تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

عزاداري ۾ ٻين مسلڪ ۽ مذهب جي ماڻهن جو ڪردار

محرابپور جا مير، راڻيپور واري درگاهه جا مريد ۽ صوفي مزاج رکندڙ هيا. انهن هن شهر ۾ عزاداري اهلبيت جو بنياد رکيو. سندن صحبت ۾ شامل شهر جا سنڌي، پنجابي، سُني ۽ وهابي مسلڪ ۽ هندو ڌرم جا ماڻهو، عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ شيعن سان گڏجي پيار محبت، عقيدت ۽ احترام سان عزاداري امام حسين عليه السلام ۾ پنهنجي نوڪري پيش ڪندا هيا. ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ اُهي پنهنجي ذميواري سنڀالڻ لاءِ پهچي ويندا هيا. هي مشهور واقعو آهي ته: مير مولابخش پاران درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه تي 24 رمضان جي مجلس ۾ ذاڪر قمبر حسين (شيخوپوره) جڏهن بند ڏنو ته، ’ڪاڪو ڪيرت راءِ‘ پنهنجي گھران روئيندو آيو، چيائين هَل بَلي! اهڙو سُريلو جهڙي ڪوئل! ديوان ڪيرت راءِ، عقيدت مند ماڻهو هيو، هو پِڙن تي ماتمدارن لاءِ نياز ۽ سبيل جو بندوبست ڪندو هيو. سندس خدمتگار ملازم يوسف فقير (جوسن مڱڻهار) جو وڏو فرزند فقير موريل مڱڻهار هيو.
ڏهين محرم الحرام جي رات تي ميرن جي پِڙَ تان نڪرندڙ وڏو تعزيو، سينگاريندڙن جي سٿ ۾ سُني مسلڪ سان وابسطه محمد يوسف چنه، بشير احمد چنه جو والد ۽ ٻيا شامل هوندا هيا.
سنڌ ۾ ڏهين محرم الحرام سنه 1963ع ۾ ٿيل ٺيڙهيءَ واري واقعي کانپوءِ، واقعي جي ٻئي سال سنه 1964ع ۾ محرم الحرام جي جلوسن تي سرڪار پاران امن امان جي حوالي کان پابندي مڙهي وئي، محرم الحرام جي سلسلي ۾ هر سال جيان ٽائون ڪاميٽي محرابپور ۾ ’امن ڪاميٽيءَ‘ جي ميٽنگ گھرائي وئي، جنهن ۾ هر مذهب، مسلڪ جا ذميوار ماڻهو شامل هوندا آهن. هن گڏجاڻي جي صدارت هونءَ ته ڊپٽي ڪمشنر ڪندو هيو پر، سنڌ جا حالات بهتر نه هئڻ ڪري ان گڏجاڻيءَ جي صدارت آرمي آفيسرن ڪئي، ميٽنگ ۾ جڏهن ماتمي جلوسن جي نڪرڻ جو ذڪر آيو ته، آرمي آفيسرن ٻڌايو ته: سنڌ ۾ امن جو مسئلو آهي ان ڪري هن سال جلوس نه ٿا نڪري سگھن، تنهن تي شوڪت خان لوڌي ۽ سيٺ محمد الدين مغل جن اٿي بيهي رهيا ۽ چيائون ته: ”سائين ماتمي جلوس نڪرندا، ڇو نه نڪرن! تنهن تي آرمي آفيسر سوال ڪيو ته: ذميواري ڪنهنجي آهي. هنن چيو سائين اسانجي، چيائين توهان ڪير (ڪهڙي مسلڪ جا) آهيو، هڪ چيو سُني ۽ ٻئي چيو وهابي. آرمي آفيسر چيو، توهانکي ڪهڙو لاچار آهي. هنن وراڻيو ته: سائين هي ماتمي جلوس صدين کان نڪرندڙ آهن جيڪڏهن اسانکي ڪو اعتراض ناهي، ته پوءِ ڇو نه نڪرڻ گھرجن. جلوس بند ڪري اوهان اسانجي شهر جو امن خراب ڪندو ڇا.؟! تنهن تي آرمي آفيسر جلوس دوران امن امان کي برقرار رکڻ جو ذمو هنن ٻنهي ڄڻ تي رکيو، هنن کان لکرائي ورتائون ۽ هنن شوق سان لکي ڏنو. ان سال 10 محرم الحرام سنه 1964ع جي رات ۽ ڏينهن واري جلوس ۾ شوڪت علي خان لوڌي ۽ سيٺ محمد الدين مغل جن جلوس سان گڏ گڏ هلندا رهيا. هنن خاندانن جا فرد اڄ تائين عزادارن سان هر مسئلي ۾ پنهنجن جيان تعاون ڪندا اچن ٿا. جيڪو امن پسند شهري هجڻ جو زنده مثال آهي. فاروق خان لوڌي (ناظم _ چيئرمين) هجي يا سيٺ منور بيگ مغل (ناظم) هجي؛ هي محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ پنهنجن بزرگن جيان ميٺِ، محبت، عقيدت ۽ احترام سان مجلس ۽ ماتمي جلوسن ۾ نياز ننگر ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن ۽ شهر ۾ انتظامن جو ذميواريءَ سان جائزو وٺندا آهن. هن شهر ۾ مذهبي امن و امان جي فضا کي قائم رکڻ ۾ شيعن سان گڏ ٻين مذهب ۽ مسلڪ سان سلهاڙيل مقامي ماڻهن جو وڏو هٿ رهيو آهن. جيڪو هر دور جي امن ۽ محبت جي تاريخ جو سُنهري باب ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثالي پيغام آهي.
حاجي بشير احمد ڪمبوهه امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه جي اراڪين ڪريم بخش ملاح، عبداللطيف ملاح ۽ محمد بخش نانگراج کي 10 محرم جي نياز ۾ چندو ڏيندو هيو ۽ امام بارگاهه ۾ اچي نياز کائي ۽ ثواب خاطر گھر وارن لاءِ کڻي ويندو هيو. گرمين جي ڏهاڙن ۾ سندس اولاد بازار ۾ پنهنجي دوڪان اڳيان جلوس گذرڻ وقت ماتمين کي ٿڌي، مٺي سبيل پياريندو آهي. 10 محرم جي رات سندن گھر اڳيان جلوس پهچڻ تي سندن پاران صفائي، سبيل ۽ روشنيءَ جو انتظام ڪيل هوندو آهي.
ڇهين محرم تي کُهنبي جو ماتمي جلوس جڏهن درگاهه پير شير شاهه تي ويندو آهي ته، زخمي ماتمدارن ۽ ٻاهر کان ايندڙ ماتمي تنظيمن جي ويهڻ ۽ چانهه جي سبيل جو بندوبست الهه رکيي جي (حبيب هوٽل) ۾ ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سندس حصو شامل هوندو آهي. سندس زندگيءَ تائين اهڙو سهڪاري سلسلو جاري رهيو. اهڙي ريت ’شبير وٽو‘ پاران سندس هوٽل اڳيان ماتمدارن لاءِ کير ۽ شربت ۽ چانهه جي سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي.
ڇهين محرم کان ڏهين محرم تائين شهر جي گھٽي گھٽيءَ ۾ هر مسلڪ جي ماڻهن پاران مومنن لاءِ نياز ۽ سبيل جو انتظام ڪيل هوندو آهي. 10 محرم جي رات ظفر بيگ مغل ۽ برادريءَ جي ٻين نوجوانن فيصل مغل ۽ رياض مغل پاران ماتمين لاءِ نياز، موسم جي مناسبت سان سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي گھرن مان عام ماڻهو نياز کنيو جلوس جي انتظار ۾ بيٺا هوندا آهن. 10 محرم جي رات ۽ ڏينهن جو شهر جي بازار کان علاوه چوڪن ۽ چوراهن، گھرن ۽ گھٽين اڳيان گھڻي ۾ گھڻو نياز شهر واسي ڪندا آهن. مومنين پاران وڏو نياز امام بارگاهن ۽ پنهنجن پڙن ۾ ڪيو ويندو آهي. مومنن جي محلن، امام بارگاهن ۽ جلوس جي روٽ سان جيڪي هوٽلون کليل هونديون آهن اهي ٻين مسلڪ جي ماڻهن جون هونديون آهن، انهن تي سڄو ڏهاڙو چانهه جي سبيل هلندي آهي. ڏهين محرم جو رات وارو جلوس جڏهن ملاحن جي پڙ تي پهچندو آهي ته رمضان ملڪ، اشفاق ملڪ پنهنجي هوٽل تي چانهن جي سبيل هلائيندا آهن.
حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ 22 رمضان تي انجمن نوجوانانِ شيعه، انجمن سپاهه عباس ۽ فروغِ عزاداري پاران نڪتل ماتمي جلوس جڏهن ”علي علي پي سي او“ کان هيٺ لَهي امام بارگاهه انجمن سپاهه عباس ڏانهن وڃڻ وقت، بازار مان گذرندو آهي ته، اتي لال دين گُھمڻ، اسلم ڪمبوهه (روڊي)، پاران ٿڌي سبيل جو انتظام ٿيل هوندو آهي. هن کان پهرين اتي جلوس پهچڻ مهل لالا محمد شريف ڪمبوهه، لالا اڪبر ڪمبوهه جن ماتمدارن کي سبيل پياريندا هيا. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. لالا محمد شريف ڪمبوهه جو فرزند ڊاڪٽر لالا ظفر ڪمبوهه، 6 ۽ 10 محرم تي ميڊيڪل ڪئمپ تي زخمي ماتمدارن جي ملم پٽي پڻ ڪندو آهي. صحافي مُبشر گُھمڻ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ اردو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي محرابپور جي عزاداريءَ جي ڀرپور نموني رپورٽنگ ڪندو آهي.
هتي ڇهين ۽ ڏهين محرم تي ٿيندڙ خون جي ماتمين ۾ کوڙ سارا هندو (غير مسلم) ۽ ٻين مسلڪ جا نوجوان عقيدت سان چاقو ۽ زنجير جو ماتم ڪندا آهن. هي پهرين محرم کان وٺي ڏيهن محرم تائين ڪارا ڪپڙا ڪندا آهن ۽ امام بارگاهن ۾ مجلسن ۾ شرڪت ڪري نياز ننگر کائيندا ۽ ثواب خاطر گھر لاءِ به کڻي ويندا آهن. هنن جون مستورات امام بارگاهن تي اچي ضريح مبارڪ، جھولي ۽ علم عباس (عه) تي پنهنجون باسون باسينديون ۽ باسون آڻينديون آهن. وڏي حُبَ سان نياز امام حسين عليه السلام ۾ پنهنجو حصو شامل ڪنديون آهن.
ڏهين محرم جو جلوس وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ جي پِڙَ تي پهچڻ مهل ڪامريڊ محمد هاشم گھانگھرو نياز ورهائيندو هيو. ڪامريڊ محمد هاشم گھانگھرو ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد نظير عباسيءَ جو سَهُرو هيو. جنهن بابت ڪميونسٽ اڳوڻ ادي حميده گھانگھرو پنهنجي آتم ڪٿا ’پيڙا جو سفر‘ ۾ لکي ٿي ته: ”ڪامريڊ لفظ سندس سڃاڻپ هئي، پر پاڻ کي هميشه قرآني ڪميونسٽ سڏائيندو هئو. مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولوي محمد صادق جو شاگرد هئو.“[244] صحافي گهنشام داس اڌلاڻي، 10 محرم جي رات وارو جلوس ان ئي پڙ تي پهچڻ مهل شبين ۽ تعزين ۾ سُڪو نياز ريوڙيون، ڀُڳڙا، پتاشا، کارڪون، مصري، نباتون، باداميون ۽ مِٺا سِڱرَ، ٻُڪَ ڀري وجھندو هيو. ان کانپوءِ ساڳيو نياز سڄي جلوس ۾ ورهائيندو هيو. جيڪو سلسلو اڄ تائين سندس اولاد صحافي ارجن داس، صحافي سريچند، راج ڪمار ۽ سنيل ڪمار جن جاري رکيو اچن ٿا. صحافي گھنشام داس وڏيري جي پڙ کانپوءِ پنهنجي اولاد سميت جلوس سان هلندو هيو. اڄ سندس اولاد ارجن داس ماتمي جلوسن ۾ سبيل پياريندو آهي. گھنشام داس محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ”روزاني عبرت حيدرآباد“ لاءِ محرابپور جي عزاداريءَ جي رپورٽ تفصيل سان سڀ کان اول شايع ڪرائيندو هيو.
ذوالحج جي ويهين تاريخ تي انجمن، ميرن ۽ سپاهه عباس جي علم پاڪ لهڻ کان وٺي بلند ٿيڻ ۽ امام بارگاهن ۾ عشرا محرم الحرام جي پهرين مجلس کان تيرهين محرم تائين ٿيندڙ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جو ذڪر تفصيل ۽ تصويرن سان اخبار ۾ ڏيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن ته محرم الحرام دوران بهتر صفائي وغيره نه هئڻ ڪري انتظاميه جو اڳواٽ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رپورٽون به لکندو هيو. اهڙي سلسلي کي سندس سُلڇڻو اولاد صحافي سريچند ۽ ارجن داس اڄ تائين خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو. گھنشام داس جي امڙ کان وٺي گھروارا ۽ نياڻيون مستورات جي مجلسن ۾ شرڪت ڪري نياز ننگر ۾ پنهنجو حصو ثواب سمجھي شامل ڪنديون آهن. محرابپور جو کاهوڙي صحافي سريچند اڌلاڻي پنهنجي والد جيان محرم الحرام دوران عزاداريءَ جي روح سان رپورٽنگ ڪندو آهي. شهر ۾ مجلسن جا پروگرام وڌي وڃڻ ڪري، هو ڪنهن مهل هِن امام بارگاهه ته ڪنهن مهل هُن پڙ تي پيو معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڊُڪَ ڊوڙَ ڪندو آهي. محرم جي ڏهاڙن ۾ مومنين جي سهولت خاطر اسپيشل ٽيوٽر سروس به شروع ڪندو آهي جتان شهر ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ مجلس ۽ ماتم جي مڪمل پروگرامن جا تفصيل ڏيندو آهي. پروگرام شروع ٿيڻ کان آخر تائين جي گھڙيءَ گھڙيءَ جي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪندو آهي. هي اهڙو سلسلو 20 ذوالحج علم پاڪ لهڻ کان وٺي 8 ربيع الاول آخري عزاداري تائين پنهنجي خرچ تي جاري رکندو آهي. هن سان سهڪاري سٿ ۾ ڪئميرا مين رضوان علي ميمڻ ۽ صدر پريس ڪلب عزيز احمد ميمڻ شامل آهن.
انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه مان نڪرندڙ وڏي تعزيي لاءِ گاڏو الهه رکيو مغل بنا ڪنهن معاوضي جي پنهنجي نوڪري سمجھي عقيدت ۽ احترام سان 9 محرم جي ڏينهن انجمن جي امام بارگاهه ۾ پاڻ پهچائي ويندو آهي. 10 محرم الحرام جو نياز کائڻ کانپوءِ ثواب خاطر گھروارن لاءِ به کڻي ويندو آهي. سندس پٽ ۽ پوٽا فيصل مغل باقاعدي عزاداري ۽ 10 محرم جي رات دوران جلوس ۾ چانهه جي سبيل ۽ صبح جو نياز ڪندو آهي. هي محرم جا 10 ئي ڏهاڙا ڪارا ڪپڙا ڪندا آهن. 9 ۽ 10 محرم جي رات رياض مغل پاران نياز ڪيو ويندو آهي. رياض مغل ته 1980ع کان وٺي مذهبِ اهلبيت سان سلهاڙيل آهي. هن ڪجھ وقت ذاڪري به ڪئي، سندس سنڌ، پنجاب جي ذاڪرن سان سٺا تعلقات آهن. علي نواز مغل جو انجمن نوجوانانِ شيعه ۽ ملاحن جي امام بارگاهه ۽ شهر جي ماتمي جلوسن جي انتظامن ۾ هڪ ڪردار رهيو آهي. هن هيءَ واٽ پنهنجي دوست اطهر ناهيدُ ملاح (مرحوم) جي صحبت ۾ اختيار ڪئي. جيڪو اڄ تائين پنهنجي ذميواريءَ سان نڀائيندو اچي ٿو. هنن نالن کان علاوه شهر جا ٻيا به ڪيترائي نوجوان ۽ پوڙها پڪا مرد توڙي عورتون ماتم، مجلسن ۾ شرڪت سان گڏ نياز نذر ۾ به ڪيترن ئي سالن کان وٺي پنهنجو حصو شامل ڪندا اچن ٿا.
ڏهين محرم الحرام جي صبح جو جلوس، شيخن جي پڙ تي پهچڻ وقت ’ريووي ۽ ڏاني ماڙيچي‘ جي گھر اڳيان گذرندو آهي ته، هنن جون عورتون شبين ۽ تعزين جي زيارت ڪرڻ کانپوءِ وڏي تعزيي جي هيٺان پنهنجي نومولود ٻار کي گزارينديون آهن ۽ نياز ورهائيندا آهن. سُکُرامُ هندستاني ۽ سندس اولاد بينو، بابو لال ۽ سلطان هندستاني جن پنهنجي گھر اڳيان شامِ غريبان وقت ۽ يارهين محرم تي نياز ڪندا آهن. محرم الحرام جا ڏهه ئي ڏهاڙا پنهنجي گھر اڳيان سبيل امام حسين عليه السلام لڳائيندا آهن. پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين ڪارو لباس ڪندا آهن. هنن جا نوجوان زنجير زني ڪندا آهن. ٽيڪچند جي پٽ راجه هندستانيءَ جو هڪ ننڍڙو تعزيو به ٺهرايل آهي جنهن کي خوبصورت نموني سينگاري جلوس ۾ ڪڍندا آهن. اهو تعزيو سڄو سال ميرن جي پڙ تي زيارت گاهه ۾ رکيل هوندو آهي. 2016ع ۾ هن هڪ نئون تعزيو ٺهرايو آهي.