محرابپور جا پِڙَ ۽ امام بارگاهون
[/b]پڙُ: سنڌي لفظ پِڙُ، سنسڪرت: ’پِنڊَ‘ جي معنى آهي گول ٿلهو. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب ”پِڙُ: ]سن، پِـنـڊَ = گـول ٿلهو[ ميدان، وڏو ميدان، گولائيءَ ۾ زمين جوٽڪر، دائرو، اهو هنڌ جتي انگاس کتل هجي ۽ عاشور ۾ ماتم ڪيو وڃي، مڪان _ اوتار، عاشور ۾ ماتمين جو جلوس جن سان سينگاريل گھوڙو، سيج، تابوت وغيره هجي.“[195] مطلب ته پڙ جي مٿين سڀني معنائن ۾ ميدان جو تصور ئي ملي ٿو.
محرابپور ۾ پهريون عزاخانو باغ علي ٽالپر پنهنجي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ اندازو آهي ته 1908ع ڌاري علم حضرت عباس (ع) نصب ڪري قائم ڪيو. ڪجھ سالن کان پوءِ اتي ٻيون علم پاڪ سندس فرزند سبحان علي ٽالپر 1923ع ۾ نصب ڪيو. جنهن جي ڪاٺي ان وقت سکر مان يارنهن سئو روپين ۾ ورتي وئي جيڪو ساڳوان جو سِڙهه هيو جنهن کي استاد يعقوب (ڪوري) ميمڻ ۽ محمد جمن (ڊکڻ) سومرو جن سکر مان ٻن اُٺَ گاڏن تي کڻي آيا. ٽيون علم پاڪ 2004ع ۾ نصب ٿيو. هن علم پاڪ جي ڪاٺي سنه 2001ع ۾ ڪراچي کان آندي وئي. ڪاٺي سمنڊ مان ڪجھ وقت اڳ نڪتل هئي، جيڪا آلي هئڻ ڪري ان کي ڪجھ وقت تائين سڪائڻ لاءِ رکيو ويو، جنهن ڪري هي علم عباس عه 2004ع ۾ چهلم کانپوءِ بلند ٿيو. مير باغ علي کانپوءِ هي پڙ سندس ننڍي پٽ ميرغلام عباس جي نالي سان سڏبو هيو، جيڪو هاڻي ميرن جي پڙ سان مشهور آهي.
هن عزاخاني لاءِ سنه 1908ع ڌاري پهريون علم حضرت عباس عه ۽ هڪ وڏو تعزيو هندستان لکنوءَ جي ’شيشه گر روهيلا‘ خاندان جي ڪاريگرن کان تعمير ڪرايو ويو. هن تعزيي ۽ علم پاڪ جو ڪم هڪ ئي وقت شروع ٿيو جيڪو سال تائين هليو. تعزيي جي سنه واري تختيءَ تي ”حُب الفرمائِش جناب مير باغ عليخان ٽالپر، محرابپور“ لکيل هيو ۽ ڀرسان واري تختيءَ تي زيارت امام حسين عه تحرير ٿيل هئي. تعزيي مڪمل ٿيڻ جي صرف تاريخ 5 جولائي بروز جمع ملي سگھي آهي. تعزيي جي تعميراتي ڪم جي ذميواري حاجي محمد تڳيل (کورکاڻي) بلوچ، تي رکيل هئي. جيڪو مولانا امداد حسين شجاعيءَ وارن جو بزرگ هيو.
هن تعزيي جي تعمير کانپوءِ، مرمت جو ڪم، هڪ صدي بعد، مولائي ملاح (راقم الحروف) جي ڏنل مشوري تي سن 26 محرم الحرام 1438 هجري، 28 آڪٽوبر 2016ع بروز جمعي تي شروع ٿيو. جيڪو مستري تصور حسين شاهه (لائين پار) واري ۽ مستري غلام عباس شيخ ڪيو.) تعزيو تعمير ٿيڻ کانپوءِ ڪجھ سال زيارت گاهه ۾ رکيو ويو. جنهن کي ڪجھ سالن بعد سبحان علي ٽالپر،(اول) شهر ۾ ڏهين محرم جي رات ماتمي جلوس سان بازار ۾ آندو.
هن عزاخاني تي پهريون هال غلام حسين ٽالپر،(اول) جي مامي غلام علي ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ واري، پنهنجي پُٽ مريد عباس ٽالپر جي باس ۾ تعمير ڪرايو. ان بعد هن جون ڀِتيون1987) ع) ۽ موجوده ڪمرو انجمن پاسدارانِ امام علي رضا عليه السلام (روشن ملاح، مٺل خاصخيلي ۽ استاد نبي بخش شيدي جي تنظيمي دور /91988ع ۾) تعمير ٿيو. ان کانپوءِ موجوده ڀِتين (چئوديواري) جو تعميراتي ڪم سنه 2014ع ۾ سبحان علي ٽالپر (ٻيو) جي ذاتي ذوقِ عزاداريءَ جا چٽا مثال آهن.
هن پڙ جو هن مهل تائين خدمتگار، مُتولي باغ علي ٽالپر جو خاندان آهي. هن علم پاڪ کي پهرين سيد مريد علي شاهه رضوي، پوءِ سيد شاهد حسين شاهه بخاري، (شادن شاهه) ان بعد سيد نسيم شاهه بخاري ۽ هاڻي حبيب الله ٽالپر’ڏاڏو‘ (ٻيو) ۽ فيض محمد شيدي (عرف بابل) جن سينگاريندا آهن.
[b]پِڙُ سيد احمد شاهه
[/b]پڙ سيد احمد شاهه: هن پڙ جو باني سيد احمد حسين شاهه ولد سيد محمد رضا شاهه صفوي آهي. هي سيد زادو اصل پنجاب جي شهر اوڪاڙا جي ڳوٺ: ’چڪ سيد مبارڪ شاهه‘ جا رهواسي هيو. سندس جنم 1917ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ’چڪ مبارڪ شاهه‘ ۾ ٿيو. هي سيد زادو پنهنجي علائقي جي قديم عزاداراڻي گھراڻي جو فرد هئڻ ناتي پنهنجي دور جو وڏو عزادار ۽ تڏيدار هيو. پاڻ فروغِ عزاداري ۽ زمينداريءَ جي عشق ۾ سنه 1943ع ۾ سنڌ ڪهي آيا. پهرين شهر دوڙ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ڪجھ عرصي بعد محرابپور کان هڪ ميل ٻاهر رهيا. عزاداريءَ جي عشق سبب سنه 1948ع ۾ محرابپور اچي ’نئين شهر‘ ميمڻ محلا ۾ آباد ٿيا.
هن پڙ تي پهريون علم حضرت عباس عه سنه 1950ع ۾ سيد احمد شاهه صفوي پنهنجن هٿن سان نصب ڪيو، جيڪو ڪاٺ جو 20 فوٽ وڏو هيو. ان بعد سن 1963ع ۾ ٻيو اسٽيل جو 50 فوٽ وڏو علم پاڪ نصب ڪيو. محرابپور شهر ۾ اسٽيل جو هي پهريون علم عباس عه هيو، هن کانپوءِ سنه 2000ع ۾ زوار عبداللطيف ملاح پنهنجي پڙ تي اسٽيل جو مورن، پڃرن ۽ فانوس سان تعمير ٿيل علم پاڪ بلند ڪري شهر ۾ اسٽيل جي علم عباس عه بلند ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي.
هن پِڙ تي اسٽيل جو بلند ٿيل علم عباس عه انهن ڏهاڙن ۾ ڏيپارجه اسٽيشن تان نظر ايندو هيو. جنهن کي بعد ۾ ٿورو ننڍو ڪيو ويو. جيڪو هن مهل 2016ع تائين بلند ٿيل آهي. هن امام بارگاهه جو مُتولي سيد احمد شاهه کانپوءِ سيد اسد عباس شاهه رهيو (هتان اوڪاڙا لڏي وڃڻ بعد) هاڻي سيد قمر عباس شاهه آهي. هن پڙ تي ڇهين محرم الحرام تي (مستورات) جي قديمي مجلس، اٺين محرم جھنڊن جي رات وارو جلوس ۽ نائين محرم الحرام مجلس ۽ ڏهين محرم الحرام جي رات کان علاوه ڏهه ڏهاڙا عزاداري ۽ سال جي ٻين مخصوص ڏهاڙن تي ڪيترائي پروگرام ٿيندا آهن.
[b]پِڙُ وڏيرو محمد بخش ’ساکڻي‘ بلوچ
[/b]وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ جا وڏڙا هتي پار کان پهتا. جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته: اُهي پارَ کان درياهه اُڪري هتي اچي آباد ٿيا. سندن وڏو علي بخش چانڊيو (بخش چانڊيو)، هيو. جيڪو هتي سِري جو چانڊيو سڏبو هو. سِري بابت اليگزينڊر ڪننگھام پنهنجي ڪتاب ’سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”اتر سنڌ کي عام طور ’سري‘ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جنهن جي معنى آهي: ’سر‘ يا مٿيون حصو. سري واري علائقي ۾ سنڌو درياهه جي اولهه پار ڪڇي گنداوا، ڪاهان، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ اوڀر پاسي سبزل ڪوٽ ۽ خيرپور وارا علائقا هوندا هئا.“[196] سِري بابت مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سنڌ جي مٿئين طرف کي عام ماڻهو سِرو چوندا آهن ۽ هن هيٺئين طرف کي لاڙ سڏيو ويندو آهي.“[197] چانڊيه قبيلو گھڻي تعداد ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آباد آهي. جن بابت اياز ڀاڳت پنهنجي ڪتاب:’سنڌ جون ذاتيون قومون ۽ قبيلا‘ ۾ لکي ٿو ته:”سڄي سنڌ ۾ رهندڙ چانڊيه بنيادي طور قديم لاڙڪاڻي ضلعي جا رهواسي آهن جي گھڻائي ڪاڇي ۾ رهندڙ آهن. هو ڪن سببن جي ڪري لڏ پلاڻ ڪري وڃي موجوده بنن تي آباد ٿيا آهن.“[198]
وڏيرو محمد بخش چانڊيو هتي’گرلز سنڌي پرائمري اسڪول‘ جي پراڻي بلڊنگ جي سامهون وڏي ماڙي جوڙائي ويٺو. جيڪا ڪجھ سالن کانپوءِ چند روپين عيوض استاد ڏيپچند کي ڏنائون. جنهن ۾ هن وقت نثار ميمڻ (مختيار ڪار) رهائش پذير آهي. ڪجھ سالن بعد علي بخش چانڊيو هتان لڏو کڻي شهر کان ٿورو ٻاهر کلئي ميدان تي وڃي ڳوٺ نما پنهنجو ويڙهو اڏي ويٺو. جتي سندس خاندان ۽ برادريءَ جا ٻيا فرد اڄ تائين آباد آهن. وڏيرو محمد بخش ’ساکاڻي‘ سندس پنجين پيڙهيءَ مان هو.
ڪاڪو واحد بخش (ٻيو) ٻڌائي ٿو ته: ”اسان اصل کان مذهبِ اهلبيت سان وابسته آهيون. اسانجي گھر ۾ قديم زماني کان ’اوسارا‘ چيا ويندا آهن. پنهنجي خاندان بابت وڏڙن کان اهو ٻڌندا اچو پيا ته، اسانجو بزرگ علي بخش چانڊيو، مشهور (بخش چانڊيو)، هتي درياهه جي هُنَ ڀَرِ کان لڏي آيو. جيڪو سِري جو چانڊيو سڏبو هيو. جنهن وچ شهر ۾ ان وقت وڏي ماڙي اڏائي جيڪا اڄ به موجود آهي. جيڪا ان زماني ۾ ورهاڱي کان اڳ ديوان ڏيپچند کي چند روپين ۾ وڪرو ڪري ڏني هئائين. جيڪو اڄ استاد غلام رسول ميمڻ (مرحوم) جو گھر آهي.“
وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ هي پِڙُ وچ شهر ۾ قائم ڪيو. هن پِڙَ تي بلند ٿيل هي چوٿون علم حضرت عباس عه آهي جيڪو سنه 2013ع ۾ نصب ٿيو. هن پڙ جو ٽيون علم پاڪ پنهنجي پاڙي ڪاڪي سونا خان ساکاڻي بلوچ (ڪاڪي سوني) جي گھر اڳيان قديمي امام بارگاهه ۾ نصب ڪيل آهي. اهو اصل ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، جو تبديل ڪيل ٻيون علم پاڪ هيو. هن پڙ تان نڪرندڙ پهريون تعزيو، ڪاڪي محمد بخش ساکاڻيءَ پاڻ ٺهرايو هو جيڪو سنه 1963ع ۾ انجمن نوجوانانِ کي ڏنائين. هن پڙ تان نڪرندڙ ٻيون تعزيو روضه اقدس سيده زهرا سلام الله عليها جي شبيهه هيو، جيڪو سکر ۾ لکنوءَ جي رهندڙ هڪ مومن وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ بلوچ کي تحفي طور ڏنو. اهو تعزيو وڏيري جي گھر اڳيان زيارت گاهه ۾ رکيل هوندو هيو، اتان ئي سينگار جي نڪرندو هو. تعزيو نڪرڻ کان پهرين اتي مستورات جي عزاداري ٿيندي هئي جنهن ۾ ’اوسارا‘ چيا ويندا هيا، پوءِ اهو چوڪ ۾ پڙ تي کڄي ايندو هيو. ڏهين محرم جو جلوس جڏهن وڏيري جي پڙ تي پهچندو هيو ته هي تعزيو جلوس جي زينت بڻبو هو.
وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ جي پڙ تي پهرين محرم الحرام کان تيرهين محرم الحرام تائين شام جو نغارن تي واڄو ڪيو ويندو هيو، واڄو ڪندڙ مڱڻهار فقيرن ۾ فقير فضل حسين، فقير باغ علي مڱڻهار، نانو توت فقير ۽ صوف فقير، گلاب فقير مڱڻهار جن شامل هيا. هتي ڪجھ سالن کانپوءِ نغارا وڄائڻ وارا هن دنيا تي نه رهيا، جنهن ڪري نغارن تي واڄي وارو سلسلو ختم ٿي ويو، ان جي جاءِ دهل ورتي. هاڻي هر پڙ تي دهل تي واڄو ڪيو ويندو آهي. 2005ع کان نونارين جي پڙ ۽ ميرن جي پڙ تي نغارا رکيا ويا آهن جتي شام جو ٿوري وقت تائين نغارن تي واڄو ڪيو ويندو آهي. وڏيري جي پڙ تي واڄو ڪندڙ مڱڻهار فقير، پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين ترسيل هوندا هيا جن جي رات ڏينهن نياز ننگر جو بندوبست ڪاڪي محمد بخش پاران ٿيل هوندو هيو.
هن پڙ تي محمد بخش ساکاڻيءَ پاران ڏهين محرم الحرام تي وڏو نياز ڪيو ويندو هو جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. يارهين محرم تي برادريءَ پاران ڪانڌين (تعزيي کي ڪلهو ڏيندڙ مومن) لاءِ نياز ڪيو ويندو هيو. محرابپور ۾ قديم پڙن مان ميرن ۽ نونارين کانپوءِ هي پڙ قديم آهي. محمد بخش ساکاڻيءَ جي ويڙهي مان اٺين محرم الحرام جي رات تي (باسَ وارن جھنڊن) جو جلوس، يا حسين عه يا عباس عه جي صدائن سان دهل شرناءِ تي ثقافتي رنگ ۾ نڪري سڄي پاڙي جو گشت ڪري هن پڙ تي پهچندو آهي جتي باس جا (جَھنڊا) علم عباس عه ڏيڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندو آهي. وڏيري محمد بخش جي گھر ۾ قديم دور کان محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ مستورات جي عزاداري ٿيندي آهي، جنهن ۾ قديم زماني کان وٺي هن مهل تائين ’اوسارا‘ چيا ويندا آهن.
هي پڙ، وڏيري محمد بخش کانپوءِ سندس فرزند ڌڻي بخش ساکاڻي، سنڀاليو، ان بعد وڏيرو واحد بخش’ساکاڻي‘ ان ئي عقيدت ۽ احترام سان پنهنجي اولاد سميت اڄ تائين هن پڙ جي خدمت ڪندو اچي ٿو.
[b]چاڪين جو پِڙُ
[/b]چاڪين جو پڙ: هيءُ پِڙُ محمد هاشم ملاح (راقم جي ڏاڏي) قائم ڪيو. محمد هاشم ملاح جا وڏڙا اصل رسول آباد (ضلع خيرپور) جا رهواسي هيا. جن بابت روايت ملي ٿي ته، اهي ميرن جي ايام ڪاريءَ ۾ هتي لڏي آيا. هن پڙ تي سنه 1900ع واري ڏهاڪي ۾ پهريون علم حضرت عباس عه نصب ٿيو. جيڪو 2001ع ۾ تبديل ڪيو ويو، اهو عَلم پاڪ هن وقت درگاهه حضرت پير وَنهيل سائينءَ تي بلند ٿيل آهي. 2001ع ۾ هتي محمد پيرل (چاڪي) سومرو، جن اسٽيل جو نئون عَلم حضرت عباس نصب ڪيو جيڪو اڄ تائين بلند ٿيل آهي.
محمد هاشم ملاح هي پڙ قائم ڪرڻ کانپوءِ ڪجھ سالن بعد تقريباً سنه 1920ع ۾ هتان لڏي اچي ملاح محله ۾ پنهنجن عزيزن سان آباد ٿيو. هن پنهنجو گھر پير بخش (چاڪيءَ) سومرو کي ان وقت چاليهه (40) روپين ۾ وڪرو ڪيو ۽ امام بارگاهه وقف ڪيائين. پاڻ هن پڙ تي نائين محرم الحرام جي رات نياز ڪندو هيو، جيڪو سندس وڃڻ کانپوءِ به ڪجھ سالن تائين ’پير بخش چاڪي‘ جن رات بدران ڏينهن جو ڪندا هيا. هن امام بارگاهه جي ڀِتين جو ڪم سنه 1995ع ۾ امتياز ملاح، روشن ملاح، گلڻ سهتو جن جمله مومنين جي تعاون سان ڪرايو.
هن پڙ تي /61985ع ۾ ڊاڪٽر ڪاظم رضا ميمڻ (درٻيلو _ هتي ميڊيڪل آفيسر هيو، امام بارگاهه ڀرسان سندس رهائش هئي) نائين محرم الحرام جي رات مجلس عزا ۽ عزاداريءَ جو اهتمام ڪيو ان بعد پير بخش ’چاڪي‘ جي اولاد، اقبال اعواڻ ’مجروح،‘ قلندر بخش (ڪارو خاصخيلي) ۽ ٻين عزادارن ملي ان سلسلي کي ڪافي وقت تائين جاري رکيو.
محمد هاشم ملاح، ويڙهي ۾ ويهڻ کانپوءِ نائين محرم الحرام جي رات واري مجلس مستورات ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي جيڪا اڄ تائين سندس خاندان پاران پهرين سندس گھر پوءِ امام بارگاهه ۾ ٿيندي آهي. مجلس کانپوءِ هتان مستورات جو هڪ وڏو ۽ تاريخي جلوس ميندي جناب شهزاده علي اڪبر عه سان بر آمد ٿيندو آهي. ملاحن جي مستورات پاران 2009ع کان نڪرندڙ هي مينديءَ جو ماتمي جلوس محرابپور جي تاريخ ۾ مستورات جو پهريون وڏو جلوس آهي، جيڪو ملاحن جي پڙ کان نڪري وڏي پڙ تي ختم ٿيندو آهي. جلوس پهچڻ کانپوءِ وڏي پڙ تي مستورات جي عزاداري شروع ٿيندي آهي.
[b]جوکين جو پڙ
[/b] جوکين جو پڙ: هن پڙ جو بانيڪار زوار نبي بخش ولد ڦوٽو خان جوکيو هيو، ان بعد هن پڙ تي زوار ڪريم بخش جوکيو (زوار ڪمن) خدمت ڪئي جنهن هن امام بارگاهه چئو ديواريءَ جون ڀِتيون تعمير ڪرايون. هن پڙ تي هاڻ قلندر بخش جوکيو( آگل جوکيو) جي اولاد ۽ ٻيا جوکيا گڏ جي خدمت ڪندا آهن. هتي پهريون علم عباس عه زوار نبي بخش نصب ڪيو. ۽ ٻيو علم پاڪ اسٽيل جو سنه 2001ع ۾ نصب ٿيو، جيڪو اڄ تائين بلند ٿيل آهي. هن پڙ جو مُتولي هاڻي حيدر علي (حيدري) جوکيو آهي. هن پڙ تي مختلف ڏهاڙن تي مجلس ۽ جشن جا پروگرام پڻ ٿيندا آهن.
[b]ملاحن جو پِڙُ
[/b]ملاحن جو پڙ: هي پڙ لال بخش ملاح (عبداللطيف ملاح جي ڏاڏي) قائم ڪيو. هن پڙ تي پهريون علم حضرت عباس عه لال بخش ملاح نصب ڪيو ۽ ٻيون اسٽيل جو نئون علم پاڪ 2000ع ۾ عبداللطيف ملاح نصب ڪيو. جيڪو اڄ تائين بلند آهي. هن پڙ جو پهريون علم پاڪ ملاحن جي قديمي قبرستان لانگڙجي ۾ نصب ڪيل آهي.
هن پِڙَ تي علم عباس عه جي بلند ٿيڻ وقت، علم پاڪ جي لوڏَ، (رسين ۾ سرنهن جا پَنَ پوئڻ کي ساهتيءَ ۾ لوڏَ، لاڙ ۾ جھالر ۽ حيدرآباد ۾ مورا چوندا آهن.) ٻڌڻ جي ذميواري صوف ملاح سرانجام ڏيندو هيو. هن پِڙَ جو بانيڪار لال بخش ملاح هيو. ان کانپوءِ بخش علي، ان بعد زوار خير محمد ملاح، پوءِ ڪريم بخش ۽ عبداللطيف ملاح، ’ڪريم بخش، عبدالطيف جن 1982ع کان ويڙهي مان لڏي وڃڻ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيل قيد بند ۾ هئڻ ڪري ڪجھ وقت تائين هن پڙ جي خدمت ممتاز ملاح، ڌڻي بخش ملاح ۽ مولائي ملاح، انيس ملاح ۽ نذاقت ملاح ڪئي. سنه 1992ع کان وٺي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين عبداللطيف ملاح ۽ اطهر ناهيدُ ملاح هن پڙ جا خدمتگار رهيا. اطهرناهيدُ ملاح کانپوءِ امتياز ملاح، اياز ملاح، روشن ملاح ۽ رضا ملاح هن پڙ جون سڀ ذميواريون سنڀالي رهيا آهن.
[b]نونارين جو پڙ
[/b]نونارين جو پڙ: هي محرابپور جو قديمي پڙ آهي. هي پڙ محمد ملوڪ نوناري ولد پيراڻو خان نوناري (اول)، سنه 1910ع کان اڳ قائم ڪيو. (ياد رهي ته هن خاندان ۾ ٻه ملوڪ ۽ ٻه پيراڻا ٿي گذريا آهن) هن پڙ تي ٻه علم پاڪ نصب ٿيل آهن؛ جن ۾ پهريون علم حضرت عباس عه 1910ع کان اڳ نصب ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين بلند ٿيل آهي. ٻيون اسٽيل جو علم پاڪ سنه 1986ع ۾ ڪراچيءَ مان تحفه طور مليو جيڪو نصب ٿيل آهي. هن پڙ تي رکيل قديمي تعزيو خان محمد نوناريءَ هندستان جي انهن ئي ڪاريگرن کان جوڙايو، جن ميرن جو وڏو تعزيو تعمير ڪيو. هي تعزيو به پاڻ سينگاريندو هيو. ان بعد سندس پُٽ راڻو خان ۽ پوءِ رسول بخش نوناري ان تعزيي کي سينگاريو. ان بعد توفيق حسين ۽ محبوب حسين نوناري، انهن کانپوءِ هن مهل تائين غلام سرور نوناري (پَپو) گلزار حسين (جَگي) نوناري، عارف حسين نوناري ۽ شاهد حسين نوناري جن سينگاريندا اچن ٿا. تعزيي جي سينگار تي ايندڙ سڄو خرچ ضمير نوناري ڪندو آهي. هن پڙ تي 2 فيبروري 1974ع ۾ خان محمد نوناريءَ جي پوٽي توفيق حسين ولد رسول بخش نوناريءَ انجمن معصومين شيعه فيڊريشن، ٺاهي ۽ هڪ وڏو علم عباس عه ٺاهي 10 محرم جي رات جلوس ۾ ڪڍيو جيڪو ان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀائر الطاف نوناري ۽ ضمير نوناري سينگاري ڪڍندا رهيا. هاڻ هي علم پاڪ مرحوم الطاف نوناريءَ جو نوجوان فرزند دانش نوناري 10 محرم جي رات ڪڍندو آهي. هن پڙ تي رکيل زيارت شهزاده علي اصغر (ع) جو جھولو مبارڪ 2015ع ۽ ضريح اقدس حضرت امام حسين عليه السلام تعمير ڪرائي 2016ع ۾ رکي وئي. هن پڙ تي 1988ع کان محرم الحرام جو عشرو شروع ٿيو. هن وقت هن پڙ جا بانيڪار زوار ضمير نوناري ۽ زوار اختر نوناري ۽ مُتولي ڪامريڊ ولايت نوناري آهن. هن پڙ تي نياز امام حسين عه هلائڻ واري نوڪري زوار اقبال نوناري ڏيندو آهي.
[b]سهتن جو پڙ
[/b]سهتن جو پڙ: هي پِڙُ مَکڻُ خان سهتو قائم ڪيو. ان کانپوءِ ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي والد محمد صديق سهتو هن پڙ تي خدمت ڪئي جيڪو دفن به اتي ئي ٿيل آهي. هاڻي هن پڙ جي سنڀال الهه وسايو سهتو جو اولاد زوار اقرار سهتو ۽ وسيم سهتو ڪندا آهن. هتي پهريون علم حضرت عباس عه مَکڻ خان سهتو بلند ڪيو، ٻيو علم پاڪ 2004ع ۾ ممتاز حسين (مَتن) سهتو، زوار اقرار سهتو ۽ وسيم رضا سهتو جن قائم ڪيو. هن پڙ تي هنن ئي بانين پاران مستورات جي عزاداريءَ جا پروگرام ڪيا ويندا آهن.
[b]شيخن جو پڙ
[/b]شيخن جو پڙ: هن پڙ جو بانيڪار خميسو خان شيخ هيو. ان کانپوءِ سندس اولاد لال بخش، الهه بخش، محمد فيضل ۽ محمد آچر (هنن جو اولاد روزگار سانگي نواب شاهه لڏي ويو.) سنڀاليو. ان بعد لال بخش جي اولاد پنهل خان، محمد اسماعيل، پوءِ الهه بخش جي اولاد محمد ڪوڙل، ۽ پنهل جي اولاد مان لال بخش ۽ استاد اعجاز، ان بعد محمد اسماعيل جي اولاد مان ڪريم بخش ۽ محمد مٺل، وري محمد ڪوڙل جي اولاد مان محمد جڙيل ۽ بشير احمد سنڀاليو، بشير احمد پاڻ هي ذميواريون لال بخش جي اولاد رضاحسين حوالي ڪيون. هي پنهنجي چاچي استاد اعجاز حسين سان گڏ ڪافي سالن کان سنڀاليندو اچي پيو. رضا حسين شيخ هن پڙ جي باني خميسي خان جي پنجين پيڙهيءَ مان آهي. مير ببر علي ’انيس‘ جيان ته:
عمر گذري هئي اِسي دشت ڪي سياحي ۾،
پانچوين پشت هئي شبير ڪي مداحي مين!
هن پڙ کي آباد رکڻ، پنهنجي برادريءَ ۽ پاڙي وارن کي مذهبي سرگرمين ۾ مصرف رکڻ لاءِ لال بخش شيخ ”انجمن سفينه پنجتني“ جو بنياد رکيو. هن پڙ تي چار علم حضرت عباس عه نصب ٿيا جن مان ٽي ڪاٺ جا هئا جيڪي مختلف وقتن تي تبديل ڪيا ويا، جن مان ٻه علم پاڪ امام بارگاهه ۾ دفن ڪيل آهن ۽ ٽيون علم پاڪ نانگراج جي ڳوٺ ڀرسان سيدن جي امام بارگاهه ۾ نصب ڪيل آهي. هن پڙ تي چوٿون اسٽيل جو علم پاڪ 2004ع ۾ نصب ڪيو ويو، جيڪو هن مهل تائين بلند ٿيل آهي.
شيخ برادري پاران هن امام بارگاهه ۾ ڏهين محرم الحرام جي رات مجلس منعقد ڪئي ويندي آهي. پندرهين (15) محرم تي مولانا عظاءُ حسين بلاغيءَ پاران (مستورات) جي مجلس عزا ۽ عزاداري جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. چوٿين (4) ربيع الاول تي ڪوٽو ڪنڀر(عزادر حسينيءَ) پاران 36 سالن کان وڏو جلسو منعقد ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا نامور ذاڪر خطاب ڪندا آهن. سترهين ربيع الاول تي جشن ولادت حضرت محمد مصطفى ﷺ ۽ چوڏهين شعبان المعظم تي جشن ولادت حضرت امام مهدي عليه السلام، اصغريه پاران منعقد ڪيو ويندو آهي. هن پڙ تي ٿيندڙ پروگرامن جو انتظام سنڀالڻ لاءِ رضا (چهواڻ) شيخ پاران سنه 2004ع ۾ انجمن منتظر مهدي (ع) جو بنياد رکيو ويو.
[b]شامِ غريبان وارو عَلَمُ پاڪ
[/b]شروع کان وٺي هن شهر جي ڏهين محرم الحرام ۽ چهلم سيد شهداء جي ماتمي جلوسن جو اختتام مُڪاڻي مجلس تي ٿيندو آهي. اها مُڪاڻي مجلس عزا اڄ تائين ڏيڍي مير مولابخش ٽالپر تي ٿيندي آهي. ڏيڍي (اوطاق) ختم ٿيڻ بعد اهو هنڌ ’شامِ غريبان جو پلاٽ،‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان پلاٽ تي هاڻي اٺين محرم الحرام 2016ع تي هڪ ننڍڙو 12هن فوٽن جو علم عباس عه نصب ڪيو ويو آهي. ڇهن مهينن بعد ان جاءِ تي تاريخ 25 رجب المرجب 2017ع تي هڪ 30 فوٽن جو نئون علم پاڪ تيار ڪرائي بلند ڪيو ويو. جيڪو هن وقت شهر ۽ آس پاس جي مومنن لاءِ زيارت جو مرڪز بڻيل آهي.