پيو هوندو آهي ته مٿان ايندڙ مانگهه جي مهيني ۾ برساتون مورڳو ڪو نه پونديون. جڏهن برساتون نه پونديون ته؛ نه پلر جو پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو، نه سلا ڦٽندا ۽ نه وري مال لاءِ کاڌِ-خوراڪ ٿيندي. اھڙي صورتحال ۾، زندگي گهارڻ ڏکي ٿي پوندي. جنهن کي منھن ڏيڻ لاءِ، کين پنهنجا سندرا ثابوت ٻڌڻا پوندا آهن.
مطلب: ۱ - مانگهه تائين برسات نه پئي آهي، تنهنڪري تڪليف سامھون ايندي. ان سان منهن ڏيڻ لاءِ، سندرا ڇڪي/ ٺاهي ٻڌو. (۳)

310. مُڻڊي مڻڊي، مترڀنا. (سنسڪرت، چوڻي)
مُڻڊي مڻڊي: منڍيءَ منڍيءَ، هر دماغ ۾.
مترڀنا: سوچ نرالي، گت نياري، سمجهه جداري.
هر ماڻهو، دنيا ۾ سوچ ويچار لاءِ هڪڙو دماغ، ڏسڻ لاءِ ٻه اکيون ۽ ڳالهائڻ لاءِ زبان ۽ ڏندن وارو هڪ وات وٺي پهتو آهي. جيئن ته هر هڪ مختلف وقتن تي، مختلف ذاتين ۽ ماحول اندر، ڌرتيءَ جي مختلف علائقن ۾ آيو آهي، تنهنڪري هر هڪ جو تجربو ۽ مشاهدو، علم ۽ عقل هڪ ٻئي کان مختلف آهي.
ڪنهن کي تربيت ۽ تعليم سٺي ملي ته ڪنهن کي گهٽ. ڪنهن کي ڪهڙو دين مذهب مليو ته ڪنهن کي ڪهڙو. ڪنهن کي ذات ۽ نسب، دنياوي لحاظ کان، اوچو مليو ته ڪنهن کي نيچ. اهڙيءَ طرح ڪنهن کي ڪرڻ واسطي جيڪا ڪرت ملي سا ڪنهن اوچي مقام واري ملي ته ڪنهن کي نيچ ڌنڌو مليو.
مختلف النوع ماحول ۽ حيثيت ۾ پلجڻ ۽ پروان چڙهڻ سبب، هر هڪ جي ذهني ڪيفيت به نرالي ۽ جداري جڙي ٿي. هڪ ئي گهر ۾، ساڳي ماءُ جي پيٽان جنم وٺندڙ ٻارن جي ذهني نشو و نما ۾ ٿورو، ويهه اوڻويهه وارو، فرق اچيو وڃي ته سندن سوچ ۾ به فرق ٿيو پوي.
مطلب: ۱ - هر هڪ ماڻهوءَ جو ذهن پنهنجو آهي.
۲ - پنڏي پنڏي مترڀنا، تُنڏي تُنڏي سر سوتي،
ديشي ديشي اني ڀاشا، سيات نانا رتنا وسنڌرا. (سنسڪرت)
۳ - هر هڪ ۾ سوچ جداري ۽ مختلف، هر مک/ وات ۾ ٻولي ٻي،
جدا ملڪن ۾ ٻوليون جدا، هر علائقي ۾ موتي قسمين قسمين. (ترجمو)
۴ - پنج ئي آڱريون برابر ناهن.
۵ - هر دماغ ۾، پنھنجي پنهنجي سمجهه.
۶ - جيترا منھن، اوترا وات. جيترا وات، اوتريون ڳالهيون.
۷ - کوپري کوپريءَ، گت نياري.
۸ - ڄڻي ڄڻي جو پنهنجو راڳ. جيترا ماڻھو، تيتريون ڳالھيون.
۹ - جيتريون منڍيون، اوترا منھن.
۱۰ - آڱر ۽ آڱوٺي، سنڌو آهي. (۱) ص ۱۷۵.
311. موت رو سڏ ڀلو، پوليس رو سڏ ڀونڏو. (چوڻي)
رو: جو. ڀونڏو: بڇڙو.
موت، هڪ دفعو ايندو آهي، حياتي کسي ويندو آهي. اگر ڪو ماڻهو موت کان اڳ، خوشين واري حياتي گذاريندڙ هوندو آهي ته کانئس خوشيون هميشه لاءِ کسي ويندو آهي. اگر ڪو تڪليفن، ڏکن يا سورن واري زندگي گذاريندڙ هوندو آهي ته کيس هميشه لاءِ نجات ڏياري ويندو آهي. ان سان گڏ انھن ماڻهن کي به ڇوٽڪارو ڏياري ويندو آهي، جيڪي اهڙي تڪليف ۾ حياتي گذاريندڙ جي تيماداريءَ ۾ لڳل هوندا آهن.
ان جي برعڪس، پوليس جو سڏ ڏاڍو خراب آهي. جنھن کي آيو، سو ته پريشان پر سندس پويان به پيڙا ۾. هڪڙو ڄڻو جيل ۾ آهي ته سندس مٽ مائٽ کيس ڇڏائڻ ۽ ماني پڄائڻ ۾ پورا. ڍور ڍڳا ۽ زمين زر کپائي، پيا پوليس جي پورت ڪندا ته جيئن جيل ۾ واڙيل کي اھا تڪليف نه ڏئي. ٻَڌي چور تي، هر ڪنھن جي سڌ وڌي ويندي آهي. جيل اندر وري واڙيل قيديءَ تي هر سپاهيءَ جي ڪرڙي اک هوندي آهي. ايندي ويندي، کيس قھر آلود اکين سان ڏسڻ، پنھنجي روزي روٽيءَ کي حلال ڪري کائڻ جي مترادف پيو ڄاڻندو آهي. قيدي ۽ سندس وارث، مسلسل ذهني عذاب ۽ جسماني ڪوفت اندر ڦاٿل هوندا آهن.
مطلب: ۱ - موت جو سڏ ڀلو، پوليس جو بڇڙو.
۲ - رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنھين کي هوءِ،
منجي اتي جوءِ، وڃي تنھن کان وسري.
۳ - پوليس جو ڏھڪاءُ، موت کان به خراب آھي.
۴ - موت سان هڪ دفعو سر وڃي ٿو. پوليس وٽ، مسلسل تڪليف آهي.

312. موران نان ميهَه نه وسري، منگت نان ڏاتار،
ماهيلي نان پيهر نه وسري، هاري نان ڀتوئار. (چوڻي)
ميھ: مينھن. منگت: پينو. ماهيلي: زال، عورت. پيھر: پيڪاڻو گهر، پيڪاڻو ڳوٺ. ڀتوئار: زمين تي ماني کڻي ايندڙ زال، ڀتو آڻيندڙ، ماني پچائي ٻنيءَ تي ڪميءَ کي پهچائيندڙ عورت.
۱ - مور پکيءَ لاءِ، اڻ وسرندڙ وقت، برسات وارو آهي. جڏهن ياد پوندس، تڏهن فرياد ڪندو.
۲ - مڱڻهار يا پينو فقير کان، سخي مرد يا گهڻو ڏيندڙ، نه وسرندو آهي.
۳ - پرڻجي ويل عورت کان، سندس اباڻو/ پيڪاڻو ڳوٺ، ڪڏهن به نه وسرندو. ساري عمر پئي ان کي ساري، ڳوڙها ڳاڙيندي.
۴ - اهڙيءَ طرح هاري ويچارو، صبح جو اٿي ٻنيءَ تي وڃي ڪم کي لڳندو آهي. پويان سندس گهر واري ماني پچائي، ڏڌ ولوڙي، ٻنيءَ تي کيس پهچائيندي آهي. هاريءَ کي ڪم تي اُلڪو/ اڊڪو جيڪڏهن هوندو آهي ته فقط انهيءَ ماني کڻي اچڻ واريءَ جو هوندو آهي.
مطلب: ۱ - جيئن سپ، سنواتيءَ (مينهن-ڦڙو) انتظار ۾، وات پٽيو پئي انتظار جون گهڙيون گھاري، تيئن ويچارا ٿاريلڙا ڪڪر ۾ آس لڳايو پيا دل خوش ڪن.
۲ - موران نا ميهه نه وسري، منگت نا ڏاتار،
مهيلي نا پيهر نه وسري، هاري نا ڀتوار.
۳ - موران ميهه نه وسري، جيئن هاريءَ کي ڀتوئار. (۱۲) ص ۱۴۲.

313. مور ڇپيا انڌي بادل آيا،
تري ڇپيا ڏٻلي گهر آيا،
ڪڏوپي نار ڪي چال ڇپي گئي،
نين ڇپيا نت نت گھر آيا،
چندر ڇپيو پک پونم پهلو،
سورج ڇپيا اندر ميگهه مڏايا،
هٿيار بنا رجپوت ڇپي گيو،
ڏاتار ڇپيا گهر اڇت آيا،
ڀوپ ڀوپال شاهوڪار هئي،
ڪرم ڇپي گهر ڪلفت پايا. (چوڻي)
انڌا بادل: بنا گوڙ جي ڪڪر. تري: گھوڙي. ڏٻلي: ڏٻري. ڪڏوپي: بدچال.
پک پونم: چنڊ گرھڻ. ميگھ مڏايا: گھنگھور گھٽا. اڇت: سڃائي. ڀوپ: شاھوڪار.
۱ - مور، ڪڪرن جي گوڙ ۽ کنوڻ تي ناچ وجھندو آھي. اھو به ان وقت ظاھر نه ٿيندو آھي، جڏهن گونگا ڪڪر ايندا آھن.
۲ - ڀلي گهوڙيءَ جون خوبيون، تڏهن لڪي وينديون، جڏهن ڏٻري ماڻھوءَ جي گهر ۾ پلبي.
۳ - بدچال عورت جي چال، ان وقت لڪي ويندي، جڏهن پوڙهي ۽ شڪل جي ڪوجهي ٿيندي.
۴ - اک جي پڇڙي اٽڪڻ واري عشق جو جوهر به، ان وقت لڪي ويندو آهي، جڏهن دوست جي گهر هر هر اچبو آهي.
۵ - چوڏهين جو چنڊ، تارن ۾ ته نه لڪي سگهندو، البته گرهڻ ٿئيس ته لڪي وڃي.
۶ - ميگهه ملهار واري مند ۾، جيڏانهن تيڏانهن ڪارا ڪڪر ڇانئجن ته سج وقتي ظاهر نه ٿئي.
۷ - راڄپوت کي به هٿيار آهي ته راڄپوت/ بهادر نظر ايندو. بنا هٿيار جي بھادريءَ وارو انگُ ڇُپيو وڃي.
۸ - سخي به ان وقت عام منظر تان گم ٿي ويندو آھي، جڏهن گهر ۾ سڃائي هوندي اٿس.
۹ - زميندار، راجا/ مهاراجا وغيره ڀلي ڪيڏا به پئسي وارا هجن، پر سندن ڪرم ان وقت لڪي ويندو، جڏهن گهر ۾ ڪلفت پوندن.
مطلب: ۱ - ڪن عيبن سبب، ڪي وڏيون خوبيون به لڪيو وڃن.
۲ - ڀيٽيو؛ اڌ ننگ ڇپي نهين، ڪوڙ انيڪ قدم اپايا. (۲) ص ۲۲۸.

314. مور ڪو ڌيان گهن گهور لڳو،
ڏور ڪو ڌيان لڳو نٽڪي،
ديپڪ ڪو ڌيان پتنگ لڳو،
پڻهاري ڪو ڌيان لڳو مٽڪي،
چندر ڪو ڌيان لڳو چڪور،
چڪٻاڻ ڪو ڌيان سٽڪي،
مين منوپر ترري، ساگر-پنٿ،
پرميڻ رھيو اٽڪي. (چوڻي)
گهن گهور: کنوڻ ۽ گوڙ وارو مينهن يا برسات. چڪٻاڻ: شڪاري. نٽڪي: عورت، جيڪا پئسي تي ڪرتب ڏيکاري. سٽڪي: تير چٽڻ، شڪار ڪرڻ. پڻهاري: پاڻي ڀريندڙ عورت. مٽڪي: ننڍو مٽ، دلو يا دلي.
۱ - مور کي خوشي برسات وسڻ بعد ٿيندي آهي ۽ خوشيءَ ۾ ناچ به تڏهن وجهندو آهي. تنهنڪري سندس ڌيان رڳو مينهن جي آثارن تڪڻ تي هوندو آهي.
۲ - سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارڻ واري عورت، جيڪا مٿي ٻڌل تار تي هلي ٿي، تنهن جو سڄو ڌيان ان تار ۾ هوندو آهي ته متان پير ترڪڻ ڪري نقصان رسي.
۳ - پرواني کي به ڏيئي لاءِ ديوانگيءَ جي حد تائين تلاش هوندي آهي. سڙي به مٿس ساھ ڏيندو آهي.
۴ - پاڻيءَ جا دلا ڀري اچڻ واري عورت جو، پنڌ جي دوران، سڄو ڌيان دلي/ مٽڪيءَ تي لڳل هوندو آهي. متان ٺينشڙو لڳڻ سان، محنت پاڻيءَ ۾ هلي وڃي.
۵ - چڪور، چنڊ جو عاشق آهي. سندس اڏام، چنڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. وٽس پُڄي ته نه سگهندو آهي پر بجاءِ ٿڪجي موٽڻ جي، پنڌ ۾ ئي ساه ڏيندو آهي.
۶ - شڪار تير ڪمان سان ٿيندو آهي. شڪاريءَ کي شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، هٿيار تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو آهي.
مطلب: ۱ - عاشق، معشوق/ منزل کي ماڻڻ لاءِ، سڄو ڌيان ڏانهنس رکندو آهي. (۲) ص ۶۷.

315. مورک ٻانڀڻ؛ ٻه ٻارسيون. (چوڻي)
مورک: اڻ ڄاڻ، جاهل. ٻارس: چنڊ کان پوءِ ٻارنهن ڏينهن.
ٻانڀڻ، عام ماڻهن کي، پنهنجي ڄاڻ ۽ علم آڌار، شادي مراديءَ ۽ ڏڻ وار لاءِ تٿ ۽ ٽاڻو، واچي ٻڌائيندا آهن. ڇو جو اها ڄاڻ، هر ماڻهوءَ کي نه هوندي آهي. ٻارس واچڻ، آسان آهي. ڇو جو چنڊ کان پوءِ جا ٻارنهن ڏينھن منجهس هوندا آهن. البته اگر، جاهل ٻانڀڻ کان پڇبو ته اهو انهيءَ ننڍڙي ڳالهه ۾ به منجهي پوندو ۽ ٻه ٻه ٻارسيون پيو ڪڍرائيندو. انهيءَ ڪري عام ماڻهن جو رايو آهي ته؛ جيئن ٻانڀڻ جي مسند، عزت ۽ وقار واري آهي، تنهن ڪري مٿس ويٺل شخص کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو ماڻهو هئڻ گهرجي. ڇو جو مورکتا، عام زندگيءَ ۾ ئي نقصانڪار آهي. پوءِ ايڏي وڏي پدويءَ تي رَسڻ وارو ته ڪم از ڪم مورک نه هجي. ان کي ته محنت ۽ مشقت ڪري، اتي رَسڻ گهرجي. ان جاءِ تي ته ڪو چڱين خاصيتن سان ڀرپور ماڻهو، ويهڻ گهرجي. اتي ته ڪو سفارشي ۽ ڪنهن جو منظورِ نظر نه ويهارجي. ڇو جو ٻانڀڻ جو واسطو، مذهب ۽ ملت سان آهي. اگر جاهل هوندو ته ٻنهي کي پيو، لوئرائيندو.
مطلب: ۱- جاهل کي، وڏي عهدي تي نه ويهڻ گهرجي.
۲- مورک ٻانڀڻ، ٻه ٻه ٻارس ملهائيندا آهن.
۳- انڌا ٻانڀڻ، ٻه ٻارسيون.

316. مورک کي اُپديش، جيءَ جو ڪليش.
(سنسڪرت، چوڻي)
اُپديش: نصيحت. گيان: ڄاڻ، سمجهاڻي. ڪليش: جنجل، تڪليف.
پڙهڻ يا علم حاصل ڪرڻ سان، ذهني طور ماڻهو ڀڙ ٿيندو آهي. سندس سوجهه بوجهه ۾ واڌارو ايندو آهي. دنيا جا پيچيده مسئلا، سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ کيس مدد ملندي آهي. اهو علم به تڏهن فائدو ڏئي ٿو، جڏهن علم حاصل ڪرڻ وارو ذهني طور هوشيار آهي. جڏي ۽ ڪُند ذهن کي، علم پلئه ئي ڪين پوندو. جڏهن سندس کوپريءَ ۾ علم ويھندو ئي نه ته کيس ڇا فائدو ڏيندو؟
جنھن علم سان، علم حاصل ڪندڙ کي، پنھنجي پاڻ لاءِ فائدو نه ٿو ملي. تنھن علم سان، اهو ٻين کي ڪھڙو فائدو رسائيندو. فائدو فائدي جي ماڳ، اهو ٻين لاءِ وبال ۽ جنجال رهندو ۽ پاڻ کي به جنجل ۾ وجهندو. ناسمجهيءَ سبب، اهڙا ڪم پيو ڪندو، جن سان گهڻن کي نقصان ۾ پيو وجهندو. پڙهيل ڳڙهيل هئڻ سبب، پاڻ کي حق سچ تي پيو سمجهندو ۽ پنھنجي ڪيل ضد ۽ هٺ تان هيٺ نه لھندو. جيئن کيس نصيحت ڪبي، تيئن پنھنجي بي عزتي سمجهندو ۽ اڃا ضد ڪندو. رڳو پيو چوندو؛ ”مون کان وڌيڪ ڪير پڙهيل آهي ڇا؟“ اها ”مان“ سندس تباهيءَ جو سبب بڻبي آهي.
مطلب: ۱- مورک کي گيان، جيءَ جو زيان.
۲ - ڄٽ ملوڪ، گلم جو زيان.
۳ - ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو.
۴ - ڀيٽيو؛ ٿريو پڙهيو، جڳ اڙيو

317. موريو ڦٽرو، پڳ ڀونڏا. (پهاڪو)
موريو: مور. ڦٽرو: سهڻو. پڳ: پير. ڀونڏا: ڀَونڊا، بڇڙا، خراب.
سونهن ڪنهن کي راس نه آئي آهي. دنياوي سونهن ۽ حسن کي، جٽاءُ پڻ ناهي. ساڻس عيب صواب ضرور گڏ آهن. گل سهڻو ۽ مهڪ رکندڙ آهي پر ڪنڊو ساڻ اٿس. ماکي ذائقي ۾ مٺي ۽ خوشبودار، وڻندڙ سودمند آهي پر مک ۾ ڏنگ آهي. جنهن کي ڏنگي تنهن کي سڄائي رکي. اهڙيءَ طرح مور آهي. سڄو سهڻو پر پير ڪٺ جهڙا ڪارا اٿس. پاڻ ئي پنهنجي پيرن کي ڏسي ته روئي ويهي.
اهڙيءَ طرح هر سهڻيءَ شيءِ سان ڪو نه ڪو عيب ساڻ آهي. عورت سهڻي آهي ته جوانيءَ کان موٽڻ کان پوءِ، سندس حسن ختم ٿيو وڃي ۽ ٻانڀ پئي نظر ايندي. جيڪڏهن ڏيهاڙي صفائي سٿرائي نه ڪري ۽ وهنجي نه ته منجهانئس ڪرڀ پئي ايندي. صبح جو ننڍ مان اٿڻ وقت نڪ مان سنگهه ۽ اکين مان پچيون پيون وهندس. غلاظت جا ٻه چار سير سندس پيٽ ۾ هر وقت موجود رهن ٿا.
مطلب: ۱- چڱائيءَ سان برائي ڳنڍي بيٺي آهي.
۲ - عيبن کان آجو، فقط الله.
۳ - مور چڱو، پر پير ڏنگا. (لاڙ)
۴ - مور گهڻو ئي سھڻو، پر ٽنگون ڦڏيون.
۵ - مور گهڻيئي سھڻو، پر پير ونگا. (لاڙ)
۶ - مور نچي نچي پيرن ڏانھن ڏسي ته روئي ويهي. (سرو)
۷ - هر چمڪندڙ شيءِ، سون نه ٿيندي آهي.
۸ - هر شيءِ ۾، ڪو نه ڪو، عيب ضرور آهي.
۹ - All glitters are not gold.
۱۰ - مور سهڻو، پير ڦڏا/ خراب (۶) ص ۱۳۴.

318. موڙي لڀيندي ئي نهين، ٺڪر چاليها مڱدا. (پھاڪو)
موڙي يا لاڳت، ڪنھن ڌنڌي ۾ سيڙايل رقم کي چئبو آهي. واپاريءَ يا دڪاندار جي پهرين ترجيح اها هوندي آهي ته واپار منجهان، لڳايل رقم جلد واپس ڪڍي وٺي ۽ منافعو به ايترو حاصل ڪري جو ڌنڌو به هلندو رهي ۽ گهر جو خرچ، نوڪرن جون پگهارون، دڪان جي مسواڙ ۽ بجلي وغيره جا بل به گڏوگڏ ادا ٿيندا رهن. ڌنڌي مان، ايترا فائدا ترت حاصل ڪرڻ لاءِ، سخت محنت ۽ توجهه جي ضرورت هوندي آهي. بي ڌياني ڪرڻ سان، منافعو منافعي جي ماڳ، آسيرن پاسيرن خرچن ۾ موڙي ئي ٻڏي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اوڌر يا رکت تي ڏنل مال جون اڳاڙيون نه ٿي سگهنديون آھن ۽ رهتون، سيٺ کي هيٺ ڪري ڇڏينديون آهن. اهڙي صورتحال ۾، واپاري خير خيرات ڪرڻ کان پيو ڪيٻائيندو. اگر کانئس ٺَڪر، چاليهين پتي به گهرندا ته صفا چڙي پوندو. اهڙي حالت ۾ ٺڪرن کي به خيال ڪرڻ گهرجي ۽ کين چاليهون حصو وٺڻ کان گريز ڪرڻ گهرجي.
مطلب: ۱ - دڪان ۾ موڙي يا مُور وڌل ئي ناھي، ٺڪر صاحب، نفعي جو چاليھون حصو پيو گھري.
۲ - بي واجبي گھرڻ، چڱي ڳالھ ناھي.
۳ - دڪاندار سودو نه سلي، چي؛ ”پورو تور!“
۴ - ڏيڻ واري وٽ، ڏيئي سگهڻ جي حيثيت ناهي. ان صورتحال ۾ کانئس چاليهين پتي گهرڻ، کيس چڙ ڏيارڻ جي برابر آهي.

319. موسم کري ته واءُ ڪري، وڻ کري ته ڳرنڍھو ڪري. (چوڻي)
چؤماسي جي مند ۾، ھوا اگر ڇوٽ لڳي ته مينهن نه وسندو. ان کي موسم جو کرڻ چئبو.
وڻ ۾ گلن جي جاءِ تي، پنن جون موڙهيون يا ڳنڍيون ٿيون، تن کي موڙهه يا ڳرنڍهو چئبو. اھو وڻ ڦل نه ڏيندو. ان کي وڻ جو کرڻ چوندا آھن. (۳۵) ص ۲۴۴
مطلب؛ ۱- ماڻھو کرندو ته غلط ڪم ڪندو يا نڪمو ٿيندو.
۲- ڪڻڪ کري ٻڻڪ ڪري، واءُ کري جھڪ کري، ماڻھو کري بڪ ڪري، مرد کري شڪ ڪري، زمين کري اڪ ڪري، بادشاھي ٻار کري جيئن وڻيس تيئن ڪري.

320. مولا وساءِ مينھن، ڪانيارا ڇٽن ڪم کان. (پھاڪو)
مينھن وسڻ وقت، ٻاهر نڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هر شيءِ پُسي، آلي ٿي پوندي آهي، جنھنڪري ڪم آڻڻ، اوکي ٿي پوندي آهي. برساتي پاڻيءَ سبب، پيدا ٿيل ٿڌاڻ جي ڪري، لڱ به آٺرجي پوندا آهن. جنھنڪري، نه ڪنھن ڪم ڪرڻ تي دل ورندي آهي ۽ نه وري ڪو ڪم اُڪلندو يا نبرندو آهي. هر هڪ ماڻهو، چاهڻ جي باوجود به، نڪمو لڳو ويٺو هوندو آهي.
ٽوٽي ۽ سست ماڻهو، جيڪو سمهي سمهي پيو کٽون ڀڃندو آهي، تنھن کي ڪم نه ڪرڻ لاءِ ڄڻ قانوني طور بهانو ملي ويندو آهي. برسات يا مينهن ڏي ڏوهه پيو ڏيندو آهي. ڏِک ائين پيو ڏيندو؛ اگر مينھن نه وسي ها ته مڙس ڏونگر ڏاري وجهي ها. پر ھاڻ ڇا ڪجي؟ برسات مڙس کي منجهائي، رنڊائي ڀاڙي ڪري وڌو آهي.
مطلب: ۱ - اهڙا سست، نڪما ۽ ٽوٽي ماڻهو، جيڪي هونئن ڪم نه ڪن، تن کي لنوائڻ لاءِ فقط بهانو ئي کپي.

321. مھور ڪري منوار، ڪسڙاٽ پڇي پوڇي. (چوڻي)
مھور؛ پھرين. منوار؛ خدمت چاڪري، ماني ٽڪي. ڪسڙاٽ؛ حال احوال وٺڻ، خير خيرعافيت ڪرڻ، خبرون چارون ڪرڻ. پڇي؛ پوءِ، بعد ۾. پوڇي؛ پُڇي.
ٿر اندر، مھمان نوازيءَ جو وڏو رواج آھي. تڏي آئي تنگ نه ٿيندا، ھٿائين خوش پيا ٿيندا. مھمان ڀلي آڌي رات جو اچي، يڪدم سندس خدمت ۾ لڳي ويندا. مھمان، سفر جو ٿڪ ڀڃي، پيٽ جو ٻالنگھ ڪري، تنھن کان پوءِ کانئس حال احوال وٺندا. مھمان جي عزت ۽ آڌر به انھيءَ ۾ آھي ته اول، سندس مھماني ڪجي بعد ۾ کانئس حال احوال وٺجي.
مطلب: ۱ - مھمان ايندا آھن، وڏي ڀاڳ وارن وٽ. (۳۹) ص ۱۹۶

322. مھينو آيو پوھ، سياري ڪھڙو ڏوھ. (چوڻي)
پوهه؛ سنبت وڪرمي سال جو مهينو جنوري ڌاري اچي.
جنوري؛ ۾ سياري کي اوج هوندو آهي. واري ٺرڻ سبب، سيءُ اڃا وڌي ويندو آهي ۽ پيو ڦڦڙ ڦاڙيندو آھي. سياري اندر، اگر وڏا سيءَ ٿا پون ته ان ۾ سياري ڏانھن گھٽ، پوھ جي مھيني ڏانھن وڌيڪ ميار ھوندي آھي. (۳۵) ص ۱۹۵
مطلب؛ ۱- جنوري؛ جن آھي.
۲- پوهه جي سيءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ، سج لٿي کان ئي گهرن جي اڱڻ ۾ وڏا مچ ٻاري ڇڏبا آهن.

323. ميٽرڪ مانڌا پڙهيا، بي اي برا حال،
ايم اي مرڻ پڌاريا، يه هي وديا ڪا حال. (چوڻي)
مانڌا: ماندو ماندو ٿيڻ . پڌاريا: مري پوڻ. وديا: تعيلم.
آڳاٽي دور ۾، تعيلم بابت ھيءُ رايو هيو. ميٽرڪ جي تعليم وٺڻ کان پوءِ، امتحان پاس ڪرڻ وارو ماندو ماندو ٿيندو هيو. وڌيڪ تعيلم حاصل ڪرڻ کان ئي بان ڪري ڇڏيندو هيو. جڏهن ته تڏهوڪا ميٽرڪ فيل به، اڄڪلهه جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ وارن کان، وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ هيا.
بي اي ڪرڻ وارا، ورلي هوندا هيا. جيڪي ڪندا هيا، تن جا امتحانن جي تيارين سبب، برا حال هوندا هيا. پنهنجي جان جي ٺاهه ٺوھ لاءِ، کين هوش ئي نه هوندو هيو.
ايم اي ته ڀو کان ڪير ڪندو ئي نه هيو ته متان مري نه وڃي.
اڄڪلهه ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿيڻ يا ڪنهن سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ آسان آهي. انٽر تائين امتحان ۾ ويهڻ ته ڄڻ مائٽن جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل آهي. ڊگريون هٿ ڪرڻ، تمام آسان ڪم ٿي ويو آهي.
مطلب: ۱ - تعيلم/ علم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. (۵)

324. مينهن جي پُسائي، حاڪم جي ماريي تي ڪهڙو ارمان. (چوڻي)
ٿر ۾ جيئن ته بنيادي ضرورت پاڻي ۽ سو به برساتي. تنهنڪري برسات پوڻ سان، جيڪڏهن جهوپڙي ٽم ٽم ڪري ٽمڻ لڳي ۽ ساري گهر جا ٽپڙ ٽاڙي ڀڄي ڀَتُ ٿي وڃن. پَٽَ پُسيو، چڪون ۽ چارا ٿي وڃن ته به ٿاريلڙا پيا سرها ٿيندا. منجهانئس بيزار نه ٿيندا.
الله جي رحمت، جيترو وسي، اوترو ان مالڪ جي وس آهي. ڪير ان کي روڪي نه ٿو سگهي. اهڙيءَ طرح حاڪم کي به رعايا جي ڀيٽ ۾ وڏي طاقت آهي. ساڻس مقابلو کائي ئي نه ٿو سگھجي. جيڪڏھن ماري يا ڦري ته سواءِ صبر جي، ساڻس پڄي کائي نه ٿو سگهجي. بهتر آهي ته ٻنهي لاءِ ارمان نه کائجي.
مطلب: ۱ - بي بس/ بي وس جاءِ تي، نه پڄي سگهڻ لاءِ ارمان نه کائجي.
۲ - ڀيٽيو: مينهن ۽ مهمان، گهڙي پل جا مهمان. (۳) ص ۱۶۶.
325. مينهن وٺا ڀلا، ڏيک ڏٺا ڀلا. (سارو سنگهار، چوڻي)
ٿر اندر، هر جيوت، آب آسري هوندي آهي. پاڻي، جياپو آهي. پاڻي، درياهي صورت ۾ ٿرين وٽ ڪين ٿو پهچي. نه ئي پاڻيءَ کي ٿر اندر هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ، ڪئنال وغيره ٺاهڻ ممڪن آهي. ڇو جو زمين جي ساخت اهڙي قسم جي آهي. پاڻيءَ جو ذريعو فقط برسات ئي آهي. جيتري به پوندي، اوترو کڻي وڃڻ جي زمين اندر استعداد آهي. ائين ناهي ته ڇنڊ ڦڙي پئي ۽ هلڻ ۾ ھلاک ڪري وڌائين. ٿر جي رونق ئي برسات پوڻ کان پوءِ وڌي ٿي. حياتي، ڪرُ کڻي اٿي ٿي. مارو ۽ ڀاڳيا، ماڳين موٽن ٿا. ميلا ملهالا ٿين ٿا.
اهڙيءَ طرح، ٿر جي صحرا ۾ جڏهن اوڀڙ اڀري ٿي ۽ چوڏس چوڌار گلن ڦلن ۾ نکار اچي ٿو، اهو منظر به ڏسڻ وٽان ھوندو آهي. قدرت جيڪو مانڊاڻ، ان وقت ٿر جي علائقي ۾ منڊي ٿي، سو اگر هلي نه ڏسجي ته اها به ڄڻ تخليقڪار جي تخليق جي ساراهه ڪرڻ ۾ ڪنجوسائيءَ برابر آهي. اهو منظر تڏهن ڀلو لڳندو آهي، جڏهن پنهنجي ديدن سان پاڻ پسجي. سونهن جي تعريف تڏهن آهي، جڏهن ڪير چڙهي اچي کيس ڏسي.
مطلب: ۱ - برسات جو پوڻ ڀلو ۽ منظر کي اکين سان ڏسڻ تھائين وڻندڙ.
۲ - گهڻي ڏسڻ سان، مشاهدو وڌي ٿو.
۳ - گهڻي کاڌي کان، گهڻو ڏٺو ڀلو. (۲) ص ۴۶.

326. مينهن ۽ پُٽَ؛ قسمتي. (چوڻي)
زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ، پاڻيءَ جي ضرورت آهي. پورالي ۽ چيڪي مٽيءَ اندر، قدرتي طرح پاڻيءَ جا ذخيرا، هيٺان رکيل هوندا آهن، جيڪي واريءَ جي تهن ۾ هوندا آهن. جڏهن ته ٿر جي زمين آهي واري ئي واري، جنهن ڪري پاڻي سندس تههَ ۾ جلد هليو وڃي. مٿس آبادي ڪرڻ لاءِ وري به مينهن جي پاڻيءَ جي ضرورت پوي. مينهن جو وسڻ، انساني وس ۾ ناهي. بلڪ جڏهن مالڪ مهربان ٿئي ۽ سندس مرضي ٿئي ته وسي. جنهن جي قسمت چڱي آهي، تنهن لاءِ ته مينهن مند تي وسي، جنهن سان آبادي ٿئيس. جنهن جي قسمت ڦٽل آهي، تنهن کي مندائتي مينهن جي ڦڙي نصيب نه ٿئي. زمين، ٻج ۽ ڏاند هوندي به، ويچارو ٿيو ويٺو هجي.
پٽ جو ڄمڻ پڻ ائين آهي. ماڻهوءَ ۾ مردانگي به آهي. زال به سهڻي، جوان ۽ چئيوان هجيس. ٻار ڄڻڻ لاءِ سڀ حيلا به هلائي پر اولاد ڄمي يا نه ڄمي، رب جي مرضي. رڳو ڌيئر ڄمن، ته به ان جي مرضي، ڌيئر ۽ پٽ گڏ ڄمن ته به رب جي مرضي. رڳو پٽ ڄمن ته به رب جي مرضي. موراڳو سنڍ ڪري ڇڏي ته به رب جي مرضي. انهن قدرت جي ڳالهين ۾، انسان بيوس آهي.
مطلب: ۱- انسان جي اختيار جي به هڪ حد مقرر ٿيل آهي.
۲- پيريءَ ۾ ڄاول پٽ، قسمتي.
۳- مينهن تڏهن وسي، جڏهن رب گهري، پٽ به تڏهن ڄمي جڏهن رب گهري.
۴- ڌيءُ ڄمي يا پٽ؛ رب جي مرضي. ٻار ڄمي يا نه؛ مائيءَ جي مرضي. (ساھتي)
۴- ڀيٽيو: ڄيٺو مينهن ۽ پوڻيٺو پٽ، نيري وهانءُ، سڀاڳن سامهون.

327. ميهان ساکي مارگُو، سيئان ساکي اَڪَ،
ڏاتار ساکي منگتا، سُوران ساکي ڌَڪَ. (چوڻي)
ساکي: ساک ڏيندڙ، شاهدي ڏيندڙ. مارگو: واٽهڙو، پانڌيئڙو، واٽ وٺي ھلندڙ. سيئان: سيءَ لاءِ. سُوران: سورن لاءِ، سور جو.
۱ - پوندڙ برسات جي شاهدي، واٽ وارا مسافر اچي ڏيندا، جن کي اوجھڙ وارن رستن تي برسات ورايو ھوندو ۽ لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملي ھوندن. هن دور ۾ ته ريڊيو، ٽي ويءَ تي جلد خبر پئجيو وڃي. اڳ ۾ ٻئي علائقي ۾ پوندڙ برسات لاءِ مسافر ۽ واٽھڙو، پيادا ۽ اٺ سوار، ئي خبر رسانيءَ جو ذريعو هوندا هيا. مثال: وٺي جون وايون، پانڌيئڙو/ واٽهڙو ڏيندا.
۲ - سيءُ گهڻو پوندو ته پارا هڻندو. هر وڻ، پاري جي سَٽَ سهي پر اڪ نه سهي. اڪ گرميءَ تي زور ڏئي نکرندو آهي ۽ سيءَ تي سڙي ويندو آهي. اڪ سڙي وڃڻ، گهڻي سيءَ جي نشاني آهن. مثال: اهڙو ظالم، جيئن اڪن تي پارو.
۳ - سخي مرد اهو آهي، جنهن کي فقير ۽ پينو، منگتا ۽ مڱڻهار، ڪوٺي تي وائري، پڌرو ڪن. مڱڻهار، سخي مڙسن کي گهڻو پڏائي پڌرو ڪندا آهن. سخي تيستائين سخيءَ طور مشهور نه ٿيندو، جيستائين کيس مڱڻهار مشهور نه ڪن. مثال، پير کي به خليفا، پيرُ/ مشهورُ ڪندا آهن.
۴ - سورهيه مڙسن جا لڳل ڌڪ، سور جي شاهدي ڏيندا آهن. زخم، ڌڪ، ڦٽ ئي سور جي هجڻ جي شاهدي آهن. مثال: ڌڪن جا شاهد؛ ڦٽ.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار شيون، شاهديءَ طور ڪتب اچن ٿيون. (۱۲) ص ۱۴۳.
328. ميهه تو تيان برستي، جيان راجي هوسي رام. (چوڻي)
تيان؛ تڏھن. جيان؛ جڏھن. راجي؛ راضي. ھوسي؛ ٿيندو.
مينهن وسائڻ، رب جي وس آهي. جڏهن چاهي، تڏهن وسندو. جيترو چاهي، تيترو وسندو. جاتي چاهي تتي وسندو. وسندو، سندس مرضيءَ ۽ رضا سان. ٻئي جي مرضيءَ ۽ رضا سان نه وسندو. جيڪڏهن انسان کي برسات جي ضرورت آهي ته ان لاءِ ڌڻيءَ کي ٻاڏائڻ گهرجيس. جڏهن اهو راضي ٿيندو ته مينهن به وسندو. اوڀڙ به اڀرندي ۽ حياتي به پنهنجي عام حالت تي ايندي.
مطلب: ۱ - جل هي، جيون هي.
۲ - مولا وساءِ مينهن ته ڪانيارا ڇٽن ڪم کان. (۱) ص ۲۷۱.

329. ميهَه سُڌاري بجلين، سَر رَو سُڌاري پار،
ٻيٽو سُڌاري ٻاپ نان، گهر سُڌاري نَار. (چوڻي)
بجلين: کنوڻ ۽ گوڙ. سَر رو: تلاء کي. پارِ: ڪنارو، ڪپ، پاسو.
۱ - گوڙ ۽ کنوڻ، برسات کي مچائيندا آهن.
۲ - تلاءُ اهو ڀلو آهي، جنهن جو ڪنارو يا ڪَپُ پَڪَ-سِرو ٺهيل آهي. ٻيءَ صورت ۾ ڪناري تي گپ هئڻ سبب، منجھانئس پاڻي ڀرڻ ڏکيو هوندو آهي. پير ترڪڻ يا ٻئي نقصان ٿيڻ جو انديشو، ھر وقت اوس هوندو آهي. پڪ-سري ڪپ تي وهنجڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، پاڻي ڀرڻ وغيره سهنجا هوندا آهن.
۳ - پيءُ جي ناموس به اهو پُٽ وڌائيندو، جيڪو سپوٽ هوندو. ڪپوٽ، پاڻ کي ته خوار خراب ڪري پر پيءُ جو نالو به پڻائي ڇڏي. ماڻهو پيا گلا ڪندا ۽ طعنا ڏيندا. ان جي ڀيٽ ۾ سڌريل پٽ، نيڪ ناميءَ سان گڏ عزت به وڌرائي ٿو.
۴ - گهر جي سونهن، گهر واريءَ سان آهي. جيڪڏهن گهر راڻي وٺي نه آڻبي ته گهر جو سڌرڻ ممڪن ناهي. جيڪڏهن گهر ۾ گهر ڌياڻي ناهي ته پوءِ مڙس ڪيترو به کٽي ڪمائي پر گهرُ، گهرُ نه رهندو. ان جي برعڪس زال هٿ ڦاڙ هوندي ته به گهر تين وال ڪري ڇڏيندي. سگهڙ زال سان ئي گهر جو سڌارو آهي.
مطلب: ۱ - مٿين چئن شين ۾، سڌارو يا سٿرائپ آهي. (۱۲) ص ۱۴۲.

330. ميهَه موران، بَنَ ڪونجران، آنٻان ڏار سُوئان،
ويڻ سڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان. (چوڻي)
ڪونجران: هاٿين کان. آنٻان: انب جي. ڏار: ٽاري. سُوئان: طوطو .
۱ - مور پکيءَ کان، برسات جي مند ۽ برسات جو وسڻ ڪين وسرندو آهي. برسات پوڻ کان پوءِ، خوشيءَ ۾ ناچ ڪندو آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته، ”جنگل مين مور ناچا؛ ڪِس ني ديکها!“
۲ - هاٿي به جهنگ ۾ ڇيڪ چرندو آهي. پڃري ۾ بند ٿيڻ کان پوءِ کيس جهنگ گهڻو ياد ايندو آهي.
۳ - طوطو به انب شوق سان کائيندو آهي. کانئس انب جي ٽاريءَ تي ويهڻ ڪڏهن به نه وسرندو آهي.
۴ - دوست جو طعنو هيانءَ تي چڙهي بيهي ۽ ڪڏهن نه وسري.
۵ - ڄمڻ واري هنڌ، ماڻهوءَ جي عور پوريل هوندي آهي. اهو ڪنهن کان به نه وسرندو آهي. جيڪڏهن وسريس ته پڪ پاڻ اڻاسي آھي.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج شيون، ڪنهن کان ڪين وسرنديون آهن.
۲ - ميهان موران ڏيڏڪان، تيني ايڪي راسَ،
سورج تپي گرمي ڪري، تَڏَ وَرسَڻ ڪي آس.
۳ - تاڙو پکي اسر جو تنواري، ڏيڏر ٻولين، يا مور پکي دانهون ڪري ۽ گرمي ٿئي ته برسات جو آسرو سمجهندا. (ترجمو)
۴ - گر (جبل) موران، بن ڪونجهران، آنٻا رسُ سُوئا،
سڄڻ ڪُوِچن، جنم گهر، ائان وسرسين موئا. (۲) ص ۶۷ ۽ (۱۲) ص ۱۴۴.

331. مِيهه نه مهماڻ، ڪِتا ڏينهن. (چوڻي)
ميهه: مينهن. نِه: ۽. مهماڻ: مهمان. ڪِتا: ڪيترا.
مينهن؛ رحمت به آهي ته منجهانئس ملندڙ پاڻي، بنيادي ضرورت پڻ آهي. جڏهن جهور ٻڌي وسي ته پَٽَ پسي وڃن، جايون ٽميو پون، چونئرا آلا ٿيو وڃن ۽ ڪپڙا لٽا ڀڄيو اوسنا ٿيو پون. اهڙيءَ حالت ۾، زندگي گذارڻ اوکي ٿيو وڃي.
مهمان به رحمت آهي. روزي پاڻ سان، ساڻ آڻي ٿو. سندس آئي سڀڪو سرهو ٿئي ٿو. سندس ٽهل ٽڪور، حال سارو ئي ڪجي ته به منجهائيندڙ ۽ هلاڪ ڪندڙ هوندي آهي. ڪم سيڙجن ٿا، وقت سر ماني پچائڻ جو اُلڪو الڳ رهي ٿو. هوند يا اڻ هوند جو لحاظ نه ٿو رکڻو پوي. پٽي سٽي، پني سني به مهمان لاءِ ڳنڌڻ ماني ڪرڻي ٿي پوي. جنهن سبب اوکائي ٿئي ٿي.
مطلب: ۱ - مينھن ۽ مھمان، ڪيترا ڏينھن.
۲ - مينهن ۽ مهمان، گهڙي پل جا مهمان.
۳ - مهمان ۽ مينهن، ٿورا ڏينهن.
۴ - ٿرين لاءِ مينھن به غنيمت ته مھمان به.
۵ - مھمان ۽ مينھن، رحمت ٿي اچن ٿا. تنهنڪري سندن سببان آيل ننڍڙي تڪليف مان بيزار نه ٿجي.
۶ - ڀيٽيو: مينهن جي پسائي، حاڪم جي ماريئي تي ڪهڙو ارمان. (۳) ص ۱۶۶ ۷ (۶) ص ۱۳۳.