تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

مصنف جو منصف هئڻ ضروري آهي

مولائي ملاح سان اڳي ڪا سڃاڻپ نه هئي، جڏهن آءُ ادا شمشير الحيدري جي وفات کانپوءِ سندس چهلم کان اڳ سندس شخصيت تي ڪتاب ”مولا تي ننگ“ مرتب ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رُڌل هُئس ته ان وقت بيدار جعفريءَ مولائي ملاح جو غائبانا تعارف ڪرايو، ۽ پوءِ مسلسل فونن تي ساڻس ڪچهري ٿيندي رهي. پر نه هي ڪڏهن بدين ڪهي آيو، نه منهنجو محرابپور اچڻ ٿيو. آءُ جڏهن خيرپور شوگرمل ۾ ڊپٽي جنرل مئنيجر ٿي آيس ته ساڻس رابطو ڪيم.
۽ اسان جي پهرين ملاقات 21 فيبروري 2016ع تي تاريخي ماڳ ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي تي ٿي جيڪا تاريخي ماڳ ’ڪوٽ قلعي‘ جيان يادگار رهندي. جتي هن پنهنجا ٻه ڪتاب ”شير ميربحر: فن ۽ شخصيت“ ۽ ”پرهه جا پياڪ“ مونکي تحفي طور ڏنا. ان کان پوءِ وري چند ڏهاڙا اڳ 27 جولائي 2017ع تي منهنجي آفيس ۾ وڏي ڀاءُ روشن علي ملاح ۽ ان جي فرزند جابر عباس ملاح سميت سندس زيارت نصيب ٿي. ۽ نئين تخليق ”محرابپور جي عزاداري“ تي ٻه اکر لکڻ لاءِ حڪم ڪيائين.
اِها ڳالهه بلڪل کليل آهي ته ڪتابن تي مقدما _ يا ڇنڊ ڇاڻ وڏا اديب محقق ۽ پارکو ڪندا آهن. اسان جهڙا هن پنڌ جا پانڌئيڙا جيڪي وڏن گُروئن جا هٿ ڌوئارڻ پنهنجي خوش بختي سمجھندا آهن، هڪ ڪتاب سو به ڪو عام نه پر تاريخ ۽ تحقيق جو ڪتاب هجي آءُ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ پنهنجي قد کان وڌيڪ ٽپو ڏيڻ جي مترادف سمجھان ٿو. ليڪن ”اَمر ادب کان وڌيڪ آهي.“ جي چوڻيءَ موجب ته اَمر جي بجاوري ڪندي ڪتاب جو مسودو شروع کان آخر تائين اکر اکر ڪري پڙهيم. ڇو ته ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ جو مطلب ئي آهي ته ڪتاب جي تند تند ۽ تار تار کي ڌار ڌار ڪري پوءِ پنهنجي راءِ ڏجي.
ڪتاب يا ڪو ڪالم لکڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙو ته اڄڪلهه انٽرنيٽ جي اچڻ سان ڏاڍو سولو آهي ته، ڪو موضوع کڻي انٽرنيٽ کان پڇجي اهو هزارين حوالا ڏئي ان موضوع تي مواد توهانجي حوالي ڪندو ۽ پوءِ اوهانجي ذهانت جو عمل دخل آهي. ڪالم يا ڪتاب کي ڪيئن ٿا ترتيب ڏيو.
ٻيو طريقو ليکڪ جو پنهنجو ذهن ۾ ويهاريل مواد، تجربو، ڪيترن ئي سالن جي تحقيق جيڪا شعور ۽ لا شعور جي اٿاهه سمنڊ جي لهرن ۽ گھراين ۾ ڇوليون هڻندڙ هجي، وقت ۽ حالتن موجب ان موضوع تي ڪيترائي بحث مباحثا ٿيل هجن، ان جو نچوڙ گڏجي کيس ان ڪالم يا ڪتاب لکڻ جو اتساهه ڏي ۽ هو ان تي لکي به ۽ مددگار ڪتابن جي عرق ريزي لاءِ ڪيتريون ئي لائبرريون ڇاڻي ۽ ڪالم يا ڪتاب لکي _ اِن ٻي طريقي جو ڪتاب سو به تحقيقي موضوع تي هجي ته ان ۾ زندگيءَ جو ڪافي عرصو جوانيءَ کان پيريءَ جا پنڌ به ڪرائيندو آهي. ان ۾ ليکڪ جو رت ۽ ست به ٻري قلم جي مَس بنبو آهي.
مولائي ملاح جا هن کان اڳ جا آيل ٻه ڪتاب جيڪي ادبي دنيا جا شاهڪار آهن. ان کانپوءِ هي ڪتاب ”محرابپور جي عزاداري“ جنهن جو عنوان ئي ٺُپ مذهبي آهي _ لکڻ وڏي جرئت جو ڪم آهي. ليڪن هڪ غير جانبدار محقق جيڪو هر قسم جي مذهبي متڀيد کان مٿانهون ٿي جڏهن قلم کي کڻي ٿو ته پوءِ هو صرف ”مصنف“ نه هوندو آهي پر ”منصف“ به هوندو آهي. اسان وٽ بدقسمتيءَ سان مصنف تمام گھٽ منصف هوندا آهن. ان حوالي کان مولائي ملاح عزاداريءِ امام حسين عه تي جن وڏين شخصيتن جي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، انهن جي ڪري هن موضوع جي ڪتاب جي حيثيت وڌيڪ وڏي ٿي وڃي ٿي، جن ۾ ”فتح نامو سنڌ عرف چچ نامو“، مير علي شير قانع جو ڪتاب ”تحفته الڪرام“، مولانا ابوالڪلام آزاد جا ڪتاب ”الهلال، ۽ انسانيت موت جي دروازي تي“، مولائي شيدائي جا ڪتاب ”جنت السنڌ، ۽ تاريخ سکر“، سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“، محمد عثمان ڏيپلائي جو جڳ مشهور ڪتاب ”شيخ المشائخ“، بلاذري جو ڪتاب ”فتوح البلدان“ پير حسام الدين راشديءَ جو ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، خانبهادر خدا داد خان جو ڪتاب ”لب تاريخ“، جنرل هيگ جو ڪتاب ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر جو ڪتاب ”سنڌ جي عزاداري“، حاجي محمد حسن صفائي ٺٽوي جو ڪتاب ”تذڪرة المراد“، انجنيئر سيد عبدالحسين شاهه موسوي جو ڪتاب ”روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون“، مولانا عبد الحليم ”شرر“ جو ڪتاب ”سنڌ جي فتح“، زوار عبدالستار درس جو ڪتاب ”سنڌ ۾ آل رسول جي آمد“، سيد طاهر محمد جو ڪتاب ”تاريخ طاهري“ ۽ ٻين ڪتابن جا حوالا شامل آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سُر ڪيڏارو انهن سڀني جومدلل دليل آهي. هن ڪتاب ۾ محرابپور جي عزاداريءَ کان اڳ محرابپور جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ جوڙ جڪ تي اهڙو تاريخي مواد ڏنو ويو آهي جيڪو تاريخ جي طالب علمن لاءِ وڏي ڄاڻ جو مواد آهي.
جيتريقدر عزاداريءَ جو تعلق آهي ته عزاداري حضرت امام حسين عه ڪا رسم رواج _ يا ڪو ثقافتي ڏهاڙو نه پر عزاداري پنهنجي وجود کان وٺي هڪ تحريڪ جو نالو آهي. جيڪو ظلم ۽ زبردستيءَ خلاف صداءِ احتجاج آهي، هڪ انقلاب آهي، هڪ نظريو آهي. عزاداري صرف باسون باسڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جو واپاري عمل نه آهي. پر عزاداري جبر جي ايوانن ۾ ڏار وجھي انهن جي بنيادن کي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪرڻ جو عملي رستو آهي. حضرت امام حسين عه ڪربلا ۾ جيڪي شعار بلند ڪيا هئا ته: ”هيهات من الذلة _ هيهات من الذلة“ جو مطلب ئي اِهو هو ته ذلت قبول نه آهي _ ذلت قبول نه آهي. ”مِثلي لا يُبايع مِثل يزيد“ مون جهڙو يزيد جهڙي وٽ وڪجي نه ٿو سگھي. عزاداري ان جو قيامت تائين جو پڙاڏو آهي ته حسيني جيڪڏهن سڏائجي ٿو ته بدڪردار، بد اخلاق حڪمرانن، سياستدانن ۽ فردن وٽ ضمير جي سوداگري عزاداريءَ جي روح جي خلاف آهي. اهو حسيني ’هَل من ناصر ينصرنا‘ جو سڏ 1400 سالن کان ڪربلا جي ريگستانن مان گونجي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انقلابي تحريڪن جو نعرو بنجي ويو آهي.
مولائي ملاح محرابپور جي عزاداريءَ ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عزاداريءَ جي بنياد کان وٺي آخر تائين جي ڪار گذاريءَ تي وڏي محنت ڪئي آهي. مثلً قديم مجلسون، قديمي ذاڪر، مولوي، مسجدن جا متولي، مرثيا، نوحا پڙهندڙ عزادار، تعزيا سينگاريندڙ مومن، ماتمي جلوسن ۾ ماتمدارن جي خدمت ڪندڙ عزادار، عورتن جي عزاداري، مجلسن جي زينت بنجندڙ عزادار، هندوئن جي عزاداري، رضاڪار، اسڪائوٽ، ضريحون ۽ زيارتون، ذوالجناح ۽ عَلَم پاڪ، انجمن نوجوانانِ شيعه، جو بنياد ۽ انجمن صغيريت شيعه، جو بنياد، انجمن معصومين شيعه فيڊريشن، فروغِ عزاداري مشن، انجمن قلندري مداحِ اهلبيت، انجمن منتظر مهدي، وغيره وغيره انهيءَ تذڪري ۾ درگاهن جو وڏو تفصيل ڏنل آهي. جيڪو عزاداريءَ جي موضوع سان ڪنهن صورت ۾ ٺهڪي ڪونه ٿو. درگاهن تي ڌمال _ ميلن ۽ رقص جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪو روحِ عزاداريءَ جي خلاف آهي. اڪثر درگاهون ۽ ميلا آلِ محمد ﷺ جي فڪر جي ناڪاري ڪمن ۾ رُڌل آهن. انهن جي پذيرائي بدران روڪڻ جا اُپاءَ وٺڻ گھرجن، ثقافت جي نالي ۾ غير اخلاقي، فحاشيت ۽عريانيت جي ڦهلاءُ کي مشن امام حسينعه سان ڪا مطابقت ڪونهي.
هي ڪتاب جيڪو لفظ ’عزاداري‘ سان منسوب آهي ان جي حوالي کان ظلم جي خلاف هڪ آواز _ هڪ للڪار _ هڪ يلغار جو متقاضي آهي. علامه شبلي نعماني جي چواڻي ته: ”هي (ڪربلا جو واقعو هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪڏهن عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها ته اهڙا ته زوردار مرثيا لکيا وڃن ها جو دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.“ هن ڪتاب ۾ ان حوالي کان جيڪي مختلف محققن جا لکيل لفظ ڏنا ويا آهن انهن ۾؛
مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي ڪتاب ’انسانيت موت جي دروازي تي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪنهن مبالغي کانسواءِ چئي سگھجي ٿو ته دنيا جي ڪنهن المناڪ حادثي تي انساني نسل جا ايترا ڳوڙها نه ڳاڙهيا ويا هوندا جيتريقدر ان حادثي (ڪربلا) تي وهي چڪا آهن.“
جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”بني اميه سامراج جي مخالف حضرت امام حسين عه جي هڪ طرفدار عرب سردار محمد بن علافي ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هُئي. ان کي موٽائي موڪلڻ کان راجا (ڏاهر) انڪار ڪيو هو. ان ڪري مجبور ٿي سزا ڏيڻ لاءِ مٿس حملو ڪيو ويو.“
جتي عزاداريءَ جي حق ۾ حريت مندن پنهنجي عقيدت جي اظهار ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪئي. اتي هن ڪتاب ۾ عزاداري امام حسين عه جي مخالفن ۾ جن وڏن نالن وارين شخصيتن پنهنجي پاران نه گھٽايو انهن کي به وائکو ڪري تاريخ ۾ نمايان طور پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ؛
سائين جي ايم سيد، پنهنجي ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ ۾ محمد هاشم ٺٽوي جو 2 شعبان 1172هجري ۾ جاري ڪيل فرمان لکيو آهي. جنهن مطابق محمد هاشم ٺٽوي فرمان جاري ڪيو ته: ”محمد هاشم جي شرعي فيصلن جي جاري ڪرڻ لاءِ ڪوششون ۽ عاشورن ۾ ماتم ۽ تابوت وغيره بدعات جي منع آهي.“
مولائي ملاح پنهنجي تحقيق موجب لکي ٿو ته: ”ڪلهوڙن جي وقت جو مشهور عالم محمد هاشم ٺٽوي پاران عزاداري ۽ تعزيه داريءَ خلاف جاري ڪيل سرڪاري فرمان جنهن جي عوامي سطح تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي مزاحمت ڪئي ان دور ۾ شاهه صاحب سنڌ جي صدا ”ڪيڏارو“ لکي عزاداريءِ امام مظلوم کي ايترو ته زور وٺرايو جو سنڌ ۽ ملتان عزاداريءَ جو مرڪز بنجي ويو. انهن ڏهاڙن ۾ شاهه لطيف جو اڱڻ، صحن عزاداريءَ جو کليل مرڪز رهيو.“
خواجه محمد زمان لنواري وارو به عزاداري امام حسين عه جو سخت مخالف رهيو. ڀٽ ڌڻي جڏهن ”ڪارا رڱج ڪپڙا“ ڪري ذڪرِ حسين عه ڪيو ته سنڌ ۾ ڪارو رنگ احتجاج جي علامت ۽ عزاداراڻو رنگ بڻجي ويو.“
مولائي ملاح سنڌ ۽ هند ۾ عزاداريءَ جي بنياد پوڻ جي حوالي کان جيڪو تحقيقاتي مواد گڏ ڪيو آهي. ان تي مختصر نظر وجھڻ سان سندس تاريخي جاکوڙ جي خبر پوي ٿي.
”مغل بادشاهه تيمور لنگ جي دور ۾ تعزيا نڪتا. ڪلهوڙن جي دور ۾ عزاداريءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا.“
سنڌ ۾ پهريون تعزيو سن 1786ع ۾ مير فتح علي پنهنجي سپهه سالار ميان فقير محمد خان جوڻيجي کي حڪم ڏئي تعمير ڪرايو.
”خيرپور جا ٽالپر مير، مير سهراب خان کان وٺي شيعا رهيا. ٽالپرن کان اڳ ڪلهوڙن حاڪمن جي دور ۾ سموري سنڌ عزادار هئي ۽ علي الاعلان عزاداري ٿيندي هئي.انجنيئر عبدالحسين موسوي جو ڪتاب ’ روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون“
مير فتح علي ٽالپرپنهنجي دور ۾ پڪي قلعي اندر هڪ امام بارگاهه تعمير ڪرايو. ان کانپوءِ مير نصير خان موجوده هوم اسٽڊي هال واري جاءِ تي امام بارگاهه تعمير ڪرايو.
ڪتاب سنڌ جي مدنيت جي ليکڪ سيد منظور نقوي لکيو آهي ته: ”هندستان ۾ عَلَم وغيره جو رواج پهرين بابر بادشاهه جي مصاحبن مان ٿيو. انهن مان بيرم خان گھڻو عقيدت مند هو جيڪو هر سال هڪ قيمتي عَلَم ڪربلا موڪليندو هو. ۽ مجلس عزا جو پهرين بنياد مغل راڻي نورجهان وڌو ۽ پوءِ آهستي آهستي مغل بادشاهه جي اميرن مان پکڙ جندو عوام ۾ آيو.“
لاڙ جي عزاداريءَ جي حوالي سان مصنف بدين ۽ ٺٽي جي عزاداريءَ کي مرڪزي نقطو قرار ڏيندي ڪافي ڄاڻ وارو مواد ڏنو آهي، جنهن ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“، لاڙ جي محقق محمد سومار شيخ جي ڪتاب ”لاڙ جا ماڳ مڪان“۽ سيد محمد هاشم جي ڪتاب”لکنئو اور شيعه“ جا حوالا ڏيئي ۽ جلواه گاه امامين، ڪيٽي بندر کان بدين جي قديم شهر ڪڍڻ سميت لاڙ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي عزاداري ۽ ٺٽي جي بزرگ سادات جو تفصيلي ذڪر ڪري ڪافي محنت ڪئي آهي. ان حوالي سان برک صحافي ۽ تجزيه نگار بيدار جعفري ۽ هن حقير جي مشاهدي کي به نمايان بيان ڪيو آهي، خاص ڪري آغا خاني مسلڪ کي ڇڏي ڪيئن آغائي خواجه شيعه اثناعشري خواجه بنيا ان جو ذڪر بهترين انداز ۾ ڪيو اهي.
محرابپور جي عزادار مومنن جي حوالي کان ليکڪ مولائي ملاح لکي ٿو ته: ”محرابپور جي ماڻهن جو مزاج مجموعي طور تي سنڌ جهڙو صوفياڻو ۽ ملنگاڻو رهيو آهي. هتان جي ماحول کي امن ۽ محبت ڀريو رکڻ لاءِ هتي محبتِ اهلبيت جا بنياد رکيا ويا. هن شهر جي مذهبي سڃاڻپ مذهب انسانيت آهي جنهن جي سالن کان پرچار ڪري رهيا آهن. محرابپور ۾ مڪتبِ اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جو بنياد رکڻ جو مقصد ماڻهن، عوام کي محسنِ انسانيت جو خدا جي ڌرتي تي خدا جو نظام نافذ ڪرڻ ۽ ظالم جي ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ وارو پيغام پهچائڻ هو.“
هيءَ عزاداري جنهن ۾ پِڙَ ۽ تعزيو، مجلس، جلوس، عَلَم، مرثيا، نوحا، اوسارا ۽ رباعيون، مخمس، مسدس، مثمن، سڀ ظلم جي خلاف شعار آهن. جتي عزاداري هڪ تحريڪ آهي اتي ڪجھ اهڙيون رسمون به آهن جيڪي ماضيءَ ۾ تاريخ جي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري رائج ٿي ويون جن ۾ مهندي، کُهنبا، شاديءَ جا ساٽ سنوڻ جيڪي تاريخي ۽ منطقي لحاظ کان مطابقت ڪو نه ٿا رکن. عاشوري ڏينهن ڪربلا ۾ رت جي تاريخ لکي وئي، ان ڏينهن امام حسين عه پاران ڌيءُ جي شادي وغيره کي مستند تاريخن ۽ عالمن قبول نه ڪيو آهي. پر هڪ رسم طور هلنديون اچن پيون، جن تي پنهنجن ۽ غيرن جون آڱريون به کڄن ٿيون. پر هر مذهب ۽ مسلڪ ۾ خرافات موجود آهن. ۽ جئين جئين علم ۽ شعور وڌي ٿو ته اهي وقت سان درستگيون ٿينديون رهنديون آهن. ان ڪري انهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ هئڻ هڪ محقق جي مجبوري ۽ ذميداري آهي. ان کي مولائي ملاح سٺي نموني نڀاهيو آهي.
يقيناً هي ڪتاب عزاداريءَ جي تحقيق جي دنيا ۾ هڪ بهترين ڪاوش ۽ وڏي عرصي تائين ايندڙ نسلن کي اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جو ڏس ڏيندو رهندو. الله پاڪ مولائي ملاح جي قلم کي اڃان به وڌيڪ سگھ ڏي، جو هو تحقيق جي دنيا ۾ لاڳيتو اڳتي وڌندو رهي.





زهير حسين حيدري
5 آگسٽ 2017ع
Cell. 03332521101
Zaheerhussain11066@gmail.com