تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

سنڌ ۾ مرثيي ۽ نوحي جي شروعات

مرثيا ۽ نوحا خواني: هونءَ ته هن جي ابتدا معرڪي ڪربلا کان پهرين جي آهي. پر، هن جو ڌيان ڇڪائڻ وارو درديلو انداز واقعي ڪربلا کانپوءِ بڻيو آهي. مرثيي جي احساساتي وصف جي پذيرائيءَ بابت ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي ڪتاب ’سچل سرمست جو مرثيو‘ ۾ لکي ٿو ته: ”عربستان ۾ مهلهل بن ربيعه جا مرثيا مشهور هيا. پر اڳتي هلي عرب ۾ هن فن ان وقت ترقي ڪئي، جڏهن حضور ﷺ جن جي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب ۽ ٻين شاعرن مختلف واقعن تي مرثيا چيا. حضور اڪرم ﷺ جن جي برقعي مٽائڻ تي حضرت حسان بن ثابت اثر پذير مرثيه چيا. حضرت بيبي فاطمه الزهرى (س) جن پڻ ان موقعي تي هڪ مرثيو چيو.“[222] مرثيي جا پختا بنياد واقعي ڪربلا _ لاشهءِ حسين عه کان شروع ٿي زندانِ شام کان آزادي ماڻي، ڪربلا بعد مديني پهچي محله بني هاشم ۾ پيا. جتي سانئڻ امه ڪلثوم (س) مديني جي آيل مُڪاڻي عورتن کي ڪربلا جي ڪهاڻي مرثيي جي صورت ۾ ٻڌائيندي هئي.
سنڌ ۾ مرثيو ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت سنه 1150هجري ۾ پهتو. جنهن باقاعدي اوج ٽالپرن جي دورِ حڪومت سنه 1783ع ۾ ورتو. مرثيو عربي شاعريءَ جي صنف آهي، جنهن جي عرب جي ڌرتيءَ کان سنڌ جي ڌرتيءَ تائين جي سفر بابت زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب ’ مَرثيو تاريخ جي آئيني ۾‘ لکي ٿو ته: ”مَرثيو عربي شاعريءَ جي ئي صنف آهي. جتان پوءِ ان پهرين ايران ۽ پوءِ هندستان ۾ پير پاتو. فارسي زبان ۾ مرثيي جي باقاعده ابتدا مشهور فارسي شاعر محتثم ڪاشيءَ 1524ع ۾ ان وقت جي ايراني صفوي بادشاهه طهما سپ جي حڪم تي ڪئي ۽ ڪربلا جو سڄو واقعو مَرثيي ۾ قلمبند ڪيائين ان کانپوءِ مقبل اصفهاني مرثيه لکڻ شروع ڪيا. مقبل جو اصل نالو محمد شيخا اصفهاني هو. افغانن جي ايران تي ڪاهه واري دور ۾ هُو اصفهان ۾ روپوش رهيو. 1143 هه ڌاري هُو هندستان آيو جتان 50 _ 1149 هه ۾ هُو مغل نواب صادق علي خان جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ ٺٽي آيو ۽ هن ئي هتي اچي فارسي مرثيي کي عُروج تي پهچايو.
ڪلهوڙا درٻار سان وابسته شاعر محسن ٺٽوي، مرثيه گوئي ۾ مقبل اصفهاني جو شاگرد ٿيو. محسن ٺٽوي 1157هه ۾ وفات ڪئي سندس فرزند ۽ شاگرد غلام علي مداح به ڪلهوڙن جي درٻارسان وابسته شاعر هو جنهن کان سيد ثابت علي شاهه ”ڪربلائي“ مرثيه گوئيءَ ۾ اصلاح ورتي ۽ باقاعده سنڌي مرثيه نويسي ۽ مرثيه گوئي جو بنياد رکيائين.“[223] سيد ثابت علي جڏهن ڏهين جي رات فقير جي پِڙَ تي هي مرثيو پڙهندو هيو ته عزادارن جي اکين مان غمِ حسين عه جا آبشار جاري ٿي پوندا هيا.
هَئـي هَئـي رڻ ۾ بيبـي بـانـو سِـرَ تـي خـاڪ وسـائي ٿـي،
شاهه حسين عه جي لاش تي ويٺي نيڻون نير وهائي ٿي،
آهــون دانـهـون عـرش رســـاڻـي هـنـپر حـال ســڻائـي ٿـي،
زهرا عه بيبيءَ جي نُنِهن پياري سائين ري سيلائي ٿي،
ڪــاٿـي آهـيـن مـرتـظـي عـلـي عه شـيـر امـيـر،
ڪــڙم سڀئي قـتلـعـام ٿيـو رڻ مـاريـو شـيـر.
(ثابت علي شاهه)
ڪڇي شاعرن الهڏن شاهه پڇمي، ميون ملوڪ کوڙ ۽ عبدالرزاق کٽي ”رازق ڏنو“ جي چيل مرثين مان پتو پوي ٿو ته، مرثيا ’ڪڇ‘ ۾ به چيا ويندا هيا. جيڪو سلسلو ورهاڱي تائين ’ڪڇ‘ ۾ جاري رهيو. ڪڇ ملڪ جيڪو آرين، عربن ۽ سمن کانپوءِ جاڙيجن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو جنهن بابت اعجاز منگي ڪتاب ’ڪڇين جا قول‘ ۾ محمد سومار شيخ جي حوالي سان پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”ڪڇ ملڪ جو اصل نالو ’اڀير ديس‘ آهي. لفظ ’اڀير‘ سنڌيءَ ۾ پوءِ بگڙ جي ’اهير‘ يا ’اسير‘ ٿيو آهي. اسير جي معنى آهي: (قيدي) اڀير يا اهير سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو هئا. جن آرين سان جنگيون جوٽيون. آرين هٿان شڪست کائڻ کانپوءِ هن قوم جا ماڻهو ملڪ بدر ٿي ايران هليا ويا. ۽ ڪي وڃي ڪڇ جي جابلو علائقن ۾ مورچي بند ٿيا. ڪڇ ملڪ اڄ به سنڌ جو هڪ ننڍو حصو آهي. جو رڻ جي ڪري سنڌ کان ڌار پيو آهي. ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ننڍي شاخ ”ڪڇي“ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ورهاڱي کان پوءِ هي ملڪ هند سرڪار جي هٿ هيٺ رهيو.“[224]
سيد الشهداء جي مرثيا نگار، ڪڇي جي مرثيا گو شاعر ميون ملوڪ کوڙ بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ’ڪڇين جا قول‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ميون ملوڪ کوڙ، شاهه ڀٽائيءَ جي فداين مان هڪ هو. کيس خدا آواز سٺو ڏنو هو. ميون ملوڪ کوڙ، ڄنگھڻي ۾ ڄائو هو. ميان ديني علم ۾ ماهر هو ميون ڪري چوندا هئس. ڪڇ ۾ ميون قاضي کي چوندا آهن. پنهنجا کيتر (کيت) هئس ۽ پنهنجي وارو هو. ميون ملوڪ کوڙ ورهاڱي کان اڳ 15 سال کن ٿيندا ته (60 يا 70) ورهين جي عمر ۾ 1932ع ۾ وفات ڪري ويو.“[225] سندس هڪ مرثيو هت ڏيون ٿا.
ڪربلا ۾ ڪاري هئي،
حسڻ حسيڻ يا علي شير ملهايو،
اڄ امامن تي، اوکي آئي،
آگـي ان جـا، نـام وڌائـي،
دين ان جا درست رکائي،
مٿـي تـي رڪ رئـي،
نام مولى جي سر لٽايو.
کوسي مان اچي خيما کوڙيائون،
جـونش مـان تن جنـگ جوڙئـون،
]مصيبت کان منهن نا موڙئون[
هيبت مان اُنين هاڪ هنئي،
دشـت مـان ان جـا ڌڙ ڌٻـايـو.
ڏوهه ڏينهـن سختيـون ڏٺائـون،
ويل وچينءَ جي، امر مڃيائون،
’کوڙ ملوڪ‘ چئي رب رضائون،
ســويـن مــلائـڪـن سـيــڄ کـنـئـي،
جـنـت ۾ ان جـا هـنـڌ جـوڙايـو.[226] (ميون ملوڪ کوڙ)
مرثيا گوئي جو اهڙو سلسلو حيدرآباد مان شروع ٿي اتر سنڌ خيرپور ميرس پهتو، جتان ساهتيءَ جي علائقي’محرابپور جنڪشن‘ اثر ورتو. محرابپور مان اهڙو پيغام سنڌ جي ٻين شهرن تائين پهتو.
محرابپور ۾ ڏهين محرم جي رات واري جلوس ۾ پڙن تي مرثيا پڙهيا ويندا هيا. هتي نوحي جي ابتدا سيد اختر چنيوٽيءَ کان ٿي. ان بعد پنجاب جي شهر اوڪاڙا کان لڏي آيل سيد احمد شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد محمد حسين شاهه صفويءَ ان سلسلي کي وڌائي زور وٺايو. اهڙي ريت هتي ماتمي جلوسن ۾ نوحي خوانيءَ جو سلسلو شروع ٿيو جنهن اڳتي هلي اوج ماڻيو. هاڻ هتان جا نوحا خوان سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن ۾ نوحا خواني لاءِ گھرايا وڃن ٿا.