سنڌ جي عزاداريءَ ۾ محرابپور جو ڪردار
محرابپور ۾ عزاداريءَ جي فروغ جو ٻيو دور سنه 1962ع ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، ٺهڻ سان شروع ٿيو. ٽيون دور 18هن سالن کانپوءِ 1980ع ۾ شروع ٿيو جيڪو هلندڙ آهي. 1980ع کانپوءِ عزاداريءَ ۾ آيل جدت کي ترقيءَ وارو دور سڏجي ٿو. جنهن جو سهرو سيد احمد شاهه جي اولاد تي آهي. 2008ع کان شروع ٿيل مرد ۽ مستورات جا عشرا ۽ ماتمي جلوسن، شهر جي عزاداريءَ کي فروغ واري رونق بخشي آهي.
محرابپور جي عزاداري ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ، زور سان ٿي رهي آهي. جيڪا هر دور پٽاندر جدت کي ڇُهڻ لاءِ اوسر جي سفر تي گامزن آهي. اڳي هتي صرف ڏهين محرم جي رات ميرن جي پِڙَ تان روايتي، ثقافتي انداز ۾ دهل شرناءِ تي ماتمي جلوس نڪرندو هيو، جيڪو شهر جي مخصوص روٽن تان گشت ڪري صبح جو وري ساڳئي پِڙَ تي ختم ٿيندو هيو.
1963ع کان ملاحن جي پڙَ تان نڪرندڙ شبيهن جو جلوس جڏهن ميرن جي جلوس سان مليو ته رات واري جلوس جي رونق ۾ اضافو آيو ۽ زور ورتو. 1962ع ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، ٺهڻ کانپوءِ ’ڏينهن جا‘ ڏهين محرم، چهلم ۽ 22 رمضان جا جلوس نڪتا جنهن سان شهر جي عزاداريءَ ۾ اضافي کان علاوه عزاداريءَ جو پيغام ڀَرِ وارن علائقن ۽ شهرن تائين پهتو. شهر جي عزاداريءَ اوج ماڻيو.
ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن وارو مرڪزي جلوس، جڏهن انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه کان نڪتو ته، ان سال کان شهر جي عزاداريءَ ۾ اضافو آيو. عاشور جو جلوس شهر جي شاهي بازار ۾ داخل ٿيو ته، ماڻهن پهريون ڀيرو بازار ۾ عزادارن کي غمِ حسين (عه) ۾ گريوزاري ۽ سينه ڪوبي ڪندي ڏٺو؛ جيڪو پيغام جھر جھنگ پکڙجي ويو، جنهن کانپوءِ چهلم جي جلوس ۾ عزادارن ۾ ڪافي اضافو ٿيو.
سنڌ جي عزاداريءَ ۾ محرابپور جي عزاداريءَ کي، هن وقت ان ڪري به اوج، ترقيءَ وارو دور چئجي ٿو. جو ڪالهه هتي عزاداري ڪرڻ لاءِ نوحا خوان، زنجيرزن، ذاڪر، مولوي، مفتي ۽ اسڪالر پنجاب ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان دعوت ڏئي گھرايا ويندا هئا. هاڻ محرابپور جا، مولوي، ذاڪر، شاعر ۽ نوحن تي خيالي طرزون رکندڙ (موسيقار) ۽ نوحا خوان سنڌ ۽ پنجاب ۾عزاداري ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏئي گھرايا وڃن ٿا. محرابپور جا رڳو عزادار ئي نه. پر، هتان جي ڪاريگرن پاران اسٽيل جا ننڍا توڙي وڏا علم حضرت عباس عه به سنڌ ۽ پنجاب ۾ مشهور آهن. ڪجھ سال اڳ هتان سنه 2009ع ۾ هڪ سئو (100) فوٽ اسٽيل جو ٺهيل علم پاڪ پنجاب جي شهر اوڪاڙا جي هڪ ڳوٺ ’چڪ محمد شاهه‘ ۾ سيد نعيم عباس شاهه جي امام بارگاهه ۾ نصب ٿيو. جنهن جو نقشو زوار عبداللطيف ملاح تيار ڪيو ۽ ان کي عملي شڪل مستري محمد اڪبر ڪمبوه ڏني ۽ بجليءَ جو سڄو ڪم گل محمد خاصخيلي (گلو خاصخيلي) ڪيو. محرابپور ۾ اسٽيل جي علم عباس عه جي شروعات عبداللطيف ملاح سنه 2000ع ۾ ملاحن جي پِڙَ تي اسٽيل جو نئون علم پاڪ نصب ڪري ڪئي.
محرابپور جا نوحا خوان رڳو مُلڪ ۾ ئي نه پر، پرڏيهي چينل کي به نوحا رڪارڊ ڪرائي عزاداريءَ جي پيغام کي عام ڪري رهيا آهن. لنڊن کان محرابپور ڪهي آيل ’هدايت ٽي وي‘ جي صحافي سبحان علي هيسباڻي، سنه 2015ع (گرمين جي آخر) ۾ فيض حسين ٽالپر (مير بگھڙ) جي نوحن جو مڪمل پروگرام رڪارڊ ڪري لنڊن کان نشر ڪيو جنهن کي پوري دنيا ڏٺو.
محرابپور جا ماتمي، مولوي، نوحا خوان ۽ نوحن تي ڌُنون رکندڙ عزادار، پوري ملڪ ۾ مشهور آهن. جن کي عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ ٻين شهرن ڏانهن دعوت ڏئي گھرايو ويندو آهي. جن ۾ مولانا عطاءُ حسين ’بلاغي،‘ مولانا امداد حسين ’شجاعي،‘ ۽ نوحا خوانن ۾ سيد مجاهد شاهه ’ناشاد،‘ فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ) ۽ ساجد علي چنه ( بِجو) سيد جاني شاهه ’شرف،‘ سيد ناظم شاهه، ملازم حسين مڱڻهار، بشارت علي مڱڻهار ۽ محمد جڙيل شيدي شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ، پنجاب جا مشهور نوحا خوان ۽ شاعر حضرات پنهنجن نوحن تي خيالي ڌُنون رکرائڻ لاءِ فقير گلاب مڱڻهار کي دعوت ڏئي هتان وٺي ويندا آهن. جيڪو مختلف راڳن مان کين نوحن تي ڌُنون رکي ڏيندو آهي. فقير گلاب هن مهل تائين تقريباً پنج هزارن جي لڳ ڀڳ ڌُنون ٺاهي چڪو آهي. هي موسيقار ذي القعد کان وٺي پهرين محرم الحرام تائين ان عزاداريءَ ۾ مصروف هوندو آهي ۽ صفر مهيني ۾ به (ڀٽ شاهه جي ميلي جي موقعي تي سيد ريجھ علي شاهه پاران نڪرندڙ حسين قافلي) جي نوحا خوانن ۽ چهلم امام حسين عه جي حوالي سان به ساڳئي مصروفيات هوندي اٿس. هي اها نوڪري بنا ڪنهن معاوضي جي ڪندو آهي. ان حوالي سان سندس نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ ۾ شامل ٿيڻ گھرجي.
محرابپور ۾ هڪ ئي جاءِ تي مستورات جا عشرا ۽ ڏهين محرم جي رات تعزين جي جلوس ۾ تعزين تي ٻرندڙ لائيٽ جو جديد نظام هوندو آهي. جيڪو اهڙي نموني ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ناهي هوندو. جنهن جو موجد سائين ارشاد شاهه (شاعر)، سيد اسد عباس شاهه صفوي، استاد غلام محمد نوناري ۽ علي بخش ٽالپر جن هيا. ان بعد منظور ملاح، نظر ڪلهوڙو (حاجي نجو)، جن هن نظام کي جديد بڻايو، ڪجھ وقت کانپوءِ سندن سٿ ۾ شاهنواز خاصخيلي ۽ گل محمد خاصخيلي گڏيا. ڪامريڊ ولايت نوناري ۽ مختيار نوناري به هن ٽيم جو حصو بڻيا. 24 رمضان جي مجلس واري پنڊال جي سڄي ڇَتِ ۾ پَنکنِ فٽ ڪرڻ وارو نظام محرابپور جيان اڳ ڪٿي نه هيو. جيڪو سنه 1983ع ۾ متعارف ڪرايو. جنهن جو موجد عبداللطيف ملاح ۽ مستري غلام حسين مغل، (تائو غلام حسين) هيو.
هتي خون جي عزاداريءَ دوران 19 سالن جي نوجوان کان ويندي 90 سال جو ٻڍڙيو به خون ۾ لت پت نظر ايندو آهي. هتي دُهل شرناءِ تي ماتم جا ’ڇهه تار‘ وڄا ويندا آهن. هر تارُ _ ’چئن ماترائن‘ جو هوندو آهي، جنهن ۾ غم جي لهر هوندي آهي. ۽ شرناءِ تي ٿيندڙ ماتم جو انداز پنهنجو آهي. جيڪو جلوس ۾ شامل عزادارن کي جذباتي ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن ۾ سڀ عزادار گڏجي گريو زاري ۽ سينه ڪوبي ڪندا آهن. هن شهر جا سُني، شيعه ۽ هندو غمِ حسين عه ۾ گڏ هوندا آهن. جلوس ۾ سڀ گڏجي عزاداري ڪندا آهن. هتي تلوار، گرز ۽ زنجير جي ماتم ۾ وڏي رش ٿيندي آهي. عزاداريءَ ۾ شرڪت لاءِ ٻين شهرن بهلاڻي، هالاڻي، ڪنڊيارو، ڳوٺ ٺارو خان ڪليري _ محب ڪليري، محبت ديرو جتوئي، خانواهڻ، ڪوٽڙي ڪبير، رسول آباد، پير وسڻ، سيال آباد، ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن کان عزادار مرد ۽ مومن مستورات قافلن جي صورت ۾ ڪهي ايندا آهن.
هتي اوسارن تي ٿيندڙ مستورات جي عزاداريءَ جو هڪ پنهنجو انداز رهيو آهي. جنهن جي ابتدا ’زوجه غلام عباس ٽالپر (ديرو، داڻا واهڻ) ڪئي.‘[12] هتي مستورات جي عزاداريءَ جي سنه بابت ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي ته ڪڏهن شروع ٿي. پر، گھڻو گمان آهي ته 1930ع تائين شروع ٿي چڪي هوندي؛ جنهن جو اندازو مير غلام عباس جي جنم تاريخ مان لڳائي سگھجي ٿو. جيڪا سرڪاري رڪارڊ موجب: ”23 مارچ 1907ع آهي.“[13]
هتي عزاداريءَ جي ابتدا بابت گھڻو امڪان آهي ته: هتي پهرين عزاداري مستورات ۾ شروع ٿي جنهن جي چڻنگ مير رحيم بخش ٽالپر جي ڀيڻ، روشن ڪئي. جنهنجو هتان حيدرآباد، علي بخش ٽالپر سان پرڻو ٿيو. جنهن چوانتيءَ کي اڳتي هلي مير باغ علي مشعل بڻايو.
هتان جون ذاڪرياڻيون ٻين شهرن ڏانهن مجلس عزا پڙهڻ لاءِ دعوت ڏئي گھرايون وينديون آهن. نائين محرم جي رات ملاحن جي پِڙَ تان نڪرندڙ مستورات جي ماتمي جلوس جو، شهر جي عزاداريءَ ۾ انقلابي رنگ رهيو آهي. جيڪو ڪربلا جي قافلي جي ياد تازه ڪندو آهي.
محرابپور ۾ مستورات جا نڪرندڙ احتجاجي قافلا، ڪربلا جي قتل خلاف ’معزالد وله ديلمي‘ پاران بغدا ۾ برپا ڪيل دنيا جي پهرين تاريخي احتجاجي جلوس جهڙي حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن. جنهن جي شروعات ملاحن جي مستورات ڪئي. جيڪو سلسلو هن مهل تائين ڀرپور انداز سان جاري آهي.