لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ٿ

153. ٿڌو گهوڙو، کٽر ڏجهڻو، ٽيجو منهن تي ڪوڙ ڪري،
چوٿين چنڊي رن چاڳلي، جا تيرنهن تال ڪري،
پنجون پرس پليت، جو گانڊو گلا ڪري،
پنج ئي ڪڍ پري. (چوڻي)
ڏجهڻو: ڏاند، وھٽ. چاڳلي: دادلي، نخريل. پرس: مڙس، مرد.
۱ - گهوڙو، پنڌ لاءِ ڌاربو آهي. مٿس چڙهي ويهجي ته ڏينهنڪ سؤ سوا ميل جي منزل پٽي وڃي. ٿڌو هوندو ته وک ئي نه پوندس. منزل تي پهچائڻ بجاءِ، رستي ۾ رولي ڇڏيندو ۽ اوجهڙ ۾ وڃي هڻندو.
۲ - وھٽ به کٽر هوندو ته خراب آهي. مينهن کٽر ٿئي ته پنهنجو ڏڌو ته لت هڻي هاري پر ٻيءَ کي به کاري. ڏاند کٽر ٿئي ته هر نه وهي. پاڃاريءَ پوڻ واري وقت تي ٻوڙن ۾ لڪندو وتي. گڏھ کٽر ٿئي ته اٽون ۽ پستيون ھڻي، بار ڪيرائي وجهي.
۳ - منهن تي ڪوڙ هڻڻ وارو، وڏي اک جي پڪائيءَ سان ڪوڙ هڻندو آهي. منجهانئس سچ جو گمان پيو ٿيندو آهي. اهو ماڻهو، وڏو خطرناڪ هوندو آهي.
۴ - مڪريل، چنڊي، نڪمي عورت به تمام خراب آهي. گهر ۾ ڪم ڪار ته نه ڪندي پر پرڪارن سان ٻيا ٻه به پئي کاريندي. گهر جو سارو ماحول بگاڙي ڇڏيندي. سندس نخرن سبب، ڌاريا به پيا کيس حاصل ڪرڻ جون سڌون ڪندا ۽ گهر ۾ واجھ وجهندا.
۵ - گلاخور مرد به، تمام بڇڙو ٿيندو آهي. هر وقت پيو پنهنجن-پراون آڏو عيب اُگهاڙيندو ۽ خوار ڪندو.
مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل، پنج ئي بيڪار آھن. کين ڪڍي پاسي تي ڪجي ته بهتر آهي. (۴) ص ۲۰۷.

154. ٿڌو مٺو واءُ، جنھن ۾ لاءُ نه ساءُ. (چوڻي)
جڏهن صبح جو ٿورو سيڪ/ ماڪ ۽ ڪنھن ڪنھن مھل سنھي بوند پوي ته ٿر ۾، ان کي برسات لاءِ بد سوڻ سمجهيو ويندو آهي. ڇو جو ان کان پوءِ فائدي واري برسات، جنھن سان خوشحالي اچي، نه پوندي آھي.
مطلب: ۱ - صبح ڌاري وارو ٿڌڙو واءُ، برسات جو اھڃاڻ ناھي.
۲ - ٿڌو واءُ؛ نڪو لاءُ، نڪو ساءُ. (۳۵) ص ۲۶۰

155. ٿر آهي بر، ڀٽون آهن ڀوت،
هڪڙي چڙھ ئي ڪين، ٻي ڪڍي ٿي ٻوٿ. (چوڻي)
ٿر جو پورو علائقو، واريءَ جي ڀٽن ۽ دڙن تي مبني آهي. ڪٿي هيٺانهيون ته ڪٿي مٿانهيون آهن. جڏهن منجهس برسات پوي ٿي ته تل ۽ ترايون، کوها ۽ ٽوڀا ڀرجن ٿا. جن تي ساهدارن جو گذران ٿئي ٿو ۽ ڀٽن وغيره تي پاڻمرادو، گل ڦل، ڦٽي پون ٿا. جيڏانهن تيڏانهن ساوڪ ٿئي ٿي، جنهن تي جانور ۽ پکي به اچي مڙن ٿا. رونق ٿيو وڃي.
جڏهن برسات نه ٿي پوي، تڏهن سموري رونق مريو وڃي. پاڻيءَ سان حياتي آهي. پاڻي ناهي ته سموري جيوت، پاڻيءَ جي تلاش ۾ گم ٿيو وڃي. نباتات سڙي خشڪ ٿيو وڃي. فقط ڀٽون ئي ڀٽون رهجيو وڃن. هڪڙيءَ ڀِٽ تان مسافر، ان آسري ۾ لهندو ته اڳيان ڪا وسندي هوندي ته اڳيان ڀوت وانگر ٻي ڀٽ ڪر کنيو بيٺي نظر ايندس ۽ نگاه جي حد تائين ويرانيءَ کان سواءِ ڪجهه نظر نه ايندس.
مطلب: ۱ - بنا برسات جي، ٿر ۾ ويراني نظر اچي ٿي.
۲ - وُٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر.

156. ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي. (چوڻي)
ٿڻ؛ جنهن مان کير چڪو ملي. ڪڻ؛ ڪڻو، ان جو داڻو.
ٿر جي زمين ان لائق ناهي جو کيس کيڙي، ريج ڪري ڪڻڪ وغيره جهڙا فصل پوکجن. ڪن ڏهرن ۾، ڪي فصل پوکي سگهجن پر اهي به برسات جا محتاج آھن. وٺو ته ٿر وسيو، نه وُٺو ته بر جو بر رھيو.
ان جي بر عڪس، مارو ماڻهو، پاڻمرادو ٿيندڙ ٻوٽا جهڙوڪ؛ للر، لاڻو، لوڻڪ ۽ کُنڀيون وغيره ڏٿ طور ڪتب آڻين. ٻيءَ صورت ۾ سندن گذران، مال جي کير تي آهي. مال ڀٽارو، ڀٽن تي چاھ مان چريو اچي ۽ ٿڻن ۾ خوب کير کنيو اچي.
شام جو ڏهائيءَ وقت، مال وٿاڻين پهچي ۽ ڏُهائي، وري ڀٽن ۽ مٿارن تي وڃي آساس ڪري. تنهنڪري ٿري ماڻهن جو مال ۾ ساھ رهندو آهي. مال نه هجي ته ٿري، ٿر ۾ رهي ڪين سگهن.
مطلب: ۱ - ٿرين جو گذران، مال جي کير تي آهي.
۲ - رت، راڻو آهي.
۳ - ڀيٽيو؛ مال ڀٽارو؛ اکين جو تارو.
۴ - ٿر آھي؛ يا ٿڻ تي، يا ڪڻ تي.
۵ - ٿر جو جياپو؛ ٿڻ، وڻ ۽ ڪڻ تي آھي. (۳۵) ص ۲۳۶

157. ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (چوڻي)
وس: وسڻ، مينھن وسڻ سان اڀريل گاھ. جھول: شھر جو نالو/ علائقو جيڪو سانگھڙ ضلعي اندر واقع آھي. گس: رستا، رستي ويندي ڄاول گاھ.
جيترو گاھ، ٿر اندر مينھن جي وسڻ تي ٿئي ٿو، اوترو گاھ، جھول جي علائقي اندر رستن/ گسن/ واٽن تي ٿئي ٿو. ڇو جو ان علائقي منجھ، ساڱرو درياھ يا نيلوفري وھي اچي ڍنڍون ڍورا ڀريندي ھئي، جن تي سٺي آبادي ٿيندي ھئي.
مطلب: ۱ - جتي پاڻي جام آھي، اتي آبادي به سٺي ٿئي ٿي.
۲ - آباديءَ جو دارومدار پاڻيءَ جي ھئڻ تي آھي.
۳ - ڀيٽيو؛ وڄوٽيءَ جي وس، گانگاڻ جا گس. (۳۴) ص ۷۰

158. ٿر ڏلهي، سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي، ڪير جهلي؟ (پھاڪو)
ڏلهي؛ رُلي.
ٿر، وٺي تي آهي. وسيو ته وليون ۽ ٻوٽا پاڻمرادو جام ڦٽيو پون، جنهن تي مارو ماڻهن جو مال سميت گذران ٿئي. جيڪڏهن برسات نه پوي ته ٿر ۾ قحط منهن ڪڍي، جنهن سبب، ٿري ويچارا سنڌ ملڪ ڏانهن منهن ڪن.
سنڌ ۾ زرعي زمينون آهن، جيڪي بيراجن ۽ واهن وغيره تي آباد ٿين ٿيون. اتي قحط سٽيل ٿرين کي، اجھو ۽ روزگار ميسر ٿيو وڃي.
ٿر ۾ ڏڪر پوندو آهي ته ان جي سٽ سنڌ سهندي آهي. جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽيءَ سبب يا ٻي ڪنهن آفت اچڻ سبب، روزيءَ رزق جي تنگي ٿئي ته اهي ويچارا پوءِ ڪيڏانهن وڃن. ڇو جو ٿر ۾ سڪار جو يقين پختو ڪين هوندو آهي.
مطلب: ۱ - کوٽ ۾، غريب ته امير ڏانهن ڏسي، امير ڪيڏانهن واجهائي؟
۲ - ٿر ڏُلي تو بيراج جهلي، جي بيراج ڏُلي تو ڪوڻ جهلي. (ڍٽ)
۳ - ڪن سببن جي ڪري جيڪڏهن ٿر ۽ ٿرين کي اوکي سوکي ڪا تڪليف ٿئي ته بيراج جا ماڻهو انهن جو ڀرجهلو ۽ آسرو ٿين ٿا، پر جي بيراج وارن تي ڪا ڏکي گهڙي اچي ته اُنهن جو هڏ ڏوکي ڪير ٿئي؟
۴ - ڏکي توءِ ڏُڪار، توڙي وسن مينهڙا!
۵ - ٿر ڏُلي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏُلي ته دنيا نه جهلي.
۶ - ٻار روئن ته وڏا پرچائين، وڏا روئن ته کين ڪير پرچائي؟

159. ٿري اٺ، ڪوڙ کائين سچ ڪمائين. (چوڻي)
ٿر ۾ جيڪي ڪجهه ڦٽي ٿو سو برساتي پاڻيءَ تي ۽ خود-رو هجي ٿو. ان لاءِ، خاص محنت سان، ڪا زراعت نه ڪئي ويندي آهي. نه زمين سڌي ڪرڻ لاءِ سانھر وهائڻا پوندا آهن، نه کيڙڻ لاءِ هر ڪاهڻا پوندا آهن. نه ريجائڻ لاءِ واھ يا ڪڙيا کوٽائڻا پوندا آهن ۽ نه وري ٻج ڇٽڻ جي محنت ڪرڻي پوندي آهي. ڏٿ، جنهن تي ماڻهن ۽ مال جو گذارو ٿئي ٿو، سو پاڻمرادو ڦٽيو پوي. مال کائي ته سگهارو ٿئي، کير مکڻ جام ڏئي.
ٿر ۾ ڏٿ وغيره، بنا محنت يا ڪوڙ ڪوڙ ۾ ڦٽيو پوي. اٺ کائين ته سگها ٿين ۽ سگهارا اٺ، ٿر جهڙي بر ۾ بنا پاڻيءَ ۽ کاڌ خوراڪ جي، سچ پچ جو بار ۽ سواري ڍوئيندا رهندا آهن.
مطلب: ۱ - ٿري اٺ، بنا خرچ جي، وڏا ڪارائتا آهن. (۱۷) ص ۹۵.

160. ٿريو پڙهيو، جڳ اڙيو. (چوڻي)
ٿر منجهه، روڊ رستا نه هئڻ سبب، ڪا خاص ترقي نه ٿي آهي. جنھن سبب منجهس تعليم به ڪا ورلي جاين تي آهي. اهڙي علائقي مان پڙهڻ لاءِ به ڪو الا ماشا ئي ٻاهر نڪرندو. جڏهن اهو تعليم لاءِ هڪ دفعو ٻاهر نڪتو ۽ جڳ جھان ڏٺائين ته پوءِ ٻين ٿرين تي فلڪ ئي نه آڻيندو. هر ڳالهه ۾ پاڻ رهبر ۽ ليڊر هوندو. ليڊر هئڻ ناتي، مڙني جا ڪم، ڄڻ سندس ڪم ٿيا. هر آفيس ۽ محڪمي ۾ پيو ڦيرا ڪندو ۽ هر ڄاڻ سڃاڻ واري کي بيزار ڪندو.
مطلب: ۱ - ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو.
۲ - جھنگ جو ماڻهو، اگر پڙهندو ته هر معاملي ۾ پيو ڄنگهه اٽڪائيندو.


161. ٿريي جون اکيون، آسمان ۾. (چوڻي)
ٿري ماڻهوءَ جو گذر آھي ئي وٺي تي. سو ھر وقت پيو چوندو ته؛ ”مولا! مينهن وساءِ!“ اھڙا دعايه ڪلمات واتان نڪرڻ پڄاڻان، سندن نگاھ ازخود آسمان ڏانھن، ڪڪرن جا رنگ پسڻ لاءِ کڄي ويندي آھي. ڇو جو ان برساتي پاڻيءَ سان سندن جياپو آھي. (۳۵) ص ۲۵۳
مطلب؛ گذر سفر جي وسيلن تي ھر ھڪ جي نگاھ ھوندي آھي.

162. ٿڻين ڏڌو، واپس نه ٿئي. (پھاڪو)
ٿڻ اندر، قدرتي طرح، هڪ-طرفو رستو ٺھيل آهي. منجهس ننڍڙا ننڍڙا پردا آهن، جيڪي زور تي ٻاهر واري طرف ته دروازن وانگر مڙن ٿا ۽ رستو خالي ڇڏين ٿا پر اندر واري طرف ڏانھن نه ٿا مڙن، جنھن ڪري پاڻيٺ جھڙي شيءِ کي ان طرف وڃڻ نه ٿا ڏين. نتيجتًا ٿڻ اندران کير، گوهو ڏئي ڪڍڻ آسان آهي ۽ وري اندر موڪلڻ ناممڪن آهي.
اهڙيءَ طرح دنيا جا ڪيترا ئي اهڙا معاملا آهن، جيڪي تڪويني طرح، يڪ-طرفا آهن. ٿيڻ کان پوءِ، اهي ريٽي نه سگهبا آهن. تن معاملن ۾ هٿ وجهڻ وقت، نتيجي کي ڳڻ ڳوت ۾ اول آڻجي. جيئن بعد ۾ پڇتائڻو نه پوي.
مطلب: ۱ - اڻ ٿيڻا ڪم، ڪڏهن به ٿيڻ، ناممڪن آهن.
۲ - ڏڌل کير، ڇٽل تير، نڪتل گفتو، موٽي نه ماڳ پھتو.

163. ٿوٿا چنا، باجي گهنا. (راجسٿان، پهاڪا)
ٿوٿا؛ کوکلو، پوپلو. چنا؛ چڻو، چڙو. باجي: واڄي، وڄي، واڄٽ ڪري.
گهنا؛ گهڻا، گهڻو.
پوري يا پولي، خالي يا کوکلي جاءِ ۽ ٿانءُ وڏي وويڪ سان وڄندا آهن. چڙو، جيئن ته پيٽ ۾ پيل لار کان سواءِ، اندران کوکلو هوندو آهي تنهنڪري، ڌڪ لڳڻ تي وڏو واڄو ڪندو آهي.
اهڙيءَ طرح، اندر جو خالي ۽ کوکلو ماڻهو به، رڙيون وڏيون ڪندو آهي. سندس رڙين ۾ نه لفظ هوندا آهن ۽ نه ڪو مطلب پيدا ڪندڙ جملا هوندا آهن. وٽس خالي آواز هوندو آهي، جيڪو بي معنيٰ ۽ بي مقصد هوندو آهي.
مطلب: ۱ - دهل، اندران خالي هڻڻ سبب، وڏو واڄو ڪري ٿو.
۲ - آڌورو گهڙو، ڇلڪايه گهڻو. (گجراتي)
۳ - پورو/ کوکلو چڻو، رڌڻ تي گهڻو آواز ڪندو آهي.
۴ - ٺلهو چڙو، وڄي گهڻو.
۵ - ڀيٽيو؛ خالي باسڻ، گهڻا کڙکڙاوئي. (۱) ص ۱۸۶.