مهاڳ : تاريخ سهيڙڻ سوکي ناهي!
حد هوگئي حسين عه تيري انتقام ڪي،
هـر دور ڪـي يـزيـد ڪـو گـالي بنـا ديـا.
ڪعبي ۾ رکيل بتن کي ڪنهن بت _ شڪن زيرِ وَ زَبرِ ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي ته قِيصر وَ قِيصرا جُون سلطنتون تهس _ نهس ٿيندي به تاريخ ڏٺيون، تاريخ هونئن ته جناب حضرت آدم عليه السلام کان جناب خاتم ﷺ تائين ڪيترائي حوالا ڏٺا جيڪي لاريب ڪتاب ۾ محشر تائين محفوظ رهڻا آهن. دنيا جهان جي گولي تي تاريخ جي ڪنهن احساس جو اهڃاڻ هجي ها ته: آباد مدينه کان سادات جي روانگي، عراق جي ويران جھنگل ۾ اچي مقامي رهواسي کان معلوم ڪرڻ ته هن سرزمين جو نالو ڇا آهي؟ ڪنهن چيو ”ماريه“ ڪنهن ان ڌرتيءَ کي ”نينوا“ سڏيو ڪنهن سرد آه ڀري چيو ته، اي مسافر! هن زمين کي ڪرب _ بلا سڏيو ويندو آهي.مسافر چيو ته: اسانجي آخري اصل ۽ حقيقي منزل به اها ڪرب _ بلا آهي. اسان جو ” ڪُن فَيَڪُونُ“ کان هن ئي ڌرتيءَ سان جيءُ جڙيل آهي. تاريخ اهو سڄو سفر ۽ منظر اکين سان ڏٺو ۽ ان ڪارو ويس اوڍي ڇڏيو. تاريخ جي اوڍيل ان ڪاري ويس جي هر تندُ ۽ تارَ ۾ ڪربلا جي ان مسافر جو درد سمايل آهي. تاريخ جو اهو درد پهاڙن کان آبشار ٿي وهندو آهي. سمنڊ مان جڏهن شفاف پاڻيءَ جا سفيد ڪڪر تاريخ جي احساس جو اهڃاڻ بنجندا آهن تڏهن آسمان جون بلنديون ۽ ڌرتيءَ جون وسعتون سوڳوار ٿي اشڪباري ڪنديون آهن ۽ پوءِ پاڻي ڪربلا جي مسافر جي شهزادي علي اصغر عه جي اُڄ اُجھائڻ لاءِ سانئڻ سڪينه (س) ۽ معصوم ٻارڙن جي هٿن ۾ کنيل خالي ڪوزن کي تلاش لاءِ ڌرتيءَ جي وسعتن کان آسمان جي بلندين تائين زبان، بي زبانيءَ سان آه وَ بُقا ڪندي جڏهن انهن کي نه لهي سگھندا آهن ته ڪڪر هڪ ٻئي سان سِرُ ٽڪرائي گجگوڙ ڪندا آهن ڪڏهن آهستگي ڪڏهن ڌيرج سان هڪ ٻئي کي سيني سان لائي پاڻ ۾ اشڪبار اکڙيون ملائيندا آهن ته کنوڻ کنوندي آهي ۽ پوءِ ڪربلا جي ٺوٺ سُڪل ڌرتي شهزادي علي اصغر عه جي خشڪ چپن ۽ چئن ورهين جي معصوم سڪينه (س) جي حسرتن جو صدقو هيءَ ڌرتي جل ٿل ٿي شاد ۽ آباد بنجي پوندي آ ............ ها تاريخ جي احساس جي ان اهڃاڻ کي سانڍي اسانجي مانواري ۽ سوڳوار ساٿي مولائي ملاح به چاهيو هو ته هو علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان گڏ عزاداريءَ جي تاريخ کي ترتيب ڏئي. هن پنهنجي دامن ۾ ڏٺو ته سواءِ غمِ حسين عه جي هن وٽ ڪي به ڪين هيو ۽ هن به ان ڪِينَ کي ئي پنهنجو ڀاڳ _ بخت ڄاتو ۽ هن محرابپور ۾ عزاداريءَ جي تاريخ کي بطور ابتدا پنهنجو مقصود ڄاتو ۽ ڪرم ٿيو هن تي پاڪ سانئڻ سيده فاطمه زهرا (س) جو، جو هن محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ کي بطور احسن سهيڙي ورتو، توڙي جو عزاداري ڪا به خدمت ناهي پر جهان _ گيريءَ جي حوالي سان عزادارن کي مانُ ۽ مڃتا ڏيڻ لاءِ مولائي ملاح ڪمال فن کي پاسي تي رکي ڪمال محبت سان اُنهن کي مانُ ڏنو ۽ مڃتا _ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. هِن ڪتاب ۾ هُن محرابپور جي تاريخ کي به ڌار ڌار مورخن جي حوالي، مقامي روايتن ۽ عقلي دليلن جي آڌار تي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندي به ڪافي گنجائش ڇڏي آهي، ته جيئن موجوده دور توري ايندڙ زمانن جا مورخ محرابپور جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪن. مولائي ملاح جي هن محنت جو نتيجو ئي آهي ته محرابپور جي تاريخ مان جي عزاداريءَ کي ڪڍي ڇڏ جي ته محرابپور جي تاريخ اڌوري، اڻپوري ۽ ٻُسي ۽ بي رونق پئي لڳندي.
مذهبِ اهلبيت جو بنياد ته خود آلِ محمد ﷺ جن وڌو پر انهن روايتن کي زنده ۽ تابنده رکڻ لاءِ جنهن شخصيت، هستيءَ جو ڪردار بنيادي هيو تنهن کي وسارڻ ته هن جي وس ۾ نه هيو، ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر غلام مرتظي سيد (جي ايم سيد) فرمايو ته: ”تاريخ ۾ جنهن شخص جو جيترو ڪردار هجي ان جو اوترو قدر ڪرڻ ئي تاريخ جي تقاضا آهي.“
تشيع جي روشن روشن شمعن کي اونداهيءَ ۾ سوجھري طور استعمال ڪرڻ لاءِ محرابپور ۾ ٻاهران آيل اسڪالر، عالم، ذاڪر، شاعر نوحا خوان ۽ قصيده خوان، واڄو ڪندڙ مڱڻهار فقير، مولائي ملاح جي قلم جي روشنائيءَ ۾ ڏسي پسي سگھجن ٿا. غازي عباس علمبردار عه جي علم پاڪ، جي تنصيب جي به هڪ نرالي تاريخ آهي. جنهن کي مولائي ملاح دلپسند عقيدت جي انداز ۾ اهڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي جو پڙهندڙ اهو محسوس ڪندو ته هو علم پاڪ کي نئين ڪرڻ لاءِ لاهي، نئين سري سان سينگاري سنواري ٻيهر بلند ڪرڻ واري عمل کي پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ دل سان محسوس ڪري رهيو آهي؛ ۽ خود هن جي دل ماتم ڪدو بنجندي ٿي وڃي. مولائي ملاح کُنهبي جي ماتم، رسم کي به انتهائي شدت سان بيان ڪيو آهي، جو ان کي پڙهندي پڙهندڙن جي دل ۾ درد سموهجي ويندو آهي ۽ هن جون اکيون گونگا ڳوڙها ڳاڙي خود کيس به حيران ڪري ڇڏينديون آهن. شهزادو قاسم عه مولا امام حَسن عه جو فرزند هيو، جنهن ڏهين محرم جي رات پنهنجي امڙ سيده فروا خاتون (س) سان عهد ڪيو هو ته: ”امان مان جڏهن ميدان ڪربلا ۾ ويندس ته باقي سڀني شهيدن جا لاش مقتل ۾ ايندا پر، اي ماءُ! مان اهڙي قرباني پيش ڪندس جو تون بروز محشر ڏاڏي زهرا (س) جي سامهون فخر ڪندينءَ ماءُ! منهنجو لاش به صحيح سلامت مقتل ۾ نه ايندو.“ مولائي ملاح شهزادي قاسم گھوٽ جي پڳ جو جيڪو درديلو منظر بيان ڪيو آهي. تنهن ۾ مستورات جي جذبن ۽ احساسن جو غمناڪ اُپٽار ٿيل ٿو ڏسجي، نه ٿو لڳي ته مولائي ملاح هي منظر بيان ڪندي پنهنجي اکين کي وسڻ جا ويس ڪرڻ کان جھلي، پلي سگھيو هوندو، ساڳيءَ ريت شهزادي جي مينديءَ جي برآمدگيءَ جو بيان به سورن جو سامان آهي.
جلوس ڏهين محرم جا هجن يا چهلم جا وري انهن جي تاريخ، انهن جا لاتعداد ۽ لازوال ڪردار هڪ هڪ ڪري بيان ڪرڻ جو نرالو ڏانءُ به مولائي ملاح کي عطا ٿيل ٿو ڏسجي. ساڳيءَ ريت ماتمي جلوسن جي خدمت، تنهن کي مولائي ملاح خدمت ۽ آءُ سيوا سمجھان ٿو. جيئن ڀٽائي صاحب چيو ته:
سيوا ڪَرِ سَمُنڊ جي، جِتِ جَرُ وهي ٿو جالَ.
تنهن ۾ ڪردار بظاهر ننڍڙا ٿا لڳن پر انهن جي عظمت جو ڪو انت _ شمار نه آهي. ماتمي جلوس ۾ تعزيا ڪنهن برادريءَ جي پاران نڪرن يا انجمن پاران پر انهن کي هڪ جهڙي اهميت ۽ افاديت سان بيان ڪرڻ مولائي ملاح جو ديانتداراڻو ۽ ذميداراڻو رويو ساراهڻ جهڙو آهي. مولائي ملاح ڪنهن شبيهه جو ذڪر ڪري يا ضريح ۽ ذوالجناح جو بيان ڪري يا سيج جو، پر هن محرابپور جي عزادارن، ماتمدارن ۽ سوڳوارن جي صِدِقِ دل کي سدائين سامهون رکي لکيو آهي. اهل تشيع جي نئين نسل ۾ جڏهن بيداري اچڻ شروع ٿي ته انهن انجمن قائم ڪري عزاداريءَ جي واڌ ويجھ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪي وقت جي ستم ظريفيءَ جو شڪار ٿي ويون ته ڪن پنهنجو ڪردار مسلسل نڀايو. مولائي ملاح انهن ۾ تفريق نه ڪئي ۽ انهن جي سربرستي تاريخ درج ڪري پاڻ ملهايو آهي.
غمِ حسين عه آفاقي، سماوي ۽ ڪائناتي غم آهي. پر ڪن مت جي موڙهن ۽ هُردي جي هوڙهن ان کي ڪنهن جي يا پنهنجي ميراث ڪري پئي ڄاتو آهي. پر اسانجي هن فاضل ليکڪ دوست مولائي ملاح غمِ حسين عه جي حوالي سان ڪنهن به مذهب، مسلڪ توڙي دين ڌرم جي سوڳوارن کي نظر انداز ناهي ڪيو. مرثيا، نوحا، قصيده، سوز وَ سلام اول توڙي آخر مجالسِ عزا جي سونهن ۽ سينگار بنجن ٿا _ جن جي پسمنظر ۾ شاعر، موسيقار ۽ مصورِ غم هجن ٿا. مولائي ملاح انهن جو ذڪر به وڏي احترام ۽ اهتمام سان ڪري ساڻن پنهنجي محبت جو خوشگوار اظهار ڪيو آهي. ايتري تائين جو هن دور جديد ۾ جنم ورتو آهي پر دور قديم جي عزاداريءَ ۾ مڱڻهارن جي ڪردار کي به اوتري ئي اهتمام سان بيان ڪري عزاداريءَ جي قديم ۽ جديد رنگ جي سنگم کي نمايان رکيو آهي. ان سان گڏ هن نغاري جي وڄت جي سڏ ۽ پڙاڏي کي به نه وساريو آهي. نوبت ۽ نغارو قلندر شهنشاهه جي طريقت ۾ ”حَي عَلَي الُفَلَاحِ“ جو سڏ ۽ ان سڏ جو پڙاڏو آهي. انهيءَ کانسواءِ مولائي ملاح مستورات جي حوالي سان ٿيندڙ مجلسن ۽ عزاداريءَ جي ريتن رسمن ۽ روايتن کي به نظر انداز ڪرڻ بجاءِ انهن کي به پنهنجي حصي _ رسيءَ مطابق پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي. جيڪو پڻ مثبت عمل آهي. جن ۾ هن انهن مستورات جو ذڪر به ڪيو آهي جن مستورات ۾ عزاداري، پردا داري ۽ ديني فرائض جي ادائگيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. نه رڳو ايترو پر ”اوسارو“ شاعريءَ جي عزاداريءَ جي حوالي سان انتهائي درد ناڪ صنف آهي. جنهن کي ڪجھ عورتون گڏجي اهڙي ته درد ناڪ انداز ۾ بيان ڪنديون آهن جو سامهون ٻڌندڙ عورتون زار وَ قطار رئنديون رهنديون آهن.
انهيءَ کانسواءِ مولائي ملاح محرابپور ۽ پر پاسي ڳوٺ گاهي راهو، ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي، درٻيلو، نوشهروفيروز، قاضي احمد، نوابشاهه، کهڙا، گمبٽ، ڀٽ شاهه، سيٺارجا، نهال خان سولنگي ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ مجلسن، ماتمي جلوسن ۽ عزاداريءَ جو ذڪر به گھڻيءَ حُبَ، اُڪنڊ ۽ اُڪير سان ڪيو آهي. ان کان سواءِ زيارت گاهون، مجلسون ۽ امام بارگاه، پِڙَ ماڳ _ مڪان شهر ڳوٺ پاڙا، زيارت گاهون، ضريح اقدس ۽ ملت جعفريه جي حوالي سان ايندڙ نسلن لاءِ نت نوان مثال قائم ڪندڙ شخصيتن، هستين جو ذڪر به نهايت ئي پيار ۽ پاٻوهه منجھان ڪيو آهي. ڪتاب جي فاضل ليکڪ کي جس ڏجي يا خراج تحسين پيش ڪجي ان کان بهتر آ ته کيس دعا ڏجي ته:
سيده زهرا (س) جيڪا يقيناً محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي پنهنجي مبارڪ سِرَ جا اُهي وار کولي رئندي رهي آهي جيڪي اول جي دربار ۾ دوئم ۽ سوئم جي موجودگيءَ ۾ وئي. مولانا محمد حسنين مروت جي لفظن ۾ ته:
محروم رهي زهرا اول ڪي زماني مين،
بي بي ني پڙها خطبا، دربار خلافت مين.
(مروت)
بي بي جڏهن دربار وئي ته سِرَ جا وار ڪارا هئس ۽ جڏهن خالي واپس وري ته اهي سفيد ٿي چڪا هئس، اها سيدا مولائي ملاح جي توفيقات ۾ اضافو ڪري، سندس مشڪلاتن کي آسان فرمائي، رزق ۽ روزيءَ ۾ فراواني عطا ڪري سندس فرزند قنبر عباس ملاح کي سيرتِ شهزاده علي اڪبر عه سان شناسا ڪري کين ازل کان ابد تائين نمازي عزادار بڻائي ۽ سواءِ غمِ حسين عه جي ٻيو ڪو به غم نه ڏئي. مولا سندس ڏات ۽ ذات کي سلامت رکي.
21 رمضان، 17جون 2017ع طالب ابن ابوطالب
(سڄڻ سنڌي)
پڊعيدن، نوشهروفيروز، سنڌ
Call _03063435701