لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

س

س

32. ساٺي، ٻڌي ماٺي. (چوڻي)
ساٺي: سٺ ورهيه عمر ٿيڻ. ٻُڌي: عقل/ فهم. ماٺي: ختم ٿيڻ.
ماڻهوءَ جو عقل، عمر سارو وڌي ٿو. گهڻي حياتي گذرڻ پڄاڻان، وري ساٿ ڇڏڻ به شروع ڪري ٿو.
هر علائقي ۾ پنهنجا پنهنجا معيار/ پيمانا مقرر ٿيل آهن. سنڌ ۾ عام چوڻي آهي؛ عمر ٿي ستر، عقل ۾ پئي ڪتر. يعني ستر کان پوءِ عقل کٽڻ شروع ڪندو. جڏهن ماڻهو اسي سالن جو ٿيندو ته ان لاءِ چوندا؛ عمر ٿي اسي، عقل ٿيو خصي. يا مخبوط الحواس ماڻهوءَ لاءِ چوندا آهن؛ فلاڻو ته ٻاهتر ۾ آهي. يا جڏهن سٺ سال پورا ٿيندا ته چوندا؛ عمر ٿي سٺ، کڻندو لٺ. جيڪا پڻ جسماني ڪمزوريءَ جي نشاني آهي.
انگريز سرڪار به ماڻهوءَ جي، دماغي ڪم واري نوڪريءَ لاءِ، عمر جي آخري حد (Superanuation) سٺ سال مقرر ڪئي آهي. ڇو جو سٺ سالن کان پوءِ، ماڻهو سرڪاري ڪم لاءِ فائديمند يا ڪارائتو نه ٿو رهي. منجهانئس عملي ڪم جي قوت مفقود ٿي ٿي وڃي. تجربي جي بنياد تي، تخريبڪاريءَ وارا ڪم جام ڄاڻڻ سبب، هيٺين لاءِ عذاب پيدا ڪريو ڇڏي.
شيڪسپيئر، زندگيءَ کي ستن مرحلن ۾ ورهائڻ پڄاڻان، سٺ سالن کان پوءِ واري پوڙهائپ کي، ٻيو ٻالپو ڪوٺيو آهي. سنڌ ۾ به چوندا آهن؛ ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو. ڇو جو ان عمر ۾ پھچڻ بعد ماڻهو وري، ٻين جو، خاص طور تي عورت جو، محتاج ٿيو پوي.
مطلب: ۱ - سٺ سال واري ماڻهوءَ جو عقل، پورو ٿيو وڃي. (۵)

33. ساجن پر-گهر جاوتان، ڏک نه وانٽو ڪو،
ڀرم گماوين آپرو، واٽ نه ليسين ڪو. (چوڻي)
پر-گهر: پرائي گهر. جاوتان: وڃڻ. وانٽو: واٽو، ورهائڻ. ڀرم: ساک. گماوين: وڃائين. آپرو: آپڻو، پنهنجو. ليسين: وٺندو.
جڏهن پرائي گهر وڃجي ته پنهنجي گهر جا ڏک سور، اتي نه ڪڍجن. ائين نه چئجي ته؛ ”پٽ ۽ ڌيءُ نافرمان آهن“، ”زال، بد چال آهي يا نافرمان آهي“، ”مٽ مائٽ مدد نه ٿا ڪن“. وغيره وغيره.
ائين ٻڌائڻ سان، نه پنهنجن کي سڌاري سگهبو ۽ نه ئي وري ٻين کي پنهنجو ڪري سگهبو. ڇو جو ڌاريو ته ڳالهه ٻڌي ڪن-لاٽار ڪري هليو ويندو. ان کي ٻئي ڏک جو ڪهڙو جُهٻو ايندو. هر ڪو تماشو ڏسڻ وارو آهي. ائين ڪرڻ سان پنهنجي ساک/ پت وائکي ڪرڻ جي نقصان کان سواءِ ڪجهه به ناهي.
مطلب: ۱ - پنهنجي اگهڙ تان، پاڻ لٽو نه لاهجي.
۲ - پنهنجي هٿ سان، پنهنجي ڪچي نه ڪجي. (۲) ص ۶۷.

34. ساڙ واکاڻا سنڌ رِي، مُونگ مَندوور ڏيس،
جهيڻو ڪپڙو ماڙوي رو، منک مڙڌر ڏيس. (چوڻي)
ساڙ: ساريون. واکاڻا: واکاڻيل، تعريف لائق. ري: جي. مونگ: مُڱ. جهيڻو: سنهو. مندوور: مانڊووي، علائقي جو نالو. ڏيس: ديس، وطن، ملڪ. ماڙوي: مارواڙ. منک: ماڻهو، مرد. مڙڌر: واريءَ واري علائقي جو، ٿر جو رهاڪو.
۱ - چانور يا ساريون، سنڌ جون خوشبودار ۽ خوش ذائقه آهن. خاص طور تي سڳداسي چانور ۽ ڳاڙهو چانور. ديڳڙو هڪ گهر ۾ رجهندو ته هڳاءُ سڄي ڳوٺ ۾ ڦهلجي ويندو.
۲ - مُڱ، کائڻ جي حساب سان، مانڊووي واري علائقي جا لذيذ ۽ دلڪش ٿين ٿا.
۳ - سنهو ڪپڙو، مارواڙ جو ڀلو آهي. مضبوط ۽ جهالائو، پرڪشش ۽ ديده زيب ٿئي ٿو.
۴ - مرد، ٿر جي علائقي جا ڀلا ۽ مهمان نواز ٿين ٿا. مسافر ۽ آئي وئي کي، آڌر ڏيڻ ۽ سٺي کيڪر ڪرڻ جا ڪوڏيا آهن.
مطلب: ۱ - ٿر جي مينهونڳيءَ جي مند، ڪتيءَ جي مهيني ڏانهن وک وڌائيندي آهي ته ٿري پنهنجي سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ کي واکاڻڻ سان گڏ، سنڌ، مندوور ۽ مارواڙ کي به ساراهيندا آهن. (۱۴) ص ۷۰.

35. ساسرو اهڙو، جهڙي ڪٽان ري باڙ. (چوڻي)
ساسرو: ساهرا، ساهراڻو گهر. ڪٽان ري: ڪنڊن واري. باڙ: واڙ.
ساهرو گهر، مرد توڙي عورت لاءِ، نئون ٿئي ٿو. اتي جو ماحول ۽ حالات، پنھنجي گھر جي ڀيٽ ۾ مٽيل ٿين ٿا. منجھس رھندڙ مڙني ڀاتين جا رويا، پنهنجا پنهنجا ٿين ٿا. ساڻن گڏجي گذارڻ لاءِ، پهرين مڙني کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، پوءِ سنڀالي قدم کڻبو آهي. زبان مان، سوچي سمجهي ڳالهائڻو پوندو آهي. پنهنجي پاڻ تي ڀاڙيندي، مرد کي ساهرن جي گهران ڪنهن شيءِ جي اميد گهٽ رکڻي پوندي آهي. عورت کي پڻ، ساهرن جي مزاج ۽ مڙس جي کيسي ۽ کٽيي آهر، مطالبا ۽ ماڻا ڪرڻا پوندا آهن.
گڏجي رهڻ لاءِ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ وڏو احتياط ڪرڻو پوندو آهي. جيئن ڪنڊن واري واڙي ۾ هلڻ وقت، احتياط ڪرڻو پوندو آهي. اتي، نه پير اگهاڙا ڪرڻا پوندا آهن ۽ نه ئي اگهاڙن هٿن سان لوڙهي ۾ هٿ وجهڻو پوندو آهي. بلڪ ڪپڙن کي به ڪنڊن ۾ وچڙڻ کان بچائي بچائي هلڻو پوندو آهي. ساهرين گهر به، گهوٽ يا ڪنوار کي، ائين احتياط سان هلڻو پوندو آهي. تڏهن وڃي سُکيرڙو وقت گذرندو آهي.
مطلب: ۱ - ساهرا ڻي گهر ۾، احتياط سان اٿجي ويهجي.
۲ - سس ريءَ نه ساهرا، ساليءَ ريءَ نه نينهن،
چنڊ ريءَ نه راتڙي، ڪڪر ريءَ نه مينهن.
۳ - ساهرا، آهرا، ٻاٻرا ڪنڊا، پير رک ته چڀ چپ پيا ڪندا. (۶) ص ۱۱۴.
36. ساسرو سک واسرو، پڻ چار ڏِنان رو آسرو. (چوڻي)
ساسرو: ساهرو گهر. سک واسرو: جنهن هنڌ تي سک واسو ڪيو هجي.
ڏنان: ڏينهان، ڏينهن جو.
ساهراڻو گهر، ڪنوار يا گهوٽ لاءِ، ٿورن ڏينهن تائين قرب جو گهر رهي ٿو. شاديءَ گذرڻ کان پوءِ، حالات ڦرڻ شروع ٿيندا آهن. سس سهرو، هن دنيا مان هليا ويندا آهن. ڏيرَ، زالن ۽ ڄڻيي اولاد جي چوڻ آکڻ تي، گهر مان ٻه گهر ڪري، جدا ٿي ويندا آهن. زال مڙس، ٻارن سميت وڃي الڳ گهر وسائيندا آهن. جتي مرد جا ساهرا اچي سگهن ۽ نه عورت جا.
اهڙيءَ طرح، گهوٽ جا ساهرا يا ڪنوار جا پيڪا پڻ آهن. اهي به شادين کان پوءِ، گهر مان گهرَ ڪري، ٽڙيو پکڙيو وڃن. ايستائين جو نياڻو ته سندن در تي وڃڻ پسند نه ڪري پر نياڻي، جيڪا سندن ڄائي آهي، سا به سندن در تي وڃڻ ۾ پاڻ کي اوپرو پئي محسوس ڪندي کيس ساڳيو قرب ۽ تعظيم ملڻ جو آسرو ئي نه ٿو رھي.
مطلب: ۱ - ساهراڻي گهر جو سک، وقتي آهي.
۲ - ساهرا؛ سک جو هنڌ آهن، پر چئن ڏينهن کان وڌ ناهن. (۱) ص ۱۸۲.

37. ساک تي ٻيڙا ٿا هلن. (پهاڪو)
ساک: پت، اعتبار، ويساهه. ٻيڙا هلڻ: ٻيڙا ترڻ، اڻ ٿيڻا ڪم ٿيڻ.
دنيا اندر، ماڻهن منجهه جيڪو ربط قائم آهي، سو ڪنھن نه ڪنھن وهنوار تحت آهي. ڪير اگر ڪنھن جو ڪم ڪري ٿو ته ان جو کانئس بدلو ضرور وٺي ٿو. اهو بدلو، معاوضي يا محنتاڻي، جنس يا روڪڙ، ڪم يا سفارش، تعريف يا خوشامد جي صورت ۾ اڳاڙي ضرور ٿو. هڪڙا ماڻهو، فقط ڪم-ڪاڍو هوندا آهن. وقت تي چالاڪيءَ ۽ چرب زبانيءَ سان پنھنجا ڪم ته ڪڍي ويندا آهن پر جڏهن منجهن ڪم پوندو آهي ته ڪمال بي حيائيءَ ۽ نڪ جي پڪائيءَ سان ڪنڌ ڪڍائي ويندا آهن. اهڙا ماڻهو، پنھنجي ساک ۽ نِيت پت وڃائي ويهي رهندا آهن. پوءِ جا سندن ڪم، ڏاڍا ڏکيرڙا ٿيندا ويندا آهن. ان جي برعڪس، جيڪي ماڻهو، ٽڪي جيترو به احسان ياد رکندا آهن ۽ بدلي ۾ روپين جيترا ڪم ڪندا آهن، تن لاءِ آئنده ڏکيا ڪم به آسان ٿي پوندا آهن.
مطلب: ۱ - نِيت پت تي ڌنڌا هلن ٿا.
۲ - ڪار-پت خراب ھڪ دفعو خراب ٿيندي آھي، ڌنڌو سڄي عمر لاءِ ھليو ويندو آھي.
۳ - دنيا جو وهنوار، اعتبار تي هلي ٿو.

38. ساڳي زبان کٽ تي ويهاري،
ساڳي زبان پٽ تي ويهاري. (چوڻي)
دنيا اندر، پنهنجي ڳالهه ٻئي تائين پهچائڻ لاءِ، رب تعاليٰ زبان ڏني آهي. ان جي ذريعي پنهنجا خيالات ۽ دل جا ارادا لفظن ۽ جملن جي صورت ۾، ٻين جي ڪنن ۽ دلين تائين، منتقل ڪجن ٿا. سٺن لفظن جو، اڳلي تي سٺو اثر ويهندو. خراب ۽ برن لفظن جو، اڳلي تي برو اثر ويهندو.
جيڪڏهن، مخاطب جي دل، سهڻن لفظن سان موهي وٺبي ته موٽ ۾ هو به عزت ۽ قرب ڏيندو. دل ۾ جايون ڏيندو ۽ اڌَ-ڳالهايو، منجهيل ڪمن ۾ پيو مدد ڪندو. ان جي برعڪس، جنهن سان خراب لفظن ذريعي ورتاءُ ڪبو، سو دل ۾ نفرت ڪندو. عزت ۽ مدد ته ڪو نه ڪندو پر ٿيندڙ ڪمن ۾ به رنڊڪون وجهندو. ڪو ڪم چئبس ته پورو ٻڌڻ کان اڳ ئي، بھاني سان نابري پيو واريندو.
مطلب: ۱ - دنيا اندر، ماڻهو زبان جو کٽيو کائي ٿو.
۲ - زبان آهي ننڍڙي، پر ڄاڻُ وِههَ جي ڳنڍڙي.
۳ - اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويهاري، اها ئي زبان اسَّ ۾ ويهاري. (۵)

39. سامونڊي ساڻي، مينهن نه ڪو پاڻي. (چوڻي)
سامونڊي: سمنڊ جي طرف کان لڳندڙ هوا.
سمنڊ، ٿر جي ڏکڻ-اولهه ۾ آهي. اوڏانهن کان لڳندڙ هوائن ۾ مينهن نه ايندو آهي. جنهن سببان، تراين وغيره ۾ کارو پاڻي به جمع نه ٿيندو آهي.
ان ڪري ٿر جا ماڻهو، فقط چؤماسي جي هوائن کي پيا ساريندا آهن ته جيئن پلر جي پالوٽ ٿئي. جيئن ته پاڻيءَ تي هر جِيوَ جو جياپو آهي. ماڻهو، مرون ۽ سلا پاڻيءَ تي اڀرن ۽ تڳن ٿا. تنهنڪري ٿاريلن کي هر وقت ان جو اڊڪو لڳل هوندو آهي.
مطلب: ۱ - سمنڊ جي ٿڌي هوا لڳندي ته مينهن نه ايندو. (۳) ص ۱۶۴.
40. سانجهي اُلھندان اُڳي ته ٿر تي، اُڀرندان اُڳي ته جَرَ تي. (چوڻي)
سانجهي تارو؛ ٻين گرھن جي ڀيٽ ۾ وڏو ۽ روشن آهي. سنڌ جي آسمان تي، اڪثر سج لھڻ شرط، اولهه طرف کان ٿوري وقت لاءِ نظر ايندو آهي ۽ يڪدم ٽٻي هڻي ويندو آهي. ان جي اڀرڻ جا ٻه وقت آهن؛ شام جو يا صبوحڙي.
جڏهن ڏينھن وڏا ۽ رات ننڍي هوندي آهي ته سج لھڻ سان، اولهه ڏانھن اڀرندو آهي. اگر رات وڏي ۽ ڏينھن ننڍو ٿيو ته ان ۾ سج لٿي سان ظاهر نه ٿيندو. بلڪ صبح ڌاري، اوڀر کان اڀرندو. جيئن پٺيان سج اڀرندو ته هن جي اڇاڻ ۽ روشني ختم ٿي ويندي، ڄڻ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
جن ڏينھن ۾ سانجهي تارو، اُلھندان/ اولهه طرف کان اڀرندو تن ڏينھن ۾ برسات ٿر يا سڪي زمين تي پوندي. جن ڏينھين، اوڀر کان اڀرندو، تن ڏينھين، برسات سمنڊ تي پوندي يا درياهه منجهه چاڙهه جو سبب بڻبي.
مطلب: ۱ - سانجھي تارو اولھ کان اڀريو ته ٿرين تي برسات آئي.
۲ - ٿري ماڻهو، برسات جي آسري لاءِ، سانجهي تاري کي نظر ۾ ضرور رکندا آهن. ان جي اڀرڻ سان به برسات جي اڳڪٿي ڪندا آهن.
۳ - ڀيٽيو؛ سانجھي؛ مينھن جو مانجھي.

41. سانجھي؛ مينھن جو مانجھي. (چوڻي)
وسڪاري جي موسم ۾ سج لهڻ وقت، آسمان ۾ اولهه پاسي کان هڪ چمڪندڙ تارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تنهن کي سانجهي تارو چوندا آهن. اگر اھو جولاءِ ڌاران ڏسڻ ۾ اچي ته پوءِ چؤماسي جي مند اچڻ جو اعلان سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري هن تاري کي مينهن جو مانجهي سڏيندا آهن.
ٿري ماڻھو هن تاري کي ڏسي، چوندا آهن ته؛ ”مينهن جو ضامن بيٺو آهي، مينهن اجهو آيو ڪي آيو.“ البت اهو سانجهي تارو، ڪنهن ڪنهن سال گم ٿي ويندو آهي. جنهنڪري چوندا آهن ته؛ ”هن سال مينهن وسڻ جي پڪ ڪانهي. پر جي وُٺو به ته ٽڪرين ٽرين تي، يعني ڪٿي وسندو ته ڪٿي ڪو نه وسندو.“
مطلب: ۱ - سانجھي تارو، برسات جي ضمانت آھي.
42. سانوڻ آيو ته سک ٿيا. (چوڻي)
سانوڻ؛ سنبت وڪرمي سال جو مهينو، جيڪو جولاءِ-آگسٽ ڌاران اچي.
پوري ٿر جو جياپو، برساتي پاڻيءَ تي آھي. وسڪارو ٿيو ته زراعت به ٿيندي. گذر سفر سولو ۽ معيشت آسان ٿيندي. وسڪارو ٿيندو آھي، سانوڻ جي مهيني ۾. ان ڪري سموري ٿر جون اکيون، سانوڻ ڌاري ھونديون آھن اڀ ۾. اگر مينھن ڦڙيون پيون ته، ٿر جون اڃايل ڀٽون سايون ٿي پونديون، چؤڦيور ساوڪ ئي ساوڪ پکڙجي ويندي، رنگ برنگي گل نڪري نروار ٿيندا. سمورو ماحول ئي من موهيندڙ ٿي پوندو آھي. گاهن ڦٽڻ سان چوپائي مال جون موجون ھونديون آهن. مارو ماڻھن جو من شانت ھوندو آھي ۽ سندن چھرن تي سَرھائي اچي ويندي آھي. (۳۵) ص ۲۰۰
مطلب؛ ۱ - سانوڻ جو مھينو، سکن اچڻ جو نياپو کنيو اچي ٿو.

43. سانوڻ جو مينھن، چونئري جو هڪ پاسو پُسائي ٻيو نه. (چوڻي)
سانوڻ؛ ھندي مھيني جو نالو، جيڪو انگريزي مھيني جي جولاءِ-آگسٽ ڌاران بيھي. چؤماسي جي مند جو وچيون مهينو آهي. هن مهيني ۾ ڪڪر، ننڍين ننڍين ٽولين ۾ اوهيرا ڪري پيا وسندا آهن. ڪن هنڌان مينهن وسندو ويندو ته پاسي کان زمين سڪي پئي هوندي آهي. چونئري جي هڪ پاسي کان مينهن پيو وسندو، ته ٻئي پاسي ڦڙي به ڪا نه ڪرندي ۽ اهو پاسو سڪو پيو هوندو.
سانوڻ جو مينھن، ڪٿي به ھڪ-ڪرو نه پوندو آھي. ڪنھن جڳھ تي گھاٽو ته ڪنھن جڳھ تي ڇڊو پوندو آھي. ڪٿي ته موراڳو وسندو ئي ناھي. (۳۵) ص ۲۶۰
مطلب: ۱ - سانوڻ جو مينھن، ڏاند جي هڪ سڱ تي وسي ته ٻئي تي ڦڙي ڪا نه پوي. (لاڙ)
۲ - سانوڻ جو مينھن، مينھن جي هڪ سِڱ تي وسي ته ٻئي تي نه. (ساهتي)
۳ - سانوڻ جو مينھن، هڪ ڍوريءَ ۾ وسي ته ٻيءَ ۾ نه. (سرو)
۴ - سانوڻي مينھن: ڍڳي جي هڪ سڱ تي پوي ته ٻئي تي نه.
۵ - سانوڻ جو مينھن، چئونري جو ھڪ پاسو پسائي ٻيو سڪائي.

44. ساهوڪارا را ساڙا ئي گهڻا،
گريب رو پينهوئي اي ڪو ٿي. (چوڻي/ پهاڪو)
ساهوڪارا: شاهوڪارن. ساڙا: سالا. پينهوئي: ڀيڻيويو. ڪو: نه.
شاهوڪار منجهان فائدن ملڻ جو آسرو، گهڻو هوندو آهي. جيڪڏهن فائدو نه ڏنائين ته پنهنجي پاڻ، زال ۽ ٻچن کي سکيو ضرور رکندو ۽ ساهرن تي چٽي نه پوندو. ان ڪري هر نياڻيءَ وارو، سکيو گهر تاڙيندو آهي ته جيئن نياڻي سکي هجي. ساهرن ڏانهن مدد لاءِ نه تڪي. ڪي لالچي ماڻهو به، اميرن سان مٽي ڳنڍڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا آهن. جيئن ساڻن مٽي/ سڱ ڳنڍي، منجهانئن مرادون ۽ مطلب پيا ڪڍجن.
ان جي برعڪس غريب ماڻهو، پنهنجي پيٽ ۾ پورو آهي. تنهن کي ڪير نياڻي ڏيندو ته ڏکي رکندس. هر وقت ان جو الڪو پيو ماريندو. نياڻي، مانيءَ ٽڪر لاءِ به پئي پيڪن ڏانهن واجهائيندي. نياڻيءَ جو ائين پيڪن ڏانهن واجهائڻ يا لولي ٽڪر لاءِ هٿ-ٽنگڻ، پيءُ ماءُ کان برداشت نه ٿي سگهندو آهي. ان ڪري، غريب سان سڱ ڳنڍڻ کان، هر ڪو پيو لاچاري ڏيکاريندو آهي. تنھنڪري غريب ڌيءُ يا ڀيڻ گھر ئي ويٺي رھجيو وڃي.
مطلب: ۱ - سکيي جا سوين مِٽ، غريب جو هڪ به نه.
۲ - سڻڀي سان سڀڪو ڊڪي مٽي ڳنڍيندو. غريب سان ٿيل مٽي به پيو ڇنندو ۽ نباھڻ کان ڪترائيندو.
۳ - سيٺ را سو سارا، گريب رو هڪ پينھوئي ڪونهي.
۴ - شاهوڪارن جا سوين سالا، غريب جو ھڪ به ڀيڻيويو ڪونهي.
۵ - سائي جا سو سالا، بکئي جو ڪو ڀيڻيويو ئي ڪو نه.

45. سڀڪو پنھنجو بخت ٿو کائي. (چوڻي)
بخت: ڀاڳ.
اهڙي سهولت، آمدني يا ڪم، جنھن جي ٿيڻ جو امان گمان نه هجي ۽ ٿي پوي ته چئبو ته ڀاڳ ڀلو آهي. اگر بظاهر ڪو به ڪم، سهوليت يا آمدني ٿيندي نظر اچن پر اوچتو اهڙا حالات ٿي پون جو انهن جو ٿيڻ ناممڪن ٿي پوي ته چئبو؛ نڀاڳ ٿيو آهي.
ماڻهو هڪڙي هنڌ وڃي هڪڙي ڪم لاءِ، پر اتان سندس ٻه ٽي ٻيا ڪم به ٿي پون. انهن ڪمن لاءِ چئبو ته اهي به نصيب يا بخت ۾ هيا. جهڙوڪ: ماڻهو شهر ويو ته وڃي ڀاڄي ٿو وٺي اچان. اتي ڪو سندس پراڻو دوست راهه ويندي ملي ويو، جنھهن ڏي سندس لهڻو ليکو هيو. اوچتي ملاقات ٿيڻ سبب، اڳلو شرمسار ٿيو ۽ کيس اها رقم ڪڍي ڏنائين. دڪان تي پهتو، دڪاندار کيس خاطر تواضع ڪندي بوتل وغيره پياري يا ان وقت هُن ماني پئي کاڌي، هِن کي به صلاح ڪيائين. هن به پنهنجو نصيب کاڌو.
ماڻهو هڪڙي شهر ۾ آهي، واپار سانگي يا نوڪريءَ خاطر، اتي رهڻ سبب اهڙا حالات بڻيا جو، اتان سندس شادي به ٿي ۽ گهر ٻار به جڙي مليس. جڏهن ته اچڻ وقت سندس گمان ۾ نه هيا ۽ هاڻي ٿي پوڻ سبب چئبو؛ نصيب ۾ هيس.
مطلب: ۱ - هر ماڻهو، جتي به آهي، پنھنجي نصيب مان ٿو کائي.

46. سڀ ڪو پنھنجي ڄائيءَ وارو آھي. (چوڻي)
عورت جو احترام ۽ عزت ڪرڻ، اسلام جي تعليم سيکاريو آھي ۽ پوري سنڌ ان تي مڪمل طور عمل پڻ ڪيو آھي. تڏي تي آيل نياڻي ميڙ کي، ست قرآن سمجھي، خون جهڙو ڏوهه به معاف ڪري ڇڏبو آھي.
ٿر اندر ٻنيءَ ٻاري جو ڪم جھڙوڪ؛ گاهه ۽ لابارو ڪرڻ، کوهن تا پاڻي ڀرڻ وغيرھ جھڙا ڪم، مرد توڙي عورتون گڏجي ڪندا آهن. گڏيل سماج واري سرشتي ۾ مرد، ھر ڌاري عورت کي پنهنجي ڄاين برابر سمجھندا آهن. انهيءَ ڪري عورتن ۽ مردن جي وچ ۾، گھر جي ڀاتين وانگر، ھڪٻئي کان پردو يا حجاب نه هوندو آهي. (۳۵) ص ۲۶۵
مطلب؛ ۱ - پرائي لڄ يا نياڻيءَ جو اھو احترام ڪندو، جنھن وٽ پنھنجون ڄايون ھونديون.

47. سڀڪو لڏيندو لوءِ، ڪو اڳي ڪو پوءِ. (چوڻي)
هيءَ دنيا، عارضي ۽ هل هلندن جو ماڳ آهي. هر ڪو ٿورڙي ۽ قليل عرصي لاءِ آيو آهي. وقت پوري ٿيڻ تي، هرڪو راهي ٿيو وڃي. ڪير به هتي ٽڪي نه پيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اچڻ لاءِ هڪڙي ترتيب آهي پر وڃڻ وقت ڪا به ترتيب ناهي. اچڻ وقت، پهرين پيءُ ٿو اچي. ان کانپوءِ وڏو پٽ، پوءِ ٻيو نمبر ۽ ائين آخري نمبر اولاد اچي ٿو. جڏهن ته وڃڻ وقت، اهي ساڳي ترتيب سان نه ٿا وڃن. جڏهن ته اڳي پوءِ، سمورا موٽي وڃن ٿا. اگر پيءُ جي جيئري پٽ گذاري ويو ته ائين نه سمجهبو ته پيءُ، هاڻي هميشه هن دنيا ۾ رهندو. ڇو جو سندس وڃڻ جو وارو ترتيب جي حساب سان گسي ويو آهي. ائين ناهي، بلڪ پيءُ به ويندو پر پنھنجي مداءَ تي. جڏهن سندس وڃڻ جو وارو آيو.
مطلب: ۱ - هيءَ دنيا، اصل رهڻ جي جاءِ ناهي.
۲ - هتي، هل هلندن جو ماڳ آهي.
۳ - لالن لوءِ، هڪڙا اڳي ٻيا پوءِ.
۴ - لال نه لوءِ، هڪڙا اڳي ٻيا پوءِ.
۵ - هيءَ دنيا، هر جيو کي، اڳي يا پوءِ هڪ ڏينھن ضرور ڇڏڻي آهي.
۶ - دنيا جي فنا ٿيڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي.

48. ستين لنگهڻين، ڪتو حلال. (چوڻي)
ڪتو؛ حرام ۽ پليت جانور آهي. ان جو گوشت ڪنھن به صورت ۾ واپرائڻ، جائز ناهي. البته هتي تمثيل طور آيو آهي ته اگر هڪڙو ماڻهو ست ويلا يا ٽي ڏينھن بک تي ويٺو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ کائڻ لاءِ نه مليس ته جان هلي ويندس. اهڙي صورت ۾، جان بچائڻ خاطر، اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ جي ايتري اجازت آهي، جنھن سان فقط جان بچي پوي. پيٽ ڀري کائڻ جي پوءِ به ڇوٽ ناهي.
مطلب: ۱ - گهڻي تڪليف ۾، ڪي ناجائز شيون يا عمل به، روا ٿيو وڃن.
۲ - انسان جو ساهه، مڙني شين کان مٿي آهي. ان کي بچائڻ تمام ضروري آهي.

49. ستيءَ، زمين به ڪونھي. (چوڻي)
ستي؛ جنھن کي نر نه ڇھيو ھجي، پاڪدامن.
حيوانات ۽ نباتات ممنجھ، نر ۽ ماديءَ جي ميلاپ جي ته پڪ آھي. جڏھن ته جمادات لاءِ اھو تصور قائم نه ٿو رکي سگھجي. تنھن ھوندي به چؤماسي جي مند اندر، مينهن جو آڙنگ جيڪو ٿئي ٿو، سو تتل ۽ ٺوٺ ڌرتيءَ تي اوڀڙ اڀرڻ جو سبب بڻجي ٿو. وسڪاري دوران پيل برسات، ڄڻ زمين ۽ آسمان جو ميلاپ ھجي. جنھن منجھان اھا اوڀڙ اڀري ٿي، جنھن لاءِ ڪا به اڳواٽ تياري نه ٿي ڪئي وڃي. گھڻا خود-رو ٻوٽا ان مند ۾ ڦٽن ٿا، جن لاءِ نه ھر ڪاھجي ٿو ۽ نه وري ٻج ڇٽجي ٿو. (۳۵) ص ۲۲۳
مطلب؛ ۱ - نر سان ملڻ واري غلطي ڪرڻ جي خاصيت ته ان ڌرتيءَ ۾ پڻ آھي، جنھن تي انسان آباد آھي.
50. سپ نه ماري، سراپ ماري. (پھاڪو)
سپ: سنهو ۽ پيٽ سُڪل نانگ. سراپ: ڊپ، ڀؤ، ھائُو، دھشت.
سنھا ۽ پيٽ-سُڪل نانگ به، پنهنجي نالي سان آهن. ڪهڙي به جُنگ جوان کي، سندن هڪ چڪ بس آهي، جنھن سان کيس وڏو جوکو رسائي سگهن ٿا. ڪکيل ماڻهو، وري جڏهن نانگ کي ڏسندو آهي، تڏهن سندس دل تي خوف جو اثر ويهجي ويندو آهي ۽ دل لاهي ڇڏيندو آهي. دل ۾ وھم ويھي ويندو اٿس ته؛ هاڻي مري ويندس! انهيءَ ڪري بعضي ته غش به ٿي ويندا آهن. ڪي ته مري به ويندا آهن. ان لاءِ ھڪ مثال ڪتابن اندر آيل آھي.
ھڪڙي ڏيڏر نانگ کي چيو؛ ”ماڻھو تنھنجي ڏنگ کان نه بلڪ ڀؤ کان ٿا مرن.“
نانگ کيس چيو؛ ”نه! مون منجھ جيڪو زھر ڀريل آھي، ان جي اثر کان ٿا مرن.“
ڏيڏر سندس اھا ڳالھ قبول ڪرڻ لاءِ، مثالي دليل گھريو. نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا، رستي جي ھڪ پاسي کان لڪي ويٺا. ھڪڙو واٽھڙو اچي اتان لانگھائو ٿيو ته نانگ کيس ڏنگ ھنيو پر، جلد ٻوڙي ۾ لڪي ويو. انھيءَ دم ڏيڏر ٽان ٽان ڪندي، نڪري نروار ٿيو. ھمراھ ڏيڏر کي ڏٺو ته سمجھيائين؛ ڏيڏر نُھُنڊَ ڏني آھي. سو خير جھڙي ڳالھ سمجھي، روانو ٿي ويو. ان تي ڏيڏر چيس؛ ”ڏٺئي، اگر زھر ۾ اثر ھجي ھا ته ھمراھ ڦھ پٽيءَ تي ڪري ھا. ھاڻي ھن سمجھيو ته ڏيڏر جو چڪ آھي، تنھن کان ڊپ نه ڪيائين ۽ سور ساٽاڻيون نڪتو ھليو ويو.“
وري ٻيھر لڪي ويٺا. ھاڻي ھڪڙي لنگھندڙ کي، ڏيڏر چڪ ھنيو ۽ يڪدم ٻوڙن ۾ لڪي ويو. اتي ئي اتي، نانگ ڦوڪارا ڏيندو نڪري نروار ٿيو. ھمراھ سمجھيو ته نانگ ڪکيو آھي، سو ڀوَ ۾ ٻٽڪو ڏيئي وڃي ڌرتيءَ تي پيو ۽ مري ويو.
”ڏٺئي! مون ۾ ته زھر به ڪونھي، تنھن ھوندي به ھمراھ رڳو تو وارا ڦوڪارا ڏسي غش ٿي ويو ۽ روح پرواز ڪري ويس. ڇو جو سندس دل تي تو واري ھيبت ويٺل ھئس. جنھن سببان مڙس مري ويو.“ ڏيڏر دليل ڏيئي چيس؛ ”ان مان سمجھ ۾ آيو ته تو وارو زھر نه بلڪ دھشت ٿي ساھدارن کي ماري.“
مطلب: ۱ - نانگ نه ماري، نانگ جو ھائُو ماري.
۲ - سپ نه ماري، سپ جو ڊپ ماري. (۱۲)
51. سپوتر سؤ ڀلا نِه ڪپوتر هيڪ ئي ڪڪ ڪري. (چوڻي)
سپوتر: سپوت، کاٽو پٽ. ڪپوتر: ڪَپُٽ، نڀاڳو ٻار. هيڪ: هڪ. نِه: ۽.
ڪڪ ڪري: تنگ ڪري.
سڌريل، بااخلاق اولاد ڀلي سؤ پٽ هجن، پالڻ/ سنڀالڻ سولا آهن. انهن جي مالڪي ڪرڻ باعث، عزت ۽ فخر ٿئي ٿو. جڏهن ته اڌريل هڪ پٽ به وڏو درد سر پيدا ڪندڙ هوندو آهي. روز ايڏا معاملا کڙا ڪندو جو پيءُ کانئس بيزار ٿي پوندو. ان هڪڙي کي سنڀالڻ تمام ڏکيو آهي.
مطلب: فائدي وارا، سؤ ڪم سولا، نقصان وارو، هڪ ڪم به ڏکيو. (۶) ص ۱۱۳

52. سج لٿي کان پوءِ دير ڪانھي،
ڦرئي کان پوءِ ڀؤ ڪونھي. (پھاڪو)
۱ - ڏينھن، رب پاڪ خلقيو آھي، انسان لاءِ ته جيئن منجھس پنھنجي معيشت کي سڌاري سگھي. ان لاءِ ھر ماڻھوءَ جي ڪوشش ھوندي آھي ته سج اڀرڻ کان سج لھڻ تائين واري وقت ۾ پنھنجا محدود وسيلا استعمال ڪندي، پنھنجا گھڻي کان گھڻا ڪم پورا ڪري سگھي. جڏھن سج لھندو ته پوءِ کيس وقتي طور تي بريڪ ڏيڻي پوندي. ان دوران ھر ڪنھن جي وات تي اھو ھوندو آھي ته دير پوڻ کان اڳي ڪم اڪلائي ڇڏيان. ھاڻي اگر ڪو کي ڪنھن ڪم ڪندي سج لھي ويو آھي ته پوءِ کيس اڃا ڪھڙي دير ٿيڻ جو ڀؤ رھيو؟ ڇو جو سج لھڻ کان پوءِ دير ٿي ته به ڳالهه ساڳي آهي.
۲ - سفر وغيرھ ۾ ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي مال جي سنڀال جي ڳڻتي ۽ فڪر هوندو آھي. ان فڪر سبب، ڦرجڻ يا لٽجڻ جو ڀؤ به اوس ھوندو اٿس. جڏھن ھڪڙي ماڻھوءَ کان مال ملڪيت چور/ ڦورو ڦري ويا، پوءِ کيس ڪھڙي شيءِ جي ڦرجڻ جو ڀؤ ٿو رھي؟
مطلب: ۱ - سج لٿي کان پوءِ، اوير ڪانھي، ڦرئي کان پوءِ ڊپ ڪونھي.

53. سڃو پٽيل، راڄ تي چٽي. (پھاڪو)
پٽيل: چڱو مڙس، پريو مڙس.
هندو پنھنجي چڱي مڙس کي مُکي ۽ مسلمان وري پنھنجي نيڪ مرد کي وڏيرو/ رئيس ڪوٺين. اھڙيءَ طرح وري اڇوت يا شودر وري پنھنجي چڱي مڙس کي پٽيل چون.
چڱو مڙس، ڪھڙي به قوم يا مذھب وارن جو ھجي، لئه جو بکيو ضرور ھوندو آھي. پوءِ وٽس مال ملڪيت ھجي يا سڃو ڇو نه ھجي. کيس لئه کپي. اگر پنھنجو مال ملڪيت اٿس ته پنھنجي مال مان، اگر نه اٿس ته غريبن ۽ راڄ وارن جي مال مان پيو لئه ڪندو آھي. غريبن تي ڄڻ چٽي ٿي پوندو.
مطلب: وڏيرو سڃو ٿيندو ته راڄ تي ڏچو هوندو.

54. سچ سنگت سين ٻُڌيا وڌي، جيئن جهاڙي اوٽ گهاس،
نرمونڍ ڪي سنگت سين، هو اڳلي ٻُڌيا ڪا ستياناس. (چوڻي)
سچ سنگت: چڱن جي صحبت. ٻڌيا: عقل، سمجهه. جهاڙي اوٽ: وڻ جي اوٽ ۾. گهاس: گاھ. نرمونڍ: بيوقوف. اڳلي: اڳين، موجود.
سچي ماڻهوءَ جي سنگت مان ڪو به نقصان ناهي. هٿائين سندس صحبت جي اثر سبب گهڻا ئي فائدا آهن. پهريون ته چڱن سان گڏ اٿڻ ويهڻ واري کي هر ڪو چڱو چوندو آهي. ٻيو سندس چڱائي/ سچائيءَ مان، ساک پت ۽ علم عقل جهڙا ڪيئي اڻ ڳڻيا فائدا پڻ پهچن ٿا. اھو ائين آھي، جيئن وڻ جي وٽ/ پاڙ ۾ ڦٽل گاھ؛ جنهن کي نه ڪو ماڻھو سٿرو ويھي وڍي سگھي ۽ نه وري ڪو جانور منجھس سولو چڪ هڻي کائي سگهي.
ان جي برعڪس بيوقوف جي سنگت ساٿ ۾، سندس بيوقوفين سبب رڳو نقصان ئي نقصان آهي. رهيو کهيو نور به موڪلائي وڃي.
مطلب: ۱ - ماڻهو، صحبت جي اثر جا به فائدا/ نقصان حاصل ڪندو آهي.
۲ - چڱن سان چاه پئي، من ميڙ ڪيائين،
رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.
۳ - چورن سان چاه پئي، من ميڙ ڪيائين،
پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي. (۲) ص ۶۴.

55. سخاوت، پنھنجي گهر کان شروع ڪجي. (چوڻي)
پنھنجي قبضي ۽ تصرف هيٺ آيل شيءِ، ٻين تي خرچ ڪرڻ تمام ڏکي لڳندي آهي. ڪي ويجها مٽ عزيز اهڙا به هوندا آهن، جيڪي انهن شين ۽ ڌن دولت کان وڌيڪ پيارا هوندا آهن. ساڻن ميٺ محبت قائم رکڻ لاءِ، اهو ڪليو قانون آهي ته پياريون شيون، ضرورت آهر، هڪيون حاضر ڪري مٿن نڇاور ڪجن.
سخاوت ۽ ديا جو پڻ، اهو اصول آهي ته مٽن مائٽن، والدين ۽ اولاد کان ان جي شروعات ڪجي. اگر انهن رشتن تي سخاوت نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ دوستن، واقفڪارن تي ڪيئن ڪري سگهنداسين. ڇو جو مال جي محبت، دل اندر رکيل آهي. دل منجهه رکيل شيءِ، هٿان ڪڍڻ ڏاڍي ڏکي آهي. جڏهن، اها ويجهن رشتيدارن لاءِ نه ٿا ڪڍي سگهون ته پوءِ، زندگيءَ جو گذران، جيڪو ٻين سان ربط واري ناتي تي جڙيل آهي، ڪيئن قائم رکي سگهبو.
اگر هڪڙو ماڻهو، پنھنجي جان ۽ مائٽن کي ڇڏي، ڌارين مٿان سخاوت ٿو ڪري، سو به ظالم ۽ خود غرض، لالچي ۽ گيدي ٿي سگهي ٿو. ان کي سخي يا هڏ ڏوکي نه چئبو.
مطلب: ۱ - چڱائيءَ جي شروعات، جان، گهر ۽ مٽن کان ڪجي.
۲ - نيڪيءَ جو حق؛ اول مٽن جو آهي، پوءِ ٻين جو آهي.

56. سڌريا به گھر جي سونھن آھن. (پھاڪو)
سڌريا؛ لِڏِ ۽ مٽيءَ مان ٺھيل الماڙي نما ڪٻٽ.
ٿر جي ڪچن گهرن يا چونئرن ۾، غربت سبب، لوھي الماڙيون يا ڪٻٽ نه هوندا آهن. سگھڙ عورتون، پنهنجن گهرن اندر لڏ ۽ مٽيءَ منجھان، خوبصورت ڪٻٽ يا الماڙي نما سَڌريا ٺاهينديون آھن. مٿن مٽيءَ سان چٽسالي ڪري، ننڍڙيون آرسيون به لڳائي ڇڏينديون آهن. پري کان ڏسندڙ کي، اھي سڌريا، قيمتي الماڙيون نظر ايندا آهن. منجھن قيمتي شيون ۽ ڪپڙا رکبا آهن. (۳۵) ص ۲۴۷
مطلب؛ ۱ - گھر جي اندر، مٽيءَ جو ٿانءُ به وڏي وٿ آھي.
۲ - گھر جو سونھن آھي ئي، ٿانءَ ٿپي سان.

57. سرامڻ جو سرجيو، ڄائو اسوءَ ماھ، ڏياريءَ جو ڏڻ، ٻاري وٺو مٿي باھ. (چوڻي)
سرامڻ؛ سانوڻ، سنبت سال جو مهينو جيڪو جولاءِ-آگسٽ ڌاران اچي. سرجڻ؛ سنجرڻ، عدم منجھان وجود وٺڻ. اسو؛ آڪٽوبر ڌاري ايندڙ سنبت سال جو مھينو. ڏياريءَ جو ڏڻ؛ نومبر ڌاران ٿئي.
سانوڻ مھيني دوران پيل برسات سان سيءَ يا ٿڌ جي شروعات ٿيندي آھي. ٿر جي واري رات ڌاري ٺري، سڄي ٿر کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي آھي. گرمي گهٽجي ويندي آھي ۽ ٿڌ جي شروعات ٿي ويندي آهي. ان وقت ڄڻ سياري جي موسم اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هوندي آهي.
اسوءَ ڌاري سيءُ باقاعدي محسوس ٿيندو آهي. اسو ڄڻ سياري جي جنم جو مهينو هوندو آهي.
ڏياريءَ جي ڏڻ تي ٿر جي واري، ٿڌ لڳڻ سبب، اڃا وڌيڪ ٺري ويندي آھي،. جنھن سان سيءَ جي ڦوھ جواني منھن ڪڍندي آھي. ماڻهن کي ڪاٺي ڪلي ميڙي، مٿن کان مچ ٻارڻ جي شروعات ڪڻي پوندي آھي. (۳۵) ص ۲۰۵
مطلب؛ ۱ - سيارو، سانوڻ ۾ سنجري ٿو، آڪٽوبر ۾ ڄم ٿئيس ٿو ۽ ڏياريءَ جي ڏڻ تي جوان ٿئي ٿو.

58. سرامڻ صحيح وسي ته سٺو آھي. (چوڻي)
سرامڻ/ سانوڻ جو مينھن، پورالي نموني سان وسندو آهي. ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي. لڳاتار وسڻ سبب تمام سٺو وسندو آهي. تل ۽ ترايون، تار ٿي وينديون آهن. ملڪ ملهير ٿي پوندو آهي. سانوڻ جو وسڻ، فصلن خاص طور پاڻ-مرادو ڦٽندڙ ٻوٽن لاءِ، تمام گھڻو ڪارائتو آھي. (۳۵) ص ۲۰۰
مطلب؛ ۱ - سانوڻ جو سڄو مهينو، اگر ٿر اندر برسات وسي، ته سڄو سال سڪار ھوندو آھي.

59. سرڪار ڪي ري، مان نڪو ٻاپ. (چوڻي)
ڪي: ڪنهن. ري: جي. مان: ماءُ، امڙ. ٻاپ: باپ، بابو، ابو، پيءُ.
انگريزن جي دور حڪومت ۾، هڪڙو ٿريو، ناري پٽ ۾ اچي ڪوٽوار جي نوڪريءَ چڙهيو. کيس سرڪاري طرح وردي ۽ ڳاڙهو پٽڪو مليا. ڳچ وقت نوڪريءَ تي رهڻ ۽ ڪمائڻ کان پوءِ، نيٺ گهر ٻار جي سڪ لڳس. موڪل وٺي، ڳوٺ گهمڻ ويو. ڳوٺ وارن تي اثر وجهڻ خاطر يا ٻيا ڪپڙا نه هئڻ سبب، سرڪاري وردي پائي ڳوٺ وڃي پهتو.
ٻارڙن کيس ڏٺو ته؛ ”ابا ابا“ ڪري اچي ڪانچ ۾ چنبڙيس. سرڪاري ورديءَ ۾ ائين هٿ پوندو ڏسي، مڙس ڪاوڙجي پيو ۽ يڪدم ٻارن کي ٿيلها ڏئي پري ڪرڻ لڳو.
”اڀان نان کبر اهي، هون هيڻان سرڪار اھان! پرها ٿيو! مان جا ڳڀا ٿا بگاڙيو!“ کين لوڌيندي چوڻ لڳو؛ ”توهان کي خبر آهي؟ مان هاڻي سرڪار آهيان. پري ٿيو، منهنجا ڪپڙا نه گهنجايو!“
”مئا! ڇتو ڪي ٿيو اهين! تون ٻاپ اهين، تڏهان ٿا آئين!“ جوڻس، ٻارن کي لوڌڻ تان، رهڙ ڏيندي چيس؛ ”مئا ڇتو ڇو ٿيو آھين؟ ابو آھين، تڏھن ٿا چنبڙني.“
”سرڪار ڪي ري، مان نڪو ٻاپ.“ زال کي کتو جواب ڏيندي چيائين؛ ”سرڪار، ڪنهن جي نه ماءُ نه بابو!“.
مطلب: ۱ - سرڪار، سرڪار آهي.
۲ - سرڪار، ڪنهن جي مٽ عزيز ناهي. تنھنڪري سرڪار يا سرڪاري قانون سان، هُج نه ڪرڻ گهرجي.
۳ - سرڪار وٽ، ماءُ پيءُ واري پاس خاطري ناهي هلندي.
۴ - سرڪار، ڪنهن جي پيءُ ماءُ ناهي.
۵ - سرڪار ڪنهن جي چاچا ماما نه هوندي آهي.
۶ - سرڪاري ملازم کي، عصبيت نه ڪرڻ گهرجي. (۶) ص ۱۱۲.

60. سرمر ڌوئي پاڳ، چلي اڍنگي چال،
گهر گهر گهومي انت گهڻي،
گيت رستا ۾ گاوين، نر ڏيکي نخرو ڪري،
ايتي نار ڪلڇڻي. (چوڻي)
سرمر: ترائيءَ تي، کوه تي. پاڳ: پير. گهومي: گهمي، رلي. نار: زال، عورت. ايتي: اهڙي. ڪلڇڻي: اڍنگي، بنا لڇڻ جي.
۱ - کوه يا ترائي، پاڻي ڀرڻ جي جاءِ آهي، جتي هر ڪو پاڻي پيئڻ يا ڀرڻ اچي ٿو. اهڙي عوامي مرڪز تي، اگر ڪا عورت اچي ۽ پنيون اگهاڙيون ڪري ويٺي پير ڌوئي سا به لڇڻن ۾ ڪمزور چئبي.
۲ - عورت جي هلڻ چلڻ جو به هڪ ڍنگ ٿيندو آهي. هر شائسته عورت، انهيءَ ڍنگ رنگ سان وک کڻندي آهي. جيڪا اڍنگو اٿي ويهي، سا به بد اخلاق سڏرائيندي ۽ ڪنهن کي نه وڻندي.
۳ - عورت جو محور؛ پنهنجو گهر، پنهنجا ٻار، پنھنجي گهر جو سانجڻ ۽ ڌوئڻ آهي. اهي ڪم ڇڏي جيڪا پراون گهرن ۾ پئي گھوم ڪندي، گهمندي ۽ رلندي، سا به پنهنجي انهيءَ اخلاقي پستيءَ سبب، مڙس کي پِتي تي ڪا نه پوندي.
۴ - راڳ ۾ جنسي بد اخلاقيءَ جو عنصر شامل آهي. اهو جنسي لاڳاپن جي اظهار جو ذريعو ۽ سڏ به آهي. جيڪا عورت کلم کلا ۽ رستي ويندي پئي راڳ ڳائيندي، سهرا يا لاڏا چوندي سا به پنهنجي انهيءَ ڇڙواڳيءَ سبب، ڌارين مردن جي نظرن جو کاڄ پئي ٿيندي. شريف مڙس، کيس برداشت نه ڪندو.
۵ - نخرو ۽ ناز، لاڏ ۽ ڪوڏ، پنهنجن آڏو ٺهي ٿو. ٻين جي آڏو نه ٿو ٺهي. ڇو جو نخرو ۽ ناز، برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي. جيڪو برداشت ڪندو، تنهن کي دل ۾ لالچ ضرور هوندي. ڌارئي مرد جي لالچ، هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. اهڙي قسم جي عورت، جيڪا ڌارين آڏو نخرا ڪري، سا مڙس کي دل تي ڪا نه پئي آئڙندي.
مطلب: ۱ - عورت کي، سٺا لڇڻ ڌارڻ گهرجن.
۲ - عورت کي، ڪڌن لڇڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. (۲) ص ۶۳.

61. سُر منڊل جي ساز جو، سانڊي ڪهڙو سُور،
راڻي جي راڳ تي، رڍ نه ريجهي مُور،
ڪهڙو قدر ڪافر کي، سندو نبيءَ نُور،
ڄٽ نه ڄاڻي ڳالهه کي، ٺوڪي رکي ٺُور،
عقل کان سدا اُهي، رهن چار ئي چُور. (چوڻي)
سانڊو: رنگ بدلائيندڙ، منافق ماڻهو. سر منڊل جو ساز: مُرلي. رڍ: بيوقوف ماڻهو. ڪافر: انڪاري، حقيقت کي نه مڃيندڙ. ٺُور: ميار. چُور: کٽل، وانڌو.
۱ - مُرليءَ جي واڄي تي واسينگ نانگ لھر ھڻندو آهي. مٿس سانڊو ڪين ريجهندو آهي. مرليءَ جي واڄي جو ٿورو گھڻو، نانگ تي اثر ٿئي ٿو. سانڊي تي اھو به نه ٿو ٿئي. ايئن به چوندا آھن؛ ”نانگ ريجھائڻ سولو، کرو ڪو جو ڳوھ ريجھائي.“
۲ - مومل راڻي وارو راڳ به اهلِ دل تي اثر ڪندو آهي. بيعقل ماڻهو منجهانئس ڪو به اثر نه وٺندا آهن. ائين به چوندا آھن؛ رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورھيه ٿيا.
۳ - نبيءَ اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي نور جو قدر، مڃيندڙ ۽ مسلمان کي ٿيندو آهي. ڪافر ۽ انڪاريءَ تي اهڙين ڳالھين جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي.
۴ - ڄٽ ماڻهو، ڳالهه جو نه سُر مُنڍ سمجهندو آهي ۽ نه ئي سمجهائڻ سان ڪي منجهانئس ورندو آهي. هٿائين اٽلو سمجهائڻ واري تي ميار پيو رکندو آهي.
مطلب: ۱ - سر منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا ڄاڻي؟ (۳۵) ص ۲۴۴
۲ - سانڊي، رڍ، ڪافر ۽ ڄٽ تي مٿو کپائڻ اجايو آهي. مٿن نصيحت جو ڪو به اثر نه پوندو. (۱۲) ص ۱۴۰.

62. سِرُ وڏو سپوٽ جو، پير وڏو ڪپوٽ جو. (چوڻي)
سِرُ: مٿو. سپوٽ: کاٽو پٽ، سڌريل پُٽ. ڪپوٽ: نڀاڳو اولاد.
ڀاڳ/ نڀاڳ، ڪنهن جي نرڙ ۾ لکيل نه هوندو آهي، نه ئي وري ان جو جسم جي ڪنهن عضوي سان تعلق آهي. تنهن هوندي به تجربي/ مشاهدي ۾ جيڪي ڳالهيون آيون آهن، سي عام ٿيڻ سبب، چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري ويون آهن. عقل/ فهم وارن لاءِ، ڪي نشانيون ڇڏيون ويون آهن. جن تحت اڳلي جو مُنهن- نارُ ڏسي، سندس بابت راءِ قائم ڪري سگهن. جيئن چوندا آهن؛
ڊگهو؛ بيوقوف. حالانڪ سمورا ڊگهي قد وارا، بيوقوف نه هوندا آهن.
بندرو؛ شيطان. ضروري ناهي، هڙ پسته- قد/ ڪوتاه- قد، لچ ۽ شرير هجن.
شيرو؛ بيوفا. ضروري ناهي ته شيرين اکين وارا سمورا، مطلبي هجن.
اهڙيءَ طرح هتي به ٻڌايو ويو آهي ته جنهن جو مٿو وڏو آهي؛ سو ڀاڳوارو هوندو. وڏن پيرن وارو نڀاڳو/ اڌريل هوندو. حالانڪ ائين ضروري ناھي ته ھجي به.
مطلب: ۱ - سپوٽ/ ڪپوٽ، انگن مان عيان هوندو آهي.
۲ - نڀاڳو ٻار، پينگهي ۾ پڌرو، سمهار سنئون، اٿي اونڌو.
۳ - ڀيٽيو: ڇتر ڏنتو ڪو ئي ڪ مورک، ڪو ئي ڪ نرڌن ٽالڪا. (۵)

63. سڪار ۾ ئي سڄڻ ياد ايندا آھن. (پھاڪو)
خالي کيسي وارو پيو پور پچائيندو ۽ موالين وانگر پنڪيون کائيندو. کيس، سواءِ پئسي جي، ٻيو ڪجهه به نه پيو سُجھندو آھي. نه پاڻُ وڻندس، نه ٻئي جو اچڻ. پيارو دوست به اگر لڙي آيس ڄڻ، مٿان پهاڙ ڪري پيس. پنهنجي سر جي ڪري يا دوست جي ٽھل ٽڪور ڪري. منهن ڀيلو ڪيو پيو دوست کي تڪيندو.
جنهن وٽ چار پئسا آھن، سو هڪڙن دوستن جي خدمت پيو ڪندو، ته ٻين کي اچڻ لاءِ نياپا پيو موڪليندو. کيس هر دوست ۽ مٽ ياد پيو پوندو. ساڻس رھاڻ ڪرڻ لاءِ، وقت وافر پيو سمجھندو. (۳۵) ص ۲۲۴
مطلب؛ ۱ - ھوند تي ھونگر آھي.
۲ - وسڪاري سان سڪار ٿئي ۽ سڪار اندر وڇڙيلن جو ميلاپ ٿئي.

64. سڪارين ڀلا سيڻ، ڏڪارين ڀلا ڏاڻيا. (چوڻي)
سڪارين؛ سڪار ۾. سيڻ؛ مائٽ. ڏڪارين؛ ڏڪار منجھ. ڏاڻيا؛ داڻا، ان ڀٽارو.
سڪار اندر ھر ڪنھن کي سڄڻ ياد ايندا آهن. مهمانن جو اچڻ ۽ ٽڪڻ به پيو وڻندو آھي. مھمان جي نه اچڻ کي نڀاڳ جي نشاني پيا سمجھندا آھن. مٽ مائٽ، دوست يار کي دعوتون ڏئي پيا گهرائيندا آهن. دل کولي مهمانيون ڪندا آهن ۽ سندن اھا مهمان نوازي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
ڏڪار جي حالت ۾ هر ڪو پنهنجي پيٽ پالڻ ۽ مال جي چاري ھٿ ڪرڻ لاءِ پريشان هوندو آهي. ڏينهن رات ڏٿ ميڙڻ جي خفي ۾ ھوندا آھن. ان وقت، سر ۽ مال جي ڪن يا مھمانن جي ڪن. ڪڻي ڪڻي تي پيا ساھ ڏيندا. پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي تي پيا وڙھندا. خدمت خدمت جي ماڳ، مھمان جو اچڻ ماڳھين مصيبت پيا سمجھندا. مھمان کان وڌيڪ، ان جي ڪڻي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھندا. (۳۵) ص ۲۰۸
مطلب؛ ۱ - سڪار ۾ مائٽ عزيز سٺا لڳندا آهن. ڏڪار ۾ ان جا داڻا سٺا لڳندا آهن.

65. سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير،
چوٿون چغدو، جنهن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (چوڻي)
چار قومون، سنڌ ۽ ساڻس ملحق رياستن جون حڪمران رهيون آهن.
۱- سمان: سنڌ جا حاڪم رهيا آهن. ڪھاوتن ۾ يا ورجيسي طور تي پڻ چيو ويندو آهي؛ اهڙي نه سمي ڪئي، نه سومري ڪئي. جيئن ته سما ۽ سومرا سنڌ جا حڪمران رهيا آهن. حڪمرانيءَ جي زور تي، راڄ مٿان ڏاڍُ ۽ ظلم پڻ ڪيائون، پر ايترا قيس ۽ ڪلور نه ڪيائون، جھڙا اڄ جي دور ۾ نظر اچن ٿا. سمن تي زوال آيو ته ذات مَٽي زندگي گهارڻ لڳا. اڄ کوڙ ذاتيون، سمي ۾ لڪن ٿيون.
۲- چنون، ڪڇ ملڪ جو حڪمران رهيو آھي. ان ذات وارا وڏي ڏهڪاءَ ۽ حشمت وارا حڪمران رهيا آهن. زوال آيو ته سانگ پائي ٻين ذاتين ۾ لڪيا. هاڻي کوڙ ذاتيون، چنون ۾ لڪن ٿيون.
۳- جيسلمير جي علائقي تي ڀاٽي يا ڀٽي قوم ڇانيل ۽ حڪمران رهي آهي. ٻين هنڌن تي به اتان ٽڙيا پکڙيا. گهڻائيءَ سبب، ايترا هٺيلا ٿيا جو مٿن ڪهاوت جڙي: ڀاٽيه بہ/ بد ذات، در هندوان. (ڀاٽي ذات، ھندن منجھ ڀلي/ بڇڙي آھي.)
۴- چغدو پڻ قوم آهي پر انهن جي پيڙهي ايتري نه وڌي. حڪمرانيءَ ڏانھن ڌيان گهٽ وين. تنھنڪري سندن ناموري ڪنهن علائقي جي حساب سان نه ٿي. ڪن ته سندن لاءِ لکيو آهي؛ چوٿون چغدو، جنهن جو پلنگ مٿي پير. يعني اهي فقط پلنگن تي سمهي، ننڊون ڪري وقت وڃائين.
مطلب: ۱ - سنڌ سمو، ڪڇ چنو، ڀاٽي جيسلمير، چوٿون چغدو، جنهن جو پلنگ مٿي پير.
۲ - سنڌ جا حاڪم سما، ڪڇ اندر چنا ۽ جيسلمير جا ڀاٽي آهن. باقي چغدو، ٽنهي هنڌ ناهي.

66. سرياند هجين ته ڳئون ڌار. (ڪڇ، چوڻي)
ڳائي مال ۾ گڻ گهڻا ٿيندا آهن. گهٽ کاڌي تي منجهانئس اپت جھجهيرڙي ٿيندي آهي. سال تي ڦر ڦروٽا به پيا ملندا. گابا ڄاوا ته به ڏاند ٿي پاڻ ملهائيندا. هر ۽ نار، گاهه ۽ گاڏيءَ ۾ وهي واھر ڪندا. شاديءَ غميءَ ۾، ڀت رڌڻ منجهه به پيا ڪم ايندا. ڳائو گوشت ته ڇا چئجي؟ جيڪڏهن گابيون ڄايون، ته به بخت وريو. لڳندي ۽ ويامندي ته منجهانئس ڌڻ ٿيندا. کير مکڻ پنهنجو ٿيندو. ڌاريندڙ، کير مکڻ جي محتاجيءَ کان بچي پوندو. کير مکڻ به اهڙو جو ٻيو کير مکڻ پڄيس ئي نه. ڇيڻا به فائديمند. سڪي کان پوءِ باه ٻارڻ جي ڪم اچن. ڇيڻن جي باهه تي پڪل مانيءَ ۽ ٻوڙ جي لذت ئي پنهنجي آهي. جيڪڏهن ڇيڻا سڪي ڀور ٿيا ته ڀاڻ طور ڪم ايندا. ڳائو ڀاڻ به، ٻنيءَ لاءِ، طاقت وارو آهي.
ان جي برعڪس، رڍ ڪمزور، کير پولڙين گاڏڙ ٿئيس. سال ۾ ٻه دفعا ويٺو ڏاس ڪتري آجو ڪرين. ڏاس جون ٻه پُٺيون لٿيون ته رڍ؛ نه ڏھڻ جي لائق ۽ نه ڪھڻ جي لائق. نه لڳي ۽ نه ويامي. ڪُھ ته گوشت منجھ عجيب بوءِ. نه وري سندس پولڙيون/ ڦولھڙيون باهه لاءِ ڪتب اچن. ڀاڻ طور ڪتب اچن پر ايتري جھجهي تعداد ۾ نه هئڻ سبب، خاطُر ۾ ئي ڪير نه آڻين. گوشت ۽ کير مکڻ به سوادي نه ٿئين. غريب ماڻهو، ڏاس وٽڻ ۽ گذر سفر لاءِ ئي وڃي ڌاري، باقي ٻئي جي حاجت ناهي.
مطلب: ۱ - هوند تي ڳئون ڌارجي، اڻ هوند تي رڍون ئي ڌارجن.
۲ - رڍون ڌارڻ، سرنديءَ واري جو ڪم ناهي.
۳ - ڳئون پالڻ لاءِ گاهه پٺو هجي ۽ کٽر مال کي جهلڻ لاءِ لڱن ۾ طاقت پڻ هئڻ گهرجي. (۲۲) ص ۳۲.

67. سڪلن گڏ، آلا به ٻريو وڃن. (پھاڪو)
باھ جو خاصو آھي؛ سڪيءَ شيءِ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ. آليءَ سان باھ گھٽ وچڙ ڪندي آھي. جڏھن سڪيءَ سان گڏ آلي شيءِ ھوندي ته سڪيءَ کي لڳل باھ جي تَوَ تي اھا به پاڻيٺ سڪائي ويندي ۽ باھ لڳڻ جي قابل ٿي پوندي. آليءَ شيءِ جي، سڪيءَ شيءِ سان صحبت، نقصان جو سبب بنجي پوندي.
مطلب: ۱ - سڪين ڪاٺين سان، سايون به ٻريو وڃن.
۲ - سڪل ڇيڻن سان گڏ، آڊوکا به ٻريو وڃن.
۳ - ڏوهين سان گڏ، بي ڏوهي به تڪليف ۾ اچن.
۴ - ڪميڻن جي صحبت ۾، اشراف به بدنام ٿيو وڃن.
۵ - چڻن سان گڏ گُهڻا به پيسجي وڃن.
۶ - سڪن گڏ ساوا به سڙيو وڃن. (سنڌ)
۷ - سڪن سان گڏ، آلا/ ساوا به سڙن/ سڙيو وڃن.
۸ - سڪن گڏ آلا به سڙن.
۹ - سڪن جي آوهه/ڏوهه ۾، ساوا به سڙيو وڃن.

68. سُڪي تي ڏانگڙو ته مينهن ايندو،
وُٺي تي ڏانگڙو ته مينهن کڻندو. (مهراڻو، چوڻي)
ڏانگ؛ لٺ. ڏانگڙو: انڊلٺ.
وسڪارو؛ ٿر جي تهذيب ۽ تمدن جو روح آهي. ٿر جيئرو آهي ئي وسڪاري تي. وسڪاري ۾ سڪار ۽ سونهن آهي.
وُٺو ته مال به خوش ته مارو ماڻهو به خوش. موسم ٿڌيرڙي ٿي پوي ٿي. ٿر جي واري ٺرڻ کان پوءِ، ساھوارن جو لڱ لڱ ٺري ڳڱ ٿيو پوي. اڃ ۽ اساٽ کي دور ڪرڻ لاءِ، پلر جي پالوٽ آهي. سڀڪو ڳوٺ ۽ ٿاڪ ڏانهن ائين موٽي ٿو، جيئن ٻين ديسن جا ماڻهو عيد ملهائڻ لاءِ عيد جي موقعي تي ڳوٺن ڏانهن ڀاڄ ڪن ٿا. ھڪڙي پٺاڻ کان پڇيائون؛ ”لالا! سنڌ ۾ رھيو پيو آھين، ڪڏھن پنھنجو ڳوٺ ياد ايندو اٿئي؟“ ٿڌو ساھ ڀري چيائين؛ ”جڏھن اسٽيشن تي گاڏي ڪري ٿو ’ڪو ڪو‘ ته لالي جو دل ڪري ٿو ’وطن وطن‘“. وطن جي سڪ ھر ساھدار کي ٿئي ٿي. ڳوٺ جو دڳ ڏسي، ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آھن. جيڪي وڇڙي ويا هيا، سي به وسڪاري وقت ورندا آهن ۽ محبتين جا ميلا ٿيندا آهن.
ٿر وارا، هر سال انهيءَ توڪل تي هوندا آهن ته برسات جھجهي ٿيندي. برسات جا سنئوڻ ۽ ساٺ، نکٽ ۽ اهڃاڻ پيا جاچيندا. اُٻون اٿيون ته مينهن جو آسرو ٿيندو، موگهون نڪرنديون ته مينهن وسندا. موگهون، ڪڪرن مثل اڀيون لامون آهن، جيڪي سج اڀرڻ يا سج لهڻ کان اڳ نڪرنديون آهن.
اهڙيءَ طرح وري جيڪڏهن سُڪي تي انڊلٺ نڪتي ته مينهن اچڻ جو آسرو ٿيندو. جيڪڏهن وُٺي کان پوءِ انڊلٺ ظاهر ٿي ته مينهن بند ٿي ويندو.
مطلب: ۱ - انڊلٺ، مينهن جي اچڻ يا بند ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي. مينهن کان اڳي ظاهر ٿي ته مينهن ايندو، پوءِ ظاهر ٿي ته بند ٿيندو. (۲۲) ص ۱۴۲.

69. سک هوئين تو گهر ڀلا، نيتان ڀلا پرديس. (چوڻي)
هوئين: هجي. نيتان: نه ته، ٻيءَ صورت ۾.
پنهنجي گهر جهڙو سُک، ٻئي هنڌ ڪونهي. ان ۾ جيڪڏهن ڦيٽاڙو پوي يا بک/ بيروزگاري منهن ڪڍي ته اهو به دوزخ جي دڙي ٿي پوي ٿو. هر ڳالهه، ناسور وانگر اندران ئي اندران کائڻ شروع ڪندي آهي.
اهڙيءَ صورت ۾ گهر ڇڏي پرديس جا ڏاکڙا سهڻ چڱا آهن. جڏهن ته ديس ڇڏي پرديس وسائڻ کي ڪنهن به چڱو نه سمجهيو آهي. ڏيهه ۽ ڏيهي ڇڏڻ، ڏکيا ڪم آهن.
ڦيٽاڙي واري گهر ۾ گذارڻ کان، پرديس ۾ وڃي رهڻ کي ترجيح ڏيڻ ۾ ئي حڪمت عملي آهي.
مطلب: ۱ - جهنگ جو تتو گهر ۾ ٺري، گهر جو تتو ڪٿي ٺري.
۲ - پنهنجو گهر، پنهنجي قبر.
۳ - پنهنجو گهر، هنگي ڀر، پرائو گهر، ٿُڪ اڇلي ڏر.
۴ - ٻاهر جي سڄيءَ کان، گهر جو اڌ ڀلو. (۶) ص ۱۱۵.

70. سمان، سپان، ٺران، ٺپان، ٺاڪران، جر، مِگر، جوءِ،
جو اُئان مٿي اعتبار ڪري، او انهان جهڙو هوءِ. (چوڻي)
سمان: سما ذات. سپان: سپ جو جمع، نانگن. ٺران: لوهارَ. ٺپان: سونارا. ٺاڪران: ٺاڪرن. جَرَ: پاڻيءَ، درياه، سمنڊ. مِگر: مانگر مڇ. جوءِ: زال، عورت. ائان: انهن. انهان: انهن، مٿن.
۱ - سما سنڌ جا حاڪم رهيا آهن. ظلم/ ڏاڍ ۾ ضرب المثل هيا. اڄ تائين مثال ڏئي چئبو آهي؛ ”اهڙي نه سمي ڪئي، نه سومري ڪئي“.
۲ - نانگ به ڏنگ هڻڻ کان ڪين مڙندو آهي، پوءِ ڀلي کير تي ڇو نه پالجيس.
۳ - لوهر جو به ڪو اعتبار ناھي. سونارو چالاڪ آھي. ھيءُ ان کان وڌيڪ آھي. سونارو جتي سوين ڌڪ ھڻي، ڪم سڌو ڪري ٿو، اتي ھيءُ ھڪُ ڌڪُ ھڻي ٿو.
۴ - سونارو، بي ايماني نه ڪري، ته ماني ئي هضم نه ٿئيس. ماءُ جي نٿ مان نه مڙڻ وارو سونارو، عورتن جي مڪر کان به وڌيڪ مڪر ڄاڻندڙ آھي. تڏھن ته چيائون؛ ھڪ سؤ نار، ھڪ سونار. (ھڪ سونارو؛ مڪر منجھ سؤ عورتن برابر.)
۵ - ٺاڪر، مذهبي پيشوا جي حيثيت رکندي، عام ماڻهن جي مال ۾ نگهه وجهندو آهي ۽ مفت جي مانيءَ تي پلبو آهي.
۶ - درياءَ جي رخ ۽ عورت جي پُور تي ڪو به اعتبار نه ڪجي. ڪنهن وقت به رخ بدلائي سگهن ٿا. ساڻن احتياط وارو رويو رکڻ گهرجي.
۷ - مانگر مڇ يا واڳونءَ جي ڳوڙهن (Crocodile tears) تي اعتبار ڪبو ته جان وڃائبي. ھونئن به چوندا آھن؛ درياھ ڀر تي ويھي وجھجي نه واڳونءَ سان وير.
۸ - عورت جا ڳوڙھا ته واڳونءَ جي ڳوڙھن کان وڌيڪ موھيندڙ آھن. سندس وارن جون چڳون، گھوڙي کي پيل لغام واري رسي کان وڌيڪ مضبوط آھن. سندس مڪر کي عظيم مڪر ڪوٺيو ويو آھي. تنھن ھوندي به چوندا آھن؛ عورت ڪين ڄاڻي ته به، اُٺ مڪرن جو ڄاڻي. مٿس اعتبار ڪرڻ وارو، ضرور ٻوھي ۾ ڦاسندو.
مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل، اٺن شين تي اعتبار ڪرڻ ۾ نقصان آهي.
۲ - ساڳئي واقعي/ ڳالهه مان، هر ماڻھو مختلف رايو، ڪڍي ٿو. (۱۶)

71. سمجهو ٺاڪر سريويئي، نهچڙلئي ئي ڇانو،
سڌ تري رو پاڳوڙو، سڪلڻي ري ٻانهن. (چوڻي)
سريويئي: سرت ۽ عقل وارو. نهچڙلئي: هميشه واري. سڌ تري: ڀلي گهوڙي. پاڳوڙو: رڪاب ۾ وڌل پير. سڪلڻي: سلڇڻي، سهڻي.
۱ - درٻار ۾ سوڍا ۽ ٺڪر اهي سمجهو ۽ ڀلا سڏبا آهن، جن کي هر معاملي جي سرت ۽ ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ عقل هجي. بي عقل ۽ بددماغ ماڻهوءَ کان ڪو به نبيري جو فيصلو اُڪليو نه ٿيندو. اڪلائڻُ اڪلائڻَ جي ماڳ، ٺھيل معاملو به، وچڙائي گنجرائي ڇڏيندو.
۲ - ڇانءَ به اها سڏجي، جنهن ۾ ويهڻ وارو پوريءَ طرح سمائجي ويهي. اڌوري ڇانءَ يا ننڍڙو پاڇو، ويهڻ واري کي سڪون نه بخشيندو. اڌ ڇانءَ ۽ اڌ اس ۾ ويھڻ واري کي جلد، گرم-سرد يا اڌ-رنگ جو اثر ٿي ويندو آھي. ان ڪري ڀلي ڇانءَ اها آهي، جيڪا پوري ۽ گهڻي وقت لاءِ هجي.
۳ - گهوڙي به اها ڀلي چئبي، جيڪا واڳ جي اشاري يا رڪاب ۾ وڌل پير جي ٺينشڙي سان هلي ۽ مٿس لڪڻ اولارڻ جي ضرورت پيش نه اچي. چهبڪ ۽ لٺ سان ته گڏهه جهڙو نٺر جانور به سڌو ٿي هلندو آهي. ڀلي گهوڙيءَ جو اهو شان ناهي جو سئيس کي لٺين هڻڻ تي مجبور ڪري.
۴ - عورت به اها ڀلي چئبي، جيڪا اندر جي اڇي هجي. ظاهري طور اڇي چمڙي، اوچا لباس ڍڪڻ ۽ سونا زيور پائڻ سان، عورت وقتي سهڻي ته نظر ايندي آهي پر سندس اصلي سونهن، سندس سٺن ۽ سهڻن اخلاقن اندر آهي. جيڪا ٻاهران سهڻي آھي ۽ اندران ڪاري آھي، سا جيئري ئي جهنم آهي.
مطلب: حاڪم سمجهدار، ڇانءَ جٽاءَ دار، گهوڙي تازي ۽ عورت حيادار هئڻ گهرجن. (۲) ص ۲۳۷.

72. سنپت آهي؛ برڪت. (چوڻي)
سنپت: ٻڌي، ايڪتا.
پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ يا ايڪي ۾ رهڻ سان گهڻا ڪم، وڏي سولائيءَ سان نبري وڃن ٿا. جيڪي هوند، وڏن خرچن ڪرڻ سان به حل ٿي نه سگهن. اهڙي قسم جو فائدو، جيڪو بنا خرچن ۽ محنت جي ملي، سو برڪت پوڻ جي مترادف ئي هوندو آهي.
مطلب: ۱ - مِٺ محبت ۾، گهر جا سمورا ڀاتي گڏجي، ڪم جو پورائو ڪندا ته گهر ۾ برڪت پوندي آهي.
۲ - پاڻ ۾ مٺ محبت ۽ ٻڌيءَ سان رهڻ ۾ برڪت پوي ٿي. (۱) ص ۱۷۳.

73. سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (چوڻي)
ڪَڻِ تي: ڪڻڪ تي گذران. ٿڻ تي: کير تي گذران.
۱ - ڪڻ؛ بمشابہ ڪڻڪ جي آھي. سنڌ، بيراجي علائقو آھي ۽ سندس زمينون زراعت جي قابل آھن. منجھانئن ڀانت ڀانت جا فصل حاصل ٿين ٿا. جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن جو گذر سفر، زمين مان ملندڙ ان وغيرھ تي آھي.
۲ - ٿڻ؛ بمشابہ مال جي ٿڻ جي آھي، جنھن مان تازو توانو کير ملي ٿو. ٿر جو علائقو، نه بيراجي آھي ۽ نه وري زمينون سنوت ۾ اٿس جو منجھن زميني پاڻيءَ تي ڪا زراعت ڪري سگھجي. برسات تي پاڻ مرادو گاھ ۽ ڀاڄيون ٿين، جيڪي ڏٿ طور، مال ۽ مارن جي ڪم اچن. مال کائي ته کير جھجھو ٿئي، جنھن تي وري مارو ماڻھو پلجن.
مطلب: ۱ - سنڌ جي ماڻھن لاءِ ان نه ٿيو ته ڏڪر آهي. مال لاءِ گاهه نه ٿيو ته ٿرين لاءِ ڏڪر آهي.

74. سنهون ڌڻ؛ چڀڙن جي ڀري. (پھاڪو)
سنهون ڌڻ: ٻڪرين جو ڌڻ، رڍن جو ڌڻ. چڀڙ: متيرا.
ٻڪري يا رڍ، اڪيلي رهي نه سگهندي آهي. ڌڻ ۾ ئي رهي سگهندي آهي. کين گڏي ڪاهي هلڻ ۽ چارڻ، تمام ڏکيو ڪم آهي. ٻڪريءَ جي عادت آهي؛ هر شيءِ ۾ چڪ هڻڻ. وڻ تي به نرا ڏئي چڙهي ويندي. دل جي ڪمزور پڻ آهي. ٽاهه پين ته ٽڙ-وٽڙ ٿي وينديون. ڌڻ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، کين وري ٿانيڪو ڪرڻ، تمام ڏکيو ڪم آهي.
متيرا، تمام ننڍڙا ڦل آهن. جسامت ۾، چدن وانگر گول ۽ ننڍڙا. هڪ ٻئي سان گڏي، ڀريءَ ۾ ته ٻڌي سگهجين پر هڪ ٻئي مٿان سٿي نه رکي سگهجن. جيڪڏهن ڪنهن ڀٽ يا ٽڪريءَ مٿان، اها ڀري رکيل هجي ۽ اوچتو ڳنڍ کلي/ ڇڙي پوي يا پوتڙو ڦاٽي پوي ته متيرا هڪ هنڌ بيهي نه سگهن. هر رخ ۾ ڦهلجي، ڪڻو ڪڻو ٿي، ڀٽ جي پاسن ۾ پکڙجي ڦهلجي وڃن. جيڪي ڏينهن ڇا ھفتا هڻڻ کان پوءِ به ميڙي نه سگهجن.
ٻڪرين ۽ رڍن جو ڌڻ پڻ ائين آهي. مينهونڳيءَ رات ۾، کنوڻ جي ٽاهه تي يا منجهن ڪنهن بگھڙ/ گدڙ جي پوڻ تي، جهنگ ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي وينديون. پوءِ وت ڏينهن جا ڏينهن ۽ مھينن جا مھينا کين ڳوليندو. منجهانئن ڪي ته ڪتي ٻلي جو به کاج ٿي وينديون آهن.
مطلب: ۱ - سنهيون شيون، سنڀالڻ ۽ سانڍڻ ڏکيون آهن.
۲ - سنهين شين وانگر، ٻڪريون ۽ رڍون سنڀالڻ پڻ ڏکيون آهن.
۳ - سنھين شين جي سھيڙ ئي اصل سھيڙ آھي.
۴ - ڀيٽيو: سنهون ڌڻ؛ ڪتي ٻلي رو کاڄ. (۳) ص ۱۶۵.

75. سنهون ڌڻ؛ ڪتي ٻلي رو کاڄ! (چوڻي)
سنهون ڌڻ: رڍن يا ٻڪرين جو ڌڻ. کاڄ: کاڌو، شڪار، لقمو.
ٿر ۾ سلا اڀرن، اُٺي تي. جڏهن وس ٿئي ته هر ڪو ڌڻ ڌڪي، وڃي دڙن ڀيڙو ڪري. اتي، سنهي مال جي ڌڻين کي، ڏاڍو محتاط رهڻو پوندو آهي. ڇو جو جڏهن برسات ڌاروڙا ڪري، وڏ-ڦُڙي سان وُٺي ته مال ڀٽارو ڀِڄڻ وقت کنوڻ جي تجلي ۽ گوڙ جي ڪڙڪاٽ جي ڀَوَ تتان، ڌڻ کان ڇڄي ويو ته کيس ڳولڻ، ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. وڏو ڍور/ وهٽ، ٻئي ڪنهن ڌڻ سان مليو يا ڪنهن کي هٿ آيو ته، نشانن/ پتن پارن تي موٽائي ڏئي ويندو. جڏهن ته رڍ ٻڪري، موٽندي مشڪل.
هڪ ته سنهون مال آهي، چڀڙن جي ڀريءَ وانگر، ڇٽي کان پوءِ داڻو داڻو ٿي ويندو. ٻيو ته مينهونڳي رات ۾، رليل مال کي ڳولڻ مشڪل آھي. نظر کان ٿڙيو ته اڀريي جو سندن اوکاڄ به نظر نه ايندو. نه پير ملندو ۽ نه ڏس پنڌ ملندو. جنهن کي هٿ آيو، تنهن وٽان موٽائڻ مشڪل ٿي ويندو. گدڙ/ بگهڙ کي هٿ آيو ته ڇٽو.
مطلب: ۱ - سنهو مال ريت-ڦيت ٿيڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري.
۲ - ڀيٽيو: سنهون ڌڻ؛ چڀڙن جي ڀري. (۳) ص ۱۶۵.

76. سواس اچي نه اچي، ڪو ڀروسو نه آهي. (چوڻي)
سواس: ساهه
هر ساهدار، ساهه کڻي به ٿو ته ٻاھر ڪڍي به ٿو. ساهه جي اچڻ وڃڻ وارو پل، زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورڙو وقت آهي. زندگي ڀلي ڪيتري به وڏي هجي پر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ان جي ڪنھن کي به خبر ناهي. جيڪو ساهه اندر کنيو آهي، سو ٻاهر نڪرندو يا ايتري مھلت به نه ملندي. يا جيڪو ساهه ٻاهر ڪڍيو آهي، سو موٽندو به يا اڳ ئي روح پرواز ڪري ويندو؟ ڪنھن به ڳالهه جو اعتبار يا ڀروسو ناهي.
زندگي ئي بي بقا آهي ته ان جو پل يا دم، ڪھڙو دائمي ھوندو؟ تنھنڪري جيڪو به دم، ماڻهو جيئرو هجي، سو سجايو ڪري. دنياداريءَ جي لحاظ کان به ته دينداريءَ جي لحاظ کان به. غافل رهڻ سان، ٻئي جھان وڃائڻا آهن. غفلت جي سوڙ لاهي، پري ڪجي ۽ هوشناڪيءَ جي روشنيءَ سان، دنيا جي سج کي نئين دم نئون ڏسڻ گهرجي.
مطلب: ۱ - وقت وڃائڻ کان سواءِ، فوري عمل ڪرڻ گهرجي.
۲ - وقت وڃائڻ کان سواءِ، عملي زندگيءَ ۾ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.
۳ - زندگيءَ تي ڀروسو ڪونهي. جيڪا ملي آهي، سا محنت سان، سڦلي ڪجي ته بھتر.

77. سوڍن مڙن سَوَ، ته به مَٽُ نه ڀانئج مينڌري. (پهاڪو)
سوڍا، راڄپوت آهن، جيڪي بهادر ۽ دلير رهيا آهن. ڏکين علائقن ۾ رهڻ سبب، منجهن قوت مدافعت جهجهيري رهي آهي. جنهن سبب ويڙهاڪ، جنگجو ۽ مهم جُو پڻ رهيا آهن. جڏهن ته راڻو مينڌرو، مومل کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، تنھنڪري سندس هاڪ هنڌين ماڳين هُلي وئي. هڪ ته خوبرو هيو، ٻيو دلير ۽ ٽيون ڏاهپ ۽ دانائيءَ جا منجهس اکر پڻ هيا جو سڀ طلسماتي منظر ٽوڙي، وڃي مومل ماڻيائين.
راڻي جون ٻه اهي واڌاريون خوبيون؛ خوبرو ۽ داناءُ هئڻ، کيس سوين سوڍن جي وچ ۾ امتيازي حيثيت جو مالڪ بڻائين ٿيون. ان کان علاوه سندس غيرت وارو اکر، جو مومل جي بستري تي سندس ڀيڻ سومل کي ستل ڏٺائين ته ويجهو نه ويو ۽ فقط لڪڻ نشانيءَ طور رکي ويو. سندس اهي خوبيون، فقط مومل تي اثرانداز نه ٿيون، بلڪ تاريخ اندر کيس لازوال مقبوليت ڏيڻ جون حامل پڻ رهيون.
مطلب: ۱ - بھادر، دنيا ۾ گهڻا. جنھن ۾ واڌاريون خوبيون هجن، سو وڌيڪ ڀلو.
۲ - حسن يوسف، دم عيسى، يد بيضاداري،
آن چہ خوبان همہ دارند، تو تنها داري.
۳ - زليخا کي طعنا تشنا ڏيڻ وارين عورتن، جڏهن پنھنجي اکين سان يوسفؑ کي ڏٺو ته پنھنجي هٿن جون آڱريون ڪپي ڇڏيائون. هزارين يوسفؑ مڙن، ته به مدنيءَ ﷺجو مَٽُ نه ٿين.

78. سوڍيڪو سؤ؛ ست بيسان، ڏِسي هجاري لک. (پهاڪو)
سوڍيڪو: سوڍن جو. بيسان: ويهون. ست بيسان: ست ويھون، سؤ چاليھ.
ڏِسي: ڏهين. هجاري: هزارين. ڏِسي ھجارين: ڏھين ھزارين.
هڪڙي چالاڪ سوڍي، هڪڙي واڻيي کان سؤ رپين جي خريداري ڪرڻ پڄاڻان، کيس ست ويهون يعني سؤ چاليهه رپيا ڏنا.
”هيءُ ته ست ويهون آهن!“ واڻيي چيس.
”ها اهي ست ويهون آهن.“ سوڍي کيس ورندي ڏني؛ ”اسان وٽ ستن ويهن جو سؤ ٿيندو آهي“.
واڻيو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پئسا وٺي ٽجوڙيءَ ۾ رکيائين.
ٻئي سال ساڳئي واڻيي کي، اوڌر جي اوڳڙ ۾ ڪافي چوپايو مال مليو. واڻيو ماڻهو، مال ڪيڏانهن ڪري؟ يڪدم مال مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ، نيڪال ڪرڻ جي ووڙ ڏنائين. ساڳئي ٺڪر، سوٿي ڏئي، کانئس سمورو مال، لک روپئي ۾ چُڪايو.
جڏهن پئسا ڏئي مال ڪاهڻ جو وقت آيو ته ٺڪر، واڻيي کي فقط ڏهه هزار ڏنا.
”هيءُ ته ڏهه هزار آهن.“ واڻيي ٺڪر کي چيو؛ ”باقي نوي هزار؟“
”اسان وٽ ته لک ۾ پوندا ئي ڏهه هزار آهن“. ٺڪر چيس؛ ”سؤ هزار ته نه پوندا اٿس.“
چڱن مڙسن وٽ فيصلو هليو. انھن، ٺڪر جي حق ۾ فيصلو ڏنو. واڻيي کي لک جي بدران، ڏهه هزار مليا.
مطلب: ۱ - ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن.
۲ - ڏاڍي مڙس وٽ، پنهنجا قانون آهن.
۳ - جھڙيون پنج ويھان، تھڙو سؤ. (ٿر) (۶) ص ۱۱۷.

79. سورج اُگو، سنسار ڏيکسي. (پهاڪو)
سورج: سج. اُگو: اڀريو. سنسار: جهان، دنيا. ڏيکسي: ڏسندو.
ڌرتيءَ جي گولي تي، گرمي ۽ سردي يا موسمي ڦير-گهير سج جي لهڻ اڀرڻ ڏانھن منسوب آهن.
هڪ ته سج تمام وڏو، چٽو ۽ روشن گره آهي، ٻيو ته ان مان هر هڪ جيو کي فائدو رسي ٿو. ايڏي وڏي شيءِ، جڏهن اڀرندي ته هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، پاڻ مرادو خبر پئجي ويندي. ان لاءِ ڪنهن اعلان، اشتھار يا پڙهو ڏيڻ جي ضرورت ڪا نه پوندي.
سخي مڙس، ڀريل مٽَ ۽ ٿڌا گهڙا پڻ، پنهنجي تعريف پاڻ ڪرائيندا آهن. گهرجائو، کين ڳولهي اچي لهندا آهن. انهن کي پنهنجي وجود جي ھئڻ بابت، ڪا به تشھير ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي آهي.
مطلب: ۱ - سج اڀريو ته جهان ڏسندو.
۲ - هٿ ڪنگڻ کي، آرسي ڪهڙي ڏيکارجي.
۳ - سج جو دليل آهي، سج.
۴ - سج، کاريءَ هيٺان ڪين لڪندو.
۵ - اٺ جي چوري، پکي ۾ ڪين لڪندي. (۶) ص ۱۱۶.

80. سوريو ٿي بايو، ٻڙڌ ڇوڙهيو نٿي آيو. (چوڻي)
سوريو: اوڀر جي هوا. بايو: وايو، وُٺو، لڳو، وسيو. ٻڙڌ: ڍڳو. ڇوڙھيو؛ ڇوڙڻ.
اتر يا اوڀر کان هوا لڳي ته، ٿاريلن کي برسات پوڻ جي اميد ٿي بيهندي. جنهن سببان، هڪڙي ٻنيريءَ ۽ سندس زال جي وچ ۾ اهڙي گفتگو ٿي، جنهن ۾ اوڀر جي واءَ بابت ذڪر آيل آهي.
اوڀر جي واءَ گهلڻ سان برسات ايڏي جلد ايندي جو ٻنيءَ ۾ هر ڏيڻ لاءِ ڏاند ڪاهي وڃڻ جيتري به مهلت/ ويساند ڪا نه ملندي.
مطلب: ۱ - اوڀر جو واءُ گهلي ته ڏاند ڇوڙڻ جي به فرصت نه ملي. (۳) ص ۱۶۴.

81. سوڙ سارو، پير ڊيگهاڙجن. (پھاڪو)
سياري جو، آڌي رات ڌاري، سيءُ جھجھو پوندو آھي. جنھن ڪري سوير ساجھرو ئي پاڻ کي ڪنھن اوڇڻ، خاص طور سوڙ اندر لڪائڻو پوندو آھي. جيڪڏھن ڪو عضوو سوڙ کان ٻاھر رھجي ويو ته مٿس فالج جو حملو يا سڄي جسم تي بخار ٿيڻ جو انديشو ٿي سگھي ٿو. تنھنڪري جيتري به سوڙ ھجي، ڪوشش ڪري، پاڻ کي ڪُرينڊڙو سُرينڊڙو ڪري به، منجھس ماپائجي ته جيئن موسمي اثرات کان پاڻُ بچائي سگھجي. سڪي سيءَ سان گڏ، اڌ رات ڌاري، پارو پڻ پوندو آھي. ان وقت ماڻھو، گھري ننڊ ۾ ھوندو آھي. اگر ان وقت سوڙ جو پلاند لھي ويو ته اڃا به خطرو وڌي ويندو آھي. اھڙي سمي به سرت سان، پاڻ کي سوڙھو سنگھوڙو ڪري سوڙ اندر ئي رکجي ته ڀلو آھي.
مطلب: ۱ - سوڙ آهر، پير ڊگهيڙجن. (سنڌ)
۲ - سوڙ آهر، پير ڊيگهاڙجن/ ڊگهيڙجي. (لاڙ)
۳ - پنھنجي هنڌ آهر، پير ڊگهيڙجن. (مرهٽي)
۴ - رليءَ آهر، پير ڊگهيڙجي. (لاڙ)
۵ - اپت سارو، خرچ ڪجي.
۶ - پڄنديءَ آهر، نماءُ ڪجي.
۷ - وِتَ سارو، کائجي.
۸ - طاقت آهر، پھلواني ڏيکارجي.

82. سوموار، شڪر، وسپت جي جرڪنڊو هوءِ،
ٽي پهري ٽي ڏهاڙي جو ريلتو جوءِ. (چوڻي)
سوموار: سومر. شڪر: جمعو. وسپت: خميس
ٿاريلڙا، مينھن جي مند منجھ، سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ کي به گهڻو جاچين. جاچڻ بعد، هڪٻئي کي دلداريون ۽ آسرا ڏين.
چوندا؛ ”اڄ پٽاڙ جي اڀريو آهي. متان دل لاهيو!“
يا چوندا؛ ”اڄ موگهون اٿس! مينهن جي مبارڪ هجي!“
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سومر، جمعي ۽ خميس جي ڏينهن تي سج کي پڙ ڏٺائون ته پير ڀري پاڙيسرين کي مينهن جون واڌايون وڃي ڏيندا.
چوندا؛ ”مولا مهر جا مينهن وسائيندو! بر ۾ بهاريون ٿينديون!“
اهڙيءَ طرح جي جهرڪين گهر ڇڏيا ته دل لهي ويندن. هر هڪ کي آٿت ڏيڻ لاءِ پيا چوندا؛ ”الا ڪا پت جي گذاري!..... ڇو جو جهرڪيون گهر ڇڏي ويون آهن.“
مطلب: ۱ - سومر، جمعي ۽ خميس جي ڏينهن، سج جي چوڌاري پڙيءَ جو ٺهڻ به مينهن اچڻ لاءِ خوش آئند ثابت ٿيندو. (۲) ص ۱۶۵.

83. سونارو رو سو ڌڪ؛ لوهارو رو هيڪ ڌڪ. (پھاڪو)
سوناري جي آڏو، سون جي تمام ننڍڙي ذرڙي هوندي آهي، جنهن مان کيس زيور جوڙڻا هوندا آهن. ان کي پنهنجي مراد واري شڪل ڏيڻ لاءِ، هٿيار به ننڍڙا هوندا اٿس. جن سان تمام سنهڙا ۽ ننڍڙا ڌڪ هڻي، زيور جوڙيندو آهي. وڏو ڌڪ لڳڻ سان، سون جو قيمتي ذرڙو، گم ٿيڻ جو انديشو پڻ آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ لوهر جي آڏو، لوھ جو وڏو ۽ سخت ٽڪر هوندو آهي، جنهن مان کيس هٿيار وغيره جوڙڻو هوندو آهي. پهرين لوھ کي ڌنوڻيءَ تي گرم ڪري، پوءِ سنداڻ تي رکي، وڏاڻ جا ٻه چار وڏا ۽ زبرا ڌڪ هڻندو آهي جو ٿڌي ٿيڻ کان اڳ ان لوه مان، مطلب وارو هٿيار ٺهي سگهي. هلڪن ڌڪن سان لوھ کي نه موڙي سگهبو ۽ نه ئي من گهري شيءِ وقتائتي جوڙي سگهبي. بلڪ محنت ئي اجائي هلي ويندي.
مطلب: ۱ - سوناري جو سؤ ڌڪ، لوهر جو هڪ ڌڪ.
۲ - سؤ ڌڪ سونار جو، هڪ ڌڪ لوهار جو.

84. سون جي رتيءَ کان، رت جي رتي وڌيڪ. (چوڻي)
ٿر جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ته مال ڌارين، پر شهري ماڻهن جي به مال کان سواءِ نه سَري. اهو ڪو گهر ورلي هوندو، جنهن وٽ گانيون يا ٻڪريون نه هجن. هوند سارُو ڪن وٽ گهڻيون، ڪن وٽ ٿوريون، پر هونديون ضرور. ڍڳي نه هوندي ته مَن ٻڪري هجي. اهڙو ڪو گهر ڪو نه هوندو، جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي. شهري ماڻهو، ڍڳيون جيستائين مڙنديون، تيستائين پاڻ وٽ رکندا، وِهڪجڻ بعد، ٻهراريءَ جي مالدارن وٽ، جي مُهاڙيا هوندا آهن يا ساڻن ڏيتي ليتي ھوندي آھي يا سنگت ساٿ جو ننگ ھوندو آھي، چارائيءَ تي ڇڏيندا آهن. ٻهراريءَ جي ماڻهن جي ته ملڪيت آهي ئي اهو چوپايو مال. تنهن کي سون جي رتيءَ کان وڌيڪ سمجھن.
مطلب: ۱ - ٿرين وٽ، سون کان وڌيڪ، مال ڪارائتو آھي. (۱۲)

85. سَوَڻَ سڄڻ، من ويري. (چوڻي)
سَوَڻ: ساٺ سنؤڻ، فال. من: دل.
هڪڙا ڀرمي ماڻهو، جڏهن ڪنھن مھم تي نڪرندا آهن ته ان لاءِ دليون هڻندا آهن: آيا ان ڪم لاءِ نڪرجي يا نه. جڏهن اهڙي ڪيفيت ٿيندي اٿن ته پوءِ سَوَڻ ڪندا آهن. جيڪڏهن سوڻ سڻائو نڪتو ته مهم تي نڪرندا. اگر اڻائو نڪتو ته نه نڪرندا. اهڙن ماڻهن لاءِ، دل ۾ آيل خيال، سَوَڻ جي ڀيٽ ۾ ڪا اهميت نه ٿو رکي. اهي هٿائين سوڻ کي دوست ۽ سڄڻ سمجهي، ان جي تحت عمل پيرا پيا ٿيندا. دل جي ڳالهه کي، ويري ۽ دشمن سمجهي، مٿس عمل ڪرڻ کان لهرائي ويندا ۽ دليل اهو ئي ڏيندا. (۳۵) ص ۲۴۰
مطلب: ۱ - وهمي ماڻهوءَ لاءِ وهم، دشمن وانگر ته سوڻ، سڄڻ جھڙو.
۲ - من، ڪم ڪرڻ لاءِ گهرندو آهي پر جڏهن ڪم نه ٿيڻو هوندو آهي ته سوڻ به بد ٿي پوندو آهي.

86. سوڻ نه مڃڻ، به اپ سوڻ آھي. (چوڻي)
اپ سوڻ؛ خراب سوڻ.
سونسائي ماڻھو، سوڻ ۾ يقين رکندا آھن. ڪو به ڪم ڪندا ته ان ۾ سوڻ جاچي پوءِ ڪندا. اگر سوڻ خراب ٿين ته اھو ڪم نه ڪندا. وڏڙن جي ٺاهيل ھر سوڻ يا اڳڪٿيءَ ۾ ويساهه رکندا آهن. ڏڪار يا سڪار بابت جاچ وٺڻ، نئون ڪم شروع ڪرڻ، شادي غمي يا پڌري مڱڻو ڪرڻ، اڻ آزمايل شيءِ خريدڻ، سفر تي سنبرڻ، مڙني ۾ سوڻ رکندا آهن. اگر سوڻ، ان عمل جي ڪاميابيءَ يا نفعي جي شاهدي ڏني ته، اهو ڪم ڪندا، ٻي صورت ۾ نه ڪندا.
مثال طور؛ گھران نڪرڻ وقت اگر، پويان ڪنھن سڏ ڪين ته ان کي خراب سوڻ سمجھي، ان ڪم ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيندا. اگر اھو ڪم ڪيائون ۽ ڪو نقصان ٿيس ته ويتر من ۾ آنڌ مانڌ ٿيندس. (۳۵) ص ۲۱۸
مطلب؛ ۱ - سونسائي، سونسي يا وھم سبب، ويندو آھي گچڻ ۾ گچندو.

87. سؤڪ تو مٽي ري اي ڀونڏي. (چوڻي)
سؤڪ: سوڪن، پهاڄ، ساهيڙي، مڙس ۾ شريڪ، مڙس جي ٻي زال.
مٽي ري: مٽيءُ جي. ڀونڏي: ڀونڊي، بڇڙي، خراب.
مرد کي، هڪ ئي وقت، هڪ کان وڌيڪ، چئن جي اندر، شادين ڪرڻ جي اجازت آهي. عورت کي، هڪ ئي وقت، هڪ مرد سان شادي ڪرڻ جي اجازت آهي. طبعي طور تي، جڏهن عورت کي اهڙي آزادي ناهي ته، مرد لاءِ به اها نه چاهيندي آهي ته اهو به اهڙي آزادي ماڻي. سندس زندگيءَ ۾ آيل ٻي عورت، کانئس برداشت نه ٿي سگهندي آهي. ان کي غاصب ۽ حق تي ڌاڙو هڻندڙ ئي تصور ڪندي آهي.
عورت، مرد جي غربت ته برداشت ڪري سگهي ٿي پر پنهنجي محبت ۽ حق ۾ شراڪت برداشت ڪرڻ کيس ڏکي لڳندي آهي. جيڪڏهن مرد کي، ٻيءَ ڪنهن عورت سان نه پر مٽيءَ جي گڏيءَ سان کيڏندو ڏسندي آهي، اهو به کانئس برداشت نه ٿيندو آهي. مرد ويهاڻي کي ڀاڪر پائي سمهي، اهو به کانئس برداشت نه ٿيندو آهي.
مطلب: ۱ - عورت، مڙس کي پنهنجي ملڪيت سمجهندي آهي ۽ منجهس ڪا به شراڪت برداشت نه ڪندي آهي.
۲ - پهاڄ، مٽيءَ جي به بڇڙي/ خراب.
۳ - جر نئيس، جيڏي نه نئيس.
۴ - پهاڄ جو بر ڏي منهن/ پرتي منهن.
۵ - پھاڄ، مکڻ جي به چڱي نه. (سرو) (۶) ص ۱۱۶.

88. ”سيا مانس کائينس؟!“ چي؛ ”آپ رو بچي تو کاسو“. (پهاڪو)
سيا: سها. مانس: ماس، ٻوٽي. رو: جو. کاسو: خاصو، خاشو، شڪر ڪجي.
هڪڙي گدڙ، سهي سان ياري رکي. هڪ ڏينهن پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي ڪندي ۽ ڳالهائين ئي ڳالهائين ۾، جُوءِ کان اڳڀرو نڪري ويا.
جڏهن گدڙ جي ڏنل ڏٽن ۽ لارن لپن تي، سهو جهنگ ۾ پهتو ته دل ڌڙڪڻ لڳس ۽ ڊپ ٿيڻ لڳس. سندس اها حالت ڏسي، گدڙ آٿت ڏيندي ۽ خيال مٽائڻ خاطر پڇيس؛ ”سيا مانس کائنيس؟“
”آپ رو بچي ته کاسو!“ سهي ڏڪندي ۽ سوال جي تَھَ تائين پهچندي وراڻيس؛ ”پنهنجو بچي ته به شڪر ڪيان“.
مطلب: ۱ - جان بچي ته لاکون ڪمايا.
۲ - ڇيلي کي ساه جي، ڪاسائيءَ کي ماه جي.
۳ - مروان موت، ملوڪان شڪار. (۶) ص ۸۲.
89. سيدن کان سڃ ڀلي، کاري پاڻيءَ کان اڃ ڀلي.
(ڍٽ، چوڻي)
۱ - ذاتيون ۽ ڪڙم قبيلا، رب پاڪ، پنھنجي مشيت ايزديءَ سان جوڙيا آهن ته جيئن هر هڪ ماڻهوءَ جي پنھنجي شناخت ۽ سڃاڻپ اجاگر ٿئي. وٽس امتيازي مقام، ڪنھن ذات يا قبيلي جو نه، بلڪ پرهيزگاريءَ جو آهي، نبين ۽ صحابين، ولين ۽ قطبن، اها ئي پئي پرچار ڪئي آهي.
ذات تي اونچ نيچ، رب طرفان نه بلڪ انسان طرفان، مقرر ڪئي وئي آهي. شروعاتي دور ۾، برهمڻ اوچي ذات هيو. کتري ۽ وئش، وچٿري ته شودر وري اڇوت ۽ نيچ سمجهيا ويا. اسلام انهيءَ امتيازي رواداريءَ کي ڪٽي، ڦٽو ڪيو.
جيئن ته هتان جي ماڻهن جي جبلت ۾ اونچ نيچ واري ڳالهه سرايت ڪري چڪي هئي، تنھن ڪري اها ڳالهه مسلمانن منجهه به هلي آئي. نبي اڪرم ﷺ جن کي سيد جو لقب مليو. جنھن سببان، سندن پشت وارن به سيد سڏايو. سيد؛ ڏسڻ ۾ سھڻو ۽ ورتاءَ ۾ سخي هوندو. سندس فيض عام هوندو. پيٽ گذاري لاءِ محنت مشقت هر ڪنھن جو حق آهي پر سيد جو اهو مقام نه سمجهيو ويو. کيس مانُ ڏئي، مٿانهون ڪيو ويو. بجاءِ جو سيد هڪ ڳوٺ ٻڌي ويهن، تبرڪًا هڪ اڌ گهر، هر ڳوٺ واري، پٽُ/ پلاٽُ ڏئي، پنھنجي ڳوٺ ۾ آباد ڪرايو. ضروري ناهي ته دنيا ڏسڻ کان پوءِ، مڙئي سيد پرهيزگار رهن. انھن مان ڪن پنھنجو تسلط وڌايو ۽ ڳوٺ جي چڱمڙسيءَ کان ويندي حڪومت وغيره ۾ اثر رسان رهيا. جن جي ڪري ڪن ماڻهن جي حق تلفي ٿي. جنھن سببان، اُهي کانئن ريس ۽ ساڙ ڪرڻ لڳا ۽ ڪي چوڻيون کانئن ٽھندي وجود ۾ اچي ويون.
۲ - پاڻيءَ ۾ حياتي آهي. صحت بخش پاڻي اهو آهي، جيڪو هاضميدار هجي. کارو يا ٻاڙو پاڻي، پيئڻ سان هاضمو ته نه ٿيندو، الٽو بيماريون آڻيندو. ان کان بھتر آهي ته ماڻهو اڃ ڪٽي، اهو پاڻي نه پيئي.
مطلب: ۱ - سيد سڃو، ملڪ تي ڏُڃو.
۲ - سيد سائو، ملڪ کي ڦاهو.
۳ - سيد ۽ سپاهي، رکي يا الاهي.
۴ - سنڌي پڙهي ته ٿئي گُڏي، ٻروچ پڙهي ته ڏئي هُڏي، سيد پڙهي ته ملڪ جي ئي ٻيڙي ٻُڏي.
90. سي نِه ٻهي، جِتو ڪرسو اُتو ٿيسي. (چوڻي)
سي: سيءُ. نِه: ۽. ٻهي: ڊپ، ڀؤ. جِتو: جيترو. ڪرسو: ڪيو، ڪندؤ. اُتو: اوترو. ٿيسي: ٿيندو.
سياري جو سيءُ، ان کي وڌيڪ لڳندو آهي، جيڪو جسماني طرح ڪمزور هجي يا ذهني طرح مٿس سيءَ جو ڀؤ ويٺل هجي. ڪن ڪن شين جو، ڪنھن ڪنهن ماڻهوءَ تي، ڀؤ به ويهجي ويندو آهي. انهيءَ ڀَوَ (phobia) سبب، اهو انهيءَ شيءِ جي نالي کان به ونءُ پيو ويندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته ان شيءِ جي نالي ٻڌڻ سان، ماڻهوءَ کي اھڙي ڪنبڻي وٺندي آھي جو ان ڪنبڻيءَ ۾ به ڪيترن جو ساه ئي نڪري ويندو آهي. اها سموري، اندر جي ڪيفيت آهي. سيءُ ۽ ڊپ به، اندر جي ڪيفيت سان گهڻا اثر پذير ٿين ٿا.
مطلب: ۱ - سيءُ ۽ ڊپ، جيترو ڪبو، اوترو ٿيندو.
۲ - سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
۳ - کير جو سڙيو، ڇاڇ کي ڦوڪون ڏيئي پيئي.
۴ - ڪُتيءَ کي لڳيون اُماڙيون، تارا ڏسي ڪيائين رُوڙيون. (۶) ص ۱۱۵.

91. سينسي؛ آتم ونستي. (سنسڪرت، چوڻي)
سينسو: ڀرم. آتم: خود، پاڻ. ونستي: مارڻ.
سونسائي طبيعت وارا ماڻهو، وهمي/ ڀرمي ٿيندا آهن. هر ننڍيءَ وڏيءَ شيءِ ۾ غلط گمان يا وهم رکندا آهن. اڪثر گمان/ وهم، گناه هئڻ سان گڏ، نقصانڪار پڻ هوندا آهن. وهمي ماڻهو، هر شيءِ کان ايترو ڊڄندو آهي، جو آخر ۾ کيس ڪا به شيءِ ڪارآمد ڪا نه نظر ايندي آهي. پاڻ کي، اهڙين شين کان بچائيندي بچائيندي، تمام ٿورين شين ۽ جاين تي محدود ڪري ڇڏيندو آهي. ايستائين جو سندس جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي. حتاڪ پنھنجي پاڇي کان به پيو ڪنبندو آھي.
خودڪشي ڪرڻ وارو پڻ ائين آهي. خودڪشي ڪرڻ کان پوءِ، کيس توبه ڪرڻ لاءِ مھلت يا موقعو به ميسر نه ايندو آهي. ٿورڙيءَ غلطيءَ سببان، ساريءَ عمر جي ڪيل ڪمائي وڃائي ويهندو آهي.
مطلب: ۱ - وهم/ ڀرم ڪرڻ، خودڪشي ڪرڻ جي مترادف آهن.
۲ - سونسائي، مئو ڀلو.
۳ - ڀرمن جا ڀليل، ڀواڀو (مئل) ڀلا. (۴)
92. سينهندو سامي، سينٺ برابر. (پھاڪو)
سامي: سوامي. سينٺ: آڱوٺو.
ڪنهن ماڻهوءَ جي بزرگيءَ ۽ حشمت جو اثر، ٻين تي تيستائين رهندو آهي، جيستائين سندس عيب ۽ ڪمزوريون ٻين مٿان عيان نه ٿيا آهن. ماڻهن هڪ بزرگ کي بزرگيءَ واري حالت ۾ ڏٺو، يا هڪ آفيسر کي آفيس جي ڪاروبار اندر ڏٺو يا اداڪار کي ڪنهن فلم جي ڪردار ۾ ئي ڏٺو آهي ته سندن دماغ ۾ ان جي شخصيت جي ان ئي پهلوءَ جو اثر پهتو آهي. اهي سندس انهيءَ پهلوتي ڪردار کي ئي، سندس سموري سيرت ڄاڻي دل ۾ اثر وٺن ٿا. سندس اوتري عزت ۽ تعظيم ڪن ٿا. جڏهن ويجهڙو رهڻ سبب، ان بزرگ يا آفيسر، سياستڪار يا اداڪار جا انساني عيب صواب ۽ ڪمزوريون، سندس پوئلڳن يا مداحن آڏو اچن ٿا ته سندس شخصيت وارو سحر، انهن جي ذهنن مان محو ٿيڻ لڳي ٿو. پوءِ اهي چاهيندڙ، پنهنجي محبوب ليڊر يا هيرو، پير يا مرشد کي عام ماڻهن وانگر سمجهڻ لڳن ٿا ۽ آهستي آهستي ساڻس ورتاءُ پڻ اهو ڪرڻ لڳن ٿا، جيڪو ٻين عام ماڻهن سان ڪن ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو، ڳوٺ يا گهر جو بزرگ، پنهنجي ڳوٺ يا گهر ۾ اوترو اثر-گير نه ٿو ٿئي، جيترو ڏورانهن علائقن جي ماڻهن مٿان ٿئي ٿو.
مطلب: ۱ - ويجهو رهڻ/ سستو ٿيڻ، هر شيءِ جو قدر گهٽائي ٿو.
۲ - گهر جو پير، چلھ جو مارنگ.
۳ - ڳوٺ جي وڏيري تي، هاريءَ جي اک به نه ٻڏندي آهي.
۴ - ڏيهي بلبل به ڪر جهرڪڙي، پرڏيهي ڪٻر به ڄڻ مينا. (۱)