محرابپور جي عزاداريءَ جو ثقافتي انداز
نيري آسمان تي پهرين محرم الحرام جو چنڊ چڙهڻ سان دنيا جهانن جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي. خوشين جا کيڄڪ ختم ۽ ڪجلن نيڻن مان نير وهڻ شروع ٿي ويندا آهن. هر گھر ۾ فرش عزا وڇائجي ويندو آهي ۽ چئو ڏس ياحسين عه ... هاءِ حسين عه ... جي صدا بلند ٿي ويندي آهي.
دنيا جهان جيان محرابپور جا عزادار به نائين ذوالحج کان سوڳوار بڻيل هوندا آهن. (سواءِ 18 ۽ 24 ذوالحج جي) محرابپور جو عزاداراڻو انداز ثقافتي ۽ روايتي آهي. جيڪو سالن کان هن طرح رهيو آهي. هتي نائين ذوالحج سفيرِ حسين عه حضرت امير مسلم بن عقيل عه، جي شهادت واري ڏڻ تي عزاداريءَ جي شروعات ٿيندي آهي. ڏهين ذوالحج تي عيدالضحى جي نماز اڪثر جھونا عزادار ۽ هاڻ نوجوان به ڪارن ڪپڙن ۾ پڙهندا آهن. عيد جي خطبي کان اڳ مجلس جو ماحول جڙندو آهي جنهن ۾ پيش امام مصائب حسين عه پڙهندو آهي. ان بعد عيد نماز ادا ڪئي ويندي آهي. بعد نماز عيد گاهه جي دروازي تي دهل کنيو بيٺل مـڱڻهار فقير جيڪي خوشيءَ جي اظهار طور دهل ۽ شرناءِ وڄائي عيد جي خوشيءَ ۾ اضافو ڪندا آهن. اُهي اڄ خوشيءَ جي شادماني بجاءِ غمِ حسين عه، ياحسين عه جو دهل وڄائي خوشيءَ جي ڏهاڙن جي پُڄاڻي ۽ غمِ حسين عه جي ڏهاڙن جي آمد جو اعلان ڪندا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته: اڄ کان ’ڏونڪو مٽيو،‘ هاڻ اٺين ربيع الاول تائين خوشين جو ڪو به پروگرام منعقد نه ٿيندو. هيءَ عيد رسمِ دنيا جيان ملهائي ويندي آهي.
بــيـشـڪ مـســلــم عـيــد ڪــرن پــر، عــيــد شـيــعـا دي ڪـــوئـــي نــهيـن،
ڪربل تون گھن ڪي شام تائين، ڪائي زينب (ص) عيد منائي نهين.
عيد ڏهاڙي شهر جي وڏين امام بارگاهن جا علم پاڪ سينگارڻ لاءِ انهن جي لاهڻ جو اعلان ٿيندو آهي. جيڪو 20 ذوالحج هوندو آهي، ان ڏڻ تي مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۽ ميرن جو وڏو علم لهندو آهي. جيڪي سينگارجڻ بعد 29 ذوالحج تي نشان ڪيا ويندا آهن. 20 ذوالحج کان 25 ذوالحج تائين شهر جي سڀني پِڙَنِ جا سڀ علم پاڪ نئين ٿيڻ لاءِ لهي ويندا آهن. جيڪي سينگارجڻ بعد پهرين محرم الحرام تائين نشان ٿي ويندا آهن. 9 ذوالحج کان 8 ربيع الاول تائين عزادار خوشيءَ جو ڪو به پروگرام نه رٿيندا آهن. انهن ڏهاڙن تي گھرن ۾ (سواءِ عيد مباحله ۽ غدير جي) لذيذ، عمدو کاڌو تيار نه ڪندا آهن. سوا ٻه مهينا زندگي بلڪل سادي نموني، سوڳوار انداز ۾ گذاريندا آهن.
عزادار پهرين محرم جو ڏکوئيندڙ چنڊ ناهن ڏسندا، اگر ڪنهن جي نظر پئجي وئي ته، ان مهل ئي سندس نيڻ وسي پوندا آهن. ۽ ڏڪندڙ لبن سان چوندا آهن ته، ”ڪالو انا له الله وانا اليه راجعون.“ آسمان تي محرم الحرام جي چنڊ چڙهڻ سان ئي سوڳوار دلين، گھرن ۽ عزاخانن ۾ فرشِ عزا وڇائجي ويندا آهن.
چــن چــڙهيـا مـاهه مـحـرم دا، آئــو غــم دي فــرش وڇــائـون،
جنهن ساڏي ڪيتي پُتر ڏتي، اوندي ڪيون احسان ڀُلائون.
پهرين محرم الحرام جي چنڊ چڙهڻ سان عزادارن جي جسم تان رنگين ۽ فاخرانه لباس لهي ويندا آهن. ان جي جاءِ تي سياه لباس پهرجي ويندو آهي. هر مرد توڙي مستور جا پير اُگھاڙا، ۽ هر وِک عزا خاني ڏانهن کڄندي آهي. عورتن جي نَڪَ، ڪَنن، هٿن ۽ بانهن جي ڪاراين مان سونا زيور لهي ويندا آهن ان جي جاءِ تي چانديءَ ۾ مڙهيل حَسني، حُسيني فيروزا، ٻيا حقيق ۽ سنت زينب (ص) جا لوهي ڪنگڻ ۽ ڪڙا ٻانهن ۽ پيرن ۾ پائجي ويندا آهن. مرد وري قيدي امام مولا سجاد عه جي سنت ادا ڪندي ٻانهن ۽ پيرن ۾ لوهي ڪڙيون، ڪنگڻ ۽ ڪولابا پائيندا آهن.
اڪثر عزادار پنهنجا بسترا گھرن مان کڻي امام بارگاهن ۾ رکرائيندا آهن. جيڪي پهرين محرم الحرام کان تيرهين محرم الحرام تائين امام حسين عه جو ٽيجھو ڪري پوءِ اٿندا آهن. گھرن ۾ به پهرين محرم الحرام کان نرم بسترا ڇڏي، آرام کٽون اونڌيون ڪري غم حسين عه جو پٿر، تڏو ڪيو ويندو آهي. پهرين محرم الحرام کان زيبِ تن ڪيل ڪارو لباس 8 ربيع الاول تي لاٿو ويندو آهي.
پهرين محرم الحرام کان 8 ربيع الاول تائين عزادران جي زندگيءَ جو انداز تبديل ٿي ويندو آهي. عام ڏهاڙن ۾ مومن هڪ ٻئي سان ملڻ مهل ’السلام عليڪم و ياعلي مدد‘ چئي ملندا آهن. پر پهرين محرم الحرام کان ان جي بدران ملڻ مهل ٻئي هٿ ٻڌي، ڪنڌ هيٺ جھڪائي، ياحسين عه چوندا آهن. کين اڳيان جواب ڏيندڙ پنهنجي دل تي ساڄو هٿ رکي ، ادب مان ڪنڌ جھڪائي نماڻن نيڻن سان ’والي حسين‘ عه چوندو آهي. دل تي هٿ رکي جواب ڏيڻ جو مطلب آهي ته: اي منهنجي مولا جا عزادار! مان توکي پنهنجي دل ۾ ساهه جيان سانڍيان ٿو.
علم پاڪ لهڻ مهل ان جي بئرڪ جي اڳڙي، تبرڪ طور ننڍا توڙي وڏا عزادار ٻانهن ۽ ڳچيءِ ۾ پائيندا آهن. آڳاٽي دور ۾ جھُونا عزادار محرم جي ڏهاڙن ۾ نيرا ۽ خاڪي ڪپڙا پائيندا هئا. ’ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌ ۾ غم جو لباس نيرو هيو،‘ جنهن جي شاهدي ڀٽائيءَ جي هن بيت مان به ملي ٿي ته:
ڪارا رَنڱِجِ ڪَپڙا، اَدا نِيروٽِي!
بزرگ عزادار ان زماني ۾ محرم الحرام جي آمد تي پنهنجا ڪپڙا کٽيءَ کان رڱائي پائيندا هيا. نئون لباس اوڍڻ عيب، مناسب نه سمجھندا هئا، ڪيترائي عزادار ڪارو لباس پائڻ مهل روئي پوندا هيا. هن وقت به آئون جڏهن 21 رمضان جي رات فجر مهل ڪارا ڪپڙا پائيندو آهيان ته اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون آهن؛ اهڙي سمي ان دور جا نمازي عزادار ياد اچي ويندا آهن. محرم الحرام جي آمد تي مون ڪيترن ئي جھونن عزادارن کان روئيندڙ اکين سان ڀٽائيءَ جو ’ڪيڏاري‘ مان هي بيت جھونگاريندي ٻڌو.
محرم موٽي آئيو، آئيا تان نه امام.
بزرگ عزادار جڏهن علم عباس عه تي شام شفق جو ڏيئو ٻارڻ ويندا هيا ته لبن تي ڪيڏاري مان شاهه جو بيت جھونگاريندا هيا. اهڙو هڪ منظر نصير مرزا به ڏٺو، جڏهن هو مون وٽ محرابپور آيو هو. نصير مرزا ان منظر کي پنهنجن خوبصورت لفظن ۾ ڪاوش اخبار ۾ لکيل پنهنجي محرم جي هڪ ڪالم ۾ هينئن بيان ڪيو ته: ”نگاهه کڻي سامهون ڏسان ٿو، ڪو جھونڙو شيدي هٿ ۾ روشن لالٽين کڻي، ڪنهن ٻي گھٽيءَ ڏانهن وک وک کڻندو ...... اڳيان وڌندو ٿو نظر اچيم، ڇا اها هٿ بتي هو ڪنهن امام بارگاهه ۾ رکڻ لاءِ پيو اچي؟ يا هتان سڌو ان جي روشنيءَ ۾ ڪربلا عراق وڃڻ جو قصد ڪيو اٿس ۽ اِهو مون دل ئي دل ۾ سوچيو پئي جو آهستي سان اڳيان لنگھي ويندڙ ان عزادار جو، مون پُر سوز آواز ڪنايو، ٻڌم ........... سُر ۾ ڀٽائي صاحب جي ڪيڏاري واريون هي سٽون جھونگاري رهيو هو:
پکين پاڻ پڇاڙئو، ته لڏيا هوت وڃن،
الا! شهزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻين.[14]“
(شاهه)
علم لهڻ کانپوءِ مڱڻهار فقير گھر ڇڏي اچي مڪان، امام بارگاهه ۽ اوتارا وسائيندا هيا. علم پاڪ لهڻ کان وٺي چهلم امام حسين عه تائين مڱڻهار فقير امام بارگاهه ۾ روزانو صبح و شام دهل ۽ شرناءِ تي يا حسين عه جو واڄو ڪندا هيا. جيڪو سلسلو اڄ تائين قائم آهي.
ايام عزا جي ڏهاڙن ۾ عورتون به غريب جي ڏکن جيان مڙي وينديون هيون، غم حسين عه کي تازو ڪرڻ لاءِ گھرن ۾ اوسارا چوڻ شروع ڪنديون آهن. جيڪو سلسلو قديم دور ۾ پهرين تيرهين محرم الحرام تائين جاري رهيو. ڪجھ سالن بعد 21 صفر تائين ۽ هاڻ 8 ربيع الاول تائين شهر جي مختلف پاڙن، قديم تڏيدار گھرن ۽ امام بارگاهه ۾ جاري رهندو آهي.