زيارت گاهه ۽ درگاهون
ضريحِ اقدس سانئڻ زينب (س) مسافرِ شام: هيءَ ضريح مبارڪ مير محلا ۾’شيعه جامع مسجد‘ جي ڀرسان نصب ٿيل آهي؛ جيڪا مومنين جي زيارت وَ حاجات ۽ زواريءَ جو ذريعو بڻيل آهي. هن زيارت جو ڪم 1987ع ۾ حَسن بخش ٽالپر (شمن سائين) شروع ڪرايو، جنهن کي مستري غلام حسين شيخ 1988ع جي آخر ۾ مڪمل ڪيو. هن زيارت گاهه جو مُتولي حسن بخش ٽالپر ۽ ان جا گھر ڀاتي آهن. ضريح پاڪ ۽ شيعه جامع مسجد جو ٻُهاريدار فقير نازڪ حسين چنه آهي.
ضريح پاڪ زائرين لاءِ هر وقت کليل هوندي آهي. ضريح پاڪ تي (زوجه) مٺل ٽالپر پاران 2004ع کان مومنين لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جي وڏي سبيل ٺهرايل آهي، هتي هر جمع جي رات ۽ سومر تي زائرين جي عام ڏهاڙن کان وڌيڪ آمد ٿيندي آهي. ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ مومنين مستورات جي رات ڏينهن تمام گھڻي رش هوندي آهي. هتي شهر جي مومنين مستورات جون اٺين ذوالحج کان ويندي اٺين ربيع الاول تائين مجلسون ۽ عزاداريءَ جا پروگرام ٿيندا آهن. محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ته هڪ ڏينهن ۾ هتي چار چار مجلسون پڻ ٿينديون آهن.
ضريح مبارڪ تي مستورات لاءِ عشرو محرم ۽ چهلم جو پروگرام (زوجه) حَسن رضا ٽالپر پاران 2008ع کان ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ شهر کان علاوه ڪوٽڏيجي جون ذاڪرياڻيون گھرايون وينديون آهن. آيل مومنين لاءِ بانيءِ مجلس پاران نياز ننگر ۽ سبيل جو ڀرپور انتظام ٿيل هوندو آهي. هن ضريح پاڪ تي ڏهين محرم جي ڏينهن انجمن نوجوانانِ کان (مسز) امتياز ملاح مستورات جو هڪ وڏو ماتمي جلوس ڪڍي ايندي هئي. (مسز) امتياز ملاح پاران سانئين زينب سلام الله عليها جي ولادت جي حوالي سان 2 رجب المرجب تي مستورات لاءِ هڪ وڏي جشن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سيده زينب صه جي سالگرهه جي حوالي سان ’ڪيڪ‘ ڪاٽيو ويندو آهي. سڀني مومنين ۾ جشن جي حوالي سان مٺائي ۽ ڪيڪ جو نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. جشن کي خطاب لاءِ شهر جي قصيده خوان ۽ ذاڪرياڻين کان علاوه ڪوٽڏيجيءَ کان ذاڪرا دعوت ڏئي گھرائي ويندي آهي. هن جشن جي شروعات سنه 2007ع کان ٿي جيڪو هن مهل تائين جاري آهي.
ضريحِ اقدس حضرت امام حسين عليه السلام
ضريح اقدس حضرت امام حسين عليه السلام، امام بارگاهه، زوار پيراڻو نوناريءَ ۾ نصب ٿيل آهي. هيءَ ضريح پاڪ ڪراچيءَ ۽ حيدر آباد جي ڪاريگرن اڍائي سالن ۾ مڪمل ڪئي، جيڪا زوار اختر حسين نوناريءَ کي 2016ع ۾ تيار ٿي ملي. هن ضريح پاڪ تي جمع جي رات مستورات ۽ ڏينهن جو عزادارن جي ڀرپور آمد ٿيندي آهي. هن امام بارگاهه جو ٻُهاريدار ڪامريڊ ولايت حسين نوناري ۽ مُتولي ضمير حسين نوناري ۽ زوار اختر حسين نوناري آهن.
ضريح حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام
هيءَ ضريح مبارڪ حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام جي نالي سان منسوب آهي. جيڪا ’جوکين‘ جي پِڙ تي زيرِتعمير آهي. هن ضريح پاڪ جي هال جو بنياد زوار رفيق سهتي ۽ زوار نديم سهتي سنه 2007ع ۾ رکيو. ان بعد هن ضريح پاڪ جي تعميراتي ڪم کي حيدر علي (حيدري) جوکيو، مومنين جي تعاون سان جاري رکيو، جنهن ڪافي حد تائين ڪم ڪرايو آهي. هن ضريح پاڪ جي گُنبذ، نيلن تي پلستر جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. باقي ڪم هلندڙ آهي. حيدر علي (حيدري) جوکيو هن امام بارگاهه جي باني گھراڻي جو فرد آهي جيڪو هن امام بارگاهه جو مُتولي آهي.
درگاهه پير مُريد علي شاهه بادشاهه
درگاهه بابا سيد مُريد علي شاهه: هيءَ قديمي درگاهه مير محلا ۾ قائم آهي. هتي سرڪار جن جي آمد قديم آهي. پاڻ سنه 1853ع کان ڪجھ سال اڳ ظهور ڪيائون. ”ڪوٽڏيجيءَ کان ڪهي آيل مير غلام مصطفى ٽالپر جڏهن سرڪار جي صحن ۾ اچي پکڙا اڏيا ته، سرڪار جن کين رهڻ نه ڏنو. جنهن بعد مير هِتان اٿي ٿورو اڳتي وڃي نئون ڪوٽ اڏي رهڻ لڳو.“[259]
ان بعد هن بزرگ هستيءَ موليڏنو سهتو جي ڏاڏي وڏيري جُنگ فقير سهتو کي بشارت ڏني جنهن سندن روضو مبارڪ تعمير ڪرايو. وڏيرو جُنگ فقير سهتو، پهرين سرڪاري ڪوٽوار هيو، سائين مُريد علي شاهه کيس نيانءُ ڏنو ته: ”سرڪاري نوڪري ڇڏي منهنجي نوڪري ڏي، جنهن ۾ سائين جن کيس ٽي شيون ڏسيون، جوت جلاءِ (ڏيئو ٻار) صفائي، ٻُهاري ۽ مَٽي (سبيل) جُنگ فقير سرڪار جا ڏنل ٽئي تحفه هانوَ سان هنڊائي ان ڏهاڙي کان ئي سرڪاري نوڪري (ڪوٽواري) ڇڏي، فقيري لباس پائي اچي مُرشد جي نوڪري شروع ڪئي.“[260] جُنگ فقير سهتو پهرين سائينءَ جي چئوکنڊي ۽ ننڍو ڪمرو تعمير ڪرايو، سائينءَ کيس هڪ ”کٿي _ ڪٿي“ ڏني جيڪا ’جِنَ‘ ورتل ماڻهوءَ جي مٿان وجھبي هئي ته. ’جِنُ‘ ڀڄي ويندو هيو. انهن ڏينهن ۾ جِنن جا ورتل ماڻهو شفا خاطر، جُنگ فقير کي پري پري دوڙ، سانگھڙ، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن تائين وٺي ويندا هيا. واپسيءَ تي سُکيا ماڻهو کيس تحفه طور زمين جو ٽڪر به ڏيندا هيا. ائين هن 40 کان 50 ايڪڙ تائين دوڙ پاسي زمين ٺاهي ورتي، ڪجھ وقت کانپوءِ اها زمين وڪڻي، محرابپور ۾ ديهه لانگڙجي ۽ ديهه محرابپور ۾ اچي زمين ورتائين. جتي سندس ڪڙيو وهندو هيو جيڪو اڄ به رڪارڊ ۾ ’وڏيري جُنگ جو ڪڙيو‘، ديهه لانگڙجي ۽ ديهه محرابپور ۾ موجود آهي. جُنگ فقير، پاڻ کي ڪڏهن به وڏيرو نه سڏايو. پر زمانو کيس زميندار ڏسي وڏيرو سڏيندو هيو. هن آخري گھڙين تائين پنهنجي زندگي سادگيءَ سان فقيري ويس ۾ گذاري. هو پاڻ کي فقير سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو.
وڏيري جُنگ فقير کانپوءِ سندس فرزند محمد بخش سهتو، درگاهه جي نوڪري ڏني. ان بعد سندس فرزند فقير موليڏنو سهتو درگاهه جي، ٻُهاري، سبيل ۽ ڏيئو ٻاري نوڪري ڏني. ان بعد ڪجھ وقت تائين استاد ديدار حسين سهتو به سرڪار جي نوڪري ڏني. ان کانپوءِ فقير موليڏنو سهتو جو پوٽو جاني فقير سهتو اهڙي نوڪري ڏيندو اچي ٿو. هن درگاهه جو هن مهل تائين مُتولي فقير موليڏنو سهتو جو خاندان ئي آهي. فقير موليڏنو سهتو، درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه جو روضو مبارڪ ۽ يادگار بابا مريد علي شاهه جي نالي سان شهر ۾(حسيني چوڪ تي ) حسيني سبيل پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرائي جنهن لاءِ هن 50 ايڪڙ ذاتي زمين وڪرو ڪئي. جيڪي اڄ تائين موجود آهن. ان کان علاوه درگاهه تي هڪ ڪمرو غلام عابد ٽالپر ( مولائي سائين) جوڙايو، ۽ هڪ پڪو مسافر خانو سيد ابرار علي شاهه (ناظم _ تعلقه محرابپور) سرڪاري خرچ تي جوڙايو. سرڪار جي وفات جي تاريخ 27 ذي القعد، عرس مبارڪ تي ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ صوفيانه رنگ ۾ راڳ ويراڳ جي محفل ٿيندي آهي.
عرس مبارڪ جي موقعي تي سرڪار جو پَڙُ ملاح محلي مان علي مراد ملاح جي گھران دهل شرناءِ سان کڄندو آهي. سرڪار جي دستار مبارڪ ڪجھ وقت پهرين شاهد حسين شاهه’ترمذي‘ ۽ هاڻ 2016ع کان فقير قلندربخش خاصخيلي (چاچو ڪارو) ۽ ميندي جاني فقير سهتو جي گھران کڄندي آهي. سرڪار جو پَڙُ ۽ ميندي کڻڻ لاءِ درگاهه تان هڪ جلوس نڪرندو آهي. جنهن ۾ فقير گھراڻي جا فرد ۽ شهر واسي مست قلندر جي ڌمال تي رقص ڪندا پهرين فقير موليڏنو سهتو جي گھران سرڪار جي ميندي کڻندا آهن پوءِ علي مراد ملاح جي گھران سرڪار جو پَڙ کڻي هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ ڌمال هلڻندا درگاهه تي پهچندا آهن. هي سڀ رسمون بابا سيد مريد علي شاهه جي روضي جي ساڄي پاسي کان رکيل بابا سيد بچل شاهه لاءِ به ساڳئي نموني ٿينديون آهن. بابا سيد بچل شاهه بادشاهه جي مزار تي به ان ڏهاڙي ساڳئي ئي انداز سان پڙ، دستار ۽ ميندي کڄي ايندي آهي.
دستارمبارڪ، ميندي ۽ پَڙ چاڙهڻ جون سڀ رسمون ادا ٿيڻ کانپوءِ قلندر شهباز رح جي ڌمال لڳندي آهي. ان بعد زائرين ۾ سرڪار جو مخصوص ننگر تِلُ ورهايو ويندو آهي. ننگر جو سلسلو سڄي رات جاري رهندو آهي. ان بعد محفل شروع ٿيندي آهي جيڪا فجر مهل ختم ٿيندي آهي. سرڪار جي عرس مبارڪ جي پڄاڻي اڇي صبح جو سندس درٻار ۾ لڳندڙ شهنشاهه قلندر رح جي ڌمال سان ٿيندي آهي.
”وڏيري جُنگ فقير جي دور ۾ هن ميلي جون رسمون ٽي ڏهاڙا هلنديون هيون جنهن ۾ نشات سئنيما (ان وقت سئنيما نه هئي صرف خالي زمين هئي) وٽ شام جو اُٺن، گھوڙن، ڏاندن جي ڊوڙ ۽ ملهه ملاکڙو ٿيندو هيو. درگاهه جي آس پاس ۾ مٺائيءَ جا دوڪان به لڳندا هيا. فقير موليڏنو سهتو جي دور ۾ هي ميلو ساڳئي تاريخ تي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن ڪيو ويو. ڪجھ وقت کانپوءِ اهو هڪ رات تائين محدود ڪيو ويو.“[261]
هن درگاهه تي شعبان مهيني جي 21 هين تاريخ تي مستورات جي ڌمال لڳندي آهي. جنهن جي بانيڪار مولائي ملاح (ليکڪ) جي امڙ، صحافي سريچند اڌلاڻيءَ جي امڙ ۽ صحافي غلام اڪبر خواجه جي امڙ آهن جن پنهنجي زندگيءَ تائين هن درگاهه تي شهباز قلندر رح جي ڌمال لڳرائي. سرڪار جي ڌمال تي مٺي ماني ’روٽ‘ جو مخصوص نياز مولائي ملاح (ليکڪ) جي امڙ ڪندي هئي جيڪو سلسلو اڄ تائين قائم آهي.
هاڻ ڌمال جو بندوبست سڄي شهر جي مستورات ۽ زوجه فتح محمد جتوئي پاران گڏيل نموني ڪيو ويندو آهي. سرڪار جا ڪيترائي معجزاه ٿيل آهن. درگاهه تي عام ڏهاڙن کان علاوه ماهه ’پهرين سومر‘ تي زائرين عقيدتمندن جي وڏي آمد ٿيندي آهي. سرڪار تي ترسندڙ حاجتمند سواليءَ جي خدمت قلندربخش خاصخيلي (چاچي ڪاري) پاران ڪئي ويندي آهي. درگاهه جو مُتولي هاڻ جاني فقير سهتو آهي. ۽ ٻُهاريدار قلندر بخش خاصخيلي (چاچو ڪارو) آهي.
هن درگاهه تي ڇهين محرم کُهنبي جو جلوس، اٺين محرم جھنڊن جو جلوس، ڏهين محرم جي رات تعزين جو جلوس ۽ چهلم جي ماتمي جلوس جي آمد کان سرڪار ابوطالب عه جي شهادت جي سلسلي ۾ جلوس هتان برآمد ڪيو ويندو آهي. ۽ 8 ربيع الاول جو ماتمي جلوس هتي ختم ٿيندو آهي. درگاهه تي ماتمي جلوسن جي آمد دوران چانهه جي سبيل ۽ نياز نذر جو بندو بست جاني فقير پاران ڪيو ويندو آهي.
مزار سيد بچل شاهه بادشاهه
درگاهه پير سيد مُريد علي شاهه ۾ سرڪار جي روضه جي ساڄي پاسي کان سيد بچل شاهه بادشاهه ۽ ان جي ڀرسان معصوم سيد زادي جي هڪ ننڍڙي مزار آهي جيڪي سائين مريد علي شاهه بادشاهه جا سئوٽ، ويجھا عزيز ٻڌايا وڃن ٿا. سائين جن جي هت آمد قديم آهي. روايت ملي ٿي ته: ”سائين بچل شاهه بادشاهه جن محمد ڪوڙل (ڪوڙي کٽي) سومري کي پاڻ خواب ۾ آيا ۽ چيائون ته: مونکي هتان ڪڍ، هتي ماڻهو مونکي لتاڙين ٿا. هن چيو سائين مونکي ڪيئن خبر پوي ته اوهان ڪٿي دفن آهيو. سائين چيس ته ان هنڌ تي ليڪو نڪتل هوندو، هي صبح جو خواب ۾ ڏٺل ان هنڌ پهتو ته اتي ليڪو نڪتل هيو. هن سائينءَ کي جڏهن ٻاهر ڪڍيو ته سائين ماشاءَ الله ائين لڳو پيو هيو ڄڻ هاڻ دفن ٿيو آهي.“ سائين جن پهرين مير مٺل جي گھر اڳيان ٺهيل سبيل واري هنڌ دفن هيا.“[262]
درگاهه پير سيد شير شاهه بادشاهه
درگاهه بابا سيد شير علي شاهه: هن بزرگ هستيءَ جي هن شهر ۾ آمد قديم زماني کان ٻڌائي وڃي ٿي، پر ظهور سنه 1950ع کان ڪيو اٿن. هيءَ قديم درگاهه ريلوي لائين ڀرسان قائم آهي. هن درگاهه جو تاريخ 25 شعبان المعظم تي عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. سرڪار جي مزار تي پَڙُ رضا حسين ملاح، نذاقت علي ملاح پاران ملاحن جي امام بارگاهه مان مست قلندر جي ڌمال تي وڏي جلوس جي صورت ۾ کڄندو آهي، جيڪو اسٽيشن روڊ کان ٿيندو سڌو سرڪار جي درٻار تي پهچندو آهي. پَڙُ چاڙهڻ واري تقريب کانپوءِ صحن ۾ لعل قلندري شهباز جي ڌمال تي عقيدتمندن جي رقص ٿيندي آهي ان بعد زائرين ۾ سرڪار جو لنگر تقسيم ڪرڻ کانپوءِ عارفاڻي محفل شروع ٿيندي آهي جيڪا سڄي رات هلي پِرَ ڦُٽيءَ مهل پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي.
هن درگاهه پير سيد شير شاهه بادشاهه تي هر ماهه پهرين جمع جي رات زائرين، عقيدتمندن جي وڏي حاضري ٿيندي آهي. هن درگاهه جو پهريون مُتولي سنه 1950ع کان حاجي مولابخش ملاح هيو. (سندس جنم: 1926ع ۽ وفات:25 ذوالحج، 26 جنوري 2006ع ۽ دفن _ 27 جنوري آهي) ان بعد ڊاڪٽر ممتاز ملاح آهي جيڪو هن مهل تائين درگاهه جون سڀ ذميواريون شوق سان سنڀاليندو اچي ٿو.
درگاهه تي لڳندڙ ميلي تي نياز ننگر جو بندوبست، امام بارگاهه، مسجد ۽ ڇهين محرم الحرام تي کُهنبي جي ماتمي جلوس لاءِ ٿيندڙ وڏي نياز وغيره جو سڄو انتظام ممتاز علي ملاح جي ذمي هوندو آهي. هي پنهنجن سڀني ذميوارين کي وڏي عقيدت، احترام ۽ ايمان جي سلامتيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو.
درگاهه تي ڇهين محرم الحرام ’کهنبي‘ جو ماتمي جلوس 1964ع کان ايندو آهي. جلوس پهچڻ بعد مجلس عزا شروع ٿيندي آهي. بعد مجلس مومنين ۾ نياز امام حسين عليه السلام تقسيم ڪيو ويندو آهي. هن درگاهه جي پويان ۽ امام بارگاهه جي ڀرسان ننڍي قبرستان ۾ هڪ وڏي شخصيت شاعر آلِ محمد (ص) ارشاد حسين شاهه مدفن آهي. جنهن جي مزار تي 13 هين صفر تي گمبٽ کان ڀٽ شاهه لاءِ نڪرندڙ حسيني قافلو، پنهنجي سالار تي سلامي ڏيڻ ايندو آهي. جتي سالار قافلا سيد سردار شاهه، استاد ڪمن حاجاڻو، سيد حيدر شاهه بخاري ۽ سيد افضل شاهه ’افضل‘ جن نوحا خواني ڪندا آهن. جن جي نياز ننگر جو انتظام سائين ارشاد شاهه جي اولاد ۽ مرحوم ڊاڪٽر محمد الياس هاشمي جي اولاد پاران ڪيو ويندو آهي.
هن بزرگ هستيءَ جو پهريون روضو مبارڪ زوار مولابخش ملاح (25 سالن جي ڄمار ۾) سنه 1951ع ۾ جوڙايو، بعد ۾ ممتاز ملاح، آگسٽ 1998ع ۾ پڪو ڪري جوڙايو، هن روضي جو ڪم 27 مهينا هليو جنهن جو ڪاريگر پٺاڻ خان ملاح، عظيم ڪالوني نوابشاهه جو رهواسي هيو. درگاهه جي صحن ۾ ڊاڪٽر سائين عاشق علي شاهه ترمذي ۽ سندس زوجه، ۽ مين گيٽ تي مُتولي فقير حاجي زوار مولابخش ملاح مدفن آهن.
فقير مولابخش ملاح مونکي ٻڌايو هو ته: ”منهنجي ڦوهه جواني (24 _ 25 سالن جو هيس) هئي مان لوهرن جي زمين ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيس ته، مونکي ساڄي پاسي کان سڏ ٿيو، مولابخش هيڏي اچ! مون ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ڪابه شئي نظر نه آئي، وري پنهنجي ڪرت ۾ مصروف ٿي ويس، وري ساڳيو سڏ ٿيو، پر نظر ڪابه شئي نه آئي، وري ائين ٽيون ڀيرو وضاحت سان سڏ ٿيو ته: مولابخش مان سيد شير شاهه آهيان. ڪافي وقت کان هتي آهيان تون اچ منهنجي خدمت ڪر، منهنجي مزار جو نشان نڪتل اٿئي هتي مزار، روضو ٺهراءِ، هن چيو مان ان آواز جي اندازي تي سڌو ان جاءِ تي پهتس جتان مونکي آواز اچي رهيو هو. مون اتي پهچي ڏٺو ته واقع زمين تي لڪير جو نشان نڪيل هيو، ان ڏينهن کانپوءِ مون عاشق جو روضو ٺهرائڻ شروع ڪيو. مولابخش ملاح سيد شير شاهه کي سڄي زندگي عاشق جي نالي سان مخاطب ٿيندو هيو. سرڪار جڏهن به کيس پنهنجي زيارت ڪرائي ته پاڻ سائي لباس ۾ ملبوس نظر آيا.“[263]