ڪتاب جي ڪردارن بابت
هونءَ ته هن شهر جي عزاداريءَ جي تاريخ کي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. پر، اسان هن سفر جي سهيڙ جو ڪم هڪ صديءَ تائين ڪيو آهي. هتي حَق جي دين ۽ عزاداري امام حسين عه جو پيغام مير باغ علي ٽالپر ۽ سندس فرزند مير سبحان علي ٽالپر ڏنو. باغ علي ٽالپر جن پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ زيارت امام حسين عه (تعزيو) تعمير ڪرايو. ڪجھ سالن بعد پاڻ وفات ڪيائين. ته سندس پڳدار پُٽ سبحان علي ٽالپر ڪجھ وقت کانپوءِ مومنن جي سهڪار سان شهر ۾ عاشور جي رات تعزيو ڪڍي ماتمي جلوس جي ابتدا ڪئي. جنهن سلسلي کي مقامي مومنن اوج ڏياريو.
عزاداريءَ جي هن سلسلي کي وڌائڻ لاءِ محرابپور جي ’ملاحن‘ شهر ۽ آس پاس جي عزادارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، انهن جي تعاون سان تنظيم سازي ڪري عزاداريءَ کي اوج ڏياريو. جيڪو سلسلو پهرين شهر پوءِ پسگردائي، ان بعد ساهتي، سنڌ ۽ هاڻ پنجاب تائين شاعري ۽ جديد ڌُنن جي صورت ۾ پکڙ جي چڪو آهي.
هن شهر جي عزاداريءَ ۾ جدت پنجاب جي ذاڪرن، شاعرن ۽ عزادارن آندي. تقريبن 1970ع واري ڏهاڪي کان هي شهر نوحا خواني، ماتمداري ۽ ذاڪريءَ ۽ خيالي ڌُنون ترتيب ڏيڻ ۾ پاڻ ڀَرو ٿيو. پوءِ هتان جا عالم، ذاڪر، نوحا خوان ۽ ماتمدار _ عزاداريءَ جي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکندڙ پنجاب جي علائقي ’ڪَڇي‘ ۾ پڙهڻ لڳا. جيڪو هر عزادار جيان هتان جي عزادارن لاءِ به هڪ وڏو اعزاز آهي. هن شهر ۾ حلقي جي عزاداريءَ لاءِ ابتدائي ڪوششون شاعر اهلبيت سيد اختر حسين چنيوٽيءَ ۽ ارشاد حسين شاهه ورتيون. جن هتي نوحن تي عزاداريءَ ۽ حلقي جي ماتم جي شروعات ڪئي.
ذاڪريءَ ۾ زوار محمد يوسف چنه، ’ڪربلائي‘ ۽ دهل، شرناءِ تي ثقافتي رنگ ۾ عزاداريءَ کي اوج وٺرائيندڙ فقير علي ڏنو مڱڻهار هيو. ان بعد سندس پٽ محمد يوسف مڱڻهار (جوسن فقير)، هن سلسلي کي پنهنجن نيڪ جذبن سان درد ڀريي انداز ۾ جاري رکيو. جيڪو ماتمي جلوسن ۾ وڄندڙ دهل، شرناءَ تي ٿيندڙ گريو زاريءَ ۾ مومنن جي لڙڪن ۽ سڏڪن ۾ زنده رهندو.
ڊاڪٽر عاشق علي شاهه، زوار خير محمد ملاح، محمد بخش نانگراج، زوار عبداللطيف ملاح، محمد رمضان نوناري، محمد بخش چنه، سيد علي گوهر شاهه، ماستر دلاور حسين ٻرڙو، مير غلام حسين ٽالپر (اول)، احمد شاهه صفوي، غلام صادق ٽالپر، ڊاڪٽر احمد بخش ٽالپر، علي بخش ٽالپر، شاهد حسين شاهه ترمذي، نبي بخش شيدي ۽ ٻيا (مرحوم) بزرگ عزادار جيڪي هن شهر جي عزاداريءَ جا کاهوڙي ڪردار رهيا آهن. جن ٻيڻي ٻانهن ڏئي هن شهر جي عزاداريءَ کي اوج ڏياريو. شهر جي عزاداريءَ لاءِ هنن شخصيتن پاران ورتل اهڙين ڪوششن کي چند سٽن ۾ سهيڙي نه ٿو سگھجي. هي شخصيتون پنهنجي انوکي ڪردار جيان الڳ الڳ تفصيلي مضمون جون حقدار آهن جن تي وقت ۽ حالتن سبب تفصيل سان نه لکي سگھيا آهيون. جن تي ڪنهن ٻئي ڀيري قلم کڻي سندن عزاداراڻي ڪردار، عزاداري امام حسين عه لاءِ ورتل ڪاوشن کي تاريخ عزاداريءَ جو حصو بڻائبو.
هتي گرزن جي ماتم جي شروعات سيد ميهر شاهه نقوي (ڳوٺ: ڏيون) واري ڪئي. جنهن بعد ڏاڏو قنبر شيدي هن شهر ۽ آس پاس جي ڪيترن ئي نوجوان عزادارن کي گرزن جو ماتمي بڻائي گرزن جي ماتم کي اوج ڏياريو. سيد غلام رسول شاهه، عرف (سيد مِرچُو شاهه)، بِليڊن جو وڏو ماتمي رهيو. بِليڊن جي ماتم جو رواج ختم ٿيڻ کانپوءِ هاڻ سيني تي هٿ جو ماتم ڪندو آهي. هتي ڇَلَنِ جو ماتم به ڀرپور انداز ۾ ٿيندو هيو جنهن کي هتان جي عزادارن لعل بخش شيخ (ڇَڄُو شيخ)، نظر حسين ڪلهوڙو، يار محمد شيدي، غلام سرور شيدي (مَٽُو شيدي)، ولي محمد شيدي (استاد وَلو) ۽ ٻين ڪيترن ئي عزادارن قائم رکيو. سيد ارشاد شاهه پاران حلقي جي ماتم کي زور وٺرائڻ بعد ڇَلي ۽ بليڊ جو ماتم گھٽجي ويو.
نوجوانن ۾ تلوار جي ماتم کي زوار رحم علي ٻرڙو ۽ سيد علمدار شاهه (ڏاڏا شاهه)، جن پَلتي جو ماتم ڪري، شمشير زني کي زور وٺرايو. ۽ ڪيترن ئي نوجوانن کي ماتمي بڻايو. هتي زنجير جي ماتم جي شروعات ملڪ بشير احمد اعواڻ ڪئي. جنهن سلسلي کي ڪيترن ئي سالن کان شاهنواز خاصخيلي (ادوشاهن)، سنڀاليندو ۽ مومنن جي سهڪار سان وڌائيندو اچي ٿو. جيڪو پاڻ به زنجير جو وڏو ماتمي آهي.
ماستر دلاور ٻرڙي کان پوءِ مذهبي اسٽيج تي، پروفيسر سليم رضا ملاح نظامت جا فرائض بهتر انداز سان سرانجام ڏئي سندس ياد کي تازو رکندو اچي ٿو. وٽس اسٽيج جي هڙ پاسائين فن جي ڄاڻ آهي. هي موجوده وقت جو وڏو اسٽيج سيڪريٽري آهي. جيڪو ضلع خيرپور، ضلع شهيد بينظير آباد ۽ ڪراچيءَ جي وڏن وڏن جلسن ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض خوش اصلوبيءَ سان سر انجام ڏئي چڪو آهي. وٽس فرائضِ نظامت ادا ڪرڻ جو وڏو ڏانءٌ آهي. هي پنهنجي پُر اثر آواز ۾ ڀٽائيءَ جا بيت پڙهي سامهون ويٺل مومنن کي روئاري وجھندو آهي.
سليم ملاح پهرين محرم الحرام جي چنڊ بيهڻ تي غمِ حسين عه جو تڏو وڇائجڻ بعد، ماتم خاني ۾ انگاس هيٺان بيهي، اکين ۾ آب آڻي آسمان ڏانهن هٿ کڻي ڏکاري لهجي ۾ جڏهن، ڀٽائيءَ جا بيت چوندو آهي ته، ان ويل پاڻ سميت، مومنن جا ڳل ڳوڙهن سان ڀِڄائي وجھندو آهي.
مُحَرمُ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نهَ اِمامَ،
مَديني جا ڄامَ، مولا! مونکي ميڙيين.
***
مُٺيس! جھَلِ مَهارَ، ڪُٺِيس! ڪاههِ مَ ڪَرَ هو،
مُـون نِـمـاڻِـيءَ جي نِـجھُـري، ڀيـرو ڪِـجِ ڀَتـار،
ساجَنَ! توهان ڌار، ڏِٺُمِ ڏينهن قِيامَ جو.
(شاهه)