سنڌ جي لاڙي حصي ۾ عزاداري
لاڙ جي جاگرافيائي حدن بابت جڳ مشهور چيني سياح شين سئنگ جي سفر نامي جو حوالو ڏيندي اليگزينڊر ڪننگھام جي عطا محمد ڀنڀري پاران ترجمو ڪيل ڪتاب: ”سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي“ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”پٽا سيلا Pitasla يا لاڙ واري علائقي جو گھيرو ٽي هزار لي يا پنج سئو ميل هو. جيڪو حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين ساري ڇوڙ واري علائقي جي گھيري واريءَ ماپ سان سهمت آهي. اهو اوڀر طرف عمر ڪوٽ ۽ اولهه پاسي راس مونزيCape Monz واري جابلو علائقي تائين پکڙيل آهي. ان نقط نگاه کان لاڙ واري علائقي جي مختلف پاسن جي ماپ هن ريت ٿي سگھي ٿي، اولهه پاسي واري جابلو علائقي کان وٺي عمر ڪوٽ تائين هڪ سو سٺ ميل. ان ساڳيءَ جاءِ کان راس مونزي تائين پنجاسي ميل، مونزي راس کان سنڌوءَ جي ڪوري کاري تائين هڪ سئو پنجٽيهه ميل، ڪوري کاري کان عمر ڪوٽ تائين هڪ سئو چاليهه ميل، جيڪڏهن هنن سڀني پاسن جي ماپن جو جوڙ ڪبو ته گھيرو پنج سئو ميل وڃي بيهندو. هن علائقي جي زمين بابت چيو ويندو آهي ته اها وارياسي ۽ ڏنگاشي آهي. ڀاڄيون ۽ اناج جام ٿيندو هو، پر موجوده دور جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڦل ۽ ڦول گھٽ ڏسڻ ۾ ايندا. سڪندر جي زماني ۾ لاڙ جو مشهور ۽ اهم شهر پٽالا Patala هوندو هو، پر چيو ويندو آهي ته هن لاڙ ۾ گھڻي وقت ترسڻ دوران ٻين به ڪيترن ئي شهرن جو بنياد رکيو هو.“[129]
لاڙ ثقافتي حوالي سان به پوري دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. لاڙ جي ثقافتي مرڪزي حيثيت بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب: ’لاڙ جا ماڳ مڪان‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”دنيا جي هڪ وڏي حصي تي 10 هزار سال اڳ کان پنهنجو ثقافتي اثر وجھندڙ سنڌ جي ثقافت هڪ عالمگير ثقافت رهي آهي. ان جو اثر ڏهه لک چورس ميلن تائين رهيو آهي. لاڙ انهيءَ قديم ثقافت جو مکي مرڪز رهيو آهي.“[130]
سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ محبت اهلبيت ۽ عزاداريءَ جي پيغام جي ابتدا جلواه گاهه امامين آهي. جتان لاڙ پڇاڙ جي پوٺن تائين عزاداريءَ جو پيغام پهتو. هڪ محفل ۾ ويٺي بيدار جعفريءَ ڏسيو ته: ”سنڌ جي جن خطن ۾ عزاداري سڀ کان اڳ پهتي هئي، انهن ۾ لاڙ جو ذڪر سڀ کان مٿاهون آهي.’لکنو اور شيعه‘ جي مصنف سيد هاشم زيدي لکيو آهي ته:’ننڍي کنڊ جي گھڻن هنڌن تي مذهبِ اهلبيت جي پرچار ٺٽي کان پهتي هئي.‘ تنهنڪري ساحلي پٽي ڪيٽي بندر کان بدين جي قديم شهر ڪڍڻ تائين اوهانکي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڀرپور عزاداريءَ جا هزارين ثبوت ملندا.“ هي پَٽ عزاداريءَ جي حوالي کان نمايان رهيو آهي. هن پٽ جا شهر ٺٽو، مڪلي، ميرپور بٺورو، جھرڪ، چوهڙ جمالي، جاتي، گهارو، گجو، گھوڙا ٻاري،سخي شاهه ڏاتار، بڪار، ميرپورساڪرو، دڙو، سجاول ۽ لڳ لغارين جون قديم وسنديون پهرين محرم الحرام کان اٺين ربيع الاول تائين مجلس عزائن، ماتمي جلوسن، ذوالجناح، سبيلن ۽ سياه پوشيءَ سان سنڌ جي ٻين علائقن جيان ٽمٽار هونديون آهن.
بدين جو بنياد ۽ عزاداريءَ جي اوسر
سنڌ جي هيٺاهين حصي لاڙ، جي ضلعي بدين جي بنياد بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب:’لاڙ جا ماڳ مڪان‘ ۾ ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ جي مقالي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي پنهنجي مقالي ’بدين ضلعي جي قديم آثارن جو مختصر تاريخي جائزو‘ ۾ مختلف تاريخدانن جا حوالا ڏيندي لکي ٿو ته: بدين جو شهر، هن موجوده شهر کان ڪجھ فاصلي تي ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري جي قريب هو، پر زلزلن ڪري سمنڊ ڪافي پري هٽي ويو آهي.
بديڻي نالي هڪ ملاح تان اهو نالو پيو آهي. تاريخدان ۽ ڀون وگيان (Geology) جا ڄاڻو ۽ عالم انهيءَ سمنڊ جي قريب هجڻ جي تصديق ڪن ٿا ته پوءِ اهو اندازو غلط نه ٿيندو ته اهو ڳوٺ هتان جي ملاحن جو آباد ڪيل هو، جن جو عربي سمنڊ تي قبضو هو، جن لاءِ عربن ”ميد“ لفظ استعمال ڪيو آهي. بديڻو ڪو ملاحن جو وڏو هو. هي ڪو مڙس منير ٿي گذريو آهي، انهيءَ جي نالي تي اهو شهر يا ڳوٺ قائم هو. سندس قوم سڪندر مقدونيءَ جي گماشتن کي به هن پٽ ۾ پير کوڙڻ ڪونه ڏنا هئا.“[131]
ٺٽي جي سادات بزرگن بابت لکڻ وقت، اهلبيت سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب: تحفته الڪرام، ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”شروعات اهل بيت جي برگزيده طبقي سان ڪجي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهي ئي موجودات جي ڪتاب جي بسم الله آهن.“[132] لاڙ شروع کان عزاداريءَ جي حوالي کان سڄي سنڌ ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو. لاڙ جي عزاداريءَ جي رنگ بابت زهير حسين حيدري ٻڌائي ٿو ته: ”شهرن بدين، نندو شهر، ڪـڍڻ، تلهار، ٽندوباگو، پهاڙمري، ميرپور بٺورو ۽ جهرڪن ۾ گهڻو ڪري عزاداري ڪندڙ بنيادي ماڻهو خواجا اثنا عشري آهن، جيڪي اصل ۾ سڀئي اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ هئا، قائدِ اعظم محمد علي جناح به اسماعيلي خواجو هو، جيڪو پوءِ شيعا اثنا عشري ٿيو، ڪراچي جي خواجا اثنا عشري جماعت جو باقاعده ميمبر ٿيو، سندس نڪاح به شيعه فرقي جي عالم آقائي شريعت پڙهايو ۽ سندس جنازي نماز به شيعا عالم مصطفى جوهر پڙهائي جيڪو علامه طالب حسين جوهري جو پيءُ هو. اسماعيلي خواجا جيڪي آغا خان جا مقلد هئا، آغا خان کي وقت جو حاضرامام مڃيندا هئا (اڄ به سندن اهو ئي عقيدو آهي) ان فرقي جا ٻه حصا هئا، 1. پِڙائي (يعنى پِڙ ڪڍڻ وارا) اهي هرسال محرم مهيني ۾ ڪاٺين جو مچ ٻاري ان تي حضرت امام حسين ع جي شهادت جي حوالي سان نوحا پڙهي ماتم ڪندا هئا. مولوين ۽ ذاڪرن جي آڻاٺ هوندي هئي، ننڍڙا ڪتابچا پڙهي امام حسين ع جي شهادت جو تذڪرو ڪيو ويندو هو، ان تي گريو به ٿيندو هو. 2 حصو خانائي سڏائيندو هو، جيڪو پِڙ نه ڪڍندو هو، ماتم يا ذڪرِ امام حسين (ع) نه ڪندا هئا، پڙائي به هئا ته آغائي پر پِڙن تي ڪربلا جي شهيدن جي ذڪر سبب انهن ۾ تحقيق جي جستجو پيدا ٿي، شهادتن جي تذڪري، ماتم ۽ گريي جي ڪري پِڙائي خواجن ۾ جذبئه مودت گهر ڪندو ويو، ايستائين جو انهن ۾ 5 ڄڻا اهڙا جاڳيا جيڪي ايترا پڙهيل به نه هئا نه ئي ڪنهن شيعا عالم کان ڪي مناظري جا درس ورتل هئن، پر دل جي اندر جي اڌمن ۽ راهِ حق جي جستجو کين پنهنجي ان وقت جي عقيدي موجب حاظر امام سان مناظري لاءِ تيار ڪري ڇڏيو جيڪا نظرياتي اختلاف جي آزادي، هن دئور ۾ به ورلي ملندي جو ڪو عام پيروڪار پنهنجي سياسي يا مذهبي رهبر سان بحث مباحثي يا مناظرو ڪرڻ جي هام هڻي ويهي رهي. انهن پنجن ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت ۽ شعلئه بيان خطيب ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جو پيءُ ۽ برک شاعر ۽ اديب شمشيرالحيدري جو نانو حاجي غلام علي خواجه (نندو شهر)، حاجي محمد جعفر ويساڻي (ميرپوربٺورو)، سيٺ ولي محمد گل محمد (ٽنڊوباگو)، مرحوم مولوي عبدالله (ميرپوربٺورو) ۽ سيٺ الله ورايو(راه مڪي بازار) شامل آهن، جن سنه 1900 عيسوي ۾ پرنس صدرالدين سان مذهبي مناظري ۾ کانئس مطمئن نه ٿيڻ کانپوءِ آغاخاني فرقي کان آزاد ٿي، خواجا شيعا اثناعشري (ٻارهن امامي) سڏائڻ شروع ڪيو. ان جي نتيجي ۾ ٻنهي جماعتن ۾ وڏا اختلاف ٿيا، هڪ ٻي جو سوشل بائيڪاٽ ٿيو، عزيز قريب ٽٽي ويا، ڪيس ٿيا، جيل ڀريا، ڪاروبار رلي ويا، راه مڪي وڏو واپاري شهر هو، پاسي ۾ علي بندر هو جتي سامونڊي جهاز لنگر ڪندا هئا، ماڻهو حج تي هتان ويندا هئا، اهي شهر اسماعيلي خواجن جا واپاري مرڪز هئا، انهن اختلافن جي ڪري شيعا مسلڪ اختيار ڪندڙن لا۽ رستا تنگ ٿي ويا، آخر ڪار کين لڏپلاڻ ڪري، ڏتڙجي، دربدر ٿي، بدين، نندو شهر، تلهار ٽنڊوباگو، پهاڙمري، ميرپوربٺورو جهرڪ ۽ پوءِ ڪراچي ۽ حيدراباد ۾ آباد ٿيئڻو پيو. حاجي غلام علي گهڻو پڙهيل ته ڪونه هو پر پنهنجي وقت جو وڏو واپاري ۽ مالدار ماڻهو هو، سندس چمڙي جو ڪوٺيون راهمڪي بازار، احمد آباد، امرتسر ۽ ٻين شهرن ۾ هيون، آغا خاني مان شيعا مسلڪ اختيار ڪندڙن ۾ هو پهريون حج تي وڃڻ وارو شخص هو، هو مسلمانن کي نماز جو عادي بنائڻ لاءِ روز جي ڏهاڙي ڏيئي کين نماز جو پابند بنجڻ جي تلقين ڪندو هو. وقت سان گڏ عزاداريءَ جي ولولي کين مردن ۽ زائفائن جا گڏيل امام بارگاه ٺهرائڻ جو اتساه ڏنو. لاڙ جي هر شهر ۾ هن وقت وڏا وڏا امام بارگاه، مجلسون،عشره، ماتمي جلوس، مرثيه خوان شاعر، ذاڪر، مولوي مقرر ۽ مبلغ ان جا عيني گواه ۽ زنده ثبوت آهن. پر ان وقت جيئن ته لاڙ جي انهن شهرن يا لاڳاپيل ڳوٺن ۾ ڪوبه مجلسون پڙهندڙ ذاڪر يا مولوي نه هو، ڪچا رستا، غربت، لاعلمي رستي ۾ رنڊڪ هئا. ان وقت پهريون ذاڪر حاجي غلام علي خواجا جو پٽ غلام حسين هو، جنهن پنهنجو شاعريءَ جو تخلص ”ملنگ“ رکيو هو، پنجاب کان ذاڪريءَ جا ڪتاب گهرائي ڪتاب تان ڏسي مجلسون پڙهندو هو، سندس مجلسن ۾ ڏاڍو گريو ٿيندو هو. پاڻ بهترين شاعر هو، ۽ هن ڪيترائي مرثيا به لکيا آهن جنهن ۾ هڪ مرثيو هي آهي ته:
”اي مومنو راوين ڪنان هي ذڪر ٿيوعيان،
اڪبر کي لڳا رڻ ۾ جڏهن تير ۽ سنان
اڄ به مجلسن ۾ جڏهن پڙهيو ويندو آهي ته مومنن ۾ گريو ناقابلِ برداشت هوندو آهي. لاڙ جي عزاداريءَ جي مجلسن ۾ باقائده برزبان پهريون مقرر حاجي غلام علي خواجا جو ٻيو پٽ نذير حسين حيدري هو جنهن جو مطالعو تمام وسيع ۽ هر مڪتبئه فڪر لاءِ هوندو هو، هن ڪيترا ئي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ سائنسي بنيادن تي علمي ڪتاب لکيا. اوائلي دور ۾ مجلسون پڙهندڙن جي آڻاٺ سبب نذير حسين حيدري عاشور جي رات گھوڙي يا اٺ تي چڙهي سڄي رات بدين، ڪڍڻ، تلهار۽ ٽنڊي باگي ۾ بنا معاوضي مجلسون پڙهندو فجر جو الوداعي مجلس اچي نندي شهر ۾ پڙهندو هو. سندس لکيل هڪ مرثيو.
گھايل ٿي ڪريو گهوڙي تان جنهن دم علي اڪبرعه
بابي ڏي ڪري منهن چيئين هينئن بادلِ مظطر
رس مون ڏي سگهو تون اچي اي سيدِ سرور
نيزي جي اڻي حال ڪيو آهي مون ابتر.
لاڙ جي عزاداريءَ جي مجلسن ۾ ۽ خاص ڪري حضرت علي اڪبر (ع) جي شهادت جي مجلسن ۾ ضرور پڙهيو ويندو آهي. ان کان پوءِ پنجاب ۽ اتر سنڌ کان ذاڪرن ۽ مولوين تبليغاتِ محمد و آلِ محمد صﷺ جي حوالي کان لاڙ ڏانهن اچڻ شروع ڪيو، درس تدريس، تحقيق ۽ تحرير، بحث مباحثا، مڪالما ۽ مناظرا شروع ٿيا. ٺٽي ۾ سيد غلام حيدر ڪوثري جهر جهنگ ۾ شيعت جي واڌاري لاءِ تمام وڏي جاکوڙ ڪئي، ان جي نالي سان اداره ڪوثري قائم ڪري خيرپور ضلع جي ذاڪر قلندر بخش وڏو تبليغاتي ڪم ڪيو، ان دوران لاڙ ۾ وڏا مرثيه ۽ نوحه خوان پيدا ٿيا، جن ۾ شمشيرالحيدري، ناصر علي خواجا، عبدالعلي خواجا، محسن خواجا، سائل آزاد، فتح علي حليم لغاري، نياز جتوئي، غلام محمد بيدم، قلب علي خواجا، لياقت پنجتني، غلام حسنين آزاد، عبدالله ڀرڳڙي، اشرف جعفري، شاعره نثار فاطمه، ڊاڪٽر مولا بخش جعفري ۽ مقررين ۾ مولانا غلام مهدي واگهريجي وارو، علامه حيدر علي جوادي کوسو(حاجي ساوڻ ماتلي وارو)، مولانا مراد علي حيدري، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، مولوي جعفر خواجا، مولانا مقداد علي جعفري، حاجي علي محمد ڪربلائي، ڊاڪٽر مختار حسين جعفري، ذاڪر مقبول خواجا، محمد قاسم خواجا، ذاڪر فدا حسين خواجا، مولانا جعفر حسين بادل، مولانا حيدر بخس لغاري، مولانا نقي کوسو، مولانا عابد حسين لغاري، ذاڪر مقصود حسين خواجا، سيد مظفر حسين، زهير حسين حيدري ۽ ٻيا ڪيترا ئي شامل آهن. هر شهر ۾ ڪيتريون ئي عورتون هن وقت بهترين خطابت ڪري زينبي پيغام پهچائڻ ۾ رڌل آهن.“[133]
هن وقت لاڙ ۾ عزاداري انقلابي انداز ۾ مقصدِ امام حسين عليه جي تناظر ۾ ٿئي ٿي، جنهن ۾ هر ذات ۽ هر طبقي جي شراڪت آهي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن جو ڄار وڇايل آهي،علم حضرت عباس عه، شبيهه ذوالجناح، تعزيا ۽ سبيلون نڪرن ٿيون، اتحاد بين المسلمين جي تناظر ۾ موجوده وقت جي يزيدي قوتن خلاف انقلابي رنگ ۾ عزاداري پروان چڙهي رهي آهي، ڪو شهر يا ڳوٺ نه آهي جتي ياحسين ع جي صدا نه بلند ٿيندي هجي، ڪا ذات ڪو فرقو نه آهي جتي ڪربلا جي صدائي ’هل من‘ جو پڙاڏو نه گونجيو هجي. لاڙ جي سوڳوار عزادارن جا سڏڪا وچولي تائين پهتا آهن. ۽ لاڙ، وچولي جي شهر محرابپور جي جديد ماتمي انداز کان متاثر ٿيندو رهيو آهي. محرابپور جي شاعر اهلبيت سيد ارشاد حسين شاهه، بدين، تلهار ۽ لاڙ جي ٻين علائقن ۾ جديد عزاداريءَ جي پيغام کي عام ڪيو.
لاڙ جي عزاداريءَ ۽ اتان جي مومنن جي مَن ۾ مذهبي شخصيتن جي اثر بابت زهير حسين حيدري چوي ٿو ته: ”وري ايراني انقلابِ اسلامي جي اثر سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو آهي، لاڙ جا شيعا ايران جي آيت الله خميني، خامنائي، لبنان جي آيت الله موساالصدر، حزب الله جي حسن نصرالله، نائيجيريا جي آيت الله ابراهيم زڪزڪي، سعودي عرب جي شهيد شيخ باقرالنمر، بحرين جي شيخ عيسا قاسم، يمن جي انقلابي اڳواڻ عبدالمالڪ حوثي، پاڪستان جي شهيد علامه عارف حسين الحسيني ۽ سيد امام علي شاهه جي قربانين فڪر ۽ جاکوڙي ڪردار کان ايترا متاثر آهن جو لاڙ جي عزاداري تي انهن رهبرن جي فڪر جو اثر نمايان نظر ايندو.“
لاڙ ۾ هن وقت ڪيترائي مدرسا آلِ محمد جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ سرگرمِ عمل آهن. ڪيتريون ئي ماتمي تنظيمون تحريڪِ حسيني کي مظبوط ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙي رهيون آهن. سڀئي ادارا مشن امامِ زمانه جي عنوان هيٺ ڳوٺن ۾ نماز روزي ۽ سمورن فقهي ۽ موجوده حالتن پٽاندڙ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ عملي ڪم تيزيءَ سان جاري رکيو اچن.