لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڇ

289. ڇا رٻ، ڇا بسم الله. (پھاڪو)
رٻ: ڏڌ اندر رڌيل پٽڙو ڀت.
ٿر جا غريب مارو ماڻهو، ڏٿ ۽ رٻ تي گذران ڪندا آهن. ساڳيو ساڳيو کاڌو کائي، ماڻهو آڪو ٿي پوندو آهي. وات جو ذائقو مٽڻ لاءِ، پيو کاڌي جي ٿانون جي مٽ سٽ ڪندو آهي. گهر ۾ نه هوندو آهي ته پاڙي مان پيو مٽ سٽ تي وٽ وٺندو آهي. اهڙي اهڙي ڳالهه، جو پاڙي ۾ نه مليس ته پري وارن دوستن واقفڪارن، مٽن عزيزن ڏي مهمان ٿي ويندو آهي.
ائين هڪڙو ٿريو، وات جو ذائقو مٽڻ لاءِ، ڳوٺان نڪري، پري وارن مٽن ڏانهن مهمان ٿي اچي ٽڪيو. وڏا سفر ڪري، لڪ لنگهي، جڏهن وٽن اوطاقي ٿيو ته ويلي تي سندس لاءِ رٻ جو پاٽوڙو ڀري اچي آڏو رکيائون. رٻ کي ڏسي، اندر ئي سڙي ويس.
بنا هٿ ڌوئڻ ۽ بسم الله پڙهڻ جي، بي دليو، بک کان رٻ کائڻ لڳو ته ميزبان چيس؛ ”ادا! بسم الله ڪري کاءُ! جيئن برڪت به پوي ۽ ڳالهه دل کي به وڻي.“
”ڇا رٻ! ڇا بسم الله!“ مهمان، اندر-سڙيئي کان، ميزبان کي ٺڙ ٺڪ جواب ڏنو.
مطلب: ۱ - بسم الله تمام وڏو بابرڪت ڪلمو آهي. ان جي برڪت تمام وڏي ۽ شان وڏو آهي. اھا هر شيءِ تي پڙهڻ چڱي ڳالهه آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته؛ ڪنهن سادي شيءَ تي ايڏو وڏو ڪلمو چوڻ، ڪلمي جو شان گهٽائڻ برابر آهي.
۲ - انسان کي هر حال ۾، رب جو شڪر گذار رهڻ گهرجي.
۳ - ڇا دال، ڇا بسم الله.
۴ - ڇا ڀيلُ، ڇا ڏاڙھي. (۵) ص ۵۸.

290. ڇتر ڏنتو ڪو ئي ڪِ مورک،
ڪو ئي ڪِ نرڌن ٽالڪا. (مارواڙ، چوڻي)
ڇتر: ڇڊا. ڏنتو: ڏند. ڪو ئي ڪ: ڪو ڪو. مورک: بيوقوف. نرڌن: سڃو.
ٽالڪا: گنجو.
ڪن ماڻهن جي جسماني عيبن جا، سندن شخصيت ۽ خصلتن تي اثر به پوندا آهن. سموري جا سمورا ماڻهو، انهيءَ زمري ۾ نه به ايندا آهن. ڇو جو هر ڪنهن جي خصلت اها ئي ٿيندي، جيڪا خدا تعاليٰ جوڙي هوندي. پوءِ به زماني-داريءَ جي حساب سان ڪن ماڻهن، ڪن عيبن وارن بابت ڪي انومان ڪڍيا آهن، جن مان اڪثر سچ به ثابت ٿيا آهن.
اهڙيءَ طرح هيءُ به مشاهدي/ تجربي مان معلوم ٿيو آهي ته؛ گنجا، گَنجِ سبب ناڻي جي گَنجَ جا مالڪ هوندا آهن. ان مان اھا مراد هرگز ناهي ته پورن وارن وارا، سڃا ٿيندا آهن.
مطلب: ۱ - سمجهه وارن لاءِ، هر ڳالهه ۾ دانائيءَ جا نقطا آهن.
۲ - ڀُرڙ-ڏنڊو ڪو ڪو مورک، ڪو ڪو ڪاڻو صادقا. (لاڙ)
۳ - ٻٽيهه منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، گنجو جي ساماڻو، مڙني ماٺ ڪئي.
۴ - شيرو ٻلو شاهه جو، ڇا ساه آ گنجي جي ماءُ جو؟
۵ - گنجو ورلي سڃو هوندو، ڇڊن ڏندن وارو ورلي بيوقوف هوندو. (۵)

291. ڇُٽي جند ڇوڪر جي، ڪڍيو لِنڊ خدا. (پهاڪو)
ٿر جي بيراجي علائقي سان تعلق رکندڙ ھڪڙو ڇوڪرو، ڪرڙ جا مٺا پڪا ڏيلهو ڏاڍا کائي ويو. جنهنڪري سخت قسم جو قبض ٿي پيس. پيٽ تي گهڻو ئي زور ڏيڻ بعد به ٽورو نه پئي آيس. مائٽن کي به ڏاڍو پريشان/ بي قرار ڪري وڌائين.
ڏاڍي ڀڄ ڀڄان ۽ لڇ پڇ پچاڻان، لنڊ نڪتس ته جان سامت ۾ آيس ۽ مائٽن کي به قرار ٿيس.
”ڇٽي جند ڇوڪر جي!“ پرائي بلا مان ڇوڪر جي جان آجي ٿي ته مائٽن سک جو ساه کڻندي چيو؛ ”ڪڍيو لنڊ خدا“.
مطلب: ۱- تڪليف-ده مصيبت ٽري ويندي آ ته ٿڌا ساه ڀري ائين چئبو آ.
۲ - جان بچي، لاکون ڪمايا.
۳ - ٽري بلا، سر جو خير. (۵)

292. ڇلو مرون ڏينهن پڇري، ڪڪڙ سانجهيءَ وار،
پدمڻي پرائي پکڙين، پتي لهي نه سار،
پرس پراوا قرض کڻي، ڪري وڏا اپڪار،
سٿ ويٺي سمهي رهي، پنج ئي گينوار. (چوڻي)
پرس: مڙس. اپڪار: خيراتون. گينوار: ڳنوار، جاهل، بيوقوف.
۱ - ڇلو مرون؛ سوئر جو قسم، جيڪو ڇتو ٿيو پيو ڦري. اھو اگر پنهنجي جُوءِ ڇڏي، ڏينهن ڏٺي جو آباديءَ/ وسنديءَ ڏانهن رخ ڪري، سو انت پاڻ کي مارائيندو.
۲ - ڪڪڙ؛ فجر جو بانگون ڏيندا آهن. پهريون دَسُ، آڌيءَ کان پوءِ ۽ ٻيو دَسُ اسر جو هڻندا آهن. ان وقت، بانگ ڏيڻ ۾ سندن لاءِ ڪو خطرو ناهي. ڇو جو ان وقت تائين مالڪن/ ڌڻين کين محفوظ هنڌ تي هٿيڪو ڪري ڇڏيو هوندو آهي ۽ ڪو به گدڙ يا ٻلو وٽن پهچي، نقصان نه رسائي سگهندو آهي. جڏهن ته سانجهيءَ ڌاري اڃا مالڪن کين محفوظ هنڌ تي واڙيو ئي نه هوندو آهي، اگر ان وقت ٻانگون ڏئي، جھنگ-ٻلن کي هوشيار ڪندا ته کين ناگهاني نقصان رسي سگهي ٿو.
۳ - سهڻي عورت تي موهت ٿيڻ وارا کوڙ آهن. پنهنجي ئي گهر ۾، پنهنجي مڙس سان ويٺي ورونهن پئي ڪندي ته ٻين تاڪائو نظرن کان، تڪڻ جي باوجود بچيل رهندي. ان جي برعڪس، پراون گهرن ۾ گذاريندڙ عورت، جيڪا مڙس کي ليکي ئي نه، سا ته ڪنهن نه ڪنهن جي چُنگل ۾ ڦاسندي ضرور. هر ڪو مطلب ڪڍي، کيس اڇليندو رهندو ۽ ٿڏبي رهندي. پنهنجو مانُ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندي.
۴ - اڄ جي دور ۾، پنهنجي اڻ- ميي پئسي تي سخاوت ڪرڻ به ڪپڙا ڦاڙائڻ جي مترادف آهي. ان جي برعڪس، اگر ڪو قرض کڻي پنهنجي تعريف ڪرائڻ خاطر، خرچ ۽ سخاوتون ڪندو، سو ته جلد مار کائيندو.
۵ - سنگت جي اچڻ کان پوءِ، ساڻن ڪچهري ڪرڻ ۽ کانئن حال احوال وٺڻ بجاءِ، اگر ڪير سمهي پوي ته کيس ھر ڪو بيوقوف پيو سمجھندو.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج ئي بيوقوف آهن.
۲ - ڳوھ کي کڻي کٽي، ڳولي ڍيڍن جا گھر. (۲) ص ۱۳۴.

293. ڇنل جتي پير ۾، گُهرگهر ڪئي جوءِ،
ٻئي نه هوءِ. (چوڻي)
گُهر گُهر ڪندڙ: مطالبا ۽ فرمائشون ڪندڙ.
۱ - ڇڳل جتي، پير ۾ پائڻ سان نه سيءَ کان بچاءُ، نه ڪنڊن کان، نه ئي وري هلڻ ۾ سولائپ ٿئي.
۲ - جيڪا زال، مڙس سان رڳو مطالبا ۽ فرمائشون ڪندي، سا مڙس جي اُڪي موڙي وڃائي ڇڏيندي.
مطلب: ۱ - ڇڳل جتي، ڪراڙي عورت ۽ واريءَ جو پنڌ، جا وک وڌاءِ سا پوئتي.
۲ - ڇڳل جتي ۽ هٿ ڦاڙ زال، نه هجن ته چڱو.
۳ - ڇنل جتي پير ۾، گهرجهر ڪئي جوءِ، ٻئي نه هوءِ.
۴ - ڀيٽيو؛ پڇ مروڙيو ڍڳو، دن اگهاڙي نار، چتين ڇنو موچڙو، مٿي وارو بار، واريءَ سنڌو پنڌڙو، اهي پنج ئي گردن بار. (۴) ص ۲۴۲.

294. ڇوڪري؛ گونگي گانءِ. (چوڻي)
ڇوڪريءَ کي حياءَ سان جوڙيو ويو آھي. خاص طور تي جڏھن سامائجن ته ڇوڪرن وانگر زبان سان ته ٺھيو پر اشاري سان به شاديءَ لاءِ ڪين چون. اھو ئي سبب آھي جو سندن شاديون، اڪثر مائٽن جي مرضيءَ سان ٿين. زندگي گذارڻ واري معاملي ۾ به ويچاريون ڪين ڪڇن. جنھن سببان کين گونگي گانءِ سان تشبيھه ڏني ويندي آهي.
مطلب: ۱ - ڇوڪريءَ کي مائٽ جنھن جي پٺيان لائيندا، تنھن جي پٺيان ويندي.