عورتن جي عزاداري
محرابپور جي تاريخ ۾ پهريو ڀيرو مستورات جو مڪمل عشرو محرم ۽ چهلم امام حسين عليه السلام جو بنياد سنه 2009ع ۾ زوار عبداللطيف ملاح رکيو؛ جنهن جي ابتدا چهلم 2008ع ۾ ملاحن جي امام بارگاهه کان ٿي. جنهن جو ٽائم رات 9 کان 10 بجه رکيو ويو. ان بعد ضَريحِ اقدس سانئڻ زينب سَلامُ الله عليها تي عشرو محرم الحرام ۽ چهلم امام حسين عليه السلام 2010ع کان (زوجه) مير حسن رضا شروع ڪيو. جنهن جو ٽائيم رات جو 8 بجه مقرر ڪيو. (2015ع کان سيد محمود شاهه جن به ان ثواب ۾ شامل ٿيا.) هي ٻئي عشرا هن مهل تائين پنهنجي وقت تي ٿيندا اچن ٿا. ان کان علاوه 2015ع کان جمله مومنين مستورات پاران سانئڻ فاطمه (س) جي مناسبت سان ’عشرو فاطميه‘ شروع ڪيو ويو آهي. هن عشري جون مجلسون 27هين جمادالاول کان شروع ٿي ڇهين جمادالثاني تي ختم ٿينديون آهن. جيڪي مختلف مستورات پاران گھرن ۽ سانئڻ زينب (س) جي ضريح اقدس تي منعقد ڪيون وينديون آهن. جنهن کي سکر، روهڙي ۽ حيدرآباد جون ذاڪرياڻيون خطاب ڪنديون آهن. بعد مجلس عزاداري پڻ ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ سيد، ملاح، مير، شيدي، خاصخيلي ۽ ٻين مومنين جون مستورات نوحا خواني ڪنديون آهن.
اوسارن تي ٿيندڙ عزاداري
اوسارو: سنڌي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ماتم آهي. ’جامع سنڌي لغت‘ موجب: ”اوسارڻ _ پٽڻ، اُسارو _ پِٽِڪو، اوسارو.“[236] اوساري بابت مخدوم طالب المولى پنهنجي ڪتاب: ’لغات سنڌي مخفّفات‘ ۾ لفظ اوسارو، ضميري پڇاڙين سان ڏيکاريندي لکي ٿو ته: ”اوسارين _ ماتم ڪن. اوساريوم _ حسين عه جي غم ۾ مون اوساريو. اوسارجئين _ تون به حسين عه جي غم ۾ اوسارجان.“[237] نصير مرزا جو چوڻ آهي ته: ”اوساري کي نوحو سمجھو.“ الطاف جوکيو شاهه جي سُرَ ’ڪيڏاري‘ ۾ پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”مرثيه صنف به ٿوري گھڻي فرق سان مذڪوره صنفن سان نسبت رکي ٿي ۽ ”رثه“ ڌاتو مان ورتل آهي. معنى اٿس: ڪنهن دل واري جي مرڻ يا مارجي وڃڻ تي روڄ راڙو ڪرڻ _ پار ڪڍڻ _ زاريون چوڻ _ اوسارا چوڻ.“ [238]اوسارو مرثيي جو نعم البدل آهي جيڪو نج سنڌ جي صنف آهي. جنهن جي معنى پيارن جي ڏکن ۽ مصيبت کي ياد ڪري ان تي اکين مان نيرَ وهائڻ آهي. جيڪو صرف سنڌ ۾ مستورات جي مجلسن ۾ پڙهيو ويندو آهي.
اوساري بابت انجينئر سيد عبدالحسين موسوي جو ڏاڏو، نامور اديب، شاعر، مرثيا نگار سيد عبدالحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ”سرهاڻ“ ۾ لکي ٿو ته: ”لفظ ”اوسارا“ سنسڪرت ۾ اساريه لفظ جي معنى آهي ڳوڙها ڳاڙڻ هي به مرثيي جو هڪ قسم آهي جو فقط زالون چونديون آهن.“[239] اوسارو ڍنڍ _ ڍَڍَ، تي چيو ويندو آهي. روهڙيءَ ۾ اوسارا پخوات تي چيا ويندا آهن. جنهن بابت انجينئر سيد عبدالحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪربلا جي قضيي جي حوالي سان ضاعفن جون جيڪي مجالس عزا ٿينديون هيون انهن ۾ اوسارا چيا ويندا هئا. اهي اوسارا پَخُواتَ تي چيا ويندا هئا.“[240]
جيئن مجلس جي ابتدا ۾ مرثيو پڙهيو ويندو آهي. ائين ئي مستورات ۾ عزاداريءَ جي شروعات اوساري سان ڪئي ويندي آهي. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. اوسارو صرف سنڌ ۾ ئي پڙهيو ۽ لکيو ويندو آهي. سيد محمد علي شاهه جوهر کانپوءِ عورتن ۾ ادي زيب نظاماڻي، ادي مهر النساءَ لاڙڪ (مرحومه) ۽ ٻين شاعرائن اوساري جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. اوسارو مرثيي جي صنف آهي. ورهاڱي کان اڳ ذاڪرن جو رواج ڪو نه هيو جنهن ڪري مردن ۾ مرثين ۽ عورتن ۾ اوسارن تي زور هوندو هيو. لاڙ ۾ اڄ به مرثيو انهيءَ ئي اوج سان چيو وڃي ٿو. اتر سنڌ خيرپور ۽ محرابپور ۾ اوسارو اڄ به اوج تي رسيل آهي. جدت سان اوساري ۾ اضافو آيو آهي. نوحن جيان اوسارن تي به ڌنون رکبيون آهن. نوحن تي هر راڳ مان ۽ اوساري تي صرف ”سنڌي راڳ“[241] مان رکيون وينديون آهن.
هن شهر جي قديم پاڙن ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ مردن جيان مستورات ۾ به عزاداريءَ جو سلسلو نائين ذوالحج کان شروع ٿي اٺين ربيع الاول تي ختم ٿيندو آهي. جنهن ۾ پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين اضافو اچي ويندو آهي. جيڪو چهلم امام حسين عه تائين تسلسل سان جاري رهندو آهي. پهرين محرم الحرام کان چهلم امام حسين عليه السلام تائين روزانو ڏهه کان ٻارنهن ماتم ۽ مجلسن جا اهتمام ٿيندا آهن. هتي ڪافي سالن کان ايامِ عزا دوران عشرا محرم الحرام ۽ عزاداريءَ جي ٻين ڏهاڙن تي مجلس پڙهڻ لاءِ ٻاهران حيدرآباد، سکر، روهڙي، ڪوٽڏيجي ۽ پنجاب کان خطابت لاءِ ذاڪرياڻيون ۽ اوساريندڙ عزادار مومنائون دعوت ڏئي گھرايون وينديون آهن.
مستورات ۾ مجلس شروع ڪرڻ کان پهرين ڍنڍ، ڍَڍَ تي اوسارا چيا ويندا آهن، جيڪي سڄي ماحول کي ڏکارو ڪري ڇڏيندا آهن. هر اک غمِ حسين (ع) ۾ آلي ٿي پوندي آهي. انهن اوسارن ۾ غمِ حسين (ع) جو اهڙو ته درد ڀريل هوندو آهي جو ٻُڌڻ سان ئي هر مستور جي اکين اڳيان واقعي ڪربلا جا سڀ درديلا منظر هلڻ لڳندا آهن. جنهن جو اثر دل تي ڪافي دير تائين رهندو آهي جيڪو اوسارا بند ٿيڻ کانپوءِ به مستورات جي اکين مان لڙڪن جي برسات ۾ محسوس ٿيندو آهي. عزادار ۽ تڏيدار گھراڻي جو فرد هئڻ ناتي، اهي سڀ منظر ننڍ پڻ کان اکين ۾ سمايل آهن.
هتي عورتن ۾ اوسارن تي ٿيندڙ عزاداريءَ جي بانيڪار ”(زوجه) مير غلام عباس (داڻا واهڻ وارو ديرو) هئي.“[242] جنهن پهرين محرم الحرام تي پنهنجي گھر ۾ پاڙي جون مومنائون گڏ ڪري پاڻ اوسارا چيا ۽ چورايا، ان بعد ماستر دلاور ٻرڙو جي امڙ، جنهن کي ٽنڊي ’مير علي مردان‘ مان خاص گھرايو ويندو هيو. جنهن هتي آباد ٿيڻ بعد مقامي مستورات کي غسل، ڪفن ڏيڻ جي تربيت ڏني. پاڻ نمازي عزادار هئي. مولانا عطاءُ حسين بلاغيءَ جي امڙ ۽ نذاقت فاضلاڻيءَ جي امڙ جن ڪافي عرصي تائين اوسارا چيا. انهن کانپوءِ رنگ علي سومري جي زوجه ۽ غلام حيدر خاصخيليءَ جي زوجه، (مولوي وسيم جي امڙ) هن مهل تائين ان سلسلي کي جاري رکيو اچن پيون. هتي چيا ويندڙ اوسارا اڪثر سنڌي ٻوليءَ ۾ سيد محمد علي شاهه ’جوهر،‘ ۽ ٻين شاعرن جا لکيل آهن. فيض حسين ٽالپر (مير بگھڙ) جي امڙ سانئڻ به اوسارا لکيا. جن جو تعداد مختصر آهي. جنهن کي محرابپور جي پهرين مذهبي شاعره جو اعزاز حاصل آهي.
هتي مستورات جي عزاداريءَ کي اوج ڏياريندڙن مومنائن ۾ ذاڪرا (زوجه) زوارخان محمد لاکو (مامو خان حجم) ۽ زوجه هُمايون قريشي اچي وڃن ٿيون. هنن مومنائن جو شهر ۾ مستورات جي عزاداريءَ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. جن بنا ڪنهن معاوضي جي مجلس پڙهي مستورات جي عزاداريءَ کي اوج ڏياريو. هنن مومنائن نه رڳو مجلسون پڙهيون پر، پنهنجن گھرن ۾ به فرشِ عزا وڇايا.
ان بعد دختر سيد علي گوهر شاهه’زيدي‘، دختر سيد محمود شاهه ۽ دختر، مولانا امداد ’شجاعي، جن. هنن بزرگ ذاڪرائن جي ٻاريل شمع کي روشن رکنديون اچن پيون. هنن بزرگ ذاڪرائن عزاداريءَ کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ذڪرِ حسين عه جو ڪڏهن به معاوضو نه ورتو. مستورات جي عزاداريءَ ۾ هنن بزرگ عزادار، ذاڪرائن جو وڏو حصو شامل آهي. جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي. هنن جي بنيادي ڪردار سبب ئي اڄ جي عزاداري اڳ جي عزاداريءَ کان اوج تي پهتل آهي.
اوساريندڙ عزادار گھراڻا
ساکاڻين، ميرن ۽ ملاحن جي محلي ۾ قديم زماني کان محرم الحرام جو چنڊ بيهڻ سان ئي غمِ حسين عليه السلام جو تڏو، فرشِ عزا وڇائجي ويندو جتي عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. رات جو محلي جون سڀ عورتون گڏ ٿي مظلوم ڪربلا جي غمَ کي تازو ڪرڻ لاءِ، ڏکاري آواز ۾ جڏهن ڪربلا جي شهيدن کي اوسارينديون آهن ته لڙڪ اکين مان ڪونجن جي قطارن جيان هلڻ لڳندا آهن. جيئن سُر حُسيني ۾ شاهه چيو ته:
”ٻِيُون هُونِهِين هَٿَ هَڻَنِ، رُوندِيُون رُئَڻَ وارِيُون.“[243]
(شاهه)
*
ڪـرب وَ بَـلا جـي قـِيسَ تي ڪائنات پئي روئي،
هَئه هَئه ڪريو حُسين عه لَئه هر ذات پئي روئـي.
(’سينگار‘ علي سليم)
ميرن ۾ پهريون ڀيرو مير غلام عباس ٽالپر جي گھر، اوسارن تي عزاداري ٿي. جتي پهرين محرم جو چنڊ بيهڻ سان ئي پاڙي جون سڀ عزادار عورتون مِڙي وينديون هيون. جيڪي گڏجي اوسارن تي عزاداري ڪنديون هيون. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
جيڪو سلسلو سالن کان جاري آهي. اوسارن تي ٿيندڙ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪجھ وقت کانپوءِ’ٽنڊي علي مردان‘ مان ماستر دلاو ٻرڙو جي امڙ کي اوسارن چوڻ لاءِ گھرايو ويو، جيڪو سلسلو ڪافي عرصو جاري رهيو. جڏهن ٽنڊو ڦِٽو ته ماستر دلاور ٻرڙو جي امڙ پٽ سميت محرابپور لڏي آئي. ماستر دلاور کي عنايت ٻرڙو، 19 _ 10 _ 1969ع ۾ ٽنڊي ۾ ڄائو، جنهن جي ڪجھ سالن بعد هو هتي لڏي آيا.
سالن کان اوسارن تي عزاداري جو هي سلسلو، پهرين محرم الحرام کان شروع ٿي تيرهين محرم الحرام تائين جاري رهندو آهي. ان کان علاوه ڇهين محرم، ڏهين محرم ۽ چهلم جي ڏينهن مستورات جي عزاداريءَ جو وڏو اهتمام ٿيندو آهي. جنهن ۾ اوسارا سالن کان چيا ويندا آهن.
منهنجا غازي علمدار، هلين ها ڀيڻ سان گڏ شام،
ڇڏيم وطن ويرڻ آسري، کڻي سورن جو سامان،
مـونـکـي اڪـيـلـو ڇـڏيئـي، رهـيـن حُسينـڻ سـاڻ،
منهنجا غازي علمدار، هلين ها ڀيڻ سان گڏ شام.
منهنجي سڪينه (ص) کـي پاڻـي، پياريـن هـا پاڻ،
منهنجا غازي علمدار، .....................
نه هيـون سِـرَنِ تي ردائـون، هـٿ ٻڌل رسـن سـاڻ،
منهنجا غازي علمدار، ..................
ڪَـيَسِ ڪنـڊن زخـمي پيـر، جُـڙيـل زنجيـرن سـاڻ،
منهنجا غازي علمدار، .............
اٿم درد سڪينه (ص) جو، بڻيس قبر ڪَلهي شام،
منهنجا غازي علمدار، هلين ها ڀيڻ سان گڏ شـام.
***
ڏاڍا اوکـا لٿـا هـا، سـانـئـيڻ سـڪيـنه (ص) دا بابا هـا،
غازي عباسن دي بازو ڪٽي، شاهه ڏيک ڪـي رونـدا رهيا هـا،
ڏاڍا اوکا لٿا ها، سانئيڻ سڪينه (صه) دا بابا ها.
علي اڪبر (عه) ڪـون بـرڇي لڳـي، شـاهه اُٺهنـدا ٻَهندا آيـا هـا،
ڏاڍا اوکا لٿا ها، ..................
علي قاسم (عه) دي سَهري لُٽي، شاهه چُڻُ چُڻُ ڪي چيندا رهيا ها،
ڏاڍا اوکا لٿا ها، ...............
علي اصغر (عه) ڪون تيـر لڳا، شاهه ڳل ڪـون چُـميندا رهيـا هـا،
ڏاڍا اوکا لٿا ها، ............
شـاهه حُسينڻ ڪـون خـنـجـر لڳــا، سانـئيڻ سـر تـي قــرآن چـايـا هـا،
ڏاڍا اوکـا لٿـا هـا، سـانـئـيـڻ سـڪيـنه (ص) دا بابا هـا.
(مريد لنڊُ)
ملاحن جي حاويليءَ ۾ بخش علي ملاح جي گھر ۾ عزاداري ٿيندي هئي، جنهن ۾ (راقم الحرف، جي امڙ، پُڦي، ڏاڏي، ۽ ماسيءَ) کان علاوه زوجه راڻو ملاح ۽ دختر بخش علي ملاح جن اوسارا چونديون هيون. جنهن ۾ پاڙي جون مستور گڏجي عزاداري ڪنديون هيون. هي سلسلو ڪيترائي سال جاري رهيو. 1975ع کانپوءِ اوسارن جي جاءِ نوحا خوانيءَ ورتي. جنهن ۾ (راقم الحروف) جي ڀينرن نوحا خواني شروع ڪئي. جنهن ۾ سيد محمد علي شاهه ’جوهر‘ ۽ پنجاب جي شاعرن جا لکيل نوحا پڙهيا ويا. ڪجھ سالن بعد ان ئي ويڙهي ۾ هڪ ٻئي نوحا خوان پارٽي تيار ٿي جنهن ۾ دختر ڪريم بخش ملاح ۽ دختر ۽ زوجه غلام حسين ملاح به ڪجھ وقت تائين نوحا خواني ڪئي. ملاحن جي حاويلي ۾ هي سلسلو تسلسل سان اڄ تائين جاري آهي.
سنه 2000ع ۾ زوجه سڪندر ملاح (پهريون ديرو)، اوسارن تي عزاداري ڪرائي ان جي ٻيهر شروعات ڪئي. جيڪو سلسلو 2015ع کان باقاعدي جاري آهي. ملاحن جي حاويليءَ ۾ پڙهيا ويندڙ اوسارا عورتن کي اڄ به ياد آهن؛ جيڪي ٻارن کي لولي ڏيندي ٻڌائينديون آهن. قنبر ملاح ماءُ پنهنجي نغموني آواز ۾ هائي حسين عه يا حسين عه جي وائي ڪري، سيني تي هٿ هڻي مونکي هي اوسارا ٻڌايا، جيڪي ٻالڪ پڻ ۾ پنهنجي پُڦيءَ کان ٻُڌا هئائين.
کـولـي ڏس خـط پـڙهـي، سانـئڻ صـغـرا بابـي ڏي لـکيـو،
بابو سائين ناهي گھر ۾، منهنجي گذري هڪڙي گھڙي نه ٿي.
***
هائي ڏسو قاسم جو ڏاجو، هائي ڏسو سورهيه جو ڏاجو،
حسينـڻ شـيــر شـهيـد ٿــيــو، حـسينـڻ شـيــر شـهيـد ٿــيــو،
هائي ڏسو قاسم جو ڏاجو، هائي ڏسو سورهيه جو ڏاجو.
***
قاسم بنا تنهنجون روئن ٿيـون پُـڦِـيون، شهـزاده بـنا،
قاسم بنا تنهنجي روئي ٿي جيجل امان، شهزاده بنا،
روئــن ٿــيــون تــنهـنـجـــون ڀـينـرون، او شـهـزاده بـنـا.
***
هائي لڏي هليو سردار، علي عباس هيس ساڻ، علمدار،
هائي لڏي هليو سردار، بيبي زينب هيس ساڻ، علمدار.
وڏيرو محمد بخش ساکاڻيءَ جي گھر ۾ پهرين محرم کان شروع ٿيل، اوسارن تي عزاداريءَ جو هي سلسلو تيرهين محرم تائين جاري رهندو آهي. اڄ به سندس گھر ۾ ڪيترن ئي سالن کان پڙهيا ويندڙ اوسارا سانڍيل آهن. جيڪي ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ ان ئي انداز سان پڙهيا ويندا آهن. جن جي پڙهڻ سان، ٻڌندڙ عزادار مومنائن جي اکين مان لڙڪ، سانوڻ جي مينهن جيان قطارون ڪري وسي پوندا آهن. هن گھراڻي ۾ اوسارن تي عزاداريءَ جو هي سلسلو سالن کان قائم آهي. محرابپور ۾ مستورات جي عزاداريءَ بابت ڪا حتمي ڳالهه نه ٿي ڪري سگھجي ته ڪنهن ۽ ڪهڙي سن ۾ شروع ڪئي. هتي مير رحيم بخش ٽالپر جي ڀيڻ ۽ زوجه مير غلام عباس جو به حوالو ملي ٿو. ٻروچن جي پاڙي ۾ مستورات جي عزاداريءَ بابت، وڏيري ڌڻي بخش ساکاڻي (ٻيو) جي وڏي ڀيڻ جنهن جو هتان خيرپور پرڻو ٿيل آهي. جنهن جي هن وقت عمر 90 سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي، تنهن پنهنجي ڏڪندڙ آواز ۾ ٻڌايو ته: ”ابا! مون اوسارا ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڏاڏيءَ، زوجه ڌڻي بخش ساکاڻي بلوچ (اول)، کان ٻڌا هيا. پوءِ اسان به اهي اوسارا چيا.“ ساکاڻين جي ويڙهي ۾ اوسارن تي ٿيندڙ مستورات جي عزاداريءَ جي پاڙي ۽ شهر ۾ پکيڙ نه ٿي. مير غلام عباس جي گھر ۾ ٿيندڙ مستورات جي عزاداريءَ جي پکيڙ پاڙي کان شهر ۽ آس پاس تائين ٿي.
مستورات جون قديمي مجلسون
هتي مردن جيان عورتن ۾ به عزاداريءَ جو سلسلو قديم دور کان قائم آهي. هتي محرم جي ڏهاڙن ۾ مختلف گھرن ۾ ٿيندڙ مجلس عزا جي ترتيب ڪجھ هن ريت آهي. جن ۾ هاڻي ڪافي اضافو اچي ويو آهي. پر، گھرن ۾ ٿيندڙ انهن قديمي مجلسن جو وقت ۽ انداز اڄ به ساڳيو آهي.
مير مولابخش جي خاندان ۾ مستورات جي ٿيندڙ قديمي مجلس عزا جو سلسلو هن مهل تائين ان ئي ترتيب سان جاري آهي. جنهن ۾ پهرين محرم الحرام ديرو (گھر) مير حَسن بخش (مير شمن)، ٽين محرم، ديرو مير امير بخش، (مير مِينو) چوٿين محرم ديرو، مير علي نواز (ميرنازڻ) اٺين محرم ديرو، مير نبي بخش (ميرمٺل) نائين محرم مير منير حسين(گھر)، هي سڀ مجلسون پنهنجي مقرر قديمي وقت تي شام جو پنجين بجي کان شروع ٿينديون آهن. جنهن جي شروعات اڄ به پهرين اوسارا سان ٿيندي آهي ان کانپوءِ مجلس ان بعد نوحا خوانيءَ تي اختتام ڪيو ويندو آهي.
مير نبي بخش(مير مٺل) پاران پهرين محرم الحرام کان ستين محرم الحرام تائين معصوم ٻارڙن لاءِ نياز ڪيو ويندو آهي. اٺين محرم ’جھنڊن‘ جي رات چانهه جي سبيل 9 ۽ 10 محرم جي رات مخصوص نياز (دال چانور) عام مومنين ۽ مستورات ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. مير مٺل جي وفات کانپوءِ اُهي سڀ نياز سندس زوجه محترمه پاران انهيءَ ئي ترتيب سان ڪيا وڃن ٿا.