تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

هي سانگ سجايو آ

علمي حوالي سان ڪنهن به مضمون تي ان جي دائري ۽ طريقه ڪار هيٺ ڪم ڪرڻ انتهائي اهنجو ۽ رُڪَ جا چَڻا چٻڻ برابر آهي. عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪو ليکڪ ڪو علمي يا ادبي شهپارو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان جي چوڌاري هن جو نقطه نظر پيو ڦرندو آهي. اهو ڍنگ هر صنف ۾ نمايان نوٽ ڪيو ويو آهي. عام اسٽيجن تي به ويهي ڪري ڪنهن به مڪتبه فڪر جو عالم مختلف دليل ۽ اشارا ڏئي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪري ۽ عام ماڻهن جي فڪري رخن کي تبديل ڪري وٺندو آهي. ٻه ۽ ٻه، پنج ٿيندا آهن، اهڙي ڳالهه کي مختلف زاوين سان پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪري مڃائڻ لاءِ علمي اصول ورتا ويندا آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون هونديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ لکڻ يا پڙهڻ لاءِ بنهه اڻ-ڌُرئي ٿيڻ جي گھرج هوندي آهي، جيڪو عمل ڏکيو آهي.
ڪنهن به خطي، دؤر يا نقطه نگاه تي ٻڌل تاريخ (History) جا ٻه رخ رهيا آهن: هڪڙن ان سهيڙ کي نئين نسل لاءِ بيسود ۽ هاڃيڪار ڪوٺيو آهي ۽ ٻين وري ان جي طرفداري ڪندي نصاب ۾ رکڻ ۽ ٻارن کان وٺي وڏن تائين پڙهائڻ تي زور ڏنو آهي. محمد الياس رضوي پنهنجي ڪتاب ’تاريخ جي تعليم جا اصول‘ ۾ لکي ٿو ته: ” ’سر رابرٽ والپول بيمار هو. سندس زال کيس چيو ته ”توکي ڇا پڙهي ٻڌايان؟‘ هن ورندي ڏني ته، ’جيڪي وڻئي سو پڙهي ٻڌاءِ، مگر تاريخ اصل نه هجي!‘ نيپولين بوناپارٽ کي به تاريخ کان ڪافي نفرت هئي. هو تاريخ ۽ ان جي ڳالهين کي هڪ قسم جون ڪوڙيون آکاڻيون سمجهندو هو. هربرٽ اسپينسر کي به تاريخي معلومات ۽ ڳالهين لاءِ تمام گهڻو ڌڪار هيو. هو چوندو هو ته، ’تاريخي حقيقتن کي ماڻهو پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ۽ تفريحاً ڀلي پڙهي. مگر هيءَ ڳالهه ته، تاريخي حقيقتون ۽ واقعات پڙهڻ مان اسان ڪجهه پرائي سگهنداسون، سو بلڪل غلط آهي.‘
ٻئي پاسي آليور ڪرامويل جو اعتماد هو ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي تعالى جي ذات جو عڪس ٿو ملي. هيءُ مضمون رب جي صفات جو مظهر آهي. فرائڊ جي راءِ موجب ’تاريخ هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گِهنڊ جو آواز آهي جو انسانذات جي ڪنن ۾ هميشه صدين کان صدين تائين حق ۽ ناحق، انصاف ۽ عدل، ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻُرندو ٿو رهي.‘ جونز جو خيال آهي ته، ’تاريخ زندگي جي مشاهدات ۽ تجربات جي هڪ کاڻ آهي. اڄوڪن ٻارن ۾ موجود نسل جي لاءِ علم تاريخ جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اڳوڻي زماني جي ماڻهن جي مشاهدن ۽ تجربن جو خزانو انهن کي ملي ۽ پڻ دنيا کي فيضياب ڪري.‘ هربرٽ جو هڪڙو معتقد مفڪر مسٽر زلر هو، جنهن جي راءِ موجب، ’تاريخ جي علم کي اسڪولي نصاب ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ گهرجي، ۽ باقي سڀني مضمونن کي ثانوي طور ئي تاريخ جي چوگرد تربيت ڏيڻ گهرجي.‘ مٿي ڏنل ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته تاريخ جي فلسفي ۽ فائدي بابت مختلف ماڻهن ۽ مفڪرن جا متضاد رايا رهيا آهن.‘ “
جديد دؤر ۾ تاريخ هڪ سائنسي علم بڻجي چڪو آهي. اوڻيويهين صديءَ کان تاريخ لکڻ توڻي پڙهڻ لاءِ ڪي اصول متعيّن ڪيا ويا؛ جنهن ذريعي مدي خارج ۽ اڻٺهڪندڙ ڳالهين کي رد ڪرڻ جي قوت حاصل رهي. افسانوي خيالن تي ٻڌل تاريخي ڪهاڻيون، اڄ جي دؤر جو شاگرد دلي طور تسليم نه پيو ڪري. ان ڪارڻ ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته اسان پنهنجي ڪنهن به دائري جي جڏهن تاريخ مرتب ڪريون يا لکون ته هڪ وقت لاءِ اسان کي غير جانبدار ماڻهو ٿيڻو پوندو. اهڙي ڏِک ليکڪ جي انداز بيان يا اسلوب مان واضح ٿي ملندي، ان لاءِ اهو وري پڙهندڙ تي ڇڏجي ته هو انهن ڳالهين کي ڪيئن ٿو ڏسي!
جديد سوچ موجب تاريخ جو ڪارج ئي قديم آثارن کي زنده رکڻ ۽ انهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي. لکپڙهه جي دنيا جو هي اوکو ڪم آهي. هن ڪم ۾ پيرپائڻ کان پوءِ هتان نڪرڻ به اوترو ئي اوکو آهي جيترو هن دنيا ۾ پير پائڻ. تحقيق ڪندڙن جون عمريون ڳري ويون تاريخ تي ڪم ڪندي ڪندي، پر جڏهن به کانئن پڇبو ته چوندا: اسان ته اڃا ڪجھ ڪيو ئي ناهي، جيترو ڪم ڪرڻ گھرجي.
مان تاريخ سان دلچسپي ته گھٽ رکندو آهيان، ان ڪارڻ ڪافي نالا يا سن ياد ئي نه رهندا آهن؛ پر جس ڏيندو آهيان انهن دوستن کي جيڪي هن شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق رکندا آهن. اهڙو ئي شوق اسانجي شهر جي کاهوڙي ليکڪ مولائي ملاح کي ٿيو، جنهن جي ٿوري حوصلا افزائي ڪيم، جنهن جنون واري جذبي سان ڪم ڪري شهر محرابپور جي عزاداريءَ جي هڪ صديءَ جي تاريخ سهيڙي سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخ جو ڪتاب ڏنو آهي. توڻي جو هيءَ سندس اهڙي ڪم جي پهرين وک آهي، پر هن همراه پنهنجي حال ۽ وسيلن آهر سخت جاکوڙ ڪئي جنهن لاءِ کيس جس ڏجي ٿو.
مولائي ملاح تاريخ جي دنيا جو ماڻهو ناهي، پر سندس شوق، محنت ۽ جنون واري جذبي کي ڏسي هاڻ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته، تاريخ، تحقيق جي دنيا ۾ سندس کنيل پهرين وِکَ تحقيق واري شعبي سان سندس گـﻫـري عشق جو اظهار آهي. سندس اهڙو جذبو رهيو ته هو ڪجھ وقت بعد پنهنجو پاڻ مڃائي ويندو.
مولائي ملاح پنهنجي محدود وسيلن ۽ فقرائي حالن آهر شهر محرابپور جي عزاداريءَ واري تاريخ جي هڪ صديءَ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ورتي آهي؛ جنهن ۾ عزاداريءَ کان علاوه شهر محرابپور جي بنيادي تاريخ تي به محنت ڪري هڪ بحث ڇيڙي ڇڏيو اٿس. هن شهر جي پيرائتي تاريخ تي ڪيل سندس هي ڪم انتهائي ساراهه جوڳو آهي جنهن تي هڪ ڀيرو وري به کيرون لهڻي.
مولائي ملاح محرابپور جي عزاداريءَ واري تاريخ سهيڙڻ جي شوق ۾ ڪافي ڪتاب سهيڙيا ۽ ڳچ تاريخ جو مطالعو به ڪيائين. هن وقت سندس ميز ۽ لائيبرريءَ ۾ سنڌ، اسلام ۽ مذهبِ اهلبيت جي تاريخ جو ڳچ حصو سانڍيل آهي. تاريخ جا ناياب ۽ اڻ لڀ نسخا ورتا اٿس. هن کي تاريخ جي ڪتابن جي جنهن مهل، جتان به خبر پئي ته هن وقت وڃائڻ بجاءِ ان مهل ئي اهو ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي؛ جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاهور جي پبلشرز ۽ ڪتب خانن سان سندس ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا رابطا رهيا. عزاداريءَ جو ڪتاب اچڻ کان اڳ ئي سندس ڪمرو تاريخ جي ڪتابن سان ڀرجي ويو آهي. جنهن مان سنڌ جي تاريخ سان سندس جنون وارو جذبو واضح نظر اچي ٿو.
مولائي ملاح جي محنت جو اهو نتيجو آهي جو هن، سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن ليکڪن پاران سندن ڪتابن ۾ محرابپور جي بنياد بابت ڏنل حوالن کي، تاريخي ۽ روايتي حوالن سان رَدُ ڏنو آهي. جيڪو محرابپور جي بنيادي ڄاڻ بابت محققن لاءِ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. هن ڪتاب ۾ محرابپور جي تاريخ ’مهراب مُهاڻي کان مولائي ملاح‘ تائين جو هڪ حصو سهيڙجي چڪو آهي. ان ڪم ڪندي هڪ قسم جي ڊيٽا سهيڙي آهي جيڪا اڳتي محققن لاءِ رهبري ڪندي.
مولائي ملاح بنيادي طور صحافتي ادب جي کيتر جو ماڻهو آهي. جتي هن جو تمام گھڻو ڪم ٿيل آهي، جنهن کي هاڻ ڪتابي صورت ۾ سانڍڻ شروع ڪيو اٿائين، ڪنهن حد تائين سانڍي چڪو آهي. انهيءَ کان علاوه مذهبي حوالي کان هي فاضل ليکڪ شروع کان ئي علي عه جو شيعو آهي. خود عزادار، زنجيرزن، نوحا خوان ۽ شهر جي مذهبي تنظيمن جو ذميوار عهديدار، اهم رڪن آهي.
مولائي ملاح مذهبي هجڻ جي باوجود به هن سلسلي سان واهه جو نڀايو آهي. هن جي سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به مذهبي ڪٽر پڻو نظر نه ٿو اچي. هن اول کان آخر تائين مذهبِ انسانيت کي نمايان رکڻ جي ڪوشش ورتي آهي. مولائي ملاح هي سڄو ڪتاب محسنِ انسانيت جي پيغام جي ڇانوَ ۾ لکيو آهي. جنهن جي سٽر سٽر ۽ جملي جملي مان مذهبِ انسانيت بکي رهي آهي. مولائي ملاح محرابپور جي مذهبي عزاداريءَ واري ماحول کي ثقافتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو سلسلو صدين کان جاري آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي هر پيرا ۾ تعريف ۽ وڌاءَ کان پاسو ڪيو آهي، جنهنڪري سندس هي ڪتاب تعريف نه پر تاريخ جي تقاضائن پٽاندر چئي سگھجي ٿو.
مولائي ملاح جو هي ڪتاب سنڌ جي سماجي توڻي مذهبي تاريخ ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي. مولائي ملاح جيان اگر هر ماڻهو ائين ئي پنهنجي شهر جي ڪنهن پاسي جي تاريخ سهيڙي ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڀلا اضافا ليکبا، جيڪو بنيادي ڪم آهي.
مولائي ملاح پاران ڪتاب ۾ ڪم آندل تاريخي ڪتابن مان کنيل ڳچ تاريخي حوالن مان سندس محنت، جاکوڙ ۽ جنون واري جذبي جي پرک ٿئي ٿي. هن ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بنا ساهيءَ جي هڪ سال مسلسل ڪم ڪيو آهي. جتي هن ڏکيا ساهه کنيا اتي اسان جو ساڻس اتساهه ڀريو ساٿ رهيو.
دعا آهي ته، ڌڻي سڳورو سندس ذات ۽ ڏات کي هميشه سلامت رکي ۽ سندس علم ۾ اضافو ۽ قلم ۾ اڃا به سگھ ۽ رواني عطا ڪري ته جيئن هي اسانجو فاضل ليکڪ اهڙي ئي جنون واري جذبي سان محرابپور ۽ سنڌ جي ننون موضوعن تي سگھاري انداز سان لکندو رهي.
سنڌ سلامت- ساٿ سلامت



سنڌ جو ننڍڙو ماڻهو
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
جولاءِ 25، 2017