تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

محرابپور جو تاريخي پسمنظر

سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشهرو فيروز جو شهر محرابپور (تعلقه) مين ريلوي لائين سان هماليه جيان ڪَرُ کنيو بيٺو آهي. هي شهر ضلعي نوشهرو فيروز لاءِ ڪاروباري حوالي سان ڪرنگھي واري حيثيت رکي ٿو.
محرابپور، ”ساهتي،“[15] سنڌ ۽ ملڪ جي نقشي ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي، تاريخي، تهذيبي، تجارتي ۽ مذهبي حوالي سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هن شهر جي اڏاوت بابت هن مهل تائين حتمي ڳالهه نه ٿي ڪري سگھجي. ته هي شهر ڪڏهن ۽ ڪنهن آباد ڪيو.؟ هن کي عروج ڏياريندڙ ڪير هيا. اهڙا سوال اڃا تائين تحقيق طلب آهن. جن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي.
هن شهر جي پکيڙ تقريباً پنج ڪلو ميٽر هم چورس آهي. جيئن ته هي شهر ضلعي نوشهروفيروز جي اوڀر _ اتر پاسي ضلعي جي مُهڙ ۾ هجڻ ڪري هن جو دنگ ضلعي خيرپور ميرس سان ملي ٿو. هن شهر جي آبهوا خشڪ رهندي آهي. هن شهر ۾ ريلوي تعليمي، نهري، ۽ رابطا پوسٽ نظام وارو سلسلو سنه 1870ع، 1886ع، 1935ع ۽ 1945ع کان شروع ٿيو. هن شهر جي سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ڪل آبادي (33722) ٽيٽيهه هزار ست سئو ٻاويهه آهي. (تعلقه محرابپور جي ڪل آبادي 1055345، هڪ لک پنجونجاهه هزار ٽي سئو پنجيتاليهه آهي.) هي شهر هاڻي 16 هن وارڊن سميت ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي. هتي هر مذهب ۽ مسلڪ يا مڪتبِ فڪر جا عبادت گاهه، مندر، مدرسه، مسجدون ۽ امام بارگاهه وغيره قائم آهن.
آڳاٽي زماني ۾ درياهه جي اوچتي وهڪري جي خوف کان ڳوٺ ۽ قلعا مٿانهين واري علائقي، دڙي تي ٻڌبا هيا. اهڙو سلسلو سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور تائين جاري رهيو. جنهن جو هڪ مثال جنرل هيگ پاران ’سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي‘ بابت لکيل سندس ڪتاب مان هيئن ملي ٿو ته: ”غلام شاهه ڪلهوڙي کي حيدرآباد جي قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو. هن کان اڳ ۾، سنه 1759 _ 60، ۾ کاڻوٺ جو شهر اڏيو. پر درياهه جي ٻوڏ جي خطري سبب ان شهر کي به ڇڏيو ويو. هن 1762 _ 63 ۾ شاهه پور جو بنياد رکيو هو. کيس اهو خيال هوندو هو ته راڄڌاني اهڙي جاءِ تي قائم ڪئي وڃي جتي درياه جي ٻوڏ کان بچاءُ هجي. سندس ڀاءُ مراد ياب خان، مراد آباد نالي هڪ راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هو، پر درياه ان کي به ٻوڙي پائي کڻي ويو هو. ان ڪري کيس ڊپ ٿي بيٺو. هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ ماڳ تي هجڻ گھرجي. مذڪوره مراد آباد جو شهر نصرپور ڀرسان هو. جيڪو 1656 _ 57، واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مراد ياب خان ۽ سندس ٻن پٽن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. بعد ۾ اتر، سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين. جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو.“[16]
ماضيءَ ۾”هاڪڙي درياهه“[17] جو وهڪرو به هتان گذرندو هو. جنهن سبب هن شهر جو اوائلي حصو هڪ مٿانهين تي اڏيل آهي، ۽ هن جي آس پاس واريءَ جون ڀٽون ۽ ڍورا ۽ اتي ٿيندڙ سچا سَرَ هتان هاڪڙي واهه جي وهڪرن جي شاهدي ڏين ٿا. محرابپور ۾ ملاحن جي ويڙهي کان وٺي درگاهه بابا مريد علي شاهه واري سڌي گھٽي، محمد علي شيديءَ جي گھر تائين سڌي پٽي، اڄ به سڄي شهر کان ستن کان ڏهن فوٽن تائين مٿي آهي.
محرابپور ڳوٺ جي اڏجڻ کان اڳ، ڀر وارا تاريخي شهر هالاڻي ۽ بهلاڻي آباد هيا؛ جيڪي ان وقت واپار ۽ علم جا مرڪز هيا. جناب جي ايم سيد جو استاد قاضي حامد علي ميمڻ (قاضي فيض محمد جي زال جو سڳو چاچو.) به هالاڻيءَ جو هيو، هندستان جي ’درگاهه اجمير شريف‘ جي مجاورن وٽ اڄ به هالاڻيءَ جي ماڻهن کي وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هالاڻي ڪلهوڙن جي دور ۾ ساهتيءَ جو نمايان شهر رهيو.
محرابپور جي تاريخ جي حوالي سان کوڙ سارا رايا، روايتون ۽ حوالا ملن ٿا. مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جن به محرابپور کي ’محراب جتوئي‘ جي نالي سان لکيو آهي. جنهن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ هي ڳوٺ ٻڌو. اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي ته جڏهن به جٿي ڪو ڪوٽ ۽ ڳوٺ ٻڌبو آهي ته اتي پنهنجا ماڻهو لڏائي اچي ويهاربا آهن ۽ اتي پنهنجا به پکڙا اڏبا آهن. پر هتي ۽ هن شهر جي آس پاس ۾ جتوئي قبيلي جو اهڙو ڪو به نالو نشان جائيداد، جاگير، گھر ۽ قبرستان وغيره موجود ناهن جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ته، هي شهر هن شخصيت جو ٻڌرايل آهي. هيءَ ڳالهه به پنهنجيءَ جاءِ تي تحقيق طلب آهي جنهن تي سنڌ ۽ ساهتيءَ جي محققن کي سوچڻ گھرجي.
محرابپور جي حوالي سان ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب پنهنجي ڪتاب ’نواب شاهه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”محراب جتوئي، ساهتيءَ ۾ جتوئي قبيلي جو سردار هيو. سنه 1189هه ۾ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کانپوءِ بادشاهه گرديءَ جو دور شروع ٿيو. اُن وقت مير فتح علي خان ٽالپر، ميان صاحب جي ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو. محراب جتوئي، محمود خان جو وزير بڻيو. محراب جتوئيءَ کي ’ساهتيءَ جو پرڳڻو‘ جاگير ۾ ڏنو ويو ۽ هُن هالاڻيءَ کي ساهتيءَ علائقي جو صدر مقام مقرر ڪيو. هالاڻيءَ کان اُڀرندي طرف محراب جتوئيءَ هڪ ٻيو نئون ڳوٺ ٻڌايو، جو ”محرابپور“ جي نالي سان سڏجي ٿو. محراب جتوئي ميرن سان وڙهيو ۽ ’لانياريءَ‘ جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌائين. مدد خان پٺاڻ جي حملي وقت چالڪ جي پل وٽ لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو. انهيءَ وقت هالاڻيءَ ۾ ڌڱاڻو جتوئي سندس پاران نائب هو.
ڪلهوڙن حاڪمن جي خانه جنگيءَ ۽ اڍنگيءَ هلت ڪري، ٽالپورن ۽ سندن وچ ۾ سن 1782ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ سنڌ، ٽالپورن جي صاحبيءَ ۾ آئي. هالاڻيءَ جي لڙائيءَ کانپوءِ ٽالپورن سنڌ پاڻ ۾ ورهائي، حصا ڪري کنئي. اتر سنڌ جو وسيع علائقو خيرپور جي مير سهراب خان کي حصي ۾ آيو، جنهن ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو نوشهري فيروز تائين اچي ٿي ويو. مير سهراب خان (المتوفي سن 1264 هه) جي وفات کانپوءِ سندس خاندان ۾ تخت لاءِ ويڙهه لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان انگريز جي شهه تي ڪامياب ٿيو. مير صاحب جي دور ۾ به ‘ساهتيءَ‘ جو ڪافي حصو سندس رياست ۾ شامل هو.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ جڏهن برٽش سرڪار رياست مان ريلوي لائين وڇائي، تڏهن ڪن شرطن تحت ”ساهتيءَ“ وارو اهو ساڳيو علائقو برٽش سرڪار جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي سرزمين جو هيءُ پرڳڻو ڪيترين ئي خاصيتن ۽ خوبين سان مالامال آهي، مگر هن خطي جون اهي خوبيون ۽ خاصيتون هميشه لڪل ۽ پوشيده رهيون آهن. ساهتيءَ ۾ ڪيتريون قومون آهن، جي هن وقت ٻين نالن سان سڏجن ٿيون. سنڌ جي ٻين علائقن کان ساهتيءَ جو هيءُ خطو گھاٽو وسايل آهي. هتان جي ماڻهن جي رسم و رواج، رهڻ ڪرڻ جا طور طريقا ۽ ڳالهائڻ جو لهجو هڪ مخصوص نوعيت وارا آهن.
ساهتي پرڳڻي جا رهاڪو قديم دور کان وٺي علم ۽ فضل جي عظيم دولت سان سرفراز رهيا آهن. ساهتيءَ جو اهو علائقو آهي، جتي عربن جا قدم عربي فتوحات وقت پهتا ۽ ان کانپوءِ هن ساري علائقي ۾ وک وک تي درسگاهون ۽ خانقاهون هيون، جن جو علمي فيض ڪيترين صدين تائين روان دوان رهيو.
انگريزن جي دوري حڪومت ۾ سنڌي نثر جي باقائدي شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر لاءِ ”ساهتي پرڳڻي“ جي ”سنڌي لهجي“ کي سرڪاري طرح ”معياري لهجو“ مقرر ڪيو ويو؛ جو اڄ سوڌو نصابي ڪتابن ۾ رائج آهي ۽ اهو ئي لهجو ”ادبي ٻوليءَ“ جو درجو رکي ٿو.“[18]
منهنجي مطالعي ۾ آيل ڪتابن مان هن کان اڳتي ڪو حوالو ڪو نه ٿو ملي جنهن جي آڌار تي چئي سگھجي ته محرابپور اصل ۾ ڪنهن ٻڌرايو هو. جنهن بابت مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ’ قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”محراب جتوئي: سنه 1189 هه ۾ جڏهن ميان سرفراز جي ڀڄي وڃڻ تي مير فتح علي خان سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو، تڏهن محراب جتوئي هن کي وزير ڪري ڏنو ويو هو، خدا آباد تڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هو جتوين جو سردار هو ۽ زور وارو ماڻهو هو. محراب پور ڪنڊياري تعلقي واري انهيءَ جي ٻڌايل آهي. پوءِ جڏهن مير بجار آيو، تڏهن محراب جتوئي، تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان ميرن سان وڙهيو ۽ لانياريءَ واري جنگ ۾ شڪست کاڌائين. پوءِ ڦري مير جي پاسي ٿيو، جيئن ڪن ٻين سردارن به ڪيو. پر وري جڏهن ميان غلام نبي قلات جي خان جي مدد وٺي وڙهڻ آيو، تڏهن محراب ۽ ٻيا وڃي ساڻس شامل ٿيا ۽ چالڪ جي پل واريءَ جنگ ۾ وڙهيا ۽ مير عبد الله خان انهن کي شڪست ڏني ۽ محراب جتوئي انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. سندس مرڻ کانپوءِ سندس پٽ تاجو فقير ۽ انهيءَ جو مائٽ ڌڱاڻو جتوئي هالاڻيءَ واري جنگ کانپوءِ جڏهن مير فتح علي خان سنڌ ورتي، تڏهن پشيمان ٿي اچي ساڻس شامل ٿيا.“[19]
مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب:’ قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ هڪ هنڌ ڄاڻايو آهي ته: ”ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪي سندن وزير ۽ امير هوندا هيا سي سندن مريد هئڻ ڪري فقير سڏبا هيا. تاجي نالي سان ڪلهوڙن وٽ چار امير هيا جيڪي فقير سڏبا هيا. جن مان هڪڙو تاجو فقير اوٺوال، ٻيون تاجو سامٽيو، ٽيون تاجو جتوئي ۽ چوٿون تاجو ليکي هيو. هنن مان ٽيون تاجو محراب جتوئي جو پٽ هيو جيڪو هالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلهوڙن ڏانهن وڙهيو. جڏهن ميرن جنگ فتح ڪئي ته پشيمان ٿي معافي وٺي پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي مقرر ٿيو.
”ٽيون تاجو جتوئي هو، جو مهراب جتوئيءَ جو پٽ هو ۽ ڌڱاڻي جتوئيءَ جو مائٽ هو. اهو ۽ ٻيا جي پڻ مٿئينءَ (هالاڻيءَ واري) جنگ ۾ هئا، سي پشيمان ٿي مير وٽ آيا ۽ معافي گھريائون. مير تاجي کي معافي ڏئي سندس پيءُ مهراب جي جاءِ تي رکيو ۽ تاجي جي جاءِ ڌڱاڻي کي ڏنائين.“[20]
مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ جي حوالن ۽ تاريخي آثارن ۾ ڪافي اختلاف سامهون اچن ٿا. مرزا صاحب ۽ خانائي صاحب جي ڄاڻايل حوالي مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته مير محراب خان جتوئي کان اڳ هتي ڪا آبادي ئي ڪونه هئي. جيڪڏهن هئي ته شاهي اصولن موجب ان کي ڪنهن امير امراءَ يا وقت جي حڪمران سان نسبت ڳنڍڻي آهي. اهڙي قسم جي سوچ يا رويا حاڪماڻي تاريخ جا رهيا آهن.
ساڳيو انداز محراب پور جي هڪ آباديءَ کي مير محراب خان جتوئيءَ سان منسوب ڪرڻ وارو تاريخي حوالو سڪرنڊ واري محراب پور جو به ملي ٿو؛ جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪنهن اڳين آباد ڪيل آباديءَ کي ڪنهن وقت جي حڪمران طبقي ڏانهن منسوب ڪرڻ جي ڪوشش ورتل آهي. سڪرنڊ واري محراب پور کي ساڳئي مير محراب خان سان ڏيکارڻ مان ائين ٿو لڳي ته اهي آباديون ضرور اڳ آباد هونديون. هيٺ محراب پور سان منسوب ڏيکاريل ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ جي ڪتاب ’تاريخ سڪرنڊ‘ مان حوالو ڏجي ٿو، جيڪو پڻ ساڳئي انداز سان ڏيکارڻ سبب هيڪاري مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿو:
”محرابپور: سڪرنڊ کان اولهه طرف 13 ڪلوميٽر ۽ سنڌو درياءَ (سَنَ جي سامهون) جي بند جي ٻاهران اوڀر پاسي لڳ ٽالپرن جي صاحبيءَ کان هيءُ ڳوٺ آباد آهي. هتي ’محراب جتوئي‘ مالوند ماڻهو رهندو هو. ان ڪري، مقامي روايت پٽاندر هي ماڳ ’محراب پور‘ سڏجڻ لڳو. ڪي چون ٿا ته هيءُ ڳوٺ ’محراب ملاح‘ جي نالي آباد ٿيو هو، پر مشهور پهرين روايت آهي.“[21]
اهڙي حاڪماڻي دور جي اختلافي تاريخ يا لکت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ ڪوبه سَتُ نه ساري سگھيو آهي. هتان جي تاريخي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ کان گھڻو اڳ جو آباد هوندو.
محرابپور، سمن جي صاحبيءَ سنه 1334ع کان ”مهراڻ _ هاڪڙي“ ’ڍوري‘ جي ساڄي ڪپ تي اڏيل هڪ ڳوٺ هو، جتان ’محراب‘ ميربحر ماڻهن کي ٻيڙيءَ تي هاڪڙي، ’ڍوري‘ جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پيروسڻ ۽ باغ بچراهه اُڪاريندو هيو. راورٽيءَ موجب ته: ”هاڪڙو هندستان تي امير تيمور جي سنه 1368ع ۾ ڪيل حملي وارن ڏهاڙن ۾ آخري پساهن ۾ هئڻ ڪري گھٽ وهندو هيو، جيڪو شروع کان آخر تائين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هيو.“[22]
هاڪڙو، جڏهن جال وهندو هيو، تن ڏهاڙن ۾ سندس هاڪ هنڌين ماڳين هلندي هئي. جنهن لاءِ پهرين شهيد درويش ماموئي ’مُهاڻي‘ چيو ته:[23]
هـاڪَ وَهَنـدو هـاڪِـڙو، ڀَـڄَنـدي ٻَنِـڌِ ارڙو،
بِههَ، مڇي ۽ لُوڙِهه، سَمي ويندا سوکڙي.
(ماموئي)
ماموئيءَ جي هن بيت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته: هاڪڙو سمن جي دور تائين اروڙ کان ساهتيءَ مان وهندو ٺٽي کان ڇوڙ ڪندو هيو. ان بعد اروڙ وٽان ٻنڌ ٽوڙي ناري ۽ ٿر ڏانهن وهڻ لڳو جنهن جو مُکيه ڇوڙ ڪَڇَ وارو سِيرُ ۽ ٻيا ڦاٽ هئا. اڳيون وهڪرو ڦِٽڻ بعد درياهي شيون جهڙوڪ: بِههَ، مڇي ۽ لوڙهه وغيره سمن جي حاڪميءَ لاءِ اڻ لڀ ٿي ويون، جنهن جو اشارو ماموئيءَ جي بيت مان ملي ٿو.
سنڌ، پنجاب جي درياهي وهڪرن، جاگرافي ۽ تاريخ جي حوالي سان ميجر هينري جارج راورٽي پاران درياهه جي وهڪري تي لکيل تاريخي ڪتاب: ’مهراڻ آف سنڌ‘ جي مطالعي کانپوءِ ’محراب پور‘ ڳوٺ جي قدامت جو اندازو ڀلي ڀت لڳائي سگھجي ٿو. اهو چئي سگھجي ٿو ته، ’محرابپور‘ ڪلهوڙن کان اڳ جو هاڪڙي جي ڍوري ۾ آباد ڳوٺ هيو. هاڪڙو برساتن جي مند ۾ ڀرجي ويندو هيو ته واڌو پاڻي ڍوري ۾ پوندو هو جتان ’محراب مُهاڻو‘ ماڻهن، مسافرن کي هڪڙي ڀَرِکان ٻي ڀَرِ پهچائيندو هو. جنهن جي شاهدي اڄ به هاڪڙي جو ’ڍورو‘ ڏئي رهيو آهي. جيڪو ماڇين جي ڳوٺ کان لاکاروڊ ڏانهن وهندو هيو. جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن. هاڪڙي جي ڍوري ۾ اڄ به ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن.
ڍورو: ڪوٽڙي محمد ڪبير، ڳوٺ عثمان شاهه، محرابپور کان لاکاروڊ ديهه ’بگو دڙو‘ کان ٿيندو اڳتي نڪري وڃي ٿو. هن ڍوري ۾ مڇي جام ٿيندي هئي جنهن مان ميربحر مڇي ماري پنهنجو سکيو پيٽ گذر ڪندا ها جنهن ڪري هو مير سڏبا هئا. جنهن جي شاهدي ان ئي علائقي جي شاعر سخي سعيد خان لاکي هيئن ڏني آهي ته: ”دُ ٻا دُڙُ ٻَڪَ جا، مَڇِيون مارين ميرَ.“ دُڙِٻَڪ:ُ لاکاروڊ جي ڏکڻ ۽ اوڀر لڳ ديهه، بَگو دڙو ۾ موجود آهي. هتان هاڪڙي جي ڍوري جي هڪ شاهدي ڊاڪٽر بلوچ جي تصحيح ٿيل ’چچ نامي‘ مان به هيئن ملي ٿي ته: ”محمد بن قاسم ساوندري ڇڏڻ بعد مهراڻ جي ڪنهن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اتر طرف ڪوچ ڪيو هجي. انهيءَ قديم ڍوري جا نيشان هن ساوڙي کان اتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي، وانءِ، چيهي جي اولهه طرف، ڀريا ۽ هالاڻي بَهلاڻي وٽان اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن.“[24] ساهتيءَ مان هاڪڙي جي وهڪري، ڍورن ۽ کڏن کُٻنِ بابت تاريخ ۽ ماهرن جو حوالو ڏيندي محقق اشتياق انصاري پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب: ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ماهر چون ٿا ته ”ڪنهن سمي هاڪڙي درياهه جي هڪ شاخ جو وهڪرو ساهتي پرڳڻي مان وهندو هو، جنهن کي ساهتي ۾ لوهاڻو درياهه ڪري سڏيندا هئا. اهو درياهه ساهتي پرڳڻي جو وچ ڏيندو ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻي، بهلاڻي، گھير گجو، ڀائي خان جي ٻنڌ، هالا ۽ شهدادپور کان سهڻي ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو رحمڪي بازار کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو.“
ايم _ ايڇ پنهور ”گرائونڊ واٽر“ ۾ لکي ٿو ته: ”نواب شاهه ضلعو سڪندر اعظم جي زماني کان سنڌ جي زير اثر رهيو آهي. سنڌو هاڻي 18 ميل پري هليو ويو آهي. مشهور لوهاڻو ڍورو ان ضلعي ۾ آهي لوهاڻو نوشهروفيروز مان گذرندو نواب شاهه ۽ شهدادپور جو اولهائون حصو ڏيندو هو. اڄ به پاسي جا ڍورا، کڏون ۽ کوٻا لوهاڻي جو پراڻو پيٽ ظاهر ڪن ٿا. لوهاڻي ڍوري جو پيٽ دولتپور ۽ سڪرنڊ وٽ صاف ظاهر آهي.“[25]
هاڪڙي جا مختلف دورن ۾ مختلف وهڪرا پئي رهيا آهن. ڪوٽڙي محمد ڪبير، بهلاڻي ۽ هالاڻي، نوشهرو فيروز هن جي پيٽ ۾ آباد آهن. راورٽي جي ڪتاب ’سنڌ جو مهراڻ ‘ کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڏيندڙ عطا محمد ڀنڀرو، ان جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”مهراڻ يا هاڪڙو، سنڌوءَ کان به وڏو درياه هو. جنهن جي لٽ پوڻ ڪري ڪڇَ واري ڌرتي ٺهي پئي، جتي اڳي سمونڊ هوندو هو.“[26]
هاڪڙي جي ڀرتيءَ بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”چيو ويندو آهي ته، پاڻيءَ جي تعداد (مقدار) جي لحاظ سان هاڪڙو سنڌوءَ کان گھڻو وڏو درياه هو. جنهن جي مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخ ستلج هوندي هئي، هن درياه جي ٻي مُکيه ڀرتي ڪندڙ شاخ سرسوتي هوندي هئي. جيڪا ناهون ۽ ساڌوراءِ جي وچ واري ’سوا ليڪ‘ واري جُوءِ مان وهي هلندي هئي.“[27] هاڪڙي جي محرابپور ڀرسان هالاڻيءَ کان گذرڻ بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”اروڙ وٽان ٻه وهڪرا ڦٽندا هئا. جن مان هڪ سنڌوءَ نالي هوندو هو. جيڪو ناروءَ جي ڍوري، ڪوٽ ڏجي، ڪوٽڙي ڪبير ۽ هالاڻيءَ کان ٿيندو سنڌ جو وچ ڏئي برهمڻ آباد ڏانهن رخ ڪندو هو. ٻيو وهڪرو ڏکڻ - ڏکڻ اوڀر ڏئي وهندو هو، جنهن کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو.“[28]
سنڌوءَ جي ٻئي ڦاٽ بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”سنڌوءَ جو ٻيو ڦاٽُ ڪشمور کان مٿان مٿان نڪرندو هو ۽ سڌو ڏکڻ وڃي اروڙ پهچندو هو. اتان نڪري هُن ناروءَ جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏجي جي تهذيبن کي جنم ڏنو، پوءِ ڪوٽڙي محمد ڪبير ۽ هالاڻيءَ وٽان لنگھي چانهونءَ جي دڙي جو پاسو ڏئي، ور وڪڙ ڪندو اچي برهمڻ آباد پهچندو هو. سڪندر جي حملي وقت اهي ٻئي وهڪرا قائم هئا.
هاڪڙي جي اوج کانپوءِ ان جي آخري پساهه بابت راورٽي لکي ٿو ته: چچ جي زماني ۾ اهو وهڪرو ڪوٽڙي محمد ڪبير بدران ديهات وٽان وهندو هو ۽ ٻُڌيه ڏانهن ويندي هو ان ماڳ وٽان سنڌو اُڪريو هو. اهو پراڻو پيٽ اڄ به ڏسي سگھجي ٿو. امير تيمور جي حملي کان ٿورو پوءِ ستلج ندي پنهنجو اصلي وهڪرو ڇڏي وڃي لوه _ وال وٽ بياس سان ملي، جن جي گڏيل پاڻيءَ کي هرياري، نيلي ۽ گھلوءَ جو گھارو سڏيو ويندو هو ۽ اهو هاڪڙي کان ڌار وهڻ لڳو. اهڙي ريت ستلج هن درياه کان هميشه لاءِ ڌار ٿي وئي. سرسوتي اڳ ئي سڪي وئي هئي گھگھر ۽ چتنگ ۾ اهو اڳيون پاڻي ڪونه رهيو هو. اهڙي ريت هوريان هوريان هاڪڙو سڪي ويو.“[29] هاڪڙي جي وهڪري جي بند ٿيڻ بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب:’ڪڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾‘ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”سن 1226ع ۾ هاڪڙو سڪي ويو.“[30]
سنڌ ۾ هاڪڙي جي سڏجندڙ پراڻن نالن بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”امير تيمور هندستان تي سنه 1368ع ۾ حملو ڪيو انهيءَ زماني ۾ سنڌ تي سمن جي هڪ مضبوط ۽ آزاد حڪومت قائم هئي. هاڪڙي ۾ پاڻي ٿورو هو جيڪو اروڙ کان مٿان الهندي ڏانهن لاڙو ڪري پنهنجي اڳئين وهڪري جي منهن ۾ وارِي ۽ چيڪو اُڇلي پوري سنڌوءَ جي وهڪري سان وڃي ملندو هوندو.
مهراڻ يا هاڪڙي کي سنڌ وارا هاڪڙو، سنڌ ساگر، سانڪره، ساگرو ۽ نارو به سڏيندا هئا. موجوده نارو به اڳوڻي مهراڻ جو پُراڻو پيٽ آهي. جنهن ۾ هاڻي سنڌوءَ جو بئراجي پاڻي وهندو آهي.“ [31] هاڪڙي جي نالي بابت ’تاريخ طاهري‘ جو مصنف سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي لکي ٿو ته: ”هاڪڙي، واهند ۽ واهٽ اهي ٽئي نالا هڪڙي ئي درياهه جا آهن. رياست بهاولپور جي پاسي هي آڳاٽو درياهه انهن ئي نالن سان سڏجي ٿو. پر سنڌ جي هيٺاهين حصي اُٻاورو ۽ ميرپور ماٿيلي طرف ان کي ڳورهيلو، ريڻي، کسڻپور، مورياري، پينگارو ۽ کيروڻي ڪوٺيو وڃي ٿو.ڪي پُراڻا مورخ سرسوتي پڻ سڏين ٿا.“[32] هاڪڙي جي نڪرڻ، سيراب ۽ وهڪري ۽ پاڻي خارخ ڪرڻ بابت محقق محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب:’ ڪَڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾‘ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”4500 (2500 ق.م) ان دور ۾ اسان وٽ ٻه نديون (هاڪڙو ۽ سنڌو درياهه) وهنديون هيون. هندستاني ٿر جي گم ٿيل ندي سرسوتي يا هاڪڙو ٽن دريائن: گھگھر، چتانگ ۽ خود سرسوتيءَ ذريعي سيراب ٿيندي هئي. هي سڀ درياءَ سواليڪ جي حدن مان يعنى ته دهليءَ کان 200 کان 300 ميلن جي حد مان اتر کان نڪرندا هئا. تازي جاگرافيائي دور ۾ جمنا ندي به سمورو يا پنهنجو ڪجھ پاڻي هاڪڙي کي ڏيندي هئي. تيرهين صديءَ تائين ستلج درياءَ جي ڇڙوڇڙ شاخن جو پاڻي به ان ۾ اچي پوندو هو. سکر ۽ ڪشمور جي وچ تي ڪٿان، سنڌو درياهه جي ڪجھ واهن جو پاڻي به هاڪڙي ۾ پوندو هو. اهو سمورو پاڻي سرسوتي يا هاڪڙي سان رلي ملي ويندو هو. هاڪڙي جو سمورو وهڪرو ڪَڇ جي نار ذريعي خارج ٿيندو هو.“[33]
هاڪڙو قديم درياه هيو جنهن جي تاريخ بابت مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سکر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هاڪڙو انبالا کان سيوالڪ جبل مان نڪري، بيڪانير، ڀٽ نير، ڪوٽ ڏراور ۽ اروڙ وٽان ٿيندو، ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبڪلانيءَ جي مند ۾ ستلج جي ڇر جو پاڻي اچي هاڪڙي سان گڏبو هو. هينئر هاڪڙي واري وهڪري تان اوڀرندو نارو وهي ٿو. مشرقي پنجاب ۾ درياهه گھگھر، هاڪڙي جي يادگار آهي. تازو پاڪستان آثار قديمه جي ماهرن ڪوٽڏيجيءَ وارن دڙن جي کوٽائي ڪندي، ڪي شيون هٿ ڪيون آهن. سندن راءِ موجب اُهي ”موئن جي دڙي“ واري تهذيب کان به جھونيون آهن. انهيءَ مان هاڪڙي جي قدامت کي معلوم ڪري سگھجي ٿو.“[34]
مهراڻ ندي، هاڪڙي جي وهڪري ۽ بند ٿيڻ بابت رائچند هريجن پنهنجي ڪتاب’تاريخ ريگستان‘ ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ، هينري ڪزنس ۽ ڪئپٽن ريڪس جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”هاڪڙو ڪڏهن بند ٿيو، ان بابت چٽيءَ طرح چئي نه ٿو سگھجي. پر ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته: ’عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر وڏو بندر گاهه هو.‘ انهيءَ مان انومان ڪڍي سگھجي ٿو ته هاڪڙو ندي به شايد عيسوي پهرين صديءَ کان پوءِ بند ٿي هوندي.“[35]
ڪرنل جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته: بکر کان اتر 7 ميل پنڌ تي سنڌو نديءَ مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اتر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺي ندي يا مٺو مهراڻو چوندا آهن. هيءَ ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کانپوءِ وهندي هئي.
هينري ڪزنس لکي ٿو ته: قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون وهنديون هيون: هڪڙي هاڻوڪي سنڌو ندي ۽ ٻي مهراڻ ندي، سنه 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن سکر ۽ بکر وارا ٽڪر ٽوڙي ڇڏيا. انهيءَ زلزلي سبب الور وٽان مهراڻ رخ ڦيرايو ته پاڻيءَ جي آڻاٺ سبب شهر ڦٽي ويو“.[36] سنڌ ۾ سومرا حاڪمن جي گاديءَ واري هنڌ، محمد طور (ملهم طور) جي تباهيءَ ۽ هاڪڙي جي ڇوڙ بابت سيد طاهر محمد نسياني پنهنجي ڪتاب ’تاريخ طاهري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هي شهر ۽ هتان جا ڳوٺ، جيڪي هڪ هزار ورهين جي عرصي کان آباد رهندا ٿي آيا، تن جي تباهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته پنجاب جي ٽن نالن (هاڪڙي، واهند ۽ واهڻ) سان مشهور درياهه اروڙ کان اڳتي وڌي پوکون آباد ڪندو سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو.“[37]
محراب پور: هاڪڙي جي ساڄي ڪپ، ڍوري ۾ آباد ٿيل هڪ ڳوٺ هيو. هن ڍوري جا ڪجھ آثار اڄ به موجود آهن. هي ڍورو ڪوٽڙي محمد ڪبير کان اچي، ’دنگ وارن ماڇين‘ جي ڳوٺ کان لنگھي لاکا روڊ جي ديهه بگو دڙو تائين ويندو هو. هن ڍوري ۾ پاڻي وهڻ ڪري مڇي به جام ٿيندي هئي. جتان ميربحر مڇيون ماري سکيا ستائبا ٿيا؛ جنهن جي شاهدي ان ئي علائقي جي هڪ شاعر سخي سعيد خان لاکي پنهنجي طويل نظم جي هڪ بند ۾ هيئن ڏني آهي ته: ”دُٻا دُڙُ ٻَڪَ جا، مَڇِيون مارين مير.“ دُڙِٻَڪُ: لاکاروڊ جي ڏکڻ ۽ اوڀر لڳ ديهه، بَگو دڙو ۾ اڄ به موجود آهي.
مير غلام نبي خان ٽالپر کان روايت ملي ٿي ته: ”قديم زماني ۾ هاڪڙي جي ڍوري جي ساڄي ڪپ تي ’محراب‘ ميربحر رهندو هو جيڪو ماڻهن کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي پَرينءَ ڀَرِ پيروسڻ ۽ باغ بچراهه پهچائيندو هيو.“
تاريخ جي لکت ۽ تاريخي آثارن مان پتو پوي ٿو ته هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دور ۾ ڄاڻايل مير محراب خان جتوئي جي قائم ڪيل محرابپور کان گھڻو اڳ آباد هيو. گھڻو گمان آهي ته هي ڳوٺ اصل ۾ سمن کان به اڳ محراب ميربحر جي نالي سان آباد هوندو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هاڪڙي جي کاٻي ڪپ تي مُهاڻن جو مَڏُ ’محراب‘ مُهاڻي جي نالي سان آباد هيو جيڪو پوءِ وڌندو ڳوٺ جي صورت اختيار ڪري ويو جيڪو اڳتي هلي محرابپور جي نالي سان سنڌ جي نقشي تي ظاهر ٿيو.
هن شهر ۽ آس پاس جي زرعي زمين کي سيراب ڪندڙ روهڙي ڪئنال آهي. جيڪو ”سنه 1935ع“[38] ۾ سکر وٽان سنڌوءَ مان نڪرڻ مهل سکر بئراج جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ هتي پهچڻ (هتان گذرڻ) کانپوءِ روهڙي ڪئنال سڏجي ٿو. هن مان ٻه شاخون نڪرن ٿيون؛ جنهن مان هڪ کي ڳوڌو (وڏي شاخ) ۽ ٻيءَ کي لانگڙجي (ننڍي) شاخ سڏجي ٿو.
هن شهر جي ترقي انگريزن جي اچڻ سان ٿي. انگريز سرڪار جڏهن سنڌ کي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ لاءِ ڪراچي کان ملتان ۽ ڪوٽڙيءَ کان ڪوئٽا تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو منصوبو جوڙيو. جنهن جي شروعات سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر 29 اپريل 1858ع تي ڪراچي ڪينٽ کان ڪياماڙي گودي تائين ريلوي لائين جي پيڙهه جو پٿر رکي ڪئي. آڪٽوبر 1859ع ۾ ان جو افتتاح ڪيو. مهورت جي موقعي تي سر بارٽل فريئر’ريلوي وزٽر بوڪو‘ تي تاثرات قلم بند ڪيا. سندس تاثرات بابت علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب ’ڳجھ ڳجھاندر ڳالهڙيون‘ ۾ لکي ٿو ته: پاڪستان ۾ ريلوي انجڻ ڏسڻ جو شرف سڀ کان پهريان ڪراچيءَ جي شهرين کي نصيب ٿيو جڏهن 1858ع ڌاري سنڌ ريلوي جي ڪراچي ڪوٽڙي لائين جو افتتاح ڪيو ويو. لائين جو مهورت سر بارٽل فريئر ڪيو جو سنڌ جو ڪمشنر هيو ۽ سنڌ ۾ ريلوي لائين جو سرشتو به سندس جاکوڙ جو نتيجو هيو. کيس ريلوي انجڻ ۾ ويهاري ڪياماڙيءَ آندو ويو. مهورت جي موقعي تي سر بارٽل فريئر پنهنجا ڪجھ ريمارڪ ”ريلوي وزٽر بوڪ“ تي رڪارڊ ڪيا جي اڄ اسان کي عجيب ٿا محسوس ٿين. لکي ٿو ته:
”سنڌ جي رهاڪن ڪڏهن به اڳ ريلوي انجڻ نه ڏٺي آهي. هنن ريلوي متعلق آکاڻيون ضرور ٻڌيون آهن. سندن خيال هي آهي ته پٽڙيءَ تي گاڏن کي ڇڪيندڙ ڪا غئبي طاقت آهي جا سندن سمجھ کان ٻاهر هئي. هنن جو خيال آهي ته ريلوي واري معاملي ۾ ڪا شيطاني قوت درپرده ڪم ڪري رهي هئي جنهن ڪارڻ هنن ريلي جي ويجھو اچڻ کان به ڪيٻايو ٿي ..... جڏهن مون انجڻ کي آزمائشي سفر لاءِ آندو ته ڪراچيءَ جي شهر واسين مٿان هئبت تاري ٿيڻ لڳي .... هي برابر آهي ته انجڻ مون پاڻ ٿي هلائي ۽ نهايت آهستگيءَ سان _ شهر جا ماڻهو ريلوي انجڻ جي ٻنهي پاسن کان هجوم جي صورت ۾ بيٺل هوا. مون کي ڊپ هيو ته مبادا ڪو حادثو نه پيش اچي يا ڪو ماڻهو انجڻ اڳيان نه اچي وڃي. آخر کين ڊيڄارڻ لاءِ مون انجڻ جي سيٽي وڄائي. ڪوڪ ٻڌڻ شرط هو ڊپ ۾ هڪٻئي مٿان ڪرڻ لڳا. سندن زمين تي ڪرڻ جو سٽڪو ائين ٿي ٿيو ڄڻ ته جوئر جي پوک ۾ ڏاٽو پوڻ ڪري سنگ هيٺ ڪري رهيا هوا.“[39]
ڪلمتي، سنڌ جي مارئيءَ ۾ لکي ٿو ته:” 1859ع ۾ گذري (گسري) بندر تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم به مڪمل ٿيو. ان بعد 29 اپريل 1858ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر فريئر رکيو، 13مئي 1861ع ۾ ان جو ڪم مڪمل ٿيو. لائين کولڻ جي مهورت 13مئي 1861ع تي ڪمشنر سنڌ مسٽر جان ڊنڪن ڪئي. هن لائين جو انجنيئر جان برٽن ۽ ٺيڪيدار بيري (Bary) هيو. 1887ع ۾ ڪوٽڙي ۽ ڪوئٽا وچ ۾ به گاڏيون هلڻ لڳيون. هن لائين جي ٻئي سيشن حيدرآباد کان ملتان تائين جو ڪم سنه 1879ع ۾ مڪمل ٿيو.“[40] انهن ڏهاڙن ۾ محرابپور ريلوي اسٽيشن قائم ٿي.
محرابپور ۾ ريلوي اسٽيشن جي قيام ۽ هتان کان ٺاروشاهه تائين هلندڙ ’فيڊر‘ گاڏيءَ بابت زاهد سومرو، جي ڪتاب: ’پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾‘ بابت ته: ”سنه 1870ع تي محرابپور ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي، سنه 1922ع ۾ هتان ٺاروشاهه تائين ننڍي لائين وڇائي هن اسٽيشن کي ’جنڪشن‘ جو درجو ڏنو ويو. هتان هالاڻي، ڪنڊياروي ۽ ٺاروشاهه تائين’ننڍي لائين‘ تي ’فيڊر گاڏي‘ شروع ٿي.“[41] جنهن کي جنرل ضياءُ الحق سنڌ ۾ (MRD) تحريڪ جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ، سنڌي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان رابطن کي ختم ڪرڻ لاءِ، علاقائي معيشت کي ختم ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي سفر جي سڀني سهوليتن کان محروم ڪرڻ لاءِ سنه 1983ع ۾ بند ڪيو. جنهن کي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف پنهنجي پهرين حڪومتي دور سنه 1993ع ۾ باضابطا اعلان ڪري علاقائي ماڻهن کي ان سهوليت کان هميشه جي لاءِ محروم ڪري ڇڏيو. جنهن سان سنڌ جي هر ننڍي اسٽيشن اُجڙي وئي ۽ هن شهر جي ’جنڪشن‘ واري حيثيت پڻ ختم ٿي وئي.
سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، 22 اپريل 2005ع تي، هتي اچي هن شهر کي تعلقي هيڊ ڪواٽر بڻائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جو نوٽيفڪيشن سنڌ حڪومت پاران 21 جون 2005ع تي جاري ڪيو ويو. جنهن بعد هن شهر جي ڪارو بار ۾ اضافو آيو ۽ وڃايل رونق بحال ٿي.
محرابپور جي ترقيءَ خاطر عوام ۾ علم ۽ شعور جي لاٽ ٻارڻ لاءِ انگريز سرڪار هتي پهريون تعليمي ادارو سنه اپريل 1886ع ۾’سنڌي مين پرائمري اسڪول ڳوٺ محرابپور‘ جي نالي سان قائم ڪيو. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر: سُکر مل لُهاڻا هيو جيڪو سنه 9 نومبر 1938ع کان 8 آڪٽوبر 1939ع تائين هن اسڪول ۾ هيڊ ماستر رهيو. 1870ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کانپوءِ هن ڳوٺ کي شهر واري حيثيت ملي. محرابپور ڳوٺ، انتظامي طور تي پهرين رياست خيرپور سان جڙيل هيو، جنهن کي ”لارڊ ڊلهائوسيءَ سنه 1852ع ۾ رياست خيرپور کان ڇني حيدرآباد ضلعي سان جوڙي ڇڏيو.“[42] جنهن بابت ڪتاب ’شهيد بينظير آباد‘ ۾ محمد ملوڪ انڙ پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته:” 1902ع ۾ ضلعي حيدرآباد کي ٻن حصن ۾ ورهائي نواب شاهه کي ضلعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي عمل کان پهرين 1907ع ۾ نواب شاهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو.“[43] حيدر آباد کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ بابت ڪتاب ’نواب شاهه کان شهيد بينظر آباد تائين‘ ۾، مرتب: خادم چانڊيو لکي ٿو ته: ”سنه 1902ع ۾ ضلعي حيدرآباد کي ٻن حصن ۾ ورهائي نواب شاهه کي ضلعي جي حيثيت ڏيڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان تي عمل پهرين نومبر 1912ع کان ٿيو.“[44] ”نواب شاهه ضلعو ٿيو ته محرابپور ان ۾ شامل ٿيو.“[45] سنه 1989ع ۾ نوشهرو فيروز ضلعو بڻيو ته ان ۾ شامل ٿيو. نوشهري کي ملندڙ ضلعي واري حيثيت بابت اسلم عباسي نوشهري جي تاريخ تي پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ’ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾‘ لکي ٿو ته: ”نوشهرو فيرو ضلعو 1989ع ۾ وجود ۾ آيو، ان کان اڳ هن خِطي کي ساهتي پرڳڻو سڏيو ويندو هو.“[46] ضلعي نوشهرو فيروز جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر نثار احمد صديقي هيو. محرابپور شروع کان تعلقه ڪنڊيارو سان جڙيل هيو جيڪو 21 جون 2005ع کان الڳ ٿيو.