سنڌ ۾ عزاداريءَ جي شروعات
سنڌ ۾ زور واري عزاداري ڪلهوڙن جي دور ۾ عام هئي، جنهن کي وقت جي وڏن بزرگن ۽ سرڪاري عالمن پاران بند ٻڌڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.’سنڌ جي مدنيت‘ جي ليکڪ: سيد منظور نقوي ۽ ٻين جن به دوستن جو اهو خيال آهي ته، سنڌ ۾ عزاداري ميرن جي دور ۾ شروع ٿي. انهن لاءِ انجينئر سيد عبدالحسين موسوي جو ڏنل هي حوالو ڪافي آهي. جنهن پنهنجي شاهڪار ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ سنڌ ۾ عزاداريءَ جي دور بابت لکيو آهي ته: ٽالپرن کان اڳ، ڪلهوڙن حاڪمن جي دور ۾ سموري سنڌ ۾ عزاداري عام هئي ۽ علي الاعلان ٿيندي هئي. ان بابت سيد عبدالحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم عبدالرئوف ڀٽي (ولادت 1094 هجري _ 1682ع) پراڻن هالن جو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وڏي پايي جو عارف ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿيڻ کان 32 ورهيه اڳ سنه 1166 هجري _ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هالا ۾ ويهي وڏي واڪي چوي ٿو ته:
مـن انـدر مـاتـام يـارو تـن يـتيمـن جـو،
ڪربلا جي پڙ ۾ ميان الا، اصل هو انجام،
ڪسڻ قريبن جو.“ [125]
سنڌ ۾ جديد عزاداريءَ جي عروج وارو پهريون دور، ميرن پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. جڏهن مير فتح علي ٽالپر، ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي سنه 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان ۾ لڳل جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ فتح ڪئي. ان دور ۾ سنڌ جي جديد عزاداريءَ زور وٺڻ شروع ڪيو. تعزين، پِڙن، جلوسن ۽ مجلسن ۾ اضافو آيو ۽ انهن ۾ ميرن پنهنجن عزيزن ۽ وزيرن سميت ڪارا ڪپڙا ڪري پيرين اگھاڙي پِڙن تي پهچي مجلس ۽ ماتم ۾ شرڪت ڪئي. سن 2014ع ۾ قدم گاهه تي ٿيل هڪ ملاقات ۾ ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر ٻڌايو ته: ”سنڌ ۾ پهريون تعزيو سنه 1786ع ۾ مير فتح علي پنهنجي سپهه سالار ميان فقير محمد خان جوڻيجي کي حڪم ڏئي تعمير ڪرايو. اهو تعزيو موجوده فقير جي پڙ ۾ رکيل هوندو هو. جيڪو سنه 1863ع ۾ تعمير ٿيل مرزا فتح علي بيگ جي قديمي امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا ۾ رکيل آهي. هن امام بارگاهه جي ٻيهر سنه 2016ع ۾ مرمت جو شرف کيس (ڊاڪٽر امام علي بيگ افسر) کي حاصل ٿيو.“ مير فتح علي ٽالپر جي زندگيءَ جي پڄاڻيءَ کان اڳ پوري ٿيندڙ آرزوءَ بابت سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير فتح علي خان 10 محرم 1217 هجري جو انتقال ڪيو. جنهن رات مير صاحب جو لاڏاڻو ٿيو، انهيءَ رات مير صوبدار خان ڄائو. مير فتح علي خان جي آرزو پوري ٿي. مرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ اِها نويد کيس ملي ۽ شهزادو گھرائي ڏٺائين _ بوسو ڏيئي، دعا گھري، پوءِ پاڻ دم ڏنائين.“[126]
سنڌ ۾ ماتمي جلوس پهرين ياحسين عه هائي حسين عه جي درد ڀرين صدائن سان شروع ٿيو جيڪو ڪجھ وقت کانپوءِ پِڙن تي شاهه لطيف رح جي وائي ۽ پوءِ سيد ثابت علي شاهه جي سرجيل مرثين بعد نوح خوانيءَ سان شروع ٿيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ جديد عزادريءَ جو دور شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي اوج ماڻيو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي. سنڌ ۾ اوج واري عزاداريءَ بابت محقق زوار عبدالستار درس ڪتاب ’سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رح ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري‘ ۾ پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”پهرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ پوءِ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ ان سلسلي کي ٻيهر منظم ڪيو ۽ سنڌ ۾ امام مظلوم جي عزاداريءَ واري سلسلي کي ٻيهر عروج تي پهچايو.“[127]