ماتم خانو، امام بارگاهه
واقعي ڪربلا کانپوءِ پهريون عزا خانو شام ۾ يزيد جي محل جو اهو حصو بڻيو، جتي سيده زينب صه پنهنجا شرط مڃائي فاتح بڻجڻ بعد، شهيدن جا سر گھرائي انهن تي حلقو ٻڌي احتجاج جي صورت ۾ ماتم ڪيو. ۽ شام جي آيل 25 هزار عورتن کان ڪربلا ۾ ڪُٺل 72 شهيدن جي پرچاڻي ورتي. جنهن مجلس جي صورت اختيار ڪئي. بيبي زينب صه فاتح شام وارو اعزاز ماڻڻ بعد 20 صفر تي ڪربلا ۾ ڀاءُ جو چهلم ڪرڻ آئي. قبر حسين عه تي ٽن ڏهاڙن تائين مجلس شبير ۽ عزاداري برپا ڪري اتي دنيا جي پهرين وڏي عزاخاني جو بنياد رکيائين. جيڪو اڄ دنيا جي درس گاهه بڻيل آهي. جتان دنيا جي هر انقلابيءَ کي ديرپا انقلاب جا درس ملن ٿا. جتي هر سال چهلم جي موقعي تي ڪروڙن جي تعداد ۾ عوام اچي سلامي ڏئي ٿو.
ڪربلا ۾ عزاداريءَ جا پُختا بنياد رکڻ بعد سادات جڏهن مديني آيا ته، مديني جون عورتون کين ڪربلا جي شهيدن ڪاڻ پرچائڻ آيون. ان وقت ذڪر حسين عه سان گريوزاري به شروع پئي ٿيو، اها مديني ۾ پهرين مجلس هئي. اهڙيءَ ريت بني هاشم جي ويڙهي ۾ مجلس حسين عه جو سلسلو جاري رهيو. جيڪو سادات جي ٻيهر قيد جو سبب بڻيو.
سادات جي ٻيهر قيد ٿيڻ تائين ذڪر حسين عه جي تبليغ جو اهڙو سلسلو جاري رهيو جنهن ڪري مديني ۾ بني هاشم جو ويڙهو واقعي ڪربلا کانپوءِ مستقل عزاخاني جي صورت اختيار ڪري ويو.
سيدن جي ٻيهر قيد کانپوءِ، دنيا جي جنهن به زمين تي سندن قدم ڌريا، اتي سيده زينب صه ذڪر حسين عه جاري رکي عزاخانن جا بنياد رکي حُسينيت جي پيغام جا ڏيئا روشن ڪندي وئي. جنهن يزيد (لعنتيءَ) جي نظام کي نافظ ٿيڻ نه ڏنو. واقعي ڪربلا کانپوءِ، سادات جو ٻيهر قيدي بڻجي شام وڃڻ تائين هر زبان تي ذڪرِ حسين عه جاري رهيو. جنهن جو اثر اهو ٿيو جو اڄ سڄي دنيا عاشور جي ڏهاڙن ۾ عزاخانو بڻيل هوندي آهي. غمِ حسين عه ۾ هر اک آلي ۽ وک وک تي سجيل عَلمِ عباس عه ۽ اُڃارن جي ياد ۾ قائم ٿيل سَبيلون ۽ هر زبان تان بلند ٿيل ياحسين عه جون صدائون ساکي آهن سيدا جي ڪيل تبليغ جون. جن ڏيئن مان لاٽ اُڀري دنيا کي حُسينيت جي پيغام سان روشن ڪري ٿي. شهيد محسن نقويءَ چواڻي ته:
قدم قدم پر چراغ ایسے جلا گئی ھے علی عہ کی بیٹی
یزیدیت کی ھر ایک سازش پہ چھا گئ ھے علی عہ بیٹی
کھیں بھی ایوانِ ظلم تعمیر ھو سکے گا نہ اب جھاں میں
ستم کی بنیاد اس طرح سے ھلا گئ ھے علی عہ کی بیٹی
یقیں نہ آ ئے تو کوفہ و شام کی فضا ؤ ں سے پوچھ لینا
یزیدیت کے نقوش سارے مٹا گئ ھے علی عہ کی بیٹی ۔ [180]
)محسن نقوی(
جتي جتي به مُحبانِ اهلبيت آباد آهن، اتي گھر جي مٿان علم حضرت عباس عه بلند ڪرڻ بعد عزاخانو به قائم ڪندا آهن. جتي حسين عه جي حقيقت ڀري ڪهاڻي بيان ڪئي ويندي آهي. هر مومن جي دل ۽ گھر عزاخانو بڻيل هوندو آهي. حسن صادق چواڻي ته:
هم ني غازي ڪا عَلم گھر پي سجا رکا هئي،
گھر ڪو اپني مولا ڪا عزا خانه بـنا رکـا هئـي.
سادات پاران عزاخاني جو بنياد وجھڻ کانپوءِ، دنيا ۾ عزاخانه تعمير ٿيڻ لڳا، جنهن ۾ دنيا جو پهريون عزاخانو بغداد ۾ معزالدوله جو ۽ ان کانپوءِ مراقش ڏسجي ٿو. ڪتاب ’تاريخ شيعانِ علي‘۾ علي حسين رضوي لکي ٿو ته: ”سر دست هسٽري آف سيراسنز جي حوالي سان پهرين امام بارگاهه جي تعمير جو شرف فاطمينِ مصر جي ٻئي خليفي المعز کي ڏنو وڃي ٿو. جنهن قاهره کي آباد ڪرڻ مهل محلات سان گڏو گڏ مجلس جي لاءِ هڪ ڌار عمارت جوڙائي جنهن کي اسان امام بارگاهه چئون ٿا.“[181]
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ تاريخي امام بارگاهه بابت ڊاڪٽر ضمير نقوي پنهنجي ڪتاب:’تاريخِ شيعيت‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو امام بارگاهه آصف الدوله لکنوءَ ۾ تعمير ڪرايو جنهن جو ڪم 22 سالن بعد مڪمل ٿيو. جيڪو بنا ڪنهن لوهه ۽ ڪاٺيءَ جي تيار ٿيل آهي. هي امام بارگاهه چوني ۽ مٽيءَ جو تيار ٿيل آهي. جيڪو فني تعمير جو هڪ اعلى نمونو آهي ۽ دنيا جي انجنيئرن لاءِ حيرت جو مقام آهي. دنيا ۾ هن کان وڏو ۽ بلند امام بارگاهه هن مهل تائين ڪٿي به تيار ٿيل ناهي.“[182] هندستان ۾ امام بارگاهه تعمور لنگ جي دور کان تمام گھڻو پهرين ڏسجن ٿا. هندستان ۾ پهريون امام بارگاهه سلاطين شرڪيه تعمير ڪرايو. هندستان کانپوءِ سنڌ ۾ عزا خانه قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
سنڌ ۾ امام بارگاهن جو وجود مغلن جي دورِ حڪومت کان ٺٽي ۾ مڪليءَ جي قبرستان وٽ ملي ٿو. ٺٽو، جنهن جي جنم، سنه بابت ڪا مڪمل ڄاڻ نه ملي سگھي آهي ته اهو ڪنهن ۽ ڪيئن آباد ڪيو. پر، سيد طاهر محمد نسيانيءَ جي تحقيق ڏسي ٿي ته هي شهر ستين يا اٺين صدي هجريءَ جي پهرين اڌ ۾ وجود ۾ آيو. جنهن بابت هو پنهنجي ڪتاب’تاريخ طاهري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ٺٽو به ستين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ يا اٺين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ ۾ هڪ ديهه وانگي وجود ۾ آيو، جنهن کي اڳتي هلي سمن ڄامن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، جيڪو اڃان تائين آباد آهي.“ [183]
ٺٽي ۾ پهريون امام بارگاهه مڪليءَ جي قبرستان وٽ ”جلوه گاهه امام مين“ آهي. جنهن جي پڪي ديوار مغل گورنر سيف الله ۽ گنبذ ڪلهوڙي حاڪم خدادا خان جوڙايو. جنهن جي تعمير بابت امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنه 1137هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيل نواب سيف الله پنهنجي دور حڪومت ۾ جلوه گاهه کي فرش ٻڌرايو ۽ پڪي چئوديواري ڏياري هئي صاحبزاده خداداد خان عباسي ان جاءِ تي گنبذ جوڙايو هو.
ٺٽي جي مغل گورنر انهن نشانن تي نئين سر پڪي ديوار کڻائي ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ خداد خان انهيءَ حصي تي گنبذ تعمير ٺهرايو. ميان نور محمد ڪلهوڙي انهيءَ امام بارگاهه ”جلوه گاه امام مين“ تي 1154هه 1741ع ۾ قبو تعمير ڪرايو ۽ پڪي تجر ميرنصير خان 1248 هجري ۾ ٺهرائي.“[184] سيف الله خان جي هن ماڳ، امام بارگاهه سان عقيدت اها هئي جو مرڻ کانپوءِ پاڻ کي اتي ئي دفن ڪرايائين. جيڪو پوءِ شيعه قبرستان بڻجي ويو. جنهن بابت علي شير قانع پنهنجي جي ڪتاب ’مڪلي نامو‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”غالباً نواب سيف الله جي مدفن کانپوءِ آڳر جي ٻاهرين زمين کي اهل تشيع وارن پنهنجو قبرستان ٺاهيو. قبرستان ۾ شيعا حضرات جون سوين قبرون موجود آهن. ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئي مشهور ماڻهو هن وسنديءَ ۾ محو خواب آهن. ايران جو مشهور شاعر آقا محمد ڪريم صفاهاني جيڪو ”عاشق“ تخلص رکندو هو. اهو هتي دفن آهي.“[185]
سنڌ جي هن پهرين امام بارگاهه، جلوه گاهه امامين! جتي مولا جن جو ظهور ٿيو آهي؛ انهيءَ بابت شيخ محمد اعظم پنهنجي ڪتاب:’تحفة الطاهرين‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”امامن سڳورن جي ظهور گاهه جو بيان. چون ٿا ته: هڪ ٻڪرار هميشه وانگر روزانو ٻڪرين جو ڌڻ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ ايندي ويندي انهيءَ جاءِ (ظهور گاهه امامين) وٽان پيو لنگھندو هو. سندس ٻڪريون به انهيءَ پاڪ جاءِ وٽان پهچنديون هيون ته ٽاهه کائي ۽ اتان پاسو ڪري لنگھنديون هيون ۽ اصلي ان پاڪ جاءِ تي پير نه ڏينديون هيون. ٻڪرار هن ڳالهه مان حيرت ۾ مستغرق هو ۽ هن راز کي پروڙڻ ۾ پيو ڪوشش ڪندو هو.
هڪ ڏينهن ڏٺائين ته هڪ خدا جو ٻانهو ان جاءِ تي پيرن ڀر دعا لاءِ هٿ کنيو بيٺو آهي ۽ امام سڳورن کي روح مبارڪ جي وسيلي سان الله تعالى جي حضور ۾ مطلب پوري ٿيڻ جو سوال پيو ڪري. جڏهن دعا کان واندو ٿيو. ته ٻڪرار ان جي دامن ۾ هٿ وجھي چيو، ”سچ ٻڌاءِ، هن جاءِ ۾ ڪهڙو اسرار آهي جو انڪري منهنجين ٻڪرين کي خوف خطرو ٿئي ٿو.؟“ ان خدا جي ٻانهي چيو ته: ”هيءَ جاءِ پاڪن ۽ الله جي ڀلارن جي آهي. ملڪ ۽ ملڪوت جو عالم به تابعداريءَ جو گردن انهن جي حڪم هيٺ رکن ٿا. هر گز احتياط سان رهه ۽ گستاخيءَ سان هتان نه لنگهه، پاسي سان ويندو ڪر، نه ته تنهنجي هستيءَ جي کجي. صرصر هوا جي نيستي سان پٽ اچي پوندي يعنى ختم ٿي ويندين.
آهسته ڪ رهه بردم، تيغ است قدم را.
مطلب ته: آهستي ڪيئن واٽ وٺي وڃان. جو تلوار پيرن جي هيٺيان آهي.
بيت
باش آگاه ڪ ناگاه قفاي نخوري،
واقف ڪشتي خود باش ڪ پاي نخوري.
مطلب ته: خبردار ۽ آگاهه رهه جو اوچتو ڌڪ نه کانئين. پنهنجي ٻيڙيءَ کي به نظر ۾ رک. جو پنهنجي ٻيڙي نه ٻوڙي ڇڏين.
سچن راوين کان روايت آهي ته: مخدوم اسحاق هالا ڪنڊي جي رهاڪو جا ٻه فرزند حضرت مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد، ڄام نندي جي دور حڪومت ۾ ٺٽي آيا ۽ هن پر لطف ٽڪريءَ تي اچي رهيا هئا. جنهن وقت انهيءَ (جلوه گاهه امامين) جي جاءِ تي پهتا. ته پير اگھاڙا ڪري تمام ادب ۽ احترام سان نفل پڙهيائون ۽ مناجات ڪيائون. سندن هڪ خادم ان جاءِ بابت ايترو ادب ڪرڻ جي باري ۾ کانئن سوال پڇيو. فرمايائون: ”هيءَ جاءِ آهي. جنهن جو رتبو عرش کان به مٿي آهي. هيءَ جاءِ امامن سڳورن جو جلوه گاهه آهي. پر اهو سڀ ڪجھ اهل يقين ۽ اهل دل وارن لاءِ نور بصيرت آهي.“
آندو اٿين ته هڪ ڏينهن حقيقت ۽ معرفت جو صاحب ملوڪ شاهه ان واٽ کان اچي لنگھيو انهن ٻنهي نورن جي نور جي تجلي ڏٺائين ادب جي ڪري سجدي ۾ ڪري پيو سندس پيشاني نور ۽ روشنيءَ واري ٿي پئي. ان ڪري ان پاڪ جاءِ جي چوڌاري ٻُهاري ڏيئي پٿر گڏ ڪري حد ۽ نشان مقرر ڪري ڇڏيو.
نواب سيف الله پنهنجي دور حڪومت ۾ جلوه گاهه کي فرش ٻڌايو ۽ چئو ديواري ڏياري هئي، صاحبزاده خداداد خان عباسي ان جاءِ تي گنبد جوڙايو هو.“[186] نواب سيف الله بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اصل ۾ نواب ابراهيم خان ولد علي مردان خان جو محافظ (گارڊ)، ۽ مهيني ذوالحج سنه 1137 هجري ۾ ٺٽي آيو. هو هو هڪ عاليشان ۽ بلند مڪان امير هو. سندس ڏينهن ۾ ٺٽي جيڪا رونق ورتي، سا وري خدا نصيب ڪري. ساڻس گڏو گڏ وڏا بزرگ هئا. ۽ هو بزرگن سان سندن مرتبي لائق هلت هلندو هو. شيعه مذهب کي ڏاڍو رواج ڏنائين. هو ’امر‘ ۽ ’نهي‘ ۾ تمام گھڻي ڪوشش وٺندو هو، نشيدار شين کي بند ڪري ڇڏيو هئائين. سنه 1145هجري ۾ ڇن جي مرض ۾ گذاري ويو. کيس مڪليءَ تي ٻنهي امامن جي سامهون دفن ڪيائون. ”دستِ وي با دامنِ آلِ عبا ست“ (آل نبي جي دامن ۾ آهه هن جو هٿ) تاريخ طور سندس قبر تي چٽيل آهي. سندس پٽ صادق علي خان کانئس پوءِ ڪجھ وقت شهر ۾ رهيو.“ [187]
جلوه گاه امامين جي راز کي ظاهر ڪندڙ محبتِ اهلبيت جي وارث ملوڪ شاهه ۽ جلوه گاه امامين بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ميان ملوڪ شاهه ولايت جي ورثي جو وارث ٿي، مشائخيءَ جي ڏاڍي شان سان مخصوص ٿيو. کانئس ڪيئي ڪاملن جهڙا حال ۽ مشائخن جهڙيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. عيد گاه جي مٿان امامن جو جلوه گاه سندس پيدا ڪيل آهي.“[188] جلوه گاه امام مين جي عظمت ۽ پنهنجي دل جي مراد بابت ڪتاب تحفة الطاهرين جو ليکڪ، شيخ محمد اعظم پنهنجي ان ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سبحان الله! هي ڪهڙي نه نور الاهيءَ جي مظهر جي جاءِ آهي. هن جاءِ تي اڻ کٽ تجليون، در و ديوار مان هدايت جي روشني ۽ ايوان مان عنايت ظاهر آهي. زماني جا بادشاهه ۽ وڏا ماڻهو به هن جاءِ تي حاضري ڏيندڙ ۽ ٻهاريدار آهن. سوالين، مصيبتن وارن ماڻهن لاءِ عنايت ۽ امن جي جاءِ آهي. هن جاءِ تي هميشه فيض ۽ برڪت جاري آهي. اي الله! هن درگاهه جي زيارت ڪندڙن ۽ سچي دل سان سوال ڪندڙن ۽ هن ڪتاب جي لکندڙن جي دل جون مرادون پوريون ڪر ۽ پنهنجي معرفت جي جام سان سرشار فرماءِ!.“[189]
سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت ۾ تعمير ٿيل امام بارگاهه بابت ميرزا امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير فتح علي خان ٽالپر پنهنجي دور حڪومت ۾ حيدر آباد جي پڪي قلعي اندر هڪ امام بارگاهه تعمير ڪرائي ان کانپوءِ مير نصير خان موجوده هوم اسٽيڊي هال واري جاءِ تي امام بارگاهه تعمير ڪرايو.“[190] ميرفتح علي 1199هجري ۾ تعزيو جوڙائي جنهن جاءِ تي اهو رکيو اهو فقير جي پِڙَ سان سڏجي ٿو. ان بعد اتر سنڌ ۾ عزاخانه، امام بارگاهه قائم ڪرڻ جو سلسلو ميرن جي دور کان شروع ٿيو. جنهن ۾ وڏو امام بارگاهه خيرپور رياست ۾ مير سهراب خان جي دورِ حڪومت ۾ قائم ٿيو جيڪو سيد لال شاهه ”سيد ڪسرى“ جي فهمائش تي ٺهيو. جنهن جي خاندان مان سيد ياور عباس شاهه ۽ سيد يَزَرِ شاهه (جَجو شاهه) جن هيا. ان بعد مير حاجي غلام حسين ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ جي ’شاهي امام بارگاه‘ جوڙائي.
اتر سنڌ ۾ خيرپور رياست ۾ قائم ٿيل پهرين امام بارگاهه بابت تاريخ خيرپور، نسيم امروهوي جي حوالي سان ڊاڪٽر امام علي بيگ ’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير سُهراب خان جي دورِ حڪومت ۾ ئي راولپنڊيءَ ڀرسان ”سيد ڪسرى“ جي نالي هڪ ڳوٺ جو هڪ بزرگ سيد لعل شاهه سيد الشهداء امام حسين عه جي عزاداري جي فروغ جي سلسلي ۾ ديره اسماعيل خان، جھنگ، ملتان بهاولپور، سکر، خيرپور، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي سفر دوران جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ لڳ اچي رهيو ته اتي مير سهراب خان، سيد لعل شاهه جي فهمائش تي خيرپور ۾ هڪ شاهي امام بارگاهه جوڙائي ۽ محرم ۾ عزاداريءَ کي شايانِ شان طريقي سان ملهائڻ لاءِ سرڪاري خزاني مان سالياني گرانٽ منظور ڪئي. ساڳئي ئي دور ۾ مير سهراب خان خيرپور ۾ هڪ ٻي امام بارگاهه تعمير ڪرائي جتي تعزيو رکيل هوندو هيو اها امام بارگاهه اڄ تائين علي رضا شاهه جي ٿلهي جي نالي سان سڏجي ٿي.“[191]
سنڌ پرڳڻي جي ساهتي علائقي محرابپور ۾ هڪ صدي اڳ جو عزاخانو آهي جيڪو مير باغ علي قائم ڪيو. جتان ساهتيءَ تائين معرفتِ اهلبيت ۽ عزاداري امام حسين عليه السلام جو پيغام عام ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ عزاخانه قائم ٿيا. جتي ايامِ عزا دوران مجلس ۽ ماتمداري ڪئي ويندي آهي. محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن ۾ پهرين مرثيا پوءِ نوحا خواني شروع ٿي. ساهتيءَ ۾ نوحا خواني ۽ ذاڪريءَ جو گھڻو رواج پنجاب جي شهر ملتان کان پيو.(ملتان ماضي ۾ سنڌ جو حصو هيو) اهڙو سلسلو هتان سنڌ جي ٻين شهرن تائين پکڙيو.
محرابپور ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ عزا خانه آباد آهن جتي مخصوص ڏهاڙن تي مجلس عزا، عزاداري ۽ جشن جا پروگرام ٿيندا آهن. محرابپور جنڪشن ۾ عزاداريءَ جي شروعات حيدر آباد ۽ اتر سنڌ کان پوءِ ٿي، جيڪا هن وقت نه رڳو سنڌ. پر، پوري ملڪ کانپوءِ ڏيساور ۾ به مقبوليت ماڻي چڪي آهي.