تاريخ، فلسفو ۽ سياست

محرابپور جي عزاداري

هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
Title Cover of book محرابپور جي عزاداري

نوحن جون ڌُنون ترتيب ڏيندڙ موسيقار

سيد ثابت علي شاهه جي مرثين تي ٿيندڙ عزاداريءَ کانپوءِ، سنڌ ۽ پنجاب جي شاعرن جا لکيل نوحا اڪثر فلمي گانن جي ڌُنون واري وزن بحر، تي ٺهيل هوندا هيا. جيڪي 1970ع تائين ماتمي جلوسن ۾ پڙهيا ويا. 1980ع کانپوءِ پنجاب جي شاعرن سيد اختر حسين (چنيوٽي) صابر، ناصر، بابر، ضيغم، ثقلين ۽ سيد گلزار شاهه جن جا لکيل نوحا فيصل آبادي موسيقارن جي خيالي ڌُنون تي ٺهيل هيا. جيڪي ماتمي جلوسن ۾ پڙهيا ويا.
سنڌ مان پهريون ڀيرو، فيصل آباد واري انداز ۾، نوحي تي خيالي ڌُنون رکڻ جي ڪوشش؛ محرابپور جنڪشن مان فقير حسين بخش مڱڻهار 1983ع ۾ ڪئي. فقير حسين بخش مڱڻهار جي اهڙي محنت کي سنڌ، هند ۾ وڏو داد مليو. پوءِ آهستي آهستي فقير حسين بخش مڱڻهار (ڏاڏو) جون نوحن لاءِ ٺاهيل ڌُنون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجڻ لڳيون جيڪي نوحا خوانن جي معرفت پنجاب به پهتيون. هي ڌُنون مختلف نوحا خوانن ۽ ذاڪرن جي معرفت سنڌ، هند مان سفر ڪري اڄ جڏهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي چڪيون آهن؛ ته اڄ هن دنيا تي انهن جو تخليقڪار ناهي رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ خيالي ڌُنون بنا ڪنهن معاوضي جي ٺاهيون، جنهن سنڌ جي عزاداريءَ ۾ نئون رنگ پيدا ڪري فروغ ڏنو. جيڪي نوحا خوانن، ذاڪرن، موسيقارن ۽ فنڪارن پنهنجن نوحن ۽ قصيدن ۾ پڙهي جَجھو داد ۽ دولت حاصل ڪيو.
فقير ڏاڏي حسين بخش مڱڻهار کانپوءِ، ڪيترائي نوجوان موسيقار پيدا ٿيا جن عزاداريءَ جي هن سلسلي کي عام ڪيو. جن مان وڏن موسيقارن فقير وڏي جي زندگيءَ ۾ تمام سُٺيون ڌُنون ٺاهيون جنهن تي فقير وڏو پاڻ به کين داد ڏيندو هيو. جن ۾ بابو عبدالحميد ميمڻ (مامو حميد) هالاڻي. خانصاحب عبدالحميد راڄپر (انجنيئر) جن اچي وڃن ٿا. هنن کان پوءِ فقير گلاب علي مڱڻهار، سليم رضا مڱڻهار، فقير ڪرم حسين مڱڻهار، فقير ملازم حسين مڱڻهار ( ڏاڏي حسين بخش جو فرزند)، سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ ۽ سيد جاني شاهه (شرف) شامل آهن.
فقير حسين بخش مڱڻهار جي سڀني شاگردن مان فقير گلاب علي مڱڻهار، تمام گھڻيون ۽ مقبول ڌُنون ٺاهي فقير جي ڏنل فن کي زنده رکندو اچي ٿو. هي پنهنجي استاد فقير حسين بخش مڱڻهار جيان سڄو سال ان عظيم عبادت ۾ مصروف رهي ٿو. هي سال ۾ پنج هزار جي لڳ ڀڳ ڌُنون سنڌ، پنجاب جي نوحا خوانن لاءِ ٺاهي ٿو. سنڌ جي شاعرن کان علاوه پنجاب جا مشهور شاعر ۽ نوحا خوان جن ۾ حسين ’گوهر‘ شاهان، سيد عادل شاهه، محسن نقوي ’ثاني،‘ مظهر ليه، سيد رفيق شاهه، ذيشان حيدر ۽ قربان جعفري به پنهنجن نوحن تي هن کان ڌُنون رکرائيندا آهن. سندس خيال ۽ مزاج فقير وڏي جيان وسيع آهن.
فقير گلاب مڱڻهار هن مهل تائين هند، سنڌ جي هنن مشهور راڳن، راڳ ڀاڳيسري، راڳي سِري، اَڀوڳي، ڪوهياري، جوڳ، مال ڪوس، دٻاري، چمن ڪلياڻ، جَجِونتي، ڀيرو، ڀيروي، ڀيم، سينڌڙو، پهاڙي، پوريا، ٽوڙي، راڻو، ملهار، تلنگ، دُرگاهه، مان هزارين خيالي ڌُنون ٺاهي چڪو آهي. فقير کي هن فن تي ايترو ڪنٽرول آهي جو کيس ڌُنن ٺاهڻ ۾ صرف 10 کان 15 منٽ لڳندا آهن. سندس ٺاهيل ڌُنون پاڪستان جا نامور نوحا خوان استاد ڪمن حاجاڻو، مير فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ) سيد حيدرشاهه بخاري، سيد افضل شاهه، سيد سردار حسين شاهه، مظهر لغاري، غلام رسول خاڪي، سيد شيرل شاهه، صاحب خان لاشاري، حسين بخش لاشاري، صادق لنڊ، نثار لنڊ، استاد بهرام سولنگي کان علاوه ڪيسٽ جي دنيا ۾ مختيار حسين شيدي (مرحوم) ميووه ڪليري، (مرحوم) سيد رضا عباس شاهه، مشڪور حسين ’ڪوثر،‘ خاصخيلي، قربان جعفري (پنجاب) ذيشان حيدر (پنجاب) ۽ ان کان علاوه سنڌ ۽ پنجاب جا هزارن جي تعداد ۾ نوحا خوان آهن جيڪي سندس خيالي ڌُنون پڙهن ٿا.
فقير گلاب علي مڱڻهار سڄي سال ۾ پنج سئو کان ڇهه سئو تائين نوحن تي خيالي ڌُنون رکي ٿو. سندس تخليق ڪيل ڌُنن جو رڪارڊ محفوظ ناهي. هن ڪم ڪرڻ تي سندس چواڻي ته: ”اهڙي عمل سان منهنجي روح کي راحت ملي ٿي ۽ منهنجي علم ۽ عزاداريءَ واري عمل ۾ اضافو ٿئي ٿو، ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين عزاداري امام حسين عليه السلام جي مشن کي فروغ ڏيڻ وارو عمل بنا ڪنهن معاوضي ۽ ساهيءَ جي جاري رکبو. مالڪ ڪريم آهن هن ننڍڙي عمل جي صدقي ۾ پاڪ سانئڻ مونکي منهنجي سوچن کان وڌيڪ ڏنو آهي.“ فقير گلاب مڱڻهار مهمانواز، ۽ ڪشاديءَ دل وارو ماڻهو آهي. سندس ڪچهريءَ ۾ ويهڻ کانپوءِ اٿڻ تي دل ئي نه چوندي. نوحي تي ڌُن رکرائڻ لاءِ ڪهي آيل ڪنهن به عزادار کي ناراض ناهي ڪندو.
راڳ جي دنيا ۾ فقير حسين بخش جيتري ڄاڻ رکندڙ، غلام عابد ٽالپر (مولائي سائين) به ڏاڏي حسين بخش سان گڏ عزاداريءَ جي فروغ ۽ پنهنجي نجات لاءِ ڌُنون ٺاهيون جيڪي ڏاڍيون مقبول ويون. جيڪي استاد ڪمن حاجاڻو، فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ) ۽ سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ جن پڙهيون آهن.