هندن جي عزاداري
خدا تعالى جي ذڪر کانپوءِ ڪائنات جو هي اهو واحد ذڪر آهي جنهن جي ڪابه حد ۽ وقت مقرر ناهي. هي اهو ذڪر آهي جنهن کي هر مذهب، رنگ، نسل ۽ هر جنس جو ماڻهو ملهائي سگھي ٿو. هي ذڪر رنگ نسل جي ڀيد ڀاوَ کان بالاتر آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو ته: ”حسين عه رب ڪا، حسين عه سب ڪا.“ چون ٿا ته: هڪ دفعو ”گرونانڪ پنهنجي مُريد کي چيو، حُسين عه جو غم ملهائيندو ڪر، مُريد چيو ته: اهو مسلمانن جو پيشوا، اڳواڻ آهي. گرونانڪ چيو: مان توهانجو پيشوا آهيان توکي حڪم ٿو ڏيان ته گھر وڃ وڃي ڀيڻ سان شادي ڪر، مريد چيو، منهنجو ضمير اجازت نه ٿو ڏئي _ نانڪ مسڪرائي چيو اڙي مورک (چريا) انهيءَ ضمير کي ته حُسين عه چئجي ٿو. ڇو ته حُسين عه صرف مسلمانن جو نه، ضمير وارن جو گُرو آهي.“[245]
عرش، فرش ۽ دنيا جي تختي تي ملهائجندڙ هن ذڪر ۾ هر مذهب، رنگ، نسل ۽ جنس جو ماڻهو ايامِ عزا دوران عزاداري ۾ مصروف هوندو آهي. محرم جي ڏهاڙن ۾ ڏسو ته ڪٿي مسلمان عزادار ڪنهن عزاخاني، گھر ۽ محلي جي گھٽيءَ ۾ فرش عزا وڇايو نياز ننگر ۽ سبيل جو اهتمام ڪيو ويٺا آهن؛ ته ڪٿي هندو ڌرم جا عزادار پنهنجي ذاتي خرچ تي غمِ حسين عه ملهائڻ لاءِ ڪارولباس پهري، پير اگھاڙا ڪري، مٿي ۾ خاڪ ڪربلا جو خاڪو وجھي ماتمي جلوس ۾ زنجير کنيو بيٺا آهن؛ ۽ ڪٿي جلوس جي آمد تي روٽ سان سبيل جو انتطام ڪيو اٿن، ته ڪٿي ڪنهن امام بارگاهه ۾ پنهنجو تعزيو سينگارڻ ۾ مصروف آهن ۽ ڪٿي فرش عزا وڇائي نياز ننگر جو اهتمام ڪيو عزادارن جي انتظار ۾ ويٺا آهن.
هندو ڌرم جا عزادار ڪنهن به ريت ٻين عزادارن کان غمِ حسين عه ملهائڻ ۾ پوئتي ناهن. هند، سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي هندو عزادار ذاڪر، شاعر، ماتمي، زنجيرزن، تعزيه ڪڍندڙ، سبيلن جو اهتمام ڪندڙ، ماتمي جلوسن جو روٽ ۽ عزاخانه صاف ڪندڙ هر شهر ۾ ججھي تعداد ۾ ملندا. جيڪي غمِ حسين عه کي قديم زماني کان هر سال بهتر کان بهتر انداز ۾ ملهائيندا آهن. هند، سنڌ ۾ اهڙن عزادارن جي هڪ ڊگھي فهرست آهي جن جي عزاداراڻي ڪردار تي دنيا ۾ گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکجندو رهبو.
منهنجي نظر ۾ نبي اڪرم ﷺ تي ڪلمو پڙهي ان جي اولاد کي قتل ڪندڙ انهن اموين، عباسين ۽ يزيدي نسل جي مسلمانن کان، هي هندو ڌرم جا عزادار لک ڀيرا ڀلا آهن؛ جن کي شانِ رسالت ۽ اولاد زهرى صه جو احترام آهي. هي غير مسلم (ڪافر) ٿي ڪري به، آلِ نبي ﷺ جي قتل تي افسوس ڪري سوڳ ملهائين ٿا. جڏهن ته ٻيا پاڻ کي پَڪا مسلمان سڏائيندڙ، نبي ڪريمﷺ جي اولاد جو غَمُ ملهائيندڙن کي وري ڪافر .... ڪافر ... ڪافر .... چون ٿا. ڪيڏو نه فرق آهي مذهبِ انسانيت ۾...!
هي هندو ڌرم جا - عزادار محرم جي ڏهاڙن ۾ قاتلن جي صفن کان پري بيهي، مظلوم جي حمايت ۾ نڪتل احتجاجي جلوسن جو حصو بڻجي عزادارن سان قدم به قدم هلندا رهن ٿا. ماٿُر لکنويءَ جي لفظن جيان ته: ”مين هندو هون، مگر دشمنِ شبير نهين هون.“ هن وٽ به دشمنِ شبير هجڻ وڏي لعنت آهي.
ماٿر جي شفائت خاطر سرڪار حسين عه جي شان ۾ سندس لکيل هي شعر ڪافي آهي:
حُـسيـن اگـــر ڀــارت ۾ آتـــا تــو، پــردي ۾ اُتــارا جــاتــا،
يون فاطمه صه ڪا لختِ جگر، ڌوڪي سي نه ماراجاتا،
صبح وَ شام هند ڪي گليـون ۾، ڀَگوان پـڪارا جـاتـا.
(ماٿر لکنوي)
اُموي، عباسي ۽ يزيدي نسل، نبي اڪرم ﷺ جي اولاد تي ظلمن جي جيڪا درد ناڪ تاريخ رقم ڪئي اها قيامت تائي زمين ۽ آسمان کان وسري نه ٿي سگھي، جنهن کي چوڏهن سئو سالن کان هن مهل تائين جنهن به وقت بيان ڪجي ٿو ته، دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي.
هند، سنڌ ۾ عزاداري امام حسين عليه السلام جي پيغام کي عام ڪندڙ، اهي ’سنڌي هندو‘ برهمڻ ئي آهن جن جي اهڙي ادا ڪيل عزاداراڻي ڪردار کي تاريخ عزاداريءَ جي بابن ۾ وساري نه ٿو سگجي. سنڌ ۾ قتل حسين عه جي پهرين خبر پهچائيندڙ ۽ ان تي پنهنجن جيان ٽي ڏهاڙا سوڳ ملهائيندڙ اهي هندو برهمڻ بهلا ڪنهن کان وسري سگھندا. جن قتل حسين عه تي ڪربلا جهڙي وارياسي ڌرتيءَ، ٿر ۾ پنهنجن عزيزن جيان غمِ حسين عه جو ٽي ڏهاڙا تڏو وڇائي، سوڳ ملهايو. ڪربلا جي ڪوس جي خبر عام ڪري عزاداري امام حسين عه جو بنياد رکيو. ان ڏڻ کانپوءِ هند، سنڌ ۾ هندو عزادار غم حسين عه کي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ شروع ڪيو. جيڪو سلسلو هن مهل تائين هند، سنڌ ۾ بنا ڪنهن ساهيءَ جي جاري آهي.
سن 61 هجري کان سنڌي هندو برهمڻن پاران شروع ڪيل عزاداريءَ جو سفر اڄ تائين هنن جي نسلن ۾ وڏي عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان جاري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هند، سنڌ جي هر شهر ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ اسانکي هندو عزادار به مصروف عزا نظر ايندو آهي. هندو عزادار رڳو ماتم، نياز ۽ سبيلن تائين محدود ناهن، انهن مان ڪن جا عزاخانه به قائم ڪيل آهن ته ڪي ذاڪر به آهن جيڪي مجلس حسين عه پڙهندا آهن. جن بابت زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب: عزاداري اور غير مسلم اقوام ۾ لکي ٿو ته: ”سانگھڙ سان تعلق رکندڙ هيمنداس حيدري ۽ سامارو سان تعلق رکندڙ رَوي شنڪر کَتري، جو نالو نمايان آهي. رَوي شنڪر کتريءَ ته هڪ امام بارگاهه به تعمير ڪرايو آهي. ٿَرَ جي علائقي ننگر پارڪر جي ويجھو ڳوٺ ۾ حسيني برهمڻ به آباد آهن. جنهن کي مَقامي ماڻهو ”ڪاٺ ٻانڀڻ“[246] جي نالي سان سڏين ٿا. ايامِ عزا ۾ هندو عورتون به ڪارو لباس ڪنديون آهن. هو انهن ڏهاڙن ۾ رڳو سينگار ئي نه پر اکين ۾ سُرمي جي هڪ سَرائي به نه پائينديون آهن. هندن طرفان سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ صدين کان عزاداريءَ جو هي سلسلو جاري آهي.“[247]
ڀٽ ڌڻيءَ جي پياري فقير، ديوان مَدَن فقير جي خاندان مان سيٺ گاگنداس (لُهاڻا) مَدناڻي، پنهنجن بزرگن ڪاڪو پارومل ۽ ٻين کان وٺي هن مهل تائين محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ڏهين محرم جي ماتمي جلوس ۾ شبيهه، جھولي ۽ سيج ۾ مُوڙي جو نياز وجھندو آهي، ۽ وڏي پِڙَ تي پنجين ۽ اٺين محرم تي وڏو نياز ڪندو آهي. اهڙو سلسلو سندس برادريءَ جي نوجوانن جن ۾ وجئي ڪمار، ڪشور ڪمار، رميش ڪمار، گوبند رام، نريش ڪمار، آڪاش ۽ ٻين تائين جاري آهي جيڪي نياز ننگر ۽ سبيل امام حسين عه ۾ ڀرپور حصو وٺندا آهن.
ڀٽ شاهه جا سڀ سنڌي ديوان ماتمي جلوسن ۾ سيجن ۽ شبين تان منتون، باس جا ڌاڳا وٺندا آهن ۽ علم عباس عه تان پُٽن جي باس باسڻ لاءِ ننڍڙيون جھنڊيون کڻندا آهن. پُٽ جي باس پوري ٿيڻ تي علم عباس عه تي وڏا جَھنڊا ڏيندا آهن. سيٺ گاگن داس مَدناڻي، ڏهين محرم جي ڏينهن جلوس ۾ نڪرندڙ شبيهه ذوالجناح جي واڳ جھلي جلوس سان هلندو آهي. درگاهه ڀٽ شاهه تي سردي توڙي گرميءَ جي موسم ۾ ڏينهن رات سيٺ ايشور داس پاران سبيل امام حسين عه جو اهتمام ٿيل آهي جتان گرمين جي موسم ۾ سڄو شهر گھرن لاءِ به سبيل وٺي ويندو آهن. هتي ڪنهن کي ڪائي جھل پل ناهي، سڀني کي بسم الله ڪري سبيل پيارڻ کانپوءِ گھرن لاءِ ڏني ويندي آهي. چون ٿا: سيٺ ايشور داس ان سبيل کي هلائڻ لاءِ هاڻ برف (آئيس فيڪٽري) جو ڪارخانو لڳرائي ڇڏيو آهي. سيٺ لال چند ڏهين محرم تي ماتمي جلوس ۽ عام مومنن لاءِ کير جون سبيلون ڪندو آهي. ڀٽ شاهه تي سيٺ گاگن داس ۽ سيٺ ايشور داس کان پهرين عزادارن، ماتمدارن جون خدمتون، پِڙَن ۽ جلوسن ۾ نياز ننگر جو اهتمام پنهنجي حال آهر ڪاڪو پارو مل، ۽ ليار مل عرف ڇانگو مل جن ڪندا هيا. ان سلسلي کي گاگن داس مَدناڻي وڌائيندو اچي پيو.
قاضي احمد ۾ عبدالغفور عمراڻي (حجم) جي ڏيڙان روڊ، تي لڳل سبيل ۾ ديوان اِندُرُ مَلُ حصيدار هوندو هيو. ڏهرڪي جو صحافي اجيت ڪمار، ڪنيا لال، ٽيڪم داس، مهيش ڪمار، اِندُرُ مل ۽ درشن ڪمار جن ڏهين محرم تي نياز امام حسين عه ڪندا آهن. نوابشاهه ۾ موهن لال (مرحوم) ۽ محرابپور ۾ ڪاڪو ڪيرت راءِ (مرحوم) نياز ۽ سبيل جو بندوبست ڪندو هيو. سکر شهر جو هڪ هندو پوڪر داس، سيد ثابت علي شاهه جا چئن جلدن ۾ سنڌيءَ ۾ مرثيا ڇپرايا ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جا سنڌي مرثيا ڇپرائي امام حسين عه سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.
محرابپور جا هندو عزادار، نياز امام حسينعه
سرڪار حسين عه جي ذات جو ’بي نيازيءَ‘ وارو انداز، واقعي ڪربلا کانپوءِ عام ماڻهن کي سمجھ ۾ آيو. هن پوري ڪائنات ۾ الله جي ذات کانپوءِ امام حسين عليه السلام جي اها ذات آهي جنهن سان هر مذهب ۽ هر قوم جو ماڻهو بيحد پيار ڪري ٿو. سندس مصيبت جي گھڙين کي ياد ڪري ان تي گريوزار ڪري جاني مالي قرباني پيش ڪري ٿو. عاشور جي ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ عزاداري سينه زني ۽ زنجير زنيءَ کان سبيل ۽ نياز ننگر ڪرڻ، ورهائڻ تائين، هر عمر جو ماڻهو پنهنجي وس کان وڌيڪ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
محرابپور جي عزاداريءَ ۾ ٻين مسلڪ جي ماڻهن جيان هندو ڌرم جي ماڻهن جو به وڏو حصو شامل رهيو آهي. سکرام، پريم چند هندستانيءَ جي پاڙي برادريءَ جا سڀئي ماڻهو محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ڪارو لباس ڪندا آهن ۽ مختلف ڏهاڙن تي نياز امام حسين عه ڪندا آهن ۽ ڏهين ۽ چهلم جي جلوس ۾ زنجير زني ڪندا آهن. سُکرام (هن جي گھر تي علم عباس عه به لڳل آهي.) جي اولاد بينون رام ۽ بابو لال پاران سندن گھر اڳيان چوڪ تي محرم جا تيرنهن ئي ڏهاڙا سبيل لڳل هوندي آهي. بينون رام پاران يارهين محرم، بابو لال پاران ڏهين محرم شامِ غريبان وقت، وسيم راجه هندستانيءَ پاران اٺين محرم تي ۽ سندس مستورات پاران محرم جا ڏهه ئي ڏهاڙا گھرن ۾ نياز امام حسين عه ڪيو ويندو آهي. زنجير جي ماتم ۾ هنن جو حلقو لڳندو آهي جنهن ۾ بينورام، وسيم راجه ٽيگچند، مڪيش، بابو لال، ڪالو رام، پرڪاش، عامر، شاهد اعتباري، سلطان سُکرام، شاهد، وقار ۽ ٻيا زنجير جو ماتم ڪندا آهن. (ديهانت ڪري ويل) ديوان ڪيرت راءِ ۽ صحافي گھنشام داس اڌلاڻي جن نياز ڪندا هيا. جيڪو هاڻ گھنشام داس جي اولاد صحافي ارجن داس اڌلاڻي، صحافي سريچند، راج ڪمار، سنيل ڪمار اڌلاڻي جن ڪندا آهن. ارجن داس محرابپور جي ماتمي جلوسن ۾ عزادارن کي سبيل پياريندو هلندو آهي.