لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
Title Cover of book ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون

ک

ک

182. کاٿ پڙئي تو کيت، نهين تو ڪوڙو ريت.
(راجسٿان، چوڻي)
کاٿ: کاڌ، ڀاڻ. پڙئي: پوي. کيت: پوک، فصل. ڪوڙو: ڪورو. ريت: ريتي، واري.
فصل، ان زمين ۾ ڀلو ڄاپندو آهي، جنهن تي هارين نارين، محنت ڪري ڪمايو هجي. اڻ-ڪمايل ٻنيءَ ۾، سٺو فصل نه ڄاپندو آهي. ٻئي نمبر تي، سلي کي اسرڻ لاءِ پاڻي درڪار آهي. جنهن ٻنيءَ ۾ پاڻي، سا مڙني ٻنين ۾ راڻي. بنا پاڻيءَ واري زمين به ڄڻ، سنڍ ۽ صحرا، رڻ ۽ روھ آهي. ٽئين نمبر تي، ٻج کي اسرڻ لاءِ نج هئڻ سان گڏ، ڀاڻ جي چِٽَ هئڻ لازمي آهي. ڀاڻ تي سلو اڃا زور ڏئي، هنڌان هنڌان طاقت ڪري، اڀرندو ۽ واڌ ويجهه ڪندو.
مطلب: ۱ - سٺو ڀاڻ، سٺو فصل.
۲ - ڀاڻ کانسواءِ، فصل مارجي وڃي ٿو.
۳ - ڀاڻ ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي.
۴ - ڀاڻ، سدا جواڻ. (۱) ص ۳۴۵.

183. کائڙ کاڻي، جڪي ۾ ڌان نِڪو پاڻي. (چوڻي)
کائڙ: ڇاڇري تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو. کپري/ هٿونگي کان هلي، امر ڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جو اتر وارو پاسو وٺي وڃي جيسلمير ۽ ٻاڙمير جي وچ تي دنگ ڪري. کاڻي: سڙي. جڪي: جنهن ۾. ڌان: ان.
ڇاڇري شهر کان ٿورو اوڀر ۽ اتر طرف گڍڙي تائين، اولهه طرف تعلقي عمرڪوٽ جي ڪجهه ڀٽن واري علائقي کي کائڙ سڏبو آهي. هتي ڀٽون ننڍيون، ۽ ننڍا ننڍا دڙا هيٺ-مٿانهان ميدان/ مگرا آهن. منجهس ڦوڳ جو وڻ گهڻو ٿئي.
هن علائقي منجھ، جر جو پاڻي تمام کارو ۽ گرم آهي. جنھن جي ڪري مڙني ماڻھن جا اڳيان ڏند ڳاڙھا ھوندا آھن. برساتين جو پاڻي به زمين هيٺ جهٽ هليو وڃي، جنهن سبب فصل ۽ گاه به مزي جا نه ٿين. نه مارن کي مزو، نه مال لاءِ سک. روھي يا رهيءَ جو علائقو به، کائڙ منجهه واقع آهي. جنھن ۾ ته مارن جو گذر فقط رٻ تي آھي.
مطلب: ۱ - کائڙ جي ڀاڱي ۾ زندگي گذارڻ اهنجي آهي.
۲ - ڀيٽيو؛ رهي ٿي رهيءَ ۾، رڌي نه ٿي رٻ. (۶) ص ۶۶.

184. کٽا تو ئي خان، ڏليا تو ئي ڏيهه ڌڻي. (چوڻي)
کٽا: کٽي پيا، سڃا ٿي پيا، غريب ٿي ويا. خان: سخي، ڏاتار.
ڏليا: ڍَوَ تي، ڍايل. ڏيهه- ڌڻي: ڏيھن جو مالڪ، ديھ-ڌڻي، ديهن جو مالڪ.
هڪڙا سخي مڙس، خانداني ٿيندا آهن، جيڪي هر حال ۾ سخاوت پيا ڪندا آهن. خالي کيسين هجن يا ڀريل کيسن سان، ڏک ۾ هجن يا سک ۾، سواليءَ سوال ڪيو ناهي ۽ ورنايو ناهي. وٽن سائل ڪهڙي وقت به پهتو، نه مهل ڏسندا ۽ نه موقعو، نه خار کائيندا ۽ نه منهن ۾ گُهنڊ وجهندا، بلڪ هر حال ۾ کلندي ۽ خوش ٿيندي، وس آهر ۽ کيسي-سارُو، سندس مدد ڪندا. پنهنجي پاڻ کي بکيو رکي به سائل ۽ منگتي کي، فنڪار ۽ ڪاسبيءَ کي، هٿين خالي نه موٽائيندا.
مطلب: ۱ - سخي مڙس، سڃائيءَ ۽ اميريءَ ۾، سخاوت کان نه مڙندو.
۲ - آريسر وٽ هوءِ ته، ٿڪين تي ٿورا ڪري. (لاڙ، چوڻي)
۳ - کٽا ته به خان، ڏليا ته به ڏيهه ڌڻي.
۴ - کٽل آهيون ته به خان آهيون، امير آهيون ته به خان آهيون. (۶) ص ۶۹.

185. کٽر ڍڳي، چڪر تري، ميو کڻي نه بار،
ڪتو وڃائي ٿانءَ، نهائين اگهاڙي نار،
اھي پنج ئي مار. (چوڻي)
تُري: گهوڙي. مَيو: اٺ، ليڙو. نهائينءَ اگهاڙي: زناڪار. نار: عورت.
۱ - ڍڳيءَ جو کير، مکڻ ۽ لسي چئي بس ڪر. ذائقي، هاضمي ۽ قوت فراهم ڪرڻ جي لحاظ کان مينهن ۽ ٻڪريءَ، اٺ ۽ رڍ جي کير، مکڻ ۽ لسيءَ کان وڌيڪ بهتر آهن. ڳئون طبعًا مينهن، ٻڪريءَ ۽ رڍ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽاهڙ ۽ ويڙهاڪ ٿيندي آهي. جڏهن کٽر ٿيندي آهي ۽ ڏهائڻ وقت کيٽو ڪندي آهي ته پوءِ لت هڻي پنهنجو ڏڌل کير ته هاريندي آھي پر ٻيءَ کي به کاريندي آهي.
۲ - گهوڙي، چڙهڻ جي سهوليت لاءِ ڌاربي آهي. جيڪڏهن اها بيهي چَڪَ هڻي ته پوءِ منجهانئس ٻيو ڪهڙو فائدو حاصل ٿي سگهندو.
۳ - اٺ بار ڍوئڻ لاءِ ڌاربو آهي. اهو جيڪڏهن بار لڏڻ تي رڙڻ ۽ رينگڻ لڳي ته منجهانئس ڌارڻ جو ٻيو ڪهڙو فائدو رسندو؟
۴ - ڪتن جي گگن ۾ بيماري (Virous) کڻڻ جي وڏي صلاحيت هوندي آهي. جڏهن مٿن چريائپ (Rabbies) جو دورو پوندو آهي، تڏھن ڀرسان لنگهڻ وارن کي به واسي وجهندا آهن. ائين خيري صلي به ٿانءُ سنگهن ته، ست دفعا ڇار/ رک ۾ مانجڻ/ مهٽڻ کان پوءِ ئي صاف/ پاڪ سمجهبو آهي.
۵ - عورت، اها جا عزت وڌائي. زناڪار عورت ڏانهن، هر غير مرد جي نگاه پئي کڄندي آهي ۽ هر ڪو منجهس پيو سڌون ڪندو آهي. جنهن سبب ڪيترا ئي جهيڙا منهن ڪڍندا آهن.
مطلب: ۱ - مٿين شين کي رکڻ بدران، ماري ڇڏڻ چڱو آهي. بي فيض، نقصانده ۽ موذي جانور کي پالڻ بدران، ماري ڇڏڻ چڱو آهي.
۲ - کٽر ڍڳي، چڪر گھوڙو، اٺ نه کڻي بار،
ڪتو وڃائي ٿانءَ کي، نھائينءَ اگھاڙي نار، پنج ئي مار. (ٿر)
۳ - کٽر ڳئون، سڙھ/ھڙھ ڍڳو، اڻ پليو وياءُ،
تر گھاٽو، گيھون ڇٽو، اھي پنج ئي مَ چاءِ. (لاڙ) (۲) ص ۱۴۱.

186. کٽل گاءِ ۾، گابي رو سوس،
کٽل مائتران ۾، ڏڪري رو سوس. (پهاڪو)
کٽل گاءِ: گهٽ کير ڏيندڙ ڳئون. سوس: آسرو. ڏِڪري: اولاد/ ڌيءَ.
مائيتران: مائٽن جو. رو: جو
۱ - جيڪڏهن ڳئون کٽر يا کير ۾ کٽل آهي، تڏهن به گابو ڦري ڦري پيو ماءُ ڏي نهاريندو. ڀلي ڳئون کٽر ۽ کير ڏهائڻ ۾ تنگ ڪندڙ هجي، پر جڏهن گابو اچي چڳڙڻ جي ڪوشش ڪندس ته مِهر سان مڙي پوندي. ڇو جو فطرتي طور تي گابو، ماءُ کان سواءِ ٻيءَ ڍڳيءَ ۾ آسرو نه رکندو ۽ ماءُ کي ته ٻچي لاءِ روح ۾ رحم آهي ئي آهي.
۲ - والدين ڀلي کٽل هجن پر اولاد، کين ڇڏي اميرن ۾ نه واجهائيندو. کين پيو پَٽيندو ۽ تنگ ڪندو. غريب والدين به تنگيءَ سبب، اولاد کي نه ماريندا آهن. پنهنجو پيٽ ڪاٽي به ٻچي جي آس/ آرزو پوري ڪندا آهن.
مطلب: ۱ - اولاد جو آسرو، هر وقت والدين ۾ هوندو آهي. (۶) ص ۱۲۲.

187. کٽل مائيترو نِه ڦاٽوڙي گڀي رو، مهڻو ڪونهي. (پهاڪو)
کٽل مائيترو: غريب والدين . نِه: ۽. گڀي: ڪپڙي. مھڻو؛ عيب.
۱ - مائٽ/ والدين، غريب آهن ته ان ۾ اولاد جو قصور ناهي. ڇو جو مائٽ ڏسي وائسي ۽ Select ڪري ڪنهن ڪو نه کنيا آهن. اها مالڪ جي مرضي ۽ منشا آهي ته ڪنهن کي ڪنهن جي گهر ۾ پيدا ڪيائين ته ڪنهن کي ڪنهن جي. اها نصيب جي بازي آهي. ان ۾ آيل انسان، ويچارو ۽ بي وس آهي.
۲ - غريبي ۽ اميري، خدا طرفان آهن. غريب ماڻهو ڦاٽل لٽي ۾ به گذر ڪري ويندو. ڦاٽل لٽو پائڻ ڪو عيب ناهي. ڇو جو مالڪ، جنهن حال ۾ دنيا ۾ رهائي، تنهن حال ۾ رهي شڪر ڪجي.
مطلب: ۱ - ڪنهن جي به نصيب سان ريس ناهي.
۲ - غريب مائٽ ۽ ڦاٽل ڪپڙي جو، مھڻو ڪونھي.
۳ - موت ناهي مِهڻو، پرڻو ناهي گار. (۶) ص ۱۲۳.

188. کٽ ويهڻ، گهوڙي چڙهڻ، گهر ۾ لڄونتي نار،
پراڻي ڪڻڪ، نئون گيهه، پنج ئي سرڳ دوار. (چوڻي)
کٽ ويهڻ: سيج ويهڻ، لانئن لاءِ گهوٽ ڪنوار جو هڪ هنڌ گڏ ويهڻ. ڪم ڪار کان ڇٽل هئڻ. لڄونتي: لڄ قائم رکندڙ. نار: ناري، عورت، زال. سرڳ-دوار: بهشت برابر، سک/ خوشيءَ جي نشاني.
۱ - زال سان سيج تي ويهڻ به هڪ قسم جي خوشي آهي. جنسي ضرورتون پوريون ٿيڻ ۽ اولاد ڄمڻ، واڙي وڌڻ ۽ نوان مددگار ساٿي ملڻ جي اميد هوندي آهي. جيڪڏهن مال ملڪيت جھجهي، نوڪر چاڪر چيئوان ۽ فرمانبردار اولاد هجي ته پوءِ ماڻهو کٽ تي ويٺو حڪم هلائي. ان جهڙي ٻي بادشاهي ڪانھي.
۲ - گهوڙي چڙهڻ مان مراد، سواريءَ لاءِ وهٽ وانا ۽ اڄ جي دور جي حساب سان موٽرون ڪارون در تي هڪيون حاضر هجن. گهمڻ ڦرڻ لاءِ اگر اڻ-ميون سهولتون هجن، جن ۾ نه ڪا رنڊ هجي ۽ نه روڪ. پوءِ ٻي ڪهڙي خوشي کپي؟
۳ - جنهن کي گهر ۾ سلڇڻي ۽ فرمانبدار زال هجي، جيڪا ڏکئي وقت ۾ هٿ پئي ونڊرائيس. مهمان آئي، کاڌو تيار ڪري ڏئيس. سندس خدمت کان علاوه ٻچن جي پرگهور پئي لهيس. تنهن کي اڃا ٻيو ڪھڙو ڦاھو کپي؟
۴ - جنھن جي گھر ۾ پوري سال يا ان کان به وڌيڪ عرصي لاءِ، گهر اندر موجود گُندين ۽ پَلين ۾، کائڻ جو اَنُّ سانڍيل هجي، تنهن کي باقي ڪهڙي ڳڻتي هوندي؟ پراڻو ان، چڱيءَ طرح سڪل ۽ رچيل هوندو آهي. منجهانئس مقوي ۽ ذائقيدار اٽو نڪرندو آهي. اهڙي ان جو مالڪ، امير ئي سڏبو.
۵ - تازو گيهه به، ان وٽ هڪيو حاضر هوندو، جنهن وٽ مال جا وڳ، وٿاڻ جي ڪِلن تي ٻڌا بيٺا هجن. تازو گيهه، تازگيءَ سبب اشتها وڌائيندڙ، هاضميدار ۽ قوت بخش هوندو آهي.
مطلب: ۱ - جنهن وٽ ڪار، بنگلو، بئنڪ بئلينس، سهڻي ۽ چئيوان زال سان گڏ مال ملڪيت پنهنجي آهي، اهو سڀ کان وڌيڪ سکيو آهي.
۲ - ڪڻڪ پراڻي، گيهه نوان، ٽي لڄاونتي نار،
تر ٽپاوڻ، سيج لهڻ، پنج ئي سرڳ دوار.
۳ - اڇا ڪپڙا، تازو گيهه، ڪڻڪ پراڻي،
گهر ۾ سنڪي نار، اهي بهشت نشانيون چار.
۴ - سيج ويھڻ، گهوڙي چڙهڻ، گهر ۾ لڄونتي نار،
پراڻي ڪڻڪ، نئون گيهه، پنج ئي سرڳ دوار. (۲) ص ۱۳۳ ۷ (۴) ص ۲۵۵.

189. کدڙن جا اوتارا، ڪنڀارن جي گهر. (چوڻي)
کدڙا، فقير سڏائيندا آهن ۽ زنانو لباس پھريندا آهن. پٽ ڄائي تي هر قوم مان، روپيا وٺندا آهن. ’پانڊيءَ‘ جي اڳواڻيءَ ۾ مڙهين ۾ رهندا آهن. ٻاهر وڃڻ وقت، گهڻو ڪري ڪنڀارن ۾ ٽڪندا آهن.
مطلب: ۱ - کدڙن جو ٺام ٺڪاڻو، مڙھيءَ ۾ يا ڪنڀرن جي گھر.

190. کر، گگھ پکي ۽ مورک نر، ڏينھن جو به ننڊ ۾ ھوندا. (چوڻي)
کر؛ گڏهه. گهگهه پکي؛ چٻرو. مورک نر؛ بيوقوف مرد.
1. گڏهه؛ کائڻ پيئڻ ۽ بار ڍوئڻ وقت جاڳيل ھوندو، باقي وقت يا ستل ھوندو يا ليٿڙيون پيو پائيندو. دايو، ڪم تي ڪاھڻ جي ڪندس ته گوھي ڪندو. ٻه ٽي باٺا ڀيڙڻ کان پوءِ گوھي ڇڏيندو ۽ ننڊ ڦٽندس.
2. گهگهه به رات جو جاڳندو ۽ ڏينهن ڌاري ڦٽل جايون ۽ ھيکلا وڻ وڃي وسائيندو. اکيون ٻوٽيو، اتي پيو هوندو آھي.
3. بيوقوف به ڪم جي وقت، پيو ننڊون ڪندو آھي. وقت جو قدر نه هوندس. ڪم ٺھي يا بگڙي؛ ھن کي الڪو ئي نه. (۳۵) ص ۲۲۸
مطلب؛ ۱ - گڏھ، چٻرو ۽ بيوقوف ئي ڏينهن جو ننڊون ڪندا آھن.
۲ - بيوقوف تي ڪا به جٺ/ ڦٽڪار، اثر نه ڪندي آهي.

191. کڙڳ کپا نه نڪري، پرس پراڻي پاڳ،
عورت اگلين ڪپڙي، گهوڙي ڇنل واڳ،
گهر توڻ نه سپجي، پنج ئي اڀاڳ. (چوڻي)
کڙڳ؛ تلوار. کپا؛ کِپ، مياڻ. پڙس؛ پرس، پُرھ، مڙس. پاڳ؛ پڳ، پٽڪو.
اگلين: ميرا، اڻ ڌوتل. توڻ: ٻوڙ ماني.
۱ - زنگيل يا کٿل کِپ، وقت پوڻ تي مارائي. دشمن مٿان اچي ڪڙڪي، تلوار ساڻ هجي، هٿ مٺيي ۾ هجي، پر ڇڪڻ تي تلوار نه نڪري. شڪار، جهنگ مان نڪري ۽ ڪتو وڙهت ڪرڻ بجاءِ پڇ پائي ڀڄي. لشڪر ساڻ هجي ۽ دشمن سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ پٺي ڏئي ميدان ڇڏي ته اهي وڏيون بدبختيون چئبيون.
۲ - مڙس سهڻو ۽ جانٺو جوان هجي. ڪمائڻ لاءِ به تڪڙو هجي پر مٿي تي رکڻ لاءِ پڳ، پراڻي هجيس!
۳ - سڄي گهر جا ڪپڙا ڌوئڻ، عورت جو مرڪ آهي. اها پنهنجا به نه ڌوئي ته چنڊائپ ڇا کي چئبو آهي.
۴ - گهوڙي ڀڄڻي تيز هجي پر واڳ ٽٽل هجيس ۽ ڇڙواڳ پئي ڀڄي. گاڏي هلڻ جي تڪڙي هجي پر بريڪ فيل هجيس. پٽ ولايت پڙهيل هجي، پر لوفر هجي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بدنصيبي آهي.
۵ - جنهن کي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، تنهن کي هوٽل وارو سڏي ماني کارائيندو ڇا؟ نه مهمان کي وٽس اچڻ لاءِ دل چوندي ۽ نه وري کيس مهمان طور ترسائڻ لاءِ ڪير تيار ٿيندو.
مطلب: ۱ - زنگيل/ کٿل کپ، هوند تي افعال بڇڙا، ڇيڳري زال، ڇڙواڳ گهوڙي ۽ ڪروڌ وارو گهر، نڀاڳ جون نشانيون آهن.
۲ - زال پراڻي ڪنجري، مڙس پراڻي پاڳ،
کٿو کيڙو کپ ري، گهوڙي ٽٽل واڳ،
هڙ به چيو نه ڪري، اهي پنج ئي اوراڳ.
۳ - کٽو کيپ نه اسري، پرس پراڻي پاڳ،
استري ميرا ڪپڙا، گهوڙي ٽٽل واڳ،
گهر ڪنو ئي نه چڙهي، اهي پنج ئي ڀاڳ.
۴ - کنو وڙلو کپ ۾، پرس پراڻي پاڳ،
ساجھر هنڊي نه چڙهي، گهوڙي ڇني واڳ،
سٿ ويٺي سمهي رهي، اهي پنج ئي نڀاڳ.
۵ - نار پراڻي ڪنجري، گهوڙي ٽٽل زين،
وڏور ڌيءَ گهر ۾، ٿر جهڙي ماٺ زمين،
جن سنجهي چاڙهيو ڪينڪي، پنج ئي مسڪين. (۱۲) ص ۱۲۹ ۽ (۴) ص ۲۴۹.
192. کڳا کوهر ۾، ويڳر ٿا ڪٽجن. (پھاڪو)
ويڳر: مصالحا. کڳا: مڇي.
پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي اوس آھي. محنت جھڙو ڪم ڪرڻ لاءِ به وقت مقرر آھي. وقت کان اڳ يا پوءِ، ڪم ڪرڻ، محنت ڪرڻ يا پئسي وغيرھ جي لاڳت ڪرڻ، سڀ بيسود آھن. اھي سڀ موڙيون، ڪم لاءِ، پوري وقت تي لڳائڻ سان، مطلوب ۽ مقصود نتيجا حاصل ٿيندا، ٻي صورت ۾ ڪئي ڪمائي اڪارت ٿي ويندي.
مطلب: ۱ - مڇي، کوهه يا کڏ مان پڪڙي ئي ناهي، اڳ ۾ مصالحا پيا ڪٽجن.
۲ - کڳا کوهر ۾، مِريون مانڌ پيون ڪٽجن. (لاڙ)
۳ - کڳا کوهه ۾، مِريون مھنديون پيون ڪٽجن. (لاڙ) (مِريون: ڪارا مرچ)
۴ - اڃا ته کڳا کوهه ۾ پيا آهن، مصالحن ڪٽڻ جي تڪڙ ڇا لاءِ؟ (لاڙ)
۵ - کڳا پيا آهن کوهه ۾، ٻاهر مصالحا پيا ڪٽجن. (هندي)
۶ - پاڻيءَ کان اڳي، ڪپڙا نه لاهجن.

193. کل ڪتل، ڍاٽي آيا. (پهاڪو)
ڍاٽي: ڍٽ جو رهاڪو.
ڍٽ يا ڍاٽ، سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڏکڻ-اولهه وارو حصو ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن ڀاڱي جي ڪري، عام طرح سڄي ٿر کي ڍاٽ ۽ رهاڪن کي ڍاٽي چوندا آهن.
سارين جي لاباري وقت، ڍاٽي جڏهن ناري پٽ ۾ ايندا آهن ته ان وقت ڪتل به هٽن تي عام جام هوندي آهي. ڍاٽي پيٽ ڀرڻ ۽ وَٽَ وٺڻ لاءِ مٿس ٽٽي پوندا آهن. انهيءَ ڪري دڪاندار ڪتل به سينگاري رکندا آهن. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪتل به کين ڏسي کلي يا خوش پئي ٿئي. آيل ڍاٽين کي ڏسي، دڪاندار خوشامد طور ائين چوندا آهن؛ کل ڪتل! ڍاٽي آيا.
مطلب: ۱ - کل ڪتل، ناناڻا آيا.
۲ - دل گهريي ماڻهوءَ جي اچڻ تي، ساڻس اڪير سان ملڻ ۽ خاطر تواضع ڪرڻ تي ڏسڻ وارا ائين ٽوڪين. (۶) ص ۶۷.
194. کنڀيءَ-چٽڪو؛ چار ڏينھن. (پھاڪو)
وسڪاري بعد، ڀٽن ۽ ڏهرن جي نرم ۽ لٽاشي يا وارياسي زمين تي لاتعداد کنڀيون پاڻ-مرادو نڪري نروار ٿي پونديون آهن. اھو ترت ڏٿ آھي، جيڪو برسات وسڻ سان ٿرين کي حاصل ٿيندو آهي.
کنڀي، پھرئين ڏينهن زمين مان ٿورو منهن ڪڍندي آھي. ٻئي ڏينهن، ٻه انچ کن جي هوندي آھي. ٽئين ڏينهن، سندس قد ته ساڍا ٽي انچ کن ھوندو آھي پر پاڻ جوان ٿي چڪي هوندي. چوٿين ڏينهن، سرو نرم ٿي ويندو اٿس. پنجين ڏينهن، نرم سرو ناسي ٿي ويندو اٿس. ڇهين ڏينهن، سري جو ناسي پائوڊر پٽ تي ڇڻي پوندو اٿس ۽ باقي بچيل ڏانڊي به ڪاري ٿي ڪري پوندي اٿس. سندس ڪل عمر، ڇيھ ۾ ڇيھ، ڇهه ڏينهن کن هوندي آهي. چار ڏينهن، پنھنجي عمر جا، کنڀي کائڻ لائق هوندي آهي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ٿري ماڻھو، نر کنڀيءَ جو ناسي پائوڊر ڪڍي، سڪائي شيشيءَ ۾ وجهي رکندا آهن. جيڪو هڏ ڀڳل مريض کي، مکڻ ۾ وجهي، موميائي طور چٽائيندا آهن. ور نه کنڀي، چئن ڏينھن لاءِ دنيا اندر اچي ٿي. ان کان پوءِ ان جو وجود، ناسي دز ٿيو وڃي. (۳۵) ص ۲۱۳
مطلب؛ ۱- دنيا جي خوشي پڻ عارضي ۽ ٿوري عرصي لاءِ آھي.
۲- دنيا جي خوشحالي چئن ڏينهن لاءِ آهي.

195. کنوي وياھ ته وڃي ڏياھ. (چوڻي)
وياھ؛ ويساک مهينو. ڏياھ؛ ڏيھ.
ويساک مهيني ۾ اگر کنوڻ ٿي ۽ ڪي چار ڪڻيون وٺيون ته ان سان مِينهن ڏيهه مان هليو ويندو. بلڪ اصل ڪو نه وسندو. مينهن نه وسڻ سبب، ڪارو ڏڪار ٿر ۾ ڪاهي پوندو. پهرين مور مرندا، پوءِ ڍور مرندا. نيٺ بک ۽ اُڃَ وگهي، معصوم ٻارڙا به حياتي هاري ويھندا.
مطلب:۱- ويساک مھيني اندر آيل مينھن، ٿر اندر ڏڪار جو پيش خيمو ھوندو آھي. (۳۸)

196. کوٽو ڏاند، کٽر ڳئون، کٽل پٽيل، گهر-چٽي نار،
هٿ-چٽيو واڻيو، انين پنجن ئي منهن ٻار. (چوڻي)
پٽيل: چڱو مڙس، وڏيرو. گهر-چٽي: گهر چَٽُ ڪرڻ.
هٿ-چٽيو: گهڻ-کائڪ، چسيرو.
۱ - کوٽو ڏاند، ڪم وقت ٻوڙن ۾ لڪندو آهي. هر ۽ نار، ڳاهه ۽ چيچڙي، گاڏيءَ ۽ گهاڻي ۾ ڏاند ئي وهي ويل ڪندو آهي. جڏهن ڪوڙو ٿيندو آهي ته پوءِ مار ڏيڻ لائق ٿيندو آهي.
۲ - کٽر، ڍڳي يا مينھن، پنهنجو ڏڌو ته هاري پر ٻيءَ کي به کاري. ان کان ته بس ڀلي آهي.
۳ - وڏيري جو ڪم آهي، اڙين جي واهر ڪرڻ. واھر به ھوند تي ڪري سگھبي آھي. اگر وڏيرو پاڻ کٽل ۽ سڃو، گھرجائو ۽ پنندڙ هجي ته باقي ڇا بچيو.
۴ - گهر کي ٺاھي به عورت ته ڊاھي به عورت. اگر ڪنھن گھر کي، چٽ ڪندڙ عورت ملي ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي نقصان ڏيندڙ شيءِ ٿي سگهي ٿي؟!
۵ - دڪاندار جو ڪم آهي، وکر کپائڻ. اگر کپائي منافعو ڪمائڻ بجاءِ، پاڻ کائي ويٺو چسڪا وٺندو يا چسيرو ٿيندو ته، جلد ئي ڏيوالو ڪڍرائيندو. اهڙي دڪاندار کان ڀينگ ڀلي.
مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل پنجن کي ٻڌي، باھ جي امڙي ٻوٿ واري ڏجي ته چڱو.
۲ - نقصاندھ شيءِ مان جلد هٿ ڪڍجن. مٿس ٽڪي جيترو خرچ ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ، اجايو ۽ وقت وڃائڻ جي مترادف آهن. (۲) ص ۱۳۶.

197. کوڻي ۾ مُٺي، ڪنهن نه ڏٺي. (پهاڪو)
کُوڻي: ڪوني، ڪُنڊ. مُٺي: جنهن عورت جو مڙس مري ويو آهي، رنڙ، وڌوا.
اسلامي اصول تحت، مُٺي چار مهينا ڏهه ڏينهن عِدت ۾ ويهندي آهي. انهيءَ دوران ڪو به هار سينگار يا نماءُ وغيره نه ڪرڻو اٿس. عدت پوري ٿيڻ بعد، کيس اختيار آهي ته، شرعي حدن اندر رهندي، ٻي شادي ڪري يا نه.
هندو مت جي اصول تحت، وڌوا کي ٻارنهن مهينن لاءِ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي گذارڻو آهي. اهو عرصو گذرڻ پڄاڻان به کيس معاشري ۾ ڪا ايڏي اهميت حاصل نه هوندي آهي. جنهن ڪري کيس ڪو به اک کڻي ڪو نه ڏسندو آهي. نه ساڻس ڪير ٻي شادي ڪندو آهي ۽ نه ئي کيس، ٻي شادي ڪرڻ جو اختيار آهي. سندس سموريون خواهشون، ساڻس گڏ، انهيءَ ڪنڊ ۾، مري ئي وينديون آهن.
مطلب: جنهن ماڻهوءَ، پنهنجي غلط رويي سبب، ٻين سان تعلقات خراب ڪري، پاڻ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، ان جو مثال مُٺيءَ وانگر آهي. (۵)

198. کهيو واڻيو، ڀِت پراڻي، دٻڪر دکڻ چُون،
وڻ ٻاٻرو، کر ماڻهو، پنج ئي پاسي هون. (چوڻي)
کهيو واڻيو: کٽل شاهوڪار. دٻڪر: موچي. دکڻ: دکاڻ، مڪان. چُون: چَؤنِ.
۱ - واپاري، واپار ۾ ٽوٽ کائڻ بعد، ٻين کي پيو پَٽيندو ۽ کائيندو آهي. پٽي کائي، کين کٽائي ڇڏيندو آهي.
۲ - پراڻي ڀت، عمر ڏيڻ سبب، ڀُتي هوندي. هر وقت، اوچتو مٿان ڪرڻ جو، منجهانئس ڀؤ پيو رهندو آهي.
۳ - موچيءَ جو دڪان ڀر ۾ هوندو ته چمڙي ڪُٽڻ سان اپڙندڙ سڙانڊ واري ڌپ، نڪ ئي ساڙي نؤد ڪري ڇڏيندي.
۴ - ٻاٻرو وڻ، گهر يا اوطاق ۾ نه هڻجي. منجهانئس مُند ۾ ڪنڊا ڇڻندا رهندا، جيڪي اڱڻ وڃائيندا رهندا. ڪو به ماڻهو، ٻٻر جي وڻ هيٺان، نه کٽ وجھي ويھي/ سمھي سگھندو آھي ۽ نه وري سولائيءَ سان ھيٺانئس لنگهي سگهندو آھي. گھر ڌڻي يا سنڀاليندڙ به آزار ۾ ھوندو آھي.
۵ - بي افعالو ماڻهو، رڳو پنهنجي لاءِ نقصانڪار نه پر ٻين کي به نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
مطلب: ۱ - مٿين چئني شين کان جلدي، پاسي ٿي وڃجي ته بهتر آهي.
۲ - وڻ ٻاٻرو، کر ماڻھو، شل پاڙي نه ھوون. (۲) ص ۱۳۸ ۽ (۴) ص ۲۵۲.

199. کيرتي گانءِ ري، لت به ڀلي. (پھاڪو)
انساني فطرت ۽ سڀاءُ، هر فائدي واري شيءِ کي پسند ڪندڙ ۽ نقصان ڏيندڙ شيءِ کان ٽھندڙ آهي. جڏهن ته ڪن شين ۾، نفعي سان گڏ خفو پڻ رکيو ويو آهي. گل سان گڏ ڪنڊو، محنت/ مشقت واري ڪم منجهه سک، ماکي ڏيندڙ مک سان ڏنگ، بار ڍوئيندڙ گڏهه سان اِٽ، هر وهندڙ ڏاند سان ٽڪر ۽ کير ڏيندڙ ڳئونءَ سان لت/ اِٽَ پڻ رکي وئي آهي. جتان فائدو حاصل ٿئي ٿو، اتان اگر ٿوري گهڻي تڪليف پھچي ته، فائدي جي صدقي اها برداشت ڪئي ويندي آهي. باقي جنھن شيءِ مان فائدو نه پوي ان جو نقصان ته ڇا، نخرو به ڪنھن کان برداشت نه ٿيندو آهي.
اگر ڳئون کٽر ٿي پوي، کير ته نه ڏئي پر لتون هڻي پنھنجو پرائو ڏڌو به هاري ڇڏي ته، اها تڪليف ڪنھن کان به برداشت نه ٿيندي آهي. ستت ئي کيس ڪاسائيءَ آڏو پيش ڪندو آهي. مٿس، گاهه پٺي واري محنت کي به عذاب پيو سمجهندو آهي.
مطلب: ۱ - کير ڏيندڙ گانءِ جون، لتون به سھجن. (هندي)
۲ - کير واريءَ ڳئونءَ جون، هر ڪو اِٽون سھندو آهي. (لاڙ)
۳ - جنھن ڪم مان فائدو رسي، تنھن ڪم جي تڪليف به سھجي.
۴ - جن سان مٺا کائبا، تن سان ڪڙا به کائبا.

200. کيڙيو ته کيٽ، جي ليڏاڻيو ته ڌان. (زرعي، چوڻي)
کيڙيو: کيڙڻ، ڪاهڻ، پوکڻ. کيٽ: کيت، کيتر، ٻني، فصل، زمين، کيتي.
ليڏاڻ: اجايو ڦٽل گاهه، ڊڀ ڊاڙي، گڏ ڪڍڻ، ٻنيءَ منجھان جهنگلي اُڀريل گاهه ڪڍڻ. ڌان: ان، ڌانيه مان (سنسڪرت).
ٿر پاسي وارياسي زمين آهي، جنهن ۾ زراعت گهٽ ٿئي. نه آهن اتي درياءَ، نه واه ۽ نه ئي ڪي چشما ۽ تلاءَ، جن تي پوک ٿئي. ٿرين جون اکيون، سدائين ابر آسري، آسمان ۾. باراني پوک لاءِ رحمت جو ڪڪر وسيو ته ٻاجهريءَ جي پيداوار ٿيندي.
پهرين برسات تي، توڪل ڪري ٻاجهري ڇٽيندا. واريءَ واري زمين ۾، پاه (ٻڪرين جي ڦولهڙين جو ڀاڻ) ۽ ڪي سڪا پن ڇٽي ڇڏيندا آهن. موچارو مينهن پيو ته اوڙون ڏيئي، ٻاجهريءَ جو ٻج، توڪل ڪري ڇٽي ڇڏيندا. موافق مينهن پورين مهلن تي پوندو رهيو ته ٻيڙا ئي پار.
ڪڻي ڪڻي جا هزار ڪڻا ملي ويندن. ڇو ته ٿر جي واريءَ ۾ قدرت جو اسرار اهو رکيل آهي جو هڪ ڪڻي مان گوها ڏيئي، ٻاجهريءَ جا چار پنج ڪانا نڪري پوندا آهن ۽ هر هڪ ڪانو جدا جدا سنگ جهليندو آهي.
جڏهن فصل گوڏي جيڏو ٿيندو آهي تڏهن ٿري، کپ کوڙي اچي ٻنيءَ جي سنڀال لاءِ رهندا آهن. ٿوري نظرداري ڪندا آھن ۽ زالين مڙسين ٻنيءَ مان ليڏاڻ ڪڍندا آهن. نار يا درياھ جي پاڻيءَ جي ڳڻتيءَ کان سواءِ ئي، اَنَّ جا کرا لڳي ويندا اٿن.
ليڏاڻ ڪڍڻ جو به طريقو آهي. جيڪي ڀاتي هوندا سي قطار ۾ ٿيندا ويندا، پوءِ هر ڀاتي ٻه يا ٽي اوڙون پنهنجي حوالي ڪندو. اِن طرح گڏجي ڪوڏرن سان سڀڪو پنهنجن اوڙن وارو گاهه ڪڍندو، اڳتي وڌندو ويندو. چاليهه-پنجاهه کن وکون هلي، اتي بند ڪندا. چاليهن وکن جيتري پنڌ کي ”گاڏهو اوجاڻ“ ۽ سٺ وکن جيتري مفاصلي کي ”اوٺو اوجاڻ“ چون. هڪ دفعو اوجاڻ تائين گاهه ڪڍي ويندا تنهن کي ”پِرانچ“ چوندا. پوءِ وري اُتان ساڳئي نموني واپس گاهه ڪڍندا ايندا. شام جو گهر اچڻ وقت ڪنهن پڇيو ته ڪيترو ليڏاڻ ڪڍيو آهي ته چوندا ته هيتريون پرانچون ڪڍيون اٿم. اهڙيءَ طرح جڏهن سڄي ٻنيءَ مان گاهه ڪڍي ڇڏيندا، تڏهن چوندا اڄ ٻني ”اوهِري“ ڇڏيسين، يعني گاهه ڪڍي ڇڏيوسين. ليڏاڻ لاءِ ڪوڏر ٽڪنڊي شڪل جي هوندي آهي، جنهن ۾ ڇهه فوٽ کن ڊگهي ڪاٺيءَ جو ڳن وڌل هوندو، هن کي ”ڪَسِي ڪوڏار“ چئبو آهي.
مطلب: ۱ - کيڙيو کيتر، ليڏاڻيو ڌان.
۲- جيڪڏھن کيڙي ڪَيوَ ته فصل ڄاپندو، اگر گڏ ڪڍيَوَ ته اَنُّ ٿيندو.
۳ - فصل پوکجي ته ڊڀ ڊاڙي به ڪڍجي.
۴ - پاليل، ڌاريل، ورتل شيءِ جي سار سنڀال، ٽھل ٽڪور به ڪجي.
۵ - فصل، گڏ ڪرڻ ۽ گند ڪڍڻ سان، ڀلو ڄاپندو آهي ۽ مجموعي طرح جھجھي پيداوار ڏيندو آهي. (۹) ص ۸۱.