محرابپور ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسَ
جلوس جي شروعات
هتي پهريون ماتمي جلوس ڏهين محرم الحرام جي رات سنه 1900ع جي ڏهاڪي ۾ نڪتو. جيڪو مير سبحان علي خان عزادارن جي سهڪار ڪڍيو جنهن ۾ تعزيو کڻي بازار آيو. ان بعد چهلم جي رات وارو پهريون جلوس سنه 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ”مير نظر حسين (اول) شروع ڪرايو.“[199] ان بعد ڇهين محرم جو جلوس شروع ٿيو. ان بعد انجمن نوجوانانِ شيعه، جلوس شروع ڪيا.
ڏهين محرم ۽ چهلم جي رات وارن جلوسن کانپوءِ، ڏينهن وارا ماتمي جلوس انجمن نوجوانانِ شيعه، شروع ڪيا. جنهن جي ابتدا چهلم جي جلوس کان ٿي. پهريون جلوس تاريخ 20 صفر چهلم تي (انجمن جو امام بارگاهه نه هئڻ ڪري) ڊاڪٽر عاشق علي شاهه جي اسپتال مان سنه 1962ع ۾ ڪڍيو ويو. جيڪو موجوده روٽ سان روايتي، ثقافتي رنگ ۾ دهل، شرناءِ تي ياحسين عه جي صدائن سان ڪڍيو ويو، جيڪو ماتم ڪندو شامِ غريبان واري هنڌ ختم ٿيو. اهڙي ئي انداز سان ڏهين محرم جو پهريون ماتمي جلوس سنه 1963ع ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه مان نڪتو؛ جيڪو پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ دهل شرناءِ تي عزاداري ڪندو شامِ غريبان، تي ختم ٿيو. ان بعد جلوسن جي شروعات ٿي. هتي محرم جي ڏهاڙن ۾ ماتمي جلوسن جي شروعات ڇهين محرم کان ٿيندي آهي.
هنن جلوسن ۾ هند، سنڌ جي مشهور گائڪ، ’سينگار‘ علي سليم (سکر) 1970ع ۾ ڇهين محرم جي جلوس ۾ نوحا خواني ڪئي ۽ چهلم جي رات واري جلوس ۾ شهر جي هر پڙ تي مجلسون پڙهي پنهنجي نوڪري پيش ڪئي. سينگار علي ’سليم‘ کان پهرين هتي محرم جي جلوسن ۾ عنايت حسين ڀٽي (گائڪ) ۽ سندس ڀاءُ ڪيفي ڀٽي (پنجاب) جن هتي نوحا خواني ۽ مجلس پڙهي آهي.
محرم الحرام جو پهريون جلوس
ڇهين محرم: کُهنبي جو جلوس ۽ خاڪو
ڇهين محرم الحرام کُهنبي جو جلوس ۽ خاڪو: ”محرابپور جو ماتمي محمد آچر شيدي هڪ ڀيري پنهنجي امڙ سان ڇهين محرم تي ’کُهنبي‘ جو ماتمي جلوس ڏسڻ لاءِ ڪوٽ ڏيجيءَ ويو. اتي هن شهزاده قاسم عليه السلام جي دستار مبارڪ ڏٺي.“[200] هن جي دل ۾ حسرت پيدا ٿي ته اسان وٽ به جيڪر کُهنبي جو ماتمي جلوس نڪري جنهن ۾ شهزادي قاسم بن حسن عليه السلام جي دستار مبارڪ برآمد ٿئي. هن ان خاڪي کي خواب جيان دل ۾ سڄو سال سانڍي رکيو. ٻئي سال محرم جو چنڊ ڏسڻ سان ئي، هي پنهنجي مزدوريءَ مان ڪمايل پئسن مان ’کُهنبي‘ جو سڄو سامان وٺي اچي بهادر کٽيءَ کي ڏنو؛ جنهن ۾ دستار وارو ڪپڙو، هڪ ٽامي جو ٿالهه، نياز، عطر وغيره شامل هيو. پاڻ جيئن ڪوٽ ڏيجيءَ ۾’کهنبو‘ دستار مبارڪ ڏسي آيو هيو، ائين ئي بهادر کٽيءَ کي ڏسيائين. دستار تيار ٿي جيڪا سيد نجن شاهه رضويءَ پنهنجي مٿي تي کنئي جنهن سان ڇهين محرم تي پهريون ڀيرو ’کُهنبي‘ جو ماتمي جلوس نڪتو. جيڪو اڄ سيد حسين شاهه جي حاويليءَ مان انهيءَ ئي انداز سان نڪرندو اچي ٿو.
کُهنبي جو هي جلوس صبح جو ساجھر نڪرندو آهي، جيڪو مختلف پڙن کانپوءِ پنهنجي مخصوص روٽ کان ٿيندو منجھند جو پهريون ميرن جي پاڙي ۾ پِپُرَ (قديمي وڻ) وٽ ختم ٿيندو هيو. جتي مجلس کانپوءِ نياز تقسيم ڪيو ويندو هيو. هي نياز پهرين سبحان علي ٽالپر، پوءِ غلام عباس ٽالپر، ان بعد غلام صادق ٽالپر، ان بعد ڪجھ وقت غلام عابد ٽالپر ( مولائي سائين) ڪيو، ان کانپوءِ زوار نوبت خاصخيلي ۽ (سندس ڀاءُ) صحبت خاصخيليءَ گڏجي ڪيو، ان کانپوءِ سيد امير علي شاهه ڪاظمي ڪيو، جيڪو منجھند کان شروع ٿي شام جو ختم ٿيندو آهي.
شهزادي قاسم عه جي پَڳَ ڪڍندڙ سادات گھراڻا
کُهنبو: ڇهين محرم’کهنبي‘ جي ماتمي جلوس ۾ نڪرندڙ شهزادي قاسم عه جي دستار مبارڪ، پهرين بهادر کٽيءَ جي گھران نڪرندي هئي، جيڪا پهريون ڀيرو سيد نجن شاهه رضوي کنئي ان کانپوءِ سيد مُريد حسين شاهه رضويءَ، ان بعد سيد شاهد حسين شاهه بخاري (شادن شاهه) ان بعد سيد نسيم شاهه ۽ هاڻ سيد حُسين شاهه ’سوز‘ کنئي جتان اڄ تائين پنهنجي مخصوص انداز ۾ نڪرندي اچي پئي.
کهنبو بر آمد ٿيڻ جو ثقافتي انداز
سنڌ، هند ۾ گھوٽ جي ’شاديءَ واري پڳ‘ کي’کُهنبو‘ چئبو آهي؛ جنهن جو رنگ گلابي هوندو آهي. سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي؛ گھوٽ پرڻائڻ، ’لائون‘ ڏيڻ جو وقت فجر جي نماز کانپوءِ وارو هوندو آهي. لائون ڏيڻ کان پهرين مرد توڙي عورتن ۾ دهل تي واڄو ڪيو ويندو آهي جنهن تي سڀ ماڻهو مڙي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن.
’کُهنبو،‘ گھوٽ قاسم (ع) جي شاديءَ جي پَڳَ، فجر جي نماز بعد سيد حسين شاهه سوز، جي حاويليءَ مان ثقافتي انداز ۾ بر آمد ڪئي ويندي آهي. پڳ، نڪرڻ کان پهرين ٻاهر واڄو ڪيو ويندو آهي، عزادار گڏ ٿيڻ کانپوءِ ’پڳ‘ دهلن، شرناءِ سان ٻاهر ايندي آهي، جيڪا ٿالهه تي شاهي نموني سونن سَهرَنِ (موڙن) سان سجايل هوندي آهي. جيڪا سيد جي هٿن تي کڄي پهرين علم حضرت عباس عه تي ايندي آهي. جتي ’پَڳَ‘ جي زيارت لاءِ آيل عزادار انتظار ۾ بيٺل هوندا آهن. سندن نظر جيئن ئي ’پڳ‘ تي پوندي آهي ته مومنن جا نيڻ مُندائتي مينهن جيان وسي پوندا آهن. هر اک ۾ هزارين نِيرَ هوندا آهن جيڪي پِرههَ جي هِيرَ کي به سوڳوار بڻائي ڇڏيندا آهن.
کُهنبي جو جلوس
شهزاده قاسم (ع) جي ’پڳ مبارڪ‘ علم حضرت عباس عه تان طواف ڪري عزادارن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن، اوڇنگارن ۽ سُڏڪن سان، جلوس جي صورت ۾ پنهنجي مخصوص روٽ سان ضريح سيده زينب (س)، درگاهه بابا مريد علي شاهه، سونو خان ساکاڻيءَ جي پڙ کان ٿيندي جڏهن امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ڏانهن ايندي آهي ته، اتي انجمن جا اراڪين ۽ عزادار ’دستار مبارڪ‘ جي استقبال ۾ بيٺل هوندا آهن. استقبال ۾ بيٺل عزادارن جي جڏهن ’کُهنبي‘ تي نظر پوندي آهي ته سندن اکين جا بند ٽٽي پوندا آهن. ڳل ڳوڙهن سان آلا ٿي پوندا آهن. اوڇنگارون ڏيندڙ عزادار ياحسين(ع)! واهه حسين(ع) جي صدائن سان اڳتي وڌي جلوس جو استقبال ڪندا آهن. ٻنهين جلوسن جي ملڻ واري منظر وقت مومنن ۾ قُهرام متل هوندو آهي. هر ماتميءَ جي اک آلي ۽ ساهه سڏڪن سان کڄندو آهي. جلوس ۾ شامل ماتمي آسمان ۾ هلندڙ ستارن جيان آهستي آهستي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ پهچندا آهن جتي علم حضرت عباس عه جي سلامي ڏيڻ کانپوءِ جلوس پنهنجي مخصوص روٽ سان روانو ٿيندو آهي.
جلوس جي روٽ ۾ ايندڙ هر پڙ ۽ گھر اڳيان مردن کان علاوه عورتون، ٻار ۽ ٻيا عزادار زيارت جي انتظار ۾ بيٺل هوندا آهن. جن جي هٿن ۾ گلابن جا هار ۽ ’کُهنبي‘ جو مخصوص نياز، ڦِڪا ڀُڳڙا، ريوڙيون، گل بيضا، مِٺا سِڱَرَ ۽ کنڊ ڀُڳڙا وغيره هوندو آهي. جلوس پنهنجي روايتي رنگ ۾ دهل، شرناءِ تي ياحسين(ع) جي بلند صدائن سان هلندو حسيني چوڪ پهچندو آهي؛ جتي دهل، شرناءِ بند ڪري نوحا خواني تي سينه زني شروع ڪئي ويندي آهي. جيڪو سلسلو بنا ڪنهن ساهيءَ جي ٽن ڪلاڪن تائين شهر جي شاهي بازار ۾ جاري رهندو آهي. هن جلوس ۾ محرابپور جي نوحا خوانن کان علاوه سينگار علي ’سيلم‘ سکر پڻ نوحا خواني ڪري چڪو آهي.
خون جو ماتم
ماتمي جلوس جيئن ئي شهر جي شاهي بازار چڙهي (اَبُور ڪري) چاڪين جي پڙ تي پهچندو آهي ته، اتي تلوار، چاقو، زنجير ۽ گرز جو ماتم شروع ٿي ويندو آهي. چاڪين جي پڙ تان نڪرڻ کانپوءِ زخمي ماتمدار جلوس ۾ اڳيان اڳيان ماتم ڪندا هلندا آهن. هي جلوس پڙ سيد احمد شاهه، تي پهچڻ کانپوءِ، انهيءَ ئي روٽ سان واپس اسٽيشن روڊ سان درگاهه بابا سيد شير علي شاهه تي نهر ڪندو آهي. جتي مجلس کانپوءِ آيل مومنن ۾ نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. هن جلوس جي روٽ ۾ پير شير شاهه وارو اضافو غلام حسين ٽالپر (اول) ڪيو.
جلوس درگاهه تان کڄڻ کانپوءِ، ساڳئي ئي روٽ سان واپس ٿي اسٽيشن روڊ تي پهچندو آهي؛ اتي ٻاهران کان آيل ماتمي تنظيمون نوحا خواني ڪنديون آهن. جن ۾ پهرين الهداد خان لنڊ، سلطان لنڊ ۽ هاڻ نثار لنڊ ۽ صادق لنڊ (سيٺارجه) ۽ استاد بهرام سولنگي ۽ استاد قمبر سولنگي (ڳوٺ نهال خان سولنگي) جن شامل آهن. ماتمي جلوس کانپوءِ ٻيهر خون جو ماتم ٿيندو آهي جنهن ۾ تلوار، چاقو، گرزن کان علاوه وڏي تعداد ۾ زنجير لڳندي آهي. جيڪو (نيشنل بينڪ کان علي علي پي سي او) تائين جاري رهندو آهي. ان بعد وري دهل ۽ شرناءِ تي زبردست دستي ماتم (ٻنهين هٿن سان) ڪيو ويندو آهي. جيڪو جوکين جي پڙ کان ٿيندو عبداللطيف ملاح جي گھر تائين جاري رهندو آهي. اتي ماتمدارن لاءِ نياز ۽ موسم جي مناسبت سان (چانهه، شربت جي) سبيل جو بندو بست ٿيل هوندو آهي.
عبداللطيف ملاح وٽان ماتمدار نياز ڪرڻ کانپوءِ، جلوس جي صورت ۾ واپس پنهنجي قديمي روٽ سان ملاحن جي پڙ تي پهچندا آهن جتي نثار احمد ملاح، رضا حسين ملاح، استاد الطاف ملاح ۽ راقم پاران، نياز ۽ سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي. ان بعد هي جلوس نونارين، سهتن ۽ شيخن جي پڙ کان ٿيندو ٽنڊي ڪرم خان نظاماڻيءَ مان ٿي، واپس رات جو ڏهين وڳي ميرن جي پڙ تي دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي.
اٺين محرم: عَلَمَنِ (جَھنڊنِ) جو جلوس
اٺين محرم جي رات وارو جھنڊن جو جلوس انجمن نوجوانانِ شيعه، 1963ع ۾ ڪڍيو. هن جلوس کان پهرين عزادار پنهنجن پٽن جي باسن جا جھنڊا گھرن مان کڻي پنهنجن پڙن علم عباس عه تي اچي ڏيندا هيا. ساکاڻين ۽ ملاح برادريءَ پاران پنهنجن پاڙن ۾ جلوس ڪڍيا ويندا هيا. جيڪي پاڙي جا سڀ علم کڻي سڄي پاڙي جو گشت ڪري پنهنجن پڙن تي ختم ڪندا هيا. 1963ع کانپوءِ هي جلوس باقاعدي ترتيب سان نڪتو. انجمن پاران هن جلوس جو سالار زوار انور ملاح هيو.
هن جلوس جي نڪرڻ کان پهرين محمد تڳيل (تڳيوساکاڻي) بلوچ جي گھر ۾ مجلس ٿيندي آهي؛ بعد مجلس اتان يا عباس عه شير عباس جي بلند صدائن سان جلوس بر آمد ڪيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي مخصوص روٽ، مومنن جي محلن کان گذرڻ وقت گھرن ۽ ميرن، شيخن، ملاحن، نونارين جي پڙن تان پُٽن جي باس جا رکيل علم پاڪ کڻندو، سڌو لانگڙچي سيد غلام عباس شاهه ۽ سيد نظير شاهه جي امام بارگاهه پهچندو آهي جتي مومنن لاءِ نياز ۽ چانهه جي سبيل جو بندو بست ٿيل هوندو آهي. اتان واپسيءَ تي عبداللطيف ملاح، اطهر ناهيدُ ملاح پاران سڄي جلوس لاءِ وڏي نياز ۽ چانهه جي سبيل جو وڏو بندوبست ڪيل هوندو آهي. اتان کان واپسيءَ تي هي جلوس اسٽيشن روڊ کان گشت ڪندو چاڪين جي پڙ، شاهي بازار، وڏيري جي پڙ ’حسيني چوڪ‘، کان ٿيندو پڙ سيد احمد شاهه تي پهچندو آهي. اتان نياز ڪرڻ کانپوءِ واپس امام بارگاهه انجمن نونوانانِ شيعه ۾ رات جو 2 وڳي پهچندو آهي، جتي دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي.
هي جلوس جڏهن پڙن تي پهچندو آهي ته، اتي عام نياز کان علاوه جھنڊن جو مخصوص نياز ديسي گيهه سان اٽي ۽ ميدي مان تيار ٿيل حلوه، ڪُٽي، چُوري ۽ ڀوڳهڙو تقسيم ڪيو ويندو آهي.
نائين محرم: ’ميندي،‘مستورات جا جلوس
شهزادي قاسم عه جي ميندي
ميندي گھوٽ شهزاده قاسم عليه السلام: هيءَ ميندي نائين محرام جي رات پهرين غلام عباس ٽالپر جي گھران کڄندي هئي ان بعد غلام صادق ٽالپر جي گھران نڪرندي آهي. هن مينديءَ کي سيد زادي پسائيندي آهي، ميندي کڄڻ مهل شهزاده قاسم عه جو مخصوس اوسارو چيو وينديو آهي. ميندي ڀڄائڻ کان وٺي کڄڻ تائين مستورات پاران پهرين ڍنڍ تي اوسارا چيا ويندا آهن ۽ ميندي کڄڻ مهل وڄندڙ ڍنڍ جي ڌُن مٽجي ويندي آهي. اها مخصوص ڌُن صرف زوجه ڳهِڻو شيدي کي وڄائڻ ايندي آهي. ميندي کڄڻ جو وقت رات جا 9 بجه مقرر آهي. سڀ مستورات گڏ ٿي شهزاده قاسم (عه) جي امڙ سانئڻ فروا خاتون (س) جي حسرت جو، هي اوسارو چونديون آهن ته، ان ويل هر اک ۾ هزارين نير ڀرجي ايندا آهن.
”قاسمَ بَنا ميندي لاءِ، اوصدقي وڃئي پُڦي ماءُ !
ميندي قاسم جي رڻ ۾ رُلي، او صدقي وڃئي پُڦي ماءُ.“
لڙڪن ۽ سڏڪن سان کنيل مينديءَ جو هي قديمي جلوس وڏي پڙ تي پهچندو آهي. 2009ع کان ملاحن جي پڙ تان ايندڙ جلوس بعد مستورات ۾ عزاداري شروع ٿيندي آهي. جيڪا فجر تائين جاري رهندي آهي. شهزاده قاسم عه جي هيءَ ميندي سيد زداريءَ جي هٿن تي هوندي آهي. هيءَ ميندي ڳوهڻ کان وٺي کڻڻ تائين سيد نجن ماءُ جي ذميواري هوندي هئي ان بعد سيد اختر عباس شاهه جا گھروارا اها ڊيوٽي نڀائيندا آهن. هتي موقعي جي مناسبت سان هنن شاعرن جوهر شاهه ۽ ارشاد شاهه جي ثواب خاطر: سندن نوحا لکان ٿو. جيڪي ان موقعي تي هتي چيا ويندا آهن. جنهن ۾ هڪ اُجڙي ماءُ سانئڻ فرواه خاتون (ص) جا احساس ۽ ارمانَ لکيل آهن.
قاسم بَنرا شادي تيڏي دا ڪهڙا حال سڻاوان،
ڪهڙا حال سڻانوان، رونديان تيڏيان پُڦيان مانوان.
(جوهر)
***
ميندي قاسم دي پُسي خون ملايا جاوي،
سيج بنري دي سجي، ماءُ نون بُلايا جاوي.
(ارشاد شاهه)
ملاحن جي پِڙَ تان ميندي جو جلوس
ملاحن جي امام بارگاهه مان نائين محرم جي رات مستورات جي مجلس ختم ٿين کانپوءِ، مستورات پاران 2009ع کان شهزادا علي اڪبر عليه السلام جي مينديءَ جي مناسبت سان هڪ وڏو ماتمي جلوس ڪڍيو ويندو آهي. مستورات جو هي جلوس سهتن ۽ شيخن جي پڙن تي حضرت عباس علمدار جي علم پاڪ جي سلامي ڏيندو سڌو ميرن جي پڙ تي پهچندو آهي. محرابپور جي تاريخ ۾ مستورات جو هي پهريون وڏو جلوس آهي، جيڪو ملاحن جي مستورات پاران هر سال ڪڍيو ويندو آهي. جلوس ملاحن جي پڙ کان نڪري ميرن جي وڏي پڙ تي ختم ٿيندو آهي. هي جلوس جيئن ئي ميرن جي وڏي پڙ کي ويجھو پهچندو آهي ته، ميرن جي پڙ تي موجود ’باني مستورات‘ پاران اڳتي وڌي جلوس جو استقبال ڪيو ويندو آهي. جلوس امام بارگاهه ۾ داخل ٿيندي ئي مستورات ۾ قهرام مچي ويندو آهي. جنهن سان عزاداريءَ جي رنگ ۾ اضافو اچي ويندي آهي. جيڪا رات جي آخري پهر تائين جاري رهندي آهي.
هن جلوس جي نڪرڻ جو انداز انوکو هوندو آهي. سڀ کان پهرين شهزادي جي ميندي سيد زادي علم عباس عه هيٺان ويهي ڀڄائيندي آهي جنهن بعد ان کي اسٽيل جي ٿالهه ۾ سهڻي نموني سينگاري رکيو ويندو آهي. جنهن جي هڪ پاسي موڙ ٻڌل هوندا آهن ۽ ٻئي پاسي ٻرندڙ ميڻ بتيون رکيل هونديون آهن، ميندي سيد زاديءَ جي مٿي تي رکيل هوندي آهي جتان مومنياڻيون باسون کڻنديون آهن، باس ۾ هڪ ميڻ بتي ۽ ٿوري ميندي کڻبي آهي. باس پوري ٿيڻ کانپوءِ ان ئي پڙ تي باس ڏني ويندي آهي.
جلوس نڪرڻ مهل هر مستورات جي هٿن ۾ ’باس‘ جون ٻرندڙ ميڻ بتيون هونديون آهن جيڪي جلوس سان آخر تائين آسمان ۾ چمڪندڙ ستارن جيان روشني ڪنديون هلنديون آهن. جلوس روايتي، ثقافتي انداز ۾ دهل شرناءِ سان کڄندو آهي؛ جيڪو واويلا هائي واويلا ...........! يا حسين ع واويلا ........ ! هائي حسين عه واويلا .......! واويلا هائي واويلا .........! جي درد ڀرين صدائن سان وڏي تي پڙ تي پهچندو آهي .
ڏهين محرم: رات وارو جلوس
عاشور جي رات ۽ ڏينهن واري جلوس ۾ پڙن ۽ امام بارگاهن مان نڪرندڙ تعزيه، ضريح، سيج ۽ جھولا، علم حضرت عباس (ع) ۽ شبيهه ذوالجناح جلوس ۾ مومنن جي دعا جي قبوليت جا ذريعا بڻيل هوندا آهن. جلوس ۾ شامل زيارتون جھولو، شهزاده علي اصغر سان، علم پاڪ، حضرت عباس علمدار ۽ شبيهه ذوالجناح، (جنهن جي امام حسين عه جي گھوڙي مُرِتجز سان نسبت آهي)، ضريح امام حسين عه ۽ تعزيو سانئڻ زينب صه سان منسوب ٿيل آهي.
لفظ تعزيه، تعزيت مان نڪتل آهي. انهيءَ ڪري سانئڻ زينب صه سان منسوب آهي. تعزيي جي تاريخ ڏسي ٿي ته: هند، سنڌ ۾ تعزين جو موجد مغل بادشاهه ’تيمور لنگ‘ هيو جنهن پنهنجي دور ۾ تعزيو ڪڍيو. سمن، سومرن جي دور ۾ مٽيءَ جا ننڍڙا تعزيه ٺاهيا ويا. جن جي مٽي درياهه مان آڻيندا ها. شام غريبان کانپوءِ انهن کي پاڻيءَ حوالي ڪندا هيا. مغلن جي دور ۾ ڪاٺ جا وڏا تعزيه ٺاهيا ويا. جنهن ۾ ڪلهوڙن جي دور تائين ڪافي اضافو آيو. تعزيي جو موجد مغل بادشاهه تيمور لنگ آهي. چون ٿا ته: تيمور لنگ شيعه نه هيو، اهو ئي سبب آهي جو هندستان جي سُنين، هندن ۽ سکن به تعزيو رکيو ۽ اڄ تائين رکندا اچن ٿا. شيعن به تعزيو رکيو. تيمور لنگ کان پوءِ تعزيو اتحاد جي نشاني بڻجي ويو. راجه رنجيت سنگھ لاهور جو تعزيو به مشهور آهي. اتي اگر فقهي بحث ٿيندا ته اختلاف وڌندا پر جڏهن عزاداريءَ جي ڳالهه ٿيندي ته اتحاد ٿيندو. تيمور لنگ کي خواب ۾ امام حسين عه پاران ڏنل ضريح ۽ تعزيي جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر ضمير اختر نقوي پنهنجي ڪتاب: تاريخِ شيعيت ۾ لکي ٿو ته: ”هي اهو ئي خواب هيو جنهن ۾ امام حسين عه چيو تيمور لنگ هي ٻه شيون آهن. هي تعزيو آهي ۽ هيءَ ضريح آهي. هيءَ جيڪا ضريح آهي اها منهنجي روضي جو نقل آهي. ۽ هي جنهنجو نالو تعزيو آهي اهو منهنجي ڀيڻ جي عماري (محمل) جو نقل آهي.“[201] هن جلوس ۾ نڪرندڙ ننڍڙن تعزين کان وٺي وڏين زيارتن تائين جلوس جي زينت بڻيل هوندا آهن؛ جن جو تفصيل هن ريت آهي.
ڏهين محرم جي رات تعزين ۽ ٻين زيارتن جو مرڪزي جلوس رات جو ساڍي يارهين (30 _11) وڳي مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، مان هڪ علم پاڪ سان برآمد ٿيندو آهي. (انجمن پاران هن جلوس جي برآمد ڪرڻ جي ذميواري ۽ سالاري زوار انور ملاح ان بعد روشن ملاح سنڀالي. هي جلوس 12 بجي ملاحن جي پڙ تي پهچندو آهي. اتي رکيل ضريح مولا حسين (ع) ضريح حضرت عباس علمدار (ع) سيج شهزاده قاسم (ع) سيج شهزاده علي اڪبر (ع) جھولو شهزاده علي اصغر (ع) ۽ علم حضرت عباس عه هوندا آهن. هي جلوس هتان هنن زيارتن سان برآمد ٿي ساڳئي ئي روٽ سان امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، پهچندو آهي جتي شبِ عاشور جي وڏي مجلس عزا ٿيندي آهي. بعد مجلس سڀ عزادار گريوزاري ڪندا تعزين جي جلوس سان هلندا ميرن جي ڏيڍيءَ تي پهچندا آهن. اتي مجلس ٿيندي آهي جنهن ۾ شهزاده علي اڪبر (ع) جي دستار مبارڪ برآمد ٿيندي آهي. بعد مجلس وڏي تعزيي سان گڏ هتان جلوس کڄندو آهي جيڪو سڄي رات پنهنجي قديمي روٽ سان هلندو آهي.
هتي قديمي وڏي تعزيي کان علاوه ٻه ننڍڙا قديم تعزيه به سينگاريل هوندا آهن. جن مان هڪ احمد بخش ڀٽي (محمد نواز ڀٽيءَ جو بزرگ _ ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي) ۽ ٻيو مير رضاحسين ٽالپر جو ٺهرايل آهي. هڪ هندو نوجوان راجه هندستانيءَ پنهنجو پراڻو تعزيو ختم ڪري 2016ع ۾ هڪ نئون وڏو تعزيو ٺهرايو آهي. ان کان علاوه رياض حسين فاضلاڻيءَ جي گھران سيج شهزاده قاسم (عه) ۽ جھولو شهزاده علي اصغر (عه) ۽ ٽنڊي ڪرم خان نظاماڻيءَ کان آيل ضريح سيده زينب سلام الله عليها، جھولو شهزاده علي اصغر (ع) تعزيو مولا حسين عليه السلام (ملاحن وارو قديمي تعزيو) ۽ علم عباس (ع) شامل هوندا آهن. جيڪي جلوس کڄڻ مهل جلوس جي زينت بڻبا آهن.
بعد مجلس جلوس کڄڻ مهل هر اک آلي هوندي آهي. هي قديمي جلوس پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ دهل شرناءِ تي ياحسين .... هائي حسين ..... واهه حسين (ع) جي بلند صدائن سان پنهنجي مخصوص روٽ سان آسمان ۾ هلندڙ ستارن جي رفتار جيان قدم به قدم هلندو امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، پڙ سيد احمد شاهه، تي ٿوري دير لاءِ قيام ڪندو آهي. جتي نياز ۽ چانهه جي سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي. ان بعد هي جلوس ساڳئي روٽ سان واپس ٿي (حسيني چوڪ) ۾ وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ جي پڙ تي پهچندو آهي. اتي مجلس ٿيندي آهي. ان بعد شاهي بازار، چاڪين جو پڙ، مين روڊ، جوکين جو پڙ، نونارين جي پڙ کانپوءِ، اڇي صبح جو ملاحن جي پڙ تي پهچڻ کانپوءِ جلوس ڪجھ وقت تائين ويهي، رکيو ويندو آهي. جتي مجلس کان پوءِ چانهه جي سبيل ۽ وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. جيڪو سڀني مومنن ۽ مستورات ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي.
ملاحن جي پڙ کانپوءِ هي جلوس پنهنجي روٽ سان سهتن ۽ شيخن جي پڙ کان ٿيندو صبح جو ميرن جي پڙ تي پهچڻ مهل، وڏي تعزيي کي علمِ عباس عه جو طواف ڪرائڻ کانپوءِ زيارت گاهه ۾ رکيو ويندو آهي. جنهن سان رات واري جلوس جي هڪ حصي پڄاڻي ٿيندي آهي. تعزيو رکڻ بعد گرزن جو ماتم شروع ٿي ويندو آهي. ان بعد رات جي جلوس جي آخري مجلس ٿيندي آهي. ميرن جي پڙ تي جلوس ختم ٿيڻ کانپوءِ باقي تعزين، شبيهن جھولن ۽ عَلمن جو جلوس مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، ۾ صبح جو نائين وڳي ختم ٿيندو آهي. منجھند جو ميرن جي پڙ تان بعد مجلس وڏو جلوس نڪري مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ پهچندو آهي جتان ڏينهن جي مرڪزي جلوس جي شروعات ٿيندي آهي.
انجمن نوجوانانِ شيعه، پاران شروع ڪيل ڏينهن وارو مرڪزي جلوس انجمن جي امام بارگاهه مان ٻه وڳي منجھند جو برآمد ڪيو ويندو آهي جيڪو شامِ غريبان تي مختصر ٿي رات جو 10 وڳي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي. چهلم جو جلوس به ساڳئي انداز سان نڪري ختم ٿيندو آهي. پر، ان ۾ صرف ننڍڙا تعزيه، عَلم حضرت عباس عه ۽ مَحمل نڪرندا آهن. باقي رات ۽ ڏينهن واري جلوس جو روٽ ۽ انداز ساڳيو ئي هوندو آهي.
ڏهين محرم: ڏينهن جو جلوس
انجمن نوجوانانِ شيعه، پاران ڏهين محرم الحرام جو جلوس نڪرڻ کان پهرين، انجمن جي امام بارگاهه ۾ ٺيڪ يارهين وڳي نياز امام حسين عليه السلام شروع ڪيو ويندو آهي جيڪو سڄي شهر کان علاوه سڀني مومنن کي گھرن لاءِ به ڏنو ويندو آهي. ڇو ته اڄو ڏهاڙي ڪنهن به مومن جي گھر ۾ چلهه ناهي ٻرندي. هي نياز هڪ ڪلاڪ تائين بنا ڪنهن ساهيءَ جي جاري رهندو آهي. ساڍي ٻارهين وڳي مجلس عزا شروع ڪئي ويندي آهي. جيڪا ڏيڍ وڳي ختم ڪئي ويندي آهي جنهن کانپوءِ جلوس برآمد ٿيندو آهي. انجمن جي هن جلوس ۾ سڀ تعزيه، علم، شبيون ۽ ذوالجناح آخر تائين جلوس جي زينت بڻيل هوندا آهن. جيڪي شامِ غريبان کانپوءِ پنهنجن پڙ ڏانهن مختصر جلوس جي صورت ۾ روانا ٿي ويندا آهن.
جلوس جي نڪرڻ کان پهرين امام بارگاهه ۾ جيڪا مجلس ٿيندي آهي. ان جو مقرر، مصائب جي آخر ۾ جڏهن مولا حسين عه جو مقتل پڙهندي مضمون جي آخري لفظن تي ايندو آهي ته، ان مهل شبيهه ذوالجناح برآمد ڪئي ويندي آهي، ذوالجناح ذاڪر وٽ پهچڻ کانپوءِ ان جي واڳ چئن سالن جي معصوم سيد زاديءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي آهي. ان معصوم سيد زاديءَ کي مستورات واري پاسي کان ٺاهيل هڪ خيمه گاهه (خيمي واري منظر جي بانيڪار مسز امتياز ملاح ۽ ذوالجناح جي منظر جو باني سيد علي گوهر شاهه زيدي آهي.) مان سيد کڻي اسٽيج تي ذاڪر اڳيان آڻي گھوڙي جي واڳ هٿ ۾ ڏيندو آهي. ان منظر کانپوءِ مردن ۽ مستورات ۾ قُهرام مچي ويندو آهي. اهڙي منظر تي ڪيترائي مومن ۽ مستورات عزادار بيهوش ٿي ويندا آهن. ان جذباتي منظر بعد هر پاسي کان ياحسين ......! يا حسين ..... ! واهه حسين .....! هائي حسين ......! جون عرش ڏاريندڙ صدائون بلند ٿي وينديون آهن. اهو منظر قيامت صغرا کان گھٽ ناهي هوندو. هي سٽون لکڻ مهل منهنجي اکين مان بي ساخته لڙڪ وهي پيا آهن. جن کي آئون، هن پورهيي جي اُجرت سمجھان ٿو. غمِ حسين(ع) ۾ وهندڙ لڙڪن جي قيمت رب پاڪ جي ذات يا پوءِ ڪائنات جو امير ئي ڏئي سگھي ٿو. هن دروازي تان ملندڙ دان کي زماني جي شاهيءَ کان وڌيڪ سمجھان ٿو.
شبيهه ذوالجناح مستورات ۾ موڪلڻ مهل خون جو ماتم شروع ٿي ويندو آهي. جنهن ۾ تلوار، چاقو، گرز ۽ زنجير زني ڪئي ويندي آهي. زخمي ۽ بيهوش ماتمدارن کي کڻڻ لاءِ المصطفى اسڪائوٽ جا جوان تيار بيٺل هوندا آهن جيڪي ڪرندڙ ماتمين کي کڻي ميڊيڪل ڪئمپ ۾ پهچائڻ کانپوءِ ٻين زخمين کي کڻڻ لاءِ ڊوڙندا ايندا آهن.
مجلس ۾ذوالجناح جي برآمد ٿيڻ واري جذباتي منظر کانپوءِ، شبيهه ذوالجناح جڏهن مستورات ۾ ويندي آهي ته اتي قُهرام مچي ويندو آهي ۽ عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. ڪجھ وقت نوحا خواني تي سينه ڪوبي ڪرڻ کانپوءِ هتان، سنه 1985ع کان مستورات جو هڪ وڏو تاريخي ماتمي جلوس نڪرندو آهي. (جنهن جي بانيڪار ۽ سالار مسز امتياز ملاح آهي) جيڪو ’هائي سڪينه، هئي شام .....! هائي زينب، هئي شام .....! ياحسين ڪربلا ....! هائي حسين ڪربلا .... ! ڇيني گئي سَرِ سي ردا، علي علي يا علي ...... ! ڀائي ميرا مارا گيا، علي علي يا علي ..... ! جون عرش لوڏيندڙ صدائون بلند ڪندو، ڪربلا ۾ ڪُٺل ڀاءُ جو پُرسو، پرچاوڻي ڏيڻ لاءِ سانئڻ زينب (س) جي ضريح اقدس تي پهچندو آهي ته اتي جلوس جي انتظار ۾ بيٺل مومنائن ۾ به ڪُرلاٽ پئجي ويندا آهن. چئوڏس گريوزاري شروع ٿي ويندو آهي.
انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه مان نڪتل ڏينهن وارو مرڪزي جلوس، سيد احمد شاهه جي پڙ کان ٿي وڏيري جي پڙ، ’حسيني چوڪ‘ تي پهچندو آهي ته اتي دهل جو ماتم بند ٿي ويندو آهي. اتان نوحا خواني تي سينه زني شروع ٿيندي آهي جيڪو سلسلو اڍائي کان ٽن ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن ساهيءَ جي شهر جي شاهي بازار ۾ جاري رهندو آهي. چوڪ بازار ۾ مجلس ٿيندي آهي ان کانپوءِ چاڪين جي پڙ تي خون جو ماتم، تلوار، چاقو، زنجير ۽ گرز، شروع ٿي ويندو آهي. ٻئي طرف ٻاهر مين روڊ تي، سَوَنِ جي تعداد ۾ پُٺن اگھاڙا عزادار هٿن ۾ زنجير کنيو بيٺل هوندا آهن، جيڪي سالار جي ياحسين عه واري صدا جا منتظر هوندا آهن. اندريون جلوس روڊ تي پهچڻ سان بنا ڪنهن ساهيءَ جي سالار جڏهن ياحسين ..... ياحسين .... ياحسين .....ياحسين ......!! جي صدا بلند ڪندو آهي ته مومنن جي پٺن تي زنجير هلڻ شروع ٿي ويندي آهي. ڪجھ گھڙين ۾ هر عزادار جي پُٺي رنگين بڻجي ويندي آهي. هي عمل ان ظلم جي ياد ڏياريندو آهي جيڪو مقتل ۾ لاشئه حسين عه تي روئڻ مهل آلِ نبي ﷺ تي تعزيانن سان ڪيو ويو. زنجير زني جو جلوس ملاحن جي پڙ تائين جاري رهندو آهي. چهلم جو جلوس به ساڳئي انداز سان شروع ٿي ختم ٿيندو آهي.
سنه 2013ع کان ڳوٺ سيد خدابخش شاهه (لانگڙجي) مان ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن صبح جو دهل ۽ شرناءِ تي هڪ ڀرپور ماتمي جلوس شبيهه ذوالجناح ۽ ياحسين ع جي بلند صدائن سان ڪڍيو ويندو آهي. جيڪو ملاحن جي پڙ کان ٿيندو سڌو فروغِ عزاداري مشن يونٽ محرابپور، جي مجلس واري پنڊال ۾ اچي ختم ٿيندو آهي. جنهن بعد اتي مجلس عزا شروع ڪئي ويندي آهي. هن جلوس جي قيادت سيد نظير شاهه ۽ سالاري سيد عابد علي شاهه جن ڪندا آهن.
25 محرم جو جلوس
25 محرم الحرام: شهادت حضرت امام زين العابدين عليه السلام جو پهريون جلوس 1965ع ۾ ’تخت گاهه مولاحسين عليه السلام‘ کان امداد چنه (گرو) ۽ زوار نور محمد شيدي (نوروشيدي) جن جمله مومنين جي تعاون سان شروع ڪيو. ان بعد 1995ع کان مولائي ملاح، سليم ملاح ۽ نثار خاصخيلي جن اهڙي ئي انداز سان شيخن جي پڙ تان ڪڍيو، جنهن کي 1990ع کانپوءِ امداد چنه ٻيهر سنڀالي سڄو انتظام پنهنجي ذمي کنيو. ان بعد نياز چنه سنڀاليو ڪجھ وقت کانپوءِ ان جلوس ۾ ميزبانيءَ جا فرائض سبحان علي (ٻيو) سر انجام ڏئي رهيو آهي. جلوس ۾ وقت ۽ حالتن جي حساب سان رونق وڌندي وڃي پئي. هي جلوس شيخن جي پڙ کان بر آمد ٿي ميرن جي پڙ تي ختم ٿيندو آهي. جنهن ۾ پنهنجي ونڊ سميت سالاريءَ واري ڊيوٽي نياز چنه ڏيندو اچي ٿو.
ڏهين صفر جو جلوس
ڏهين صفر: شهادت سانئڻ سڪينه سلام الله عليها: جي مناسبت سان نڪرندڙ هي ماتمي جلوس پهرين ’تخت گاهه امام حسين عه‘ تان 1964ع ۾ زوار نور محمد شيدي ( نوروشيدي) ڪڍيو. 1978/9ع کانپوءِ هي جلوس امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، مان نڪتو. 1980ع کان مختيار سومرو، زوار نورمحمد شيديءَ سان گڏجي شهر جي جمله مومنين جي سهڪار سان جلوس کي قائم رکيو. 2002ع کان وٺي هن جلوس جي نمائيندگي فيض ٽالپر (مير بگھڙ) ڪري رهيو آهي. هي جلوس 2005ع کانپوءِ پنهنجي عروج کي رسيو آهي. جلوس شام جو 6 وڳي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه کان شروع ٿي رات جو 3 وڳي ميرن جي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيندو آهي.
8 ربيع الاول جو جلوس
8 ربيع الاول شهادت حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام جي مناسبت سان نڪرندڙ هن جلوس جي شروعات شهر جي مرڪزي انجمن نوجوانانِ شيعه ۽ شهر جي جمله عزادارن جي سهڪار سان ٿي، جنهن کي ماتمي دسته سپاهه عباس پاران سنه 2002ع ۾ ضريح اقدس سيده زينب ص (مسافرِ شام) کان درگاهه پير مريد علي شاهه تائين ڪڍيو ويو؛ جنهن ۾ شهر جي سڀني ماتمي حلقن ۽ نوحا خوان جٿن شرڪت ڪري الوداعي عزاداري ڪئي. جيڪو سلسلو 2008ع تائين ان ئي ترتيب سان جاري رهيو.
2012ع کان هن جلوس جي روٽ ۾ اضافو آڻي ان کي شاهنواز خاصخيليءَ جي گھران علم حضرت عباس عه سان برآمد ڪري درگاهه پير مريد علي شاهه تي ختم ڪيو. جيڪو سلسلو اڄ تائين ان ئي انداز سان جاري آهي.
25 ربيع الاول جو جلوس
شهادت حضرت ابوطالب عليه السلام: جي سلسلي ۾ 25 ربيع الاول تي سنه 2005ع کان نڪرندڙ هي ماتمي جلوس پهرين ضريح اقدس سانئڻ زينب (ص) کان برآمد ٿي غلام نبي چانڊيو جي امام بارگاهه ۾ اختتام پذير ٿيو. ان بعد 2008ع کان هي ماتمي جلوس ’درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه‘ تان نڪري، پنهنجي مخصوص روٽ کان ٿيندو اچي غلام نبي ’ساکاڻي‘چانڊيو جي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيو. 2008ع ۾ هن امام بارگاهه جي پلاٽ کي ديوار ڏياري امام بارگاهه ’شاههِ نجف‘ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. هن جلوس جا بانيڪار غلام نبي چانڊيو، دائم خان چانڊيو آهن. هن ماتمي جلوس جي انتظاميه سان سهڪاري سٿ ۾ مجاهد شاهه ’ناشاد‘، امجد شاهه بخاري ۽ مختيار سومرو، نظر ڪلهوڙو،(حاجي نظر)، شاهنواز خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن. هتي ڏهين محرم الحرام جي صبح جو دائم چانڊيو ۽ غلام نبي چانڊيو پاران وڏو نياز پڻ ڪيو ويندو آهي.
11هن ربيع الثاني جو جلوس
حضرت سيده فاطمه سلام الله عليها (معصومه قُمُ) جي شهادت جي سلسلي ۾، هي ماتمي جلوس 11 ربيع الثاني جي رات، ملاحن جي پڙ کان نونارين جي پڙ تائين زوار اختر نوناري سنه 2013ع ۾ شروع ڪيو. هن جلوس ۾ شهر جون سڀ نوحا خوان پارٽيون نوحا خواني ڪنديون آهن. جلوس کان پهرين ملاحن جي پڙ تي مجلس ٿيندي آهي ان بعد جلوس برآمد ڪيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي مخصوص انداز سان زوار پيراڻي جي پڙ تي پهچڻ بعد دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي.
25 رجب جو جلوس
25 رجب شهادت حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام: هي جلوس مجاهد شاهه ’ناشاد‘ پاران پهرين مختصر انداز ۾ سهتن جي امام بارگاهه مان سنه 1988ع کان شروع ڪيو ويو، ڪجھ وقت کانپوءِ جلوس جي روٽ کي وڌائي سنه 1990ع کان 2007ع تائين ملاحن جي امام بارگاهه مان برآمد ڪيو ويو. جيڪو 25 هين رجب جي منجھند کان شروع ٿي 26 هين رجب جي صبح 10 وڳي تائين جاري رهندو هيو. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جون نامور ماتمي تنظيمون نوحا خواني ۽ سينه ڪوبي ڪنديون هيون.
جلوس جي شروعات کان پهرين ملاحن جي پڙ تي مجلس عزا ٿيندي هئي ان بعد جلوس برآمد ٿيندو هيو. هن مجلس کي سنه 1998ع ۾ قائد ملت علامه سيد ساجد علي نقوي ۽ (شهيد) علامه حسن علي تُرابي صاحب جن خطاب ڪري چڪا آهن. سنه 2008ع کان پوءِ هن جلوس جي تاريخ ۽ ترتيب ۾ تبديلي آڻي ان کي 26 رجب جو شيخن جي امام بارگاهه کان شروع ڪري ميرن جي امام بارگاهه ۾ منجھند جو ختم ڪيو ويندو آهي.
22 رمضان جو جلوس
22 رمضان شهادت حضرت امام علي عليه السلام، جي مناسب تان نڪرندڙ هن ماتمي جلوس جي شروعات انجمن نوجوانانِ شيعه رجسٽرڊ نمبر: 782، سنه، 1963ع ۾ شيعه جامع مسجد کان ڪئي. جيڪو وڌي (2007 کانپوءِ ٻن ۽ 2011ع کانپوءِ ٽن هنڌن تان نڪري) ٻن جلوسن ۾ تبديل ٿي ٻن امام بارگاهن انجمن سپاهه عباس ۽ بارگاهه شاهه نجف ۾ اختتام پذير ٿيو.
هي ماتمي جلوس شيعه جامع مسجد مان ٻيپهريءَ جي نماز کانپوءِ حضرت علي عليه السلام جي شبيهه (جيڪا زوار مريد حَسن فاضلاڻي ٺاهي.) سان ياحسين عه جي بلند صدائن ۾ برآمد ٿي وڏيري جي پڙ تي پهچندو آهي، جتان نوحا خوانيءَ تي عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. جيڪو بازار ۽ پڙ سيد احمد شاهه کان ٿي اچي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ ۾ ختم ٿيندو آهي.
هي جلوس انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ نمبر: 1186، پاران 2007ع کان امام بارگاهه انجمن سپاهه عباس مان شام جو 4 بجه صدر: بخش علي (امتياز ملاح) جي قيادت ۾ ڪڍيو ويو. جيڪو حسيني چوڪ تي پهچڻ کانپوءِ وڏن ماتمي حلقن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جلوس شهر جي شاهي بازار، اَبوُر ڪري اسٽيشن روڊ، (علي علي پي سي او چوڪ)، کان هيٺ لهي عمر مارڪيٽ مان گذري اچي، پڙ سيد احمد شاهه تي سومهڻيءَ مهل ختم ٿيندو آهي.
هن ئي ڏهاڙي تي ٻيون جلوس مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، مان (صدر: افتخار علي (زاهد ملاح) جي قيادت ۾(2007ع کان 2011ع) تائين ڪڍيو ويو. جيڪو 2012ع ۾ انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ 1186، جي جلوس ۾ ضم ڪيو ويو. جيڪو هن مهل 2016ع تائين ڀرپور انداز ۾ نڪرندو اچي ٿو.
ان ئي ڏهاڙي تي هڪ سوڳوار جلوس سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ جي گھران نڪتو، جيڪو نئين روٽ شيخن جي پڙ کان ٿي حسيني چوڪ، شاهي بازار، اسٽيشن روڊ ڪراس ڪري عمر مارڪيٽ کان ٿي سڌو بلوچ محله ۾ امام بارگاهه شاهه نجف (غلام نبي بلوچ) ۾ رات جو 10 وڳي اختتام پذير ٿيندو آهي. هي جلوس مختيار سومرو جي سالاريءَ ۾ 2012ع کان هن مهل تائين انجمن فروغِ عزاداري مشن محرابپور، پاران ساڳئي انداز سان شروع ۽ ختم ڪيو ويندو آهي. 2007ع کان هنن جلوسن ۾ آخر تائين نوحا خواني شروع ٿي.