ي
428. يٿا بيجن، تٿا نشپت. (سنسڪرت، پهاڪو)
يٿا: جهڙو. بيجن: ٻيج، ٻج. تٿا: تهڙو. نشپت: ڦل، ڦر، ميوو.
زرعي اصول آهي ته ڀلو فصل وٺڻ لاءِ، هر، پاڻي، موسم ۽ ڀاڻ کان اڳ، سٺو ٻج حاصل ڪجي. ٻج، نج هوندو ۽ منجهس گند يا ڪيرو نه هوندو ته فصل سٺو ڄاپندو ۽ مجموعي اپت به ڀلي لهندي. جنس جڏي هوندي ته اپت به گهٽ ٿيندي، فائدي بجاءِ نقصان رسندو.
ان کان علاوه، جيڪا شيءِ حاصل ڪرڻي هجي، ٻج به ان جو پوکجي. جوئر حاصل ڪرڻ لاءِ جَوَن جو ٻج پوکبو ته جوئر ڪين ملندي. ڪڻڪ پوکبي ته ڪڻڪ لڻبي. جوئر پوکي، جوئر لُڻبي.
اهڙيءَ طرح، ٻين سان ورتاءُ آهي. جيئن هلبو، تيئن ٻيا به موٽ ۾ هلندا. سٺو هلبو ته سٺو هلندا. برو هلبو ته برو هلندا. جيڪڏهن ٻين مان چڱائيءَ جي اميد رکڻي آهي ته ساڻن سٺو هلجي. اگر ٻين سان برو هلبو ته پوءِ منجهانئن چڱائيءَ جي اميد نه رکڻ گهرجي.
مطلب: ۱ - ڀِتِ، آئري/ بنياد تي ويندي آهي.
۲ - جهڙو ٻج، تهڙو ڦل.
۳ - جهڙو ٻج، تهڙو سلو.
۴ - ڪڻڪ پوکي، جَوَ ڪين لڻبا.
۵ - جهڙو ٻج وجهبو، تهڙو ڦل ملندو.
۶ - جيڪي پوکبو، سو ئي لڻبو. (۱) ص ۱۹۷.
429. يٿا ديوا، تٿا ڀڳتا. (سنسڪرت، پهاڪو)
يٿا: جهڙو. ديوا: مرشد، استاد. تٿا: تهڙو. ڀڳتا: چيلا، مريد، شاگرد.
شاگرد پنهنجي استاد جون عادتون ۽ اطوار اپنائيندا آهن. چيلا يا خليفا، پنهنجي گروءَ جي پوئِلڳيءَ ۾، عافيت سمجهندا آهن. مريد خادم، پنهنجي مرشد يا مخدوم جي خدمت ۽ شيوا کي ئي، زندگيءَ جو مول متو سمجهندا آهن. سندس هر حڪم جي بجا آوري پيا ڪندا آهن ۽ هر حڪم تي هلڻ ۾، ٻنهي جهانن جو ڇوٽڪارو پيا ڀانئيندا آهن.
جڏهن استاد-شاگرد، مرشد-مريد، خادم-مخدوم يا گرو-چيلي جو رشتو، عاشق-معشوق واري رشتي وانگر پڪو ۽ پختو ٿيندو آهي ته پوءِ اصلي ۽ اصولي قانونن جي لتاڙ ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. فروعي مسئلا ڪَرُ کڻندا آهن ۽ مريد پنهنجي مرشد جي هر چال کي شرعي ۽ اخلاقي قانون پيا سمجهندا آهن. پوءِ ڀلي اهو مرشد يا گرو، اصلي قانون جي، پاڻ لتاڙ ڪندو هجي، پر مريد اکيون پوري پيا مٿس ويساھ ڪندا ۽ عمل پيرا رهندا. نتيجي طور، مريد يا چيلا، پنهنجي گروءَ يا مرشد جا، ڪردار ۽ اخلاق ۾، نمائندا پيا نظر ايندا.
مطلب: ۱ - استاد جو شاگرد تي، مرشد جو مريد تي، گروءَ جو چيلي تي، معشوق جو عاشق تي براه راست اثر هوندو آهي.
۲ - جهڙو گرو، تهڙا چيلا.
۳ - گروءَ مرائي گانڊ، چيلا به چتو. (۱) ص ۱۷۵.
430. يٿا راجا، تٿا پرجا. (سنسڪرت)
يٿا: جهڙو. تٿا: تهڙو، تهڙي. پرجا: رعيت
راجا يا حاڪم، رعيت جي مٿان حڪم هلائڻ ۽ قانون جي پابندي ڪرائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. رعيت پڻ سندس حڪم جي بجا آوريءَ ۾ ئي عافيت سمجهندي آهي. حاڪم جا ٻيا دنيوي حڪم ته رعايا مڃيندي آهي پر سندس مذهبي عقيدي کي پڻ تقويت وٺائيندي آهي. وڌائي چڙهائي ۽ دليل ڏيئي، سچ ثابت ڪري، ٻين آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندي آهي ته جيئن حاڪم خوش هجي ۽ مٿن مهربان رهي.
عوام، حاڪم جي راضَ ۾، رب جو راضُ ۽ عافيت پئي سمجهندي آهي. حاڪم جي ناراضگيءَ ۾ رب جو ناراضپو ۽ عذاب پئي ڀانئيندي آهي. جنهنڪري جنهن رستي تي راجا هلندو آهي يا پنهنجي هلت ۽ وهنوار رکندو آهي، تنهن تي رعيت پڻ ساڳيءَ ريت هلندي ۽ عمل پيرا رهندي آهي.
مطلب: ۱ - ماڻهو، حاڪمن جي دين تي هلندا آهن.
۲ - جهڙو راجا، تهڙي پرجا.
۳ - الناس، عليٰ دين ملوکهم.
۴ - رعيت، حاڪم جي مذهب تي هلندي آهي. (۱) ص ۱۷۵
431. يٿا ڪرنت، تٿا ڀُنڪتي. (سنسڪرت، چوڻي)
يٿا: جهڙي. ڪرنت: ڪرڻي. تٿا: تهڙي. ڀنڪتي: ڀوڳڻي، ڀرڻي.
دنيا جو هڪڙو اصول آهي ته جيئن ٻين سان هلبو، تيئن ٻيا هلندا. قدرت جو به هڪڙو قانون ڪارفرما آهي ته جيئن رب جي مخلوق سان هلبو، تيئن قدرت وارو حالات لاهيندو. سندس مخلوق کي آرام ۽ فرحت ڏيڻ لاءِ جيڪو ڪوشش وٺندو، مالڪ ان جي آسائش لاءِ دروازا کوليندو. جيڪو سندس مخلوق کي آزارڻ لاءِ جتن ڪندو، مالڪ به سندس رستي ۾ رنڊڪون وجهندو ۽ کيس راهئون رد ڪندو.
مطلب: ۱ - هتي ڪر، هتي لوڙ.
۲ - جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
۳ - زمين وارن تي رحم ڪر ته آسمان وارو رحم ڪرئي.
۴ - ڪرند پسند، ڏيند لهند.
۵ - ظلم نه ڪر، تو تي به نه ٿيندو.
۶ - ڪري، نه ڀري! (۱) ص ۱۷۶.
432. يٿا لاڀ، سنتُشٽ. (چوڻي، سنسڪرت)
يٿا: جيڪو، جيترو، جھڙو. لاڀ: ملي، لڀي. سنتشت: راضي رهڻ.
هن دنيا ۾، انسان هٿين خالي آيو آهي ۽ وري هتان جڏهن موٽندو، تڏھن هٿين خالي موٽندو. هن دنيا ۾ رهڻ لاءِ، نه ساڻ ڪا شيءِ کڻي آيو آهي ۽ نه وري موٽڻ مهل، هتان جي ڪا شيءِ سان کڻي ٿو وڃي. جڏهن ته زندگي گذارڻ لاءِ کيس، انيڪ شين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪي هن دنيا ۾، نصيب آهر کيس ميسر ٿيو وڃن. جهڙوڪ؛ کائڻ لاءِ کاڌو، پائڻ لاءِ ڪپڙو، سمهڻ لاءِ اوڇڻ ۽ سمھڻ لاءِ بسترو وغيره. انهن شين جو بندوبست، سندس پهچڻ کان پهريائين، هن دنيا ۾ ڪيو ويو آهي. جيئن ننڍڙي ٻار جي صورت ۾ اگهاڙو ۽ بي بس انسان ھن دنيا ۾ پهچي ٿو، تيئن ئي کيس تيار ٿيل ڪپڙا پارايا وڃن ٿا. کائڻ پيئڻ لاءِ سندس ضرورت ۽ طبيعت آهر، ماءُ جي سيني ۾ ٿڃ موجود آهي، جيڪا پهرئين ئي ميڪٽ تي کيس مليو وڃي. سمهڻ لاءِ وڇاڻو ۽ تنجڻ لاءِ لٽو ڪپڙو اڳي ئي هڪيو حاضر آهي.
اها ٻي ڳالهه آهي، ته هر ڪنهن کي مليل شيءِ، هڪ ٻئي کان جداري ۽ جدا نوعيت جي ميسر ٿئي ٿي. ذات ۽ نسب، هر ڪنهن کي ملي ٿو پر مختلف. علائقو ۽ ماحول هر ڪنهن کي ملي ٿو پر جدارو. تعليم ۽ تجربو هر ھڪ کي ميسر ٿئي ٿو پر هڪ ٻئي کان وڏي تفاوت سان. ڪن کي ڀُنگين ۾ رهڻ ٿو نصيب ٿئي ته ڪن کي بنگلن ۾. ڪن کي سوٽي ڪپڙو مشڪل سان ملي ٿو ته ڪن وٽ ريشم به پيو ٿو ٿڏجي. ڪن کي چڙهڻ لاءِ گڏهه جي سواري به نصيب ۾ ناهي ته ڪن جو پير جهاز کان هيٺ نه ٿو لهي. ڪن کي ماني پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ناهي، ته ڪي وري سڻڀا مال به آٻوٿي پيا اڇلين.
الغرض، هٿين خالي آيل انسان کي، دنيا ۾ ضرورت جون شيون، ٿورو هٿ پير هڻڻ سان، مليو وڃن ٿيون. نه پيٽ-بکيو ڪير سمهي ٿو ۽ نه ئي ڪير انگين-اگهاڙو گهمندو ٿو وتي. زمين تي هر ڪو رهي ٿو. اڏامي نه ٿو وڃي. جيڪي بنا سيڙپ جي ميسر آهي، تنهن تي راضي رهجي ته چڱو آهي.
مطلب: ۱ - جيڪي ملي، تنهن ۾ راضي رهجي.
۲ - جڙيءَ کي جس.
۳ - ھر حال ۾ شڪر ۽ صبر ڪجي.
۴ - ڪُڻي آئي، ڪڇڻي آئي. (۱) ص ۱۷۵.