لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ش

ش

93. شاه پرسي وچن سنچري ئي نه، سنچري ته پري. (چوڻي)
شاهه پرسي وچن: بادشاهي ارادو، بادشاهه جو واعدو. سنچري: سنچرڻ، اُپرڻ، اڀرڻ. پري: ٿي پوي، تعميل هيٺ اچي.
بادشاهه پنھنجي خيال ۽ مرضيءَ وارا هوندا آهن. نوان خيال وٽن جاڳندا ئي ناهن. نين رٿائن سوچڻ لاءِ، وٽن مشيرن ۽ صلاحڪارن جي لوڌ هوندي آهي. اهي ئي سوچڻ ۽ سمجھڻ، سمجهائڻ ۽ تعميل لاءِ مڃرائڻ واسطي، ڪافي هوندا آهن. ان ڪري بادشاهه، نه پاڻ مرادو ڪو ارادو ڪندا آهن ۽ نه ئي ڪنھن سان تعميل جو واعدو ڪندا آهن.
اگر، ڪنھن بادشاهه کي، سوچڻ جي فرصت ملي وڃي ۽ ڪا رٿا سندس ذهن ۾ اچي وڃي ته اها ڏکي ۽ مشڪل ڳالهه آھي. اتفاق سان، اگر ارادو ٿي پويس ته، ان کي عملي جامو ضرور ملندو آهي. بادشاهه ڪنھن رٿا کي عمل هيٺ آڻڻ لاءِ تڪڙو واعدو نه ڪندا آهن. اگر ڪندا آهن ته اهو عمل هيٺ ضرور ايندو آهي.
مطلب: ۱ - بادشاهن جا خيال، نرالا هوندا آهن.
۲ - ڀيٽيو: شاهه وچن، شينهن گمڻ.

94. شاهه وچن، شينهن گمڻ، ڪيلو ڦري ايڪ وار،
تريئا تيل، همير هٺ، چڙهي نه ڏوجهي وار. (چوڻي)
وچن: قول، اقرار. گمڻ: جنسي ميلاپ. ڦري: ڦرڻ، ڦرجڻ، ڦر ٿيڻ، لڳڻ، لڳ. تريئا: عورت. همير: بادشاهي. تيل: پرڻجڻ. هٺ: غرور، ضد. ڏوجهي: ٻيهر، ٻئي دفعي.
۱ - بادشاهه، زبان سان ڪو به حڪم، هڪ دفعو ڏيندو آهي. اهو ڪم، سندس هڪ دفعي واري حڪم سان ٿي ويندو آهي. کيس هُڪ هُڪ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه پوندي آهي. جيڪڏهن ٻيهر چوڻ جي ضرورت پيش آيس ته کيس، رعب ۽ دٻدٻي وارو بادشاه نه سڏبو. چئبو آهي؛ شاه پرسي وچن سنچري ئي نه، سنچري ته پري.
۲ - شينهن به جنسي ميلاپ، ورلي ڪندو آهي. جنهن ماديءَ تي ٽپو ڏيندو آھي. ان تي ٻيو شينهن ته نه چڙهندو آهي، بلڪ پاڻ به ٻيهر مٿس نه چڙهندو آهي. شينهڻ، ان ئي ٽپي سان ڦرجي ويندي آهي. کيس به ٻئي ٽپي جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.
۳ - ڪيلي جو ٻوٽو به هڪ دفعو ڦر جهليندو آهي. ڪيلي جي وچين ٿڙ منجهان، ڳاڙهو بوبڪ نڪرندو آهي، جنهن ۾ هڪ کان ٽي ڏونگر هوندا آهن. ڏونگر ۾، ھٿن وانگر، ڇڳا هوندا آهن. ڇڳن ۾ وري آڱرين وانگر، ٻه درجن جي لڳ ڀڳ ڦريون هونديون آهن. بوبڪ جي چوٽيءَ تي واڱڻائي گل هوندو آهي، جيڪو ڦرين کي رس پڄائڻ/ رسائڻ ۾، چُوس مشين يا روٽر وارو ڪردار ادا ڪندو آهي. جيستائين اهي ڦريون، طاقت وٺنديون آهن، تيستائين ٿڙ جي پاڙ ۾ پنج ست ٻَچَ نڪري ايندا آهن. بوبڪ وڍجڻ سان، ٿڙ به ڪڍڻو پوندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ، نڪتل پاسي وارن ٻَڄن جي به ڇانٽ ڪري، منجهانئن وڻ ٿيڻ جھڙا ڪجهه ٿڙ ڇڏبا آهن ۽ ائين ڪيلن جي باغ جو سلسلو پيو هلندو آهي. جنهن ڪري چئبو آهي؛ ’ڪيلو جڏهن ڦَرُ ڏئي، تڏهن سِرُ ڏئي‘.
۴ - عورت لاءِ به پرڻو، پهريون پرڻو آهي. هڪڙو مڙس ڇڏي ٻيو ڪرڻ ۾، سواءِ خواريءَ ۽ ذلت کڻڻ جي ڪجهه ڪونهي. جنهن ڪري چئبو آهي؛ ’ور ته پهريون ور، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺڪر‘. يا ائين به چئبو آھي؛ ’هاءِ پهريان مڙس!‘.
۵ - بادشاه کي خيال يا پور، هڪ دفعو پوندو آهي. انهيءَ تي ضد ايترو ڪندو آهي جو مُئي مارائي کان سواءِ نه لهندو اٿس. ٻيو خيال تڏهن مٽبس، جڏهن پهرئين تي عمل ٿئي. چئبو آهي؛ راجا ھٺ، ناري هٺ، ٻاري ھٺ، ڪڏھن نه هٽ.
مطلب: ۱ - مٿيون پنج شيون، هڪ دفعو ئي ٿينديون آهن.
۲ - شاه وچن، شينهن گمڻ، ڪيلو ڦري ايڪ/ هڪ وار،
تران (ترن جو) تيل، همير هٺ، چڙهي نه ڏوجهي وار.
۳ - ڀيٽيو؛ راجا هٺ، ٻال هٺ، تريا هٺ ۽ جوڳ هٺ. (چوڻي) (۱۲) ص ۱۴۵.

95. شراڌ پُنا، ٻانڀڻن چاڙهيا ڪنا، ڪانَو ويهي رنا. (چوڻي)
شراڌ: پالڻهار جي نالي تي، کاڌو تيار ڪري غريبن ۾ تقسيم ڪرڻ.
سنبت سال جي بڊي واري مهيني ۾ ٻانڀڻ، امير ماڻهن کي تلقين ڪري، کانئن چڱا طعام رڌرائي، غريب غربن ۾ ورهائيندا آهن. انهيءَ شراڌ مان ڪجهه، ڪانون لاءِ به ڪڍرائيندا آھن. سندن گذارو پڻ انهيءَ شراڌ تي ٿيندو آهي. بڊي جو پورو مهينو، ٻانڀڻ جي گهر ۾ ڪنو نه چڙهندو آهي. سمورا ويلا ٻاهران ٽرندا آهن. ڪانون کي به انهيءَ مهيني ۾ ڍَوَ هوندا آهن.
جڏهن بڊو پورو ٿيندو آهي ته شراڌ به پورا ٿيندا آهن. مجبورًا ٻانڀڻ جي گهر ۾ به ڪنو چڙهندو آهي. ڪانءَ به، مفت جو کاڌو بند ٿيڻ تي، پيا روئندا آهن.
مطلب: ۱ - مفت جا مال بند ٿين ته پوءِ، محنت ڪرڻ وارا محنت ڪن ۽ ٽوٽي ويهي قسمت تي روئن.
۲ - ٻانڀڻ چاڙهيو ڪنو، ڪانون ويهي رنو.
۳ - بڊو پُنو، ٻانڀڻ چاڙهيو ڪُنو، ڪانون ويهي رُنو. (۱۳) ص ۳۵۴.

96. شش بنا رجني سوني، گيان بنا هرڏو سونو،
پات بنا ترور سونو، پتر بنا پاڙو سونو،
سخي سوا شهر سونو، بادل سونو بن ڏامڻي،
ڪھي بير بتال نان، گهر سونو بن ڪامڻي. (چوڻي)
شش: چنڊ. رجني: رات. سُوني: سُڃي. گيان: علم، عقل، دماغ. هرڏو: هُردو، اندر.پات: پَنَ. ترور: وڻ. ڏامڻي: کنوڻ. ڪامڻي: عورت. بير: شاعر جو نالو. بتال: اسم خاص. نان: کي.
۱ - چنڊ کان بغير، اماوس رات، ڏاڍي ٻُسي ۽ ڀوائتي لڳندي آھي.
۲ - علم ۽ عقل کان سواءِ ماڻهوءَ جو اندر پڻ کوکلو آهي. نه پاڻ کي فائدو ڏئي سگھي، نه ٻين جي ڪم جو رهي.
۳ - پنن کان بغير ڪو به وڻ نه ٿيندو آھي. جنھن کي پن ناھن، تنھن کي ٿڙ ته ڪوٺي سگھجي ٿو پر کيس وڻ ڪير به نه سڏيندو. نه منجھس ڇانءَ ھوندي، نه ئي مال لاءِ چارو.
۴ - اولاد ۾ پٽُ، ڌيءُ کان وڌيڪ ڪارائتو آهي. پاڙي پتيءَ ۽ ڳوٺ راڄ ۾، ان جي هئڻ سان ساک ٿئي ٿي. بنا پٽ جي، پاڙو به بيڪار آهي.
۵ - سخي مردن جي سخاوت سببان، شهرن کي قدرت آباد رکي ٿي. سخين کان سواءِ شهرَ به، بَرَ يا ويرانيون آهن.
۶ - برسات به اها وڻي ٿي، جيڪا گجگاٽ ۽ چمڪاٽ سان پوي. گونگو مينهن بي مزي ۽ ڦوهاري سمان ٿو رهي. ان ۾ ايڏي ڪشش نه ٿي رهي.
۷ - عورت يا زال کان سواءِ، گهر به اوطاق يا قبرستان وانگر آهي.
اھا سموري وارتا، بير نالي شاعر، پنھنجي ٻالڪي بتال کي ٻڌائي.
مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل ستن ماڳن لاءِ، ستن شين جو هجڻ اشد ضروري آهي. (۲) ص ۶۶.