تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

پِڙَنِ تان نڪرندڙ تعزيا ۽ ضريحون مبارڪ جا سينگاريندڙ مومن

ميرن جي پِڙَ تان نڪرندڙ تعزيا، جهولو ۽ شبيهون مبارڪ
ميرن جي پڙ تي رکيل وڏو تعزيو: هي تعزيو باغ علي ٽالپر جوڙايو، هن تعزيي سان گڏوگڏ ان پڙ تي لڳل ’علم حضرت عباس عه‘ جو ڪم گڏ گڏ هڪ سال تائين هليو. تعزيو ٺاهيندڙ ڪاريگر هندستان جي شهر لکنوءَ جا ’شيشه گر روهيلا ‘ خاندان جا هيا جن هي تعزيو سنه 5 جولائي جمع جي ڏهاڙي مڪمل ڪيو. هن تعزيي جي سنه واري تختيءَ تي سنه تعمير کان علاوه،’حُب الفرمائِش جناب مير باغ عليخان ٽالپر، محرابپور‘ ۽ ان جي ڀرسان واري تختيءَ تي زيارت حضرت امام حسين عه لکيل هئي. هي تعزيو باغ علي ٽالپر زيارت لاءِ ٺهرايو هيو جيڪو ٺهڻ کانپوءِ تقريبن ڪجھ سالن تائين زيارت گاهه کان ٻاهر نه نڪتو. تعزيي کي تبليغ خاطر ٻاهر بازار ۾ سبحان علي ٽالپر آندو.
هي تعزيو ڏهين محرم جي رات واري جلوس ۾ نڪتو، تعزيي جو نقشو روضه حضرت امام حسين عليه السلام ۽ حضرت غازي عباس عليه سلام جي طرز تي ٺهيل آهي. هن تعزيه جون ٽي (3) منزلون ۽ ٻه گُنبذ آهن، وڏو گنبذ مولا حسين عه ۽ ننڍو گنبذ مولا عباس عه سان منسوب آهي. ننڍي گُنبذ اڳيان صحن پڻ ٺهيل آهي. تعزيه جي چئني طرفن کان ڪربلا جي شهيدن جي حوالي سان 72 ننڍڙيون ضريح رکيل آهن. ڪاريگر پنهنجي ڏاهپ سان هن تعزيه ۾ مڪمل ڪربلا جو نقشو چِٽيو آهي. جنهن ڪري هن تعزيي کي ڪربلا به چئي سگھجي ٿو.
هن تعزيي تي سڄو ڪم ڪاٺ ۽ شيشي جو ٿيل آهي. ڪاٺ ۾ ساڳوان جي ڪاٺي ۽ ضرورت آهر ديال جو ڪاٺ به استعمال ٿيل آهي. شيشي تي اعلى نموني جي خوبصورت رنگن جي گُلڪاري ٿيل آهي جيڪا هن جي قدامت جي ساکي بڻيل آهي. هن جي ڊيگھ 10 فوٽ 6 انچ، ويڪر 7 فوٽ 6 انچ ۽ اوچائي 15 کان 18 فوٽ آهي. تعزيي جي ڇت تي ٿيل خوبصورت نقش نگاريءَ ۾ ”اَبرَق“[228] جو استعمال ٿيل آهي. هن کي ڪُلهن تي کڻڻ لاءِ 80 مومن مقرر ٿيل آهن جڏهن ته ٻيا حاجتمند عزادار به ثواب خاطر شامل هوندا آهن. تعزيو سينگارجڻ کان پهرين واڍي کان مڪمل طرح سان چڪاس ڪرايو ويندو آهي. اهڙي نوڪري پهرين واڍو محمد جمن (ڊکڻ) سومرو، پوءِ غلام حسين شيخ ۽ سندس پٽ غلام عباس شيخ (ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي) ۽ هاڻي مستري مُلان محمد جميل مغل ڏئي رهيو آهي.
تعزيي کي پهرين خان محمد نوناريءَ ۽ سندس خاندان رسول بخش نوناري ۽ راڻو خان نوناري جن سينگاريندا هيا. تعزيي جا گُل ۽ ڇَٽيون هي پنهنجن هٿن سان ٺاهيندا هيا. تعزيي جي سجاوٽ جي سامان سهيڙڻ جو ڪم ذوالحج کان ئي شروع ٿي ويندو هيو. ان بعد سيد مريد علي شاهه رضوي، پوءِ سيد شاهد شاهه بخاري (شادن شاهه) ان بعد نسيم شاهه بخاري ۽ هاڻ حبيب الله ٽالپر(عرف مير ڏاڏو) ۽ فيض محمد شيدي (عرف بابل) جن سينگاريندا آهن. تعزيي جي سجاوٽ جو ڪم ستين محرم کان شروع ٿي نائين محرم تي مڪمل ٿيندو آهي. تعزيي جي ڪمري (زيارت گاهه) جي دروازي کي پهرين سَرَنِ جي ٺهيل وڏن ٽُئن سان بند ڪيو ويندو هيو. تعزيو رکڻ ۽ ڪڍڻ مهل اهي لاهي ٻيهر نوان لڳايا ويندا هيا، (سَرَنِ سان ٺهيل) ٽُئن کي لاهڻ ۽ لڳائڻ جي ڊيوٽي عقيدت وچان پهرين زوار محرم ملاح ۽ هاشم ملاح جن ڏيندا هيا ان بعد سندن اولاد حسين بخش ملاح ۽ فيض محمد ملاح (استاد بادل) جن ڪافي عرصي تائين ڏيندا آيا. ڪجھ سالن بعد انهن جي اولاد تنظيم جي تعاون سان هن ڪمري جو لوهي دروازو، هال ۽ ڀتيون تعمير ڪرايون.
هيءَ زيارت (تعزيو) صرف ڏهين محرم جي رات نڪرندي آهي. زيارت ميرن جي امام بارگاهه ۾ سينگارجڻ کانپوءِ اتان کڄي ڏيڍي وٽ مستورات جي زيارت ۽ عزاداريءَ لاءِ رکي ويندي آهي. تعزيو رکڻ کانپوءِ اتي مستورات جي عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. بعد مجلس جلوس کڄندو آهي جنهن سان تعزيو سڄي رات هلندو صبح جو ميرن جي پڙ تي طواف کانپوءِ زيارت گاهه ۾ وڏي حفاظت سان رکيو ويندو آهي. تعزيي جي طواف مهل دهل ۽ شرناءِ تي وڄندڙ ياحسين عه واري طرز مَٽائي ’شادمانو‘ چئن سُرن وارو ’تارُ‘ وڄايو ويندو آهي. قديم زماني ۾ هونءَ ته هي سُرُ خوشيءَ جي موقعي تي وڄايو ويندو هيو. پر هتي هن ’شادمانو‘ وارو ’تارُ‘ غم جي لهر پيدا ڪندو آهي. جنهن جي وڄڻ سان هر مومن جي اک غمِ حسين عه ۾ آلي ٿي پوندي آهي. شادماني بابت سنڌ _ هند جي موسيقيءَ جو پارکو شاعر رمضان واڍو پنهنجي ڪتاب: ’علم موسيقي‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”شادمانه سنڌ جي رائج تالن مان هڪ تال آهي.“[229]
تعزيو صبح جو جيئن ئي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان کي زيارت گاهه ۾ رکڻ کان پهرين علمِ عباس (ع) جو طواف ڪرايو ويندو آهي. طواف: تعزيي کي علم پاڪ جي سڄي پاسي کان ست چڪر ڏياري پوءِ زيارت گاهه ۾ رکيو ويندو آهي. طواف مهل جلوس سان جيڪي به ننڍيون شبيهون ۽ تعزيه شامل هن هوندا آهن اهي به وڏي تعزيي سان گڏ طواف ڪندا آهن.
هي تعزيو وڏو ۽ وزني آهي. جنهن جو وزن تقريبن ٻن ٽنن جي لڳ ڀڳ هئڻ باوجود ڪلهن تي کنيو ويندو آهي. تعزيو کڻندڙن کي ”ڪانڌي“ چئبو آهي. ”ڪانڌي“ شروع کان وٺي هن مهل تائين نسل در نسل انهن ئي خاندانن مان ٿيندا اچن ٿا. جيڪي تعزيي کي ڪُلهو ڏيڻ ۽ ڪانڌي سڏجڻ کي پنهنجي لاءِ مولا حسين (ع) جي طرفان مليل اعزاز سمجھن ٿا. تعزيي کي کڻڻ کان پهرين ان جي ٻنهي پاسن (ٻانهين) کان رسن سان ٻه وڏيون مضبوط ڪاٺيون ٻڌيون وينديون آهن جنهن کي سُرخَ سڏبو آهي.
تعزيي جا چار ئي پاوا، پاسا مختلف ذاتين جي ماڻهن کي ورهائي ڏنل آهن. جيڪي اڄ تائين ان ئي پاسي تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان پنهنجي نوڪري ڏيندا اچن ٿا. جن ۾ اڳين طرف جي ساڄي پايي تي عامُرُ ذات جا ماڻهو ۽ کاٻي پايي تي مري بلوچ، پوئين طرف کان ساڄي پايي تي لُنڊ، شيدي ۽ کاٻي پايي تي شيخ ۽ راهو برادريءَ جا جوان ۽ پوڙها مقرر ٿيل آهن. جيڪي شروع کان پنهنجي ان عبادت تي فرض نماز جيان وقت تي پاڻهي پهچي ويندا آهن.
هن تعزيي کي ترتيب سان جلوس ۾ کڻي هلڻ، پڙن تي رکڻ ۽ کڻڻ لاءِ هڪ اڳواڻ، سالار مقرر هوندو آهي. جيڪو ڪانڌين کي پنهنجي آواز ۽ هٿن جي اشاري سان هلائيندو آهي، ان جي ڏنل آواز ۽ هٿن جي اشاري سان ئي ڪانڌي هلندا آهن. اهڙي ڊيوٽي پهرين فضل محمد شيخ ان بعد سائين ڏنو شيخ (سائنو) پوءِ حاجي حمزه شيخ ان کانپوءِ سندس فرزند آندل شيخ ان بعد ڪريم بخش ملاح پوءِ سندس فرزند آفتاب ملاح ان بعد منظور ٽالپر ۽ هاڻي حبيب الله ٽالپر( ڏاڏو) ڏيندو آهي.
ميرن جي هن پڙ تان هڪ قديمي ننڍڙو تعزيو به نڪرندو آهي. جيڪو تقريبن وڏي تعزيي جيترو ئي قديم آهي. جيڪو ٽنڊي ڪرم خان نظاماڻيءَ جي رهواسي احمد بخش ڀٽيءَ پاڻ ٺاهيو هيو. جنهن کي ڏهين محرم جي رات واري جلوس ۾ سهڻي نموني سينگاري جلوس ۾ کڻي ايندو هيو. ان بعد هي تعزيو سانول خان خاصخيليءَ (ذاڪر فضل حسين خاصخيلي _ ڪوڏوءَ جو ڏاڏو هيو) سينگاريو، ان کانپوءِ هي تعزيو ٽنڊي ڪرم خان مان کڻي ميرن جي پڙ تي رکيو ويو جيڪو ڪافي وقت تائين علي بخش شيديءَ (مامو اَلو شيدي) سينگاري ڪڍيو. ان بعد الطاف شيدي (جَجُوشيدي) سينگاريندو هيو، ان کانپوءِ سندس فرزند فيض محمد شيدي (بابل شيدي) سينگاريندو آهي. ان کانپوءِ هڪ ٻيو ننڍڙو تعزيو جيڪو 8 سالن جي ڄمار ۾ رضا حسين ٽالپر، سنه 1965ع ۾ هتان جي ڪاريگرن کان ٺهرايو هو. اهو به وڏي تعزيي جي پويان ميرن جي پڙ تان اڄ تائين نڪرندو اچي ٿو. جنهن کي پهرين فيض ٽالپر، پوءِ امداد ٽالپر ۽ هاڻي سيد زوهيب شاهه سينگاريندو آهي.ان کان علاوه سيج شهزاده قاسم عليه السلام ۽ جھولو شهزاده علي اصغر عليه السلام، زوار مريد حيدر فاضلاڻيءَ جي گھران نڪري هن پڙ تي ايندو آهي. هتان 2015ع کان هڪ ننڍو تعزيو هندو نوجوان راجه ولد ٽيڪچند هندستاني سينگاري ڪڍندو آهي؛ جنهن کي 2016ع ۾ وڏي تعزيي جي نقشي جهڙو ڪري ٺهرايو ويو آهي. جيڪو سڄي رات جلوس جي زينت بڻيل هوندو آهي. ‘ٽنڊي مير مهراب‘ کان لڏي آيل زوار مريد فاضلاڻي جي گھران، ميرن جي پڙ ۽ گھرن ۾ ٿيندڙ مستورات جي مجلسن ۾ ڇهين محرم الحرام ۽ نائين محرم الحرام جي رات سيج شهزاده قاسم (عه) ۽ جھولو شهزاده علي اصغر (عه) برآمد ڪيو ويندو آهي. اُهي ساڳيون زيارتون ڏهين محرم جي جلوس سان به هونديون آهن. ان کان علاوه، شهادت حضرت علي عليه السلام جي موقعي تي 22 رمضان جي ماتمي جلوس ۾ نڪرندڙ شبيهه شيعه جامع مسجد مان بر آمد ٿيندي آهي. اها به زوار مريد فاّضلاڻيءَ پاران تيار ڪئي ويندي آهي. سندس وفات بعد ان سلسلي کي سندس اولاد زوار رياض فاضلاڻي، زوار فياض فاضلاڻي ۽ آفتاب فاضلاڻي جن قائم رکيو اچن ٿا.