پِڙَنِ تي نَغارا وڄائيندڙ عَزادار
سنڌ تي قديم دور ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو اثر رهيو آهي، جنهن کان متاثر ٿي هي لفظ هتي رائج ٿيو. وڏن نغارن کي ’ڀِيڙ‘ چئبو آهي. جيڪا جنگ جي ميدان ۾ جنگي صدا بُلند ڪرڻ لاءِ وڄائي ويندي هئي. نغارو جنگ جو اعلان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري هن کي جنگي ساز به چئي سگھجي ٿو. هن جي دهشت ڀريي آواز، صدا ۾ جذبن کي جاڳائڻ جي سگھ هوندي آهي. معرڪي ڪربلا ۾ نغاري تي چوٽَ هڻي جنگ جو اعلان ڪيو ويو. نغاري جي تاريخ بابت امام علي بيگ افسر، روزانه ڪاوش اخبار ۾ ڏهين محرم واري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”نغارو فارسي لفظ ”نقاره“ جي بگڙيل شڪل آهي. نغارو، طبل، نوبت ۽ سنڌي ۾ ڀير ڪوس هڪڙي ئي معنى رکي ٿو. نغارو جنگ جي نشاني آهي. جڏهن به جنگ ٿيندي هئي ته پهرين نغارو وڄائي جنگ جي ميدان ۾ جنگ ڪندڙن کي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو هو، واقعي ڪربلا جي جنگ ۾ به نغارو وڄايو ويو آهي. نغارو ڪا خوشيءَ ۽ شاديءَ جي علامت نه آهي. هي نغارو مخصوص سنڌ ۾ امام حسين عه جي شهادت وارن ڏهاڙن ۾ وڄايو ويندو آهي. سنڌ ۾ نغارن جي تاريخ بابت اسانکي جيڪا ڄاڻ ملي ٿي اها هيءَ آهي ته: سلطان محمود ڪوڪلتاش عرف سلطان بکري جيڪو مغلن جي پاران سنڌ جي بکر شهر جو 962 ۾ نواب هو. هي شيعه اثنا عشريه هو. هن جو خان خانان بيرم خان جي عزيز گوهر تاج خانم بنت تردي بيگ سان نڪاح ٿيو. جيڪو خود شيعه هو. سلطان محمود جي شيعه هجڻ جي ڪري ايران حڪومت طرفان سيد جعفر شهِيد حضرت امام علي رضا عه جي روضئي منور جي نوبت خاني مان سلطان محمود جي لاءِ نغارن جي هڪڙي جوڙي آندي جنهن کي سلطان محمود نيڪ شگون سمجھي 12 هن جوڙيون نغارن جون 9 جوڙيون ڪوس جون ٺهرائي آستانئه قدس ڏي موڪليون. ياد رهي ته اڄ به امام رضا عه جي سحن جي دروازي جي مٿان شام يا صبح جو نغارا وڄندا آهن. جن جي جوڙ جڪ منهنجي اندازي مطابق ساڳي طرح سنڌ جي نغارن جهڙي آهي. سومرن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ نغارن جو ايترو رواج نه هيو. البته ڀيريون وڄايون وينديون هيون. نغارن جو رواج صحيح معنى ۾ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ پيو.“[252] نغاري جي وڄت، آواز ۽ تال بابت موسيقيءَ جو ڄاڻو شاعر رمضان واڍو پنهنجي ڪتاب: ’علم موسيقي‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”نغارو هڪڙو وڏو تنهنجو نالو’نَرُ،‘ نغارو ننڍو تنهنجو نالو زيل
زيل جا آواز ڪونڊِي جي ڪني کي ويجھا نڪرندا آهن ۽ نرَ جا آواز ڪونڊي واريءَ کل جي وچ مان نڪرندا آهن. اول نغارو زيل چاڙهي باهه تي تپائي؛ ڏونڪا ٻئي هٿ ڪري ٻئي نغارا آمسمهان رکي پهرئين چڙهت سواري يعنى طبل وڄائي، مهرو ڏيئي، پوءِ جيڪو تار وڄائي سو وڄائي. “[253]
قديم دور ۾ محرابپور جي امام بارگاهن ۾ انگاسن هيٺان جڏهن نغارن تي چوٽَ لڳندي هئي ته، ان جي درد ڀري صدا تي ماحول ۾ سانت ڇائجي ويندي هئي. پوءِ ڀٽائيءَ جا بيت لبن مان ٻُرڻ لڳندا هيا ته:
مُحَرَمُ موٽي آئيو، آئيا تان نه امام،
مديني جا ڄامَ، مولا! مون کي ميڙِيين! [254]
(شاهه)
هتي ورهاڱي کان اڳ پِڙن تي نغارن وڄائڻ جو رواج هيو. جيڪو آهستي آهستي ختم ٿي ويو. وڏي نغاري کي ’ڌامو‘ ۽ ننڍي نغاري کي ’تالي‘ چيو ويندو آهي. تاليءَ کانسواءِ ڌامو نه وڄي سگھندو آهي. نغارن جي رواج کي ٻيهر جنم ڏنو ويو آهي. هتي اڳ وڏي پڙ، ملاحن جي پڙ ۽ وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ جي پِڙَ (حسيني چوڪ) تي، 20 ذوالحج ’علم حضرت عباس عه لهڻ کان وٺي تيرهين محرم الحرام تائين روزاني صبح، شام نغارا وڄندا هئا. وڏي پڙ تي وڄندڙ نغارن جو آواز ڪنن تي پوڻ کانپوءِ، سڀ عزادار آهستي آهستي امام بارگاهه ڀيڙا ٿيندا هيا. شام جي واڄي کانپوءِ مجلس شروع ٿي ويندي هئي. محرابپور ۾ هاڻ نغارا وڄائڻ وارو هڪ ئي فقير پسند علي مڱڻهار آهي؛ جيڪو ان قديمي فن کي ٻيهر جيئارڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. هن ان فن جي سکيا فداحسين فاضلاڻي (رضا آباد) واري کان ورتي.
وڏي پِڙَ تي نغارن وڄائڻ ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ ۽ سُريلن ماڻهن ۾ فقير توت مڱڻهار ۽ ان کانپوءِ ”استاد ارباب علي ميمڻ (هالاڻي)،“[255] وڏيرو لال بخش شيدي (لالو شيدي) مريد حسين ۽ سندس ڀاءُ مريد حيدر فاضلاڻي جن شامل هيا. ان کانپوءِ ڊاڪٽر مير ارشاد ٽالپر، مير رضا حسين ٽالپر، مير علي ڏنو، مير نظر حسين، لطف علي شيدي ( لُتو شيدي)، ولي محمد شيدي ۽ ٻيا عزادار ثواب خاطر وارو وٺندا هيا. هن پِڙَ تي نغارا 70ع جي ڏهاڪي تائين وڄندارهيا. هن قديمي فن کي ٻيهر جيئارڻ ۽ اوج ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر مير نياز حسين ٽالپر ڪوشان آهي جنهن 2015ع کان هن پِڙَ تي (45) سالن کانپوءِ ٻيهر نغارن جون ٻه جوڙيون آڻي رکيون آهن؛ جنهن تي فقير پسند علي مڱڻهار واڄو ڪندو آهي. ميرنياز حسين جي خواهش آهي ته، شل! نوجوان عزادار هي فن سکي پون ۽ هر پِڙ تي وري ڪي نغارن مان ڪيڏاري جي سُرَ ۾ ياحسين ....! واهه ياحسين. ......! جون درد ڀريون صدائون محرابپور جي عزاخانن ۾ ٻُرن .....
ملاحن جي پِڙَ تي شهمير ملاح ان بعد محمد هاشم ملاح (راقم جو نانو، ڏاڏو)، نغارا وڄائيندو هيو. هي سلسلو ٿوري وقت تائين رهيو. وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ جي پڙ تي به صبح، شام نغارن تي واڄو ڪيو ويندو هيو جنهن جي درد ڀرين صدائن تي مومن، ڪربلا جي واقعي کي ياد ڪري روئي پوندا هيا. هن پِڙَ تي نغارا فقير فضل حسين، فقير باغ علي مڱڻهار، نانو توت فقير ۽ صوف فقير، گلاب فقير جن وڄائيندا هيا.
زوار پيراڻي جي پِڙَ تي 2010ع کان زوار اختر حسين نوناريءَ نغارا رکيا آهن جن کي فقير پسند علي مڱڻهار وڄائيندو آهي. هن وقت نوجوان عزادارن ۾ نغارا وڄائڻ جو شوق پيدا ٿي رهيو آهي. نوجوان عزادارن جو ان فن طرف اگر اهڙو رجحان رهيو ته ايندڙ پنجن سالن اندر وري اڳي جيان هر پڙ تي نغارن تي واڄو ڪيو ويندو. هن فن کي ٻيهر اوج وٺرائڻ لاءِ ڊاڪٽر نياز حسين ٽالپر جي حسرت آهي. جنهن تي هي ڪافي وقت کان سوچ ويچار ڪري رهيو آهي. نياز حسين ٽالپر سُريلن نوجوانن جو سٿ جوڙي انهن کي نغارن واڄائڻ جي تربيت ڏيارڻ جي ڪوشش ۾ آهي. مستورات ۾ اوائلي دور کان وٺي هن مهل تائين مجلس شروع ٿيڻ کان پهرين ’ڍنڍ‘ وڄائي ويندي آهي. عزاداري ڪرڻ وقت به ’ڍنڍ‘ تي اوسارا چيا ويندا آهن.