تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

مرثيو ۽ نوحو تاريخ جي نظر ۾

مرثيو ۽ نوحو: نوحي جي معنى، ڪنهن بيگناهه، مصيبت جي ماريل ماڻهوءَ تي روئڻ ۽ ان جي ڏکن، مصيبتن ۽ عظمت کي شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي. انجينئر سيد عبد الحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ مرثيي بابت لکي ٿو ته: ”مرثيو“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي: فوت ٿي ويل جو بيان اهڙي درد انگيز نموني ۾ ڪرڻ جو ٻڌندڙ جي چشم تر ٿي وڃي.“ پر ڪربلا جي قضيي کان پوءِ عالمگير اصطلاح موجب مرثيي جي معنى اهو ڪلام جنهن ۾ ڪربلا جي اندوهناڪ ۽ درد انگيز واقعي جو بيان هجي. هي حسرت ناڪ واقعو ايتري قدر عبرت خيز آهي، جو جيڪڏهن سادن لفظن ۾ بغير ڪنهن عبارت آرائيءَ جي بيان ڪجي ته ٻڌڻ وارن جون دليون ڏڪي وينديون. ۽ ”گريه بر ملايک هفت آسمان فتد “[202]
نوح لفظ بابت ڊاڪٽر سيد ضمير اختر نقوي جي ڪتاب’اقوام عالم اور عزاداري حسين‘ ۾ شجاع رانا پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”نوح جي معنى آهي. اهو شخص جيڪو روئي ۽ بُڪا ڪري ٿو حضرت نوح جو نالو انجيل ( (Bible نوحا ((Nooha آهي. اردو لفظ ”نوحه“ جيان آهي. جنهن جي معنى هڪ قسم جي رثائي نظم يا رثائي شعر جي آهي.“[203] نوحي ۽ مرثيي جي معنى هر محقق، شاعر، اديب پنهنجي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. ان بابت ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي ڪتاب ’سچل سرمست جو مرثيو.‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مرثيو عربي زبان جي لفظ ”رثا“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنى آهي. مري وڃڻ واري تي روئي ان جي فضيلت بيان ڪجي. عام اصطلاح ۾ اهو نظم چورائي ٿو جنهن ۾ ڪنهن دل ڏاريندڙ واقعي جو بيان درد ناڪ انداز ۾ ڪيو وڃي. اڄڪلهه مرثيو ان نظم کي ڪوٺجي ٿو، جنهن ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ انهن جي ساٿين جي شهادت جو واقعو بيان ڪيو وڃي.“[204] مرثيي جي تاريخ، صنف ۽ گھاڙيٽي بابت الطاف جوکيو شاهه جي سُرَ ’ڪيڏاري‘ تي لکيل پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”مرثيه صنف به ٿوري گھڻي فرق سان مذڪوره صنفن سان نسبت رکي ٿي ۽ ”رثه“ ڌاتو مان ورتل آهي. معنى اٿس: ڪنهن دل واري جي مرڻ يا مارجي وڃڻ تي روڄ راڙو ڪرڻ _ پار ڪڍڻ _ زاريون چوڻ _ اوسارا چوڻ.
رزميه يا مرثيه صنفون مضمون جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن. تنهن ڪري شاعريءَ جي ڪنهن به گھاڙي يا هيئت ۾ چئي سگھجن ٿيون. جهڙوڪ: بيت وائي/ ڪافي، مثنوي، ربائي، مخمس، مسدس، مثمن، قصيدو/ غزل وغيره، البته، رزميه لاءِ ضخامت سببان مثنوي کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.
مرثيو پڻ اهلبيت عه جي حوالي سان مخصوص ٿي ويو. اهڙو خيال ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هيئن بيان ڪري ٿو ته: مرثيه ان قسم جي شاعريءَ کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ حضرت امام حسين عه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي شهادت جو ذڪر درد انگيز نموني بيان ڪيل هجي. ان سان گڏ ان ۾ لڙائيءَ جا منظر پڻ بيان ڪيا ويا هجن ۽ حضرت امام حسين عه جي ساٿين جي بهادري ۽ صبر جو ذڪر به ڪم آندو ويو هجي.“[205] شاعريءَ ۾ احساسن ۽ جذبات بابت انگلستان جي فلسفي شاعر مل Mill جو رايو آهي ته: ”انساني جذبات، ۽ احساسات، شاعريءَ جو روح روان آهن.“ جنهن تي احسان بدوي پنهنجي راءِ هيئن لکي ٿو ته: مرثيه کان زياده، ٻيو ڪو به شعر، موثر ٿي نٿو سگھي. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو جناب لَطف الله بدويءَ مرثيه متعلق لکيو آهي ته: ”جذبات غم، جنهن کي شاعريءَ جو اصلي روح چئجي، اسان کي ٻين قسمن ۾ گھٽ، ۽ مرثيه ۾، اول کان آخر تائين ملي ٿو.(تذڪره لطيفي، ج _ 2).“ [206]
واقعي ڪربلا جي حوالي سان مرثيي جي وسعت بابت علامه شبلي نعمانيءَ جي حوالي سان احسان بدوي پنهنجي ڪتاب ’تنقيد ۽ تنقيد نگاري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”دنيا ڪربلا جي المناڪ ۽ قيامت خيز واقعي کي اشڪبار اکين سان ڏٺو. هي اِهڙو واقعو آهي، جو ان وقت جي حادثن کي اڄ به ياد ڪري، خون جا ڳوڙها وهن ٿا. ۽ تن بدن ۾ هڪ لرزش پيدا ٿي وڃي ٿي. مگر جيئن ته بنو اُميه جي سطوت ۽ جباري ڇانيل هئي، تنهنڪري عربن جي جذبات مرده ٿي چڪي هئي، ۽ هي فن، هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. علامه شبلي نعماني لکي ٿو ته: ”هي هڪ اِهڙو واقعو هو، جو جيڪڏهن عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها،ته اِهڙا ته زور دار مرثيه لکيا وڃن ها، جو سڄي دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.“ [207] ’موازنه انيس و دبير‘ تي مرثيه بابت علامه شبلي نعماني لکي ٿو ته: ”عرب ۾ شاعريءَ جي ابتدا، مرثيه سان ٿي جا عين فطرت جي اصولن جي مطابق هئي.“[208] جديد مرثيي جي اتساهيندڙ احساس بابت ڪيفي اعظمي ڊاڪٽر هلال نقوي جي ڪتاب ’اذانِ مقتَل‘ ۾ پنهنجي مضمون ’جديد مرثيا نگاريءَ کي به هڪ شبلي ملي ويو‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”ٻوليءَ جي ڄاڻندڙن جو اهو چوڻ به اجايو ٿيندو ته، لفظ مرثيه، عربي ٻوليءَ جي لفظ رثا مان ورتل آ، ۽ مرثيي جو مقصد صرف روئڻ ۽ روئڻ ۽ رئائڻ ئي آهي. انيس ۽ دبير جي مرثيه جنهن جو موضوع واقعي ڪربلا آهي. مان اهڙي مرثيي کي احتجاجي شاعريءَ جو اعلى نمونو سمجھان ٿو. احتجاج جيڪو ظلم جي خلاف آ، احتجاج جيڪو جارحيت جي خلاف، اهڙو احتجاج جيڪو حق جو باطل خلاف آهي. جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجھون ته اهو سوچڻ تي مجبور ٿا ٿيون ته پهرين جنگ آزادي جنهن کي انگريز سامراج غداريءَ جونانءُ ڏنو ان جنگ جو سڀ کان وڏو معرڪو ۽ ميدان پاڻي پت جو ميدان ڀلا ڇو نه ٿيو اها اوڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڇو وڙهي وئي، اوڌ جي ڪا تاريخ کڻي ڏسو يا وري بزرگن جي نظرن سامهون اهو سڀ ٿي گذريو هجي کان ماضيءَ جا قصا ٻڌون ته خبر پوي ٿي ته ويڙهه جي انهن ڏينهن ۾ شهرن، ڳوٺن، وستين ۽ واهڻ ۾ انهن وقتن وڏا وڏا مجلسي ميڙاڪا ٿيندا هئا. جن ۾ تمام ڳچ تعداد ۾ هندو مسلمان شريڪ ٿيندا هئا. ۽ اهو درس وٺي نڪرندا هئا ته باطل جي سامهون سِرُ نه جھڪائبو، پوءِ ڇو نه سر ڪٽيو وڃي. انهن مرثين عام ماڻهن کي اهو درس ڏنو ته حق جو دفاع ڪندي جي ميدان ۾ موت کي ڳل به لڳائڻو پوي ته اهو اهڙي زندگيءَ کان خوبصورت آهي جيڪا بستري تي کڙيون گسائي گسائي گذري. بيگم حضرت محل ۽ ان جي عوام ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي خوني درنده فوجين سان جنهن ريت ڄمي جنگ ڪئي پوءِ کڻي ٿورن ڏينهن لاءِ ئي سهي ڇو نه اوڌ مان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت جو نانءُ نشان ڊاهي ڇڏيو. اهو جذبو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. اهو بيگم حضرت محل ۾ ان جي عوام ۾ ڪنهن پيدا ڪيو. دراصل انهن مرثين ..... ان لاءِ مان انهن الزامن کي مسترد ٿو ڪيان ته مرثين صرف روئاريو آ، جاڳايو ناهي.“[209]
اردو ۾ مرثيه جي باقاعدي ابتدائي مستند تاريخي تذڪري بابت احسان بدوي پنهنجي ڪتاب ’تنقيد ۽ تنقيد نگاري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”اُردو شاعريءَ ۾، مرثيه نگاري ڪڏهن شروع ٿي، تنهنجو اندازو لڳائڻ؛ البته ڏکيو آهي. مگر مختلف تذڪرن کي اُٿلائيندي، اِها خبر پوي ٿي: ته ’ميان مسڪين،‘ شايد اُهو پهريون شاعر هو، جنهن مرثيه کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن نهايت ئي گھڻا مرثيه لکيا آهن. ’سودا‘ جي، هن شعر مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته ميان مسڪين کي، مرثيه نگاريءَ ۾ ڪمال حاصل هو:
اسقاط حمل ھو تو کھیں مرثیہ ایسا
پہر کوئی نہ پوچھے میاں مسکین کہان ھے.
اردو جي مرثيه گو شاعرن ۾، ’مرزا رفيع سودا‘ جو نالو ورتو وڃي ٿو. اردو ۾ مرثيه کي، جن جي هٿان عظمت حاصل ٿي، اهي انيس جي خاندان جا فرد هئا. ’مير انيس‘ جي هن مصرع مان: ”پانچوين پشت هئي شبير ڪي مداحي مين“ مان ثابت ٿئي ٿو، ته هن فن کي گويا مذهبي فرض سمجھيو ويندو هو. ظاهر آهي، ته جڏهن ڪنهن به چيز کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي ٿو، تڏهن ان ۾ جي جولانيون ڏيکاريون وڃن ٿيون، اهي حقيقي ٿين ٿيون، ۽ جذبات ۽ احساسات جي پوري ترجماني ڪن ٿيون. غرض؛ ’مير ضمير‘ ۽ ’مير خليق‘ کان مرثيه تدريجي ترقي ڪندو، مير انيس ۽ مرزا دبير تائين پهتو؛ تڏهن ان ۾، جي جوهر پيدا ٿيا.“[210] ’مسڪين‘ جي مرثيه بابت نظير حيات سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ’سيوهڻ جي قديم عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سيوهڻ ۾ فارسي ۽ هندي زبان ۾ مرثيه پڙهيا ويندا هئاجن ۾ ”مسڪين“ هڪ وڏو شاعر هو جنهن کان سيد ثابت علي شاهه به متاثر هيو.“[211]
اردو ۾ مرثيي جي شروعات بابت اردو ٻولي جو مُحقق مُفسر ڊاڪٽر سيد ضمير اختر نقوي، سيد قيصر حسين ’قيصر‘ مشهدي جي مرثيي جي منتخب ۽ مرتب ڪيل ڪتاب’عرفانِ غم‘ ۾ پنهجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”اردو ادب ۾ مرثيي کي نسبت ۾ اوليت حاصل آهي. اردو مرثيو عربي يا فارسي مرثيي جي تقليد ۾ تخليق نه ڪيو ويو _ بلڪ پنهنجي روپ ۾ خود ئي وجود ۾ آيو. اردو جي پهرين صاحبِ ديوان قلي قطب جي دور کان حضرت جوش مليح آباديءَ تائين اردو مرثيي ڊگھو سفر طي ڪيو آهي. ان طويل سفر ۾ هزارين مرثيه لکيا ويا جيڪي هر دور ۾ عام ۽ مقبول رهيا. پر، مير انيس ۽ مرزا دبير جا مرثيا ”جواهرات مرثيه“ ۾ ڪوه نور جي حيثيت رکن ٿا.“[212] اردو ادب ۾ مرثيي جي ابتدا، ارتقا ۽ ان جي سگھاري انداز بابت، قسيم ابن ’نسيم‘ امروهوي پنهنجي مضمون عَلمبَردارِ فَروغِ مرثيه ۾ لکي ٿو ته: ”اردو ادب جي تاريخ ۾ مرثيا نگاريءَ جي ارتقا محمد ’قلي‘ قطب شاهه ۽ وَجَھي کان وٺي اتر هند ۾ مير انيس ۽ مرزا دبير تائين اڍائي سئو سالن کان وڌيڪ ٿئي ٿو. مرثيي ڪلام منظوم کان ترقي ڪري هڪ ترقي يافته روپ ۽ درد ڀري ادبي صنف واري حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. جيئن ته مرثيي جو تعلق هڪ عظيم سانحي سان آهي. انهيءَ ڪري ان صنف ۾ اعتقاد جي گرمي ۽ جذبي جي شدت شامل ٿي. جنهن ان کي اڃا به سگھارو بڻائي ڇڏيو.“[213]
احسان بدوي سنڌي مرثيي بابت تذڪره لطيفيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”جنگ نامي تي ”تذڪره لطيفيءَ“ جو صاحب لکي ٿو ته: ..... مگر جنگ نامي جو شعر، سيد ثابت علي شاهه جي موتين سان مٽ پئجي نه ٿو سگھي.“ سيد ثابت علي شاهه مرثيه لکي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ انقلاب آندو آهي. هو سنڌي مرثيي جو موجد آهي. ان متعلق خود لکي ٿو ته:
مـرثـيـو سنــڌي اڳـهيـن هـو ڪـونه اصلـي سنــڌ ۾،
جي ڪو هو تان پڻ نه هو مشهور هن پر هر ڪجا.
مرزا قليچ بيگ سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي؛ ”ثابت علي شاه، اصل نئون طرز اختيار ڪيو، ۽ وزن پارسي بيهاريو. ۽ سنڌي شعر سان گڏ، پارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح اِهڙا بيهاريا جو هن جي شعر پڙهندي ڏاڍي لذت ٿي اچي.“[214]
مرثيه جي فن، فڪر، ان جي قدامت ۽ اروج بابت ڊاڪٽر حامد علي خانائي ڪتاب ’سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: سنڌ ۾ ”مرثيه نويسيءَ“ جو فن قديم آهي، جيڪو پنهنجو ارتقائي منزلون طئي ڪري ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ عروج تي رسيو. ايران جي درٻار جا ڪيترائي مرثيه گو شاعر، اڪثر سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ۾ ايندا رهندا هئا، جن جو سنڌ جي شاعرن تي به گھڻو اثر پيو. اهڙيءَ طرح، هتان جي شعراءِ ڪرام کانئن متاثر ٿي، ”مرثيه گوئيءَ“ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌي زبان ۽ ادب جو سڀ کان پهريون باقاعده ”مرثيه گو“ شاعر، سيد ثابت علي شاهه هو. خانائي صاحب ان ئي مقدمي ۾ اڳتي مولانا غلام محمد گراميءَ جي تقرير ۾ مرثيه بابت ڏنل راءِ لکي ٿو ته: مولانا غلام محمد گراميءَ پنهنجيءَ انهيءَ گران قدر تقرير ۾، پهريون ڀيرو فني لحاظ کان، ”قصيدي“ ۽ ”مرثيي“ ۾ فرق ڏيکاريو آهي. پاڻ چوي ٿو ته: ”مرثيه“ اهو آهي، جنهن ۾ شهيدِ ڪربلا جو ذڪر هجي؛ پر جي ڪنهن فاتح، بهادر، بادشاهه ۽ شهنشاهه جي وفات جي باري ۾ ڪجھ لکيو وڃي، ته اهو ”قصيدو“ آهي. ۽ نه ”مرثيو“.[215]
مرثيي جي ابتدائي تاريخ حضرت آدم عليه السلام کان ڏسجي ٿي. جنهن بابت احسان بدوي پنهنجي ڪتاب’ تنقيد ۽ تنقيد نگاريءَ‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”اصناف ۾، مرثيه کي قدامت به حاصل آهي. جيڪڏهن هي سچ آهي، ته شاعريءَ جي ابتدا، حضرت آدم عليه السلام کان ٿي. ته پوءِ اهو پهريون شعر جو زمين تي موزون ڪيو ويو، سو مرثيو هو. مصنف ’بحر الفصاحت‘ لکي ٿو ته: ”شعر جي ابتدا، حضرت آدم عليه السلام کان ٿي. جڏهن قابيل هابيل کي قتل ڪيو، ته حضرت آدم صفي الله هن جي ماتم ۾، جي اشعار موزون ڪيا، اُهي مرثيه ۾ آهن.“ [216] مرثيي جي قدامت واري تاريخ تي تحقيق ڪندڙ محقق زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب: ’مَرثيو تاريخ جي آئيني ۾‘ لکي ٿو ته: مرثيو شاعريءَ جي اها صنف آهي جنهن جو تعلق انسان جي درد ناڪ جذبن سان آهي ۽ جڏهن انسان پنهنجي پُر درد جذبن جو شاعريءَ جي روپ ۾ اظهار ڪندو آهي ته اها شاعري انسان جي دلين تي نشتر جو ڪم ڪندي آهي، اهڙي شاعريءَ کي ئي مرثيو چيو وڃي ٿو جنهن جي شروعات حضرت آدم عه پنهنجي فرزند هابيل عه جي قتل تي سَرياني ٻوليءَ ۾ ڪئي ۽ جديد تحقيق ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سَرياني ٻولي اصل ۾ سنڌي ٻولي آهي ۽ الله تعالى حضرت آدم عه کي سنڌ جي سرزمين تي ئي لاٿو هو.“[217]
سنڌي ٻوليءَ ۾ مرثيو سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ کانپوءِ ٻين شاعرن به جَجھي انداز ۾ لکيو. جن شاعرن جي ڳاڻيٽي ۽ گھاڙيٽي بابت الطاف حسين جوکيو پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته: ”سنڌي ادب ۽ موزون يا غير موزون مرثيه گوئيءَ ۾ مخدوم عبدالله نرئي وارو، سيد خير شاهه، مخدوم عبدالروف ڀٽي، فتح فقير، احسان فقير، جيئنل فقير، اسماعيل فقير، جاڙو فقير، مولوي احمد ملاح، فقير عبدالله قديم، چنڻ فقير ۽ بعد ۾ سيد ثابت علي شاهه، سچل سرمست، مير حسن علي، آخوند محمد عالم خيرپوري، مرزا ٻڍل بيگ جن جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا.“[218] سيد ثابت علي شاهه کانپوءِ مرثيي جي سلسلي کي مرزا ٻڍل بيگ ان ئي انداز سان جاري رکيو. جيڪو مير انيس جيان خانداني مرثيه گو شاعر هيو. جنهن بابت احسان بدوي پنهنجي ڪتاب:’تنقيد ۽ تنقيد نگاريءَ‘ ۾ سندس بابت لکي ٿو ته: ”مرزا ٻڍل بيگ ’مير انيس‘ جيان خانداني پيشه ور مرثيه گو شاعر هو، پاڻ چوي ٿو ته:
پي ڏاڏي کان هي پيشواسان جو، هليو اچي
پيڙهي به پيڙهي سخن جو، سودو هليو اچي.
هن مان ظاهر آهي ته ’ٻڍل‘ پنهنجي شاعريءَ کي، صرف واقعي ڪربلا لاءِ مخصوص ڪيو، ۽ ساري عمر ان ئي موضوع تي لکندو رهيو. سندس بابت ميان هدايت الله نجفي (تارڪ) پنهنجي ننڍڙي تصنيف’تاريخ شعرائي سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ’مرثيه نگاريءَ ۾ باڪمال هو ثابت علي شاهه، سچل ۽ محمد عالم جي مرثين کي، مات ڪيو اٿائين. جهڙي طرح لکنوءَ ۾ مرزا سلامت علي (دبير) ۽ ’مير انيس‘ ٿي گذريا آهن. اهڙيءَ طرح، سنڌ ۾ مرزا صاحب ٿيو آهي. مرزا قليچ بيگ پڻ مرثيه لکيا آهن جنهن بابت بدوي لکي ٿو ته: مرزا صاحب جا مرثيه ۽ نوحا ’تحفهءِ اماميه‘ ۾ ڇپيل آهن. سندس مرثين متعلق، آءُ ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪيان ٿو؛ ته اِهي سندس پيشرو يا همعصر مرثيه نگارن کان، ڪنهن به طرح گھٽ نه آهن. مرزا صاحب جي مرثين ۾، تلوار جي تعريف، جنگ جو جوش ۽ رزم آرائي وغيره جو بيان، نهايت ئي دلڪش ۽ جاذب طريقي تي ٿيل آهي.“[219] سيد ثابت علي شاهه جي مرثيي بابت ورهاڱي وقت سنڌ مان هند لڏي ويندڙ نامياري اديب لڇمڻ ڪومل پنهنجي جڳ مشهور آتم ڪٿا ’وهي کاتي جا پنا‘ ۾ قرة العين بابت لکي ٿو ته: ”عيني پابند شيعه هئي. هن جي ڀر واري ميز تي مير انيس ۽ دبير جي مرثين جا مجموعا رکيل هوندا هئا. هڪ ڀيري مون عينيءَ کي چيو ’ديدي‘ مونکي دبير کان مير انيس جا مرثيا وڌيڪ ڇُهندا آهن. چيا ئين تون انيس ۽ دبير کي پڙهندو آهين ڇا؟ ”چيو مانس“ ها ديدي. تمام جذبي سان پڙهندو آهيان. اسانجي سنڌي شاعر سيد ثابت علي شاهه جا لکيل مرثيا به سنڌ ۾ بيحد مقبول آهن.“[220]
مرثيه تي هڙ پاسائين تحقيق کانپوءِ نتيجو اهو ئي واضع ٿيندو ته: مرثيو واقعي ڪربلا جي ذڪر کانسواءِ اڌور ۽ اڀوڳو آهي. مرثيي کي اصل معنى واقعي ڪربلا کانپوءِ ملي آهي. ذڪرِ حسين عليه السلام سان مرثيي جي اصل صورت واضع ٿي بيهي ٿي. مرثيو عربي شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جيڪو عرب و عجم جي ڌرتيءَ کان سنڌ پهتو جنهن کي سيد ثابت علي شاهه سنڌي ٻوليءَ جي ويس ۾ اوج وٺرايو. جيڪو ’ڪڇ‘ ۾ ورهاڱي تائين لکجندو رهيو.
اردو مرثيا، سوز خوان: برصغير جي ورهاڱي کان اڳ مجلس ۾ ذاڪريءَ جو ايترو رواج اڃا ڪونه پيو هو؛ جنهن ڪري مصائب لاءِ سڄو زور سوز خوانيءَ تي هيو. سوز خوانيءَ بابت محقق مفسر ڊاڪٽر ضمير اختر نقوي ڪتاب ’عرفانِ غم‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سوز خوانيءَ جو فن گھڻو پراڻو آهي مگر ارتقائي صورت انيس ۽ دبير جي زماني کان ڳڻجي ٿي. ابتدائي سوز خوانيءَ ۾ مير سيد علي، جنهن مرثين تي درد ڀري طرز رکي ۽ مجلس ۾ پڙهيو. اها ايتري ته مقبول ٿي جو اڄ تائين هلندي اچي، تبديل ناهي ٿي. جنهن جو مثال هي مرثيو آهي. ” قید خانے میں طلاطم ھے کہ ھند آتی ھے“ هڪ سئو سال پهرين جهڙي اندز ۾ هي مرثيو پڙهيو ويندو هيو، اڄ به جڏهن ان ئي انداز سان پڙهجي ٿو ته اکين مان ڳوڙهن جي برسات شروع ٿي وڃي ٿي.“[221]