وچولي جي عزاداري
سنڌ جي وچ واري ڀاڱي کي عام طور تي وچولو سڏيو ويندو آهي. شين سئنگ هن علائقي جو گھيرو پنجويهه سو لي يا چار سئو سترهن ميل ٻڌايو آهي. هن علائقي جي ٿوري پکيڙ مان پتو پوي ٿو ته هي علائقو ننڍو هوندو. جنهن ۾ سيوهڻ، حيدرآباد واري علائقي جو اتريون پاسو ۽ عمر ڪوٽ جو ڪجھ علائقو شامل هوندو.
موجوده دور ۾ هن علائقي جا مشهور شهر سيوهڻ، هالا، حيدرآباد ۽ عمر ڪوٽ آهن. وچين زماني جي هندو دور جا مشهور شهر سدوساڻ Sadusan، براهماڻا Brahmana، يا بهمنوا Bahmanva ۽ نيرون ڪوٽ هوندا هئا. نيرون ڪوٽ جو پراڻو شهر گھڻو ڪري ته حيدرآباد جي ماڳن وٽ هوندو. باقي پٽالا سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ موجود هوندو. بهمنوا ڀرسان عرب دور جو مشهور ماڳ منصوره هوندو هو. عرب خليفن طرفان مقرر ڪيل گورنر هتي رهندا هئا. اهو شهر هن علائقي جو اصلي راڄڌاني هو. جيڪو پوءِ وڃي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. سڪندر جي زماني ۾ ڊايو ڊورس جي حوالي سان اسان کي رڳو ٻن شهرن سنڊومانا Sindomana ۽ برهمڻن جي شهر هرمتليا Harmatelya جا نالا ملن ٿا.“[155] سنڌ جي وچولي کي علم ادب جي حوالي کان ساهتي سڏيو ويندو آهي.
خيرپور رياست جي ميرن، اتر سنڌ ۾عزاداري کي عام ڪيو ۽ فروغ ڏياريو. جتان سنڌ جي ساهتي علائقي محرابپور اثر ورتو. محرابپور ۾ معرفتِ اهلبيت جا باقاعدي بنياد هڪ صدي کان اڳ جا پيل آهن. محرابپور جي عزاداري، سنڌ جي جديد ۽ اوج واري عزاداريءَ جي ٻئي دور کان شروع ٿئي ٿي. جنهن جو جدت وارو سفر پنهنجي رفتار سان جاري آهي.
محرابپور ۾ عزاداري اهلبيت جا بنياد باغ علي ٽالپر رکيا. جنهن جو سنه سندس پاران تعمير ڪرايل تعزيي تي لکيل هيو. جنهنجي صحيح سنڀال نه هئڻ سبب اتان مِٽجي ويو آهي. بهرحال تاريخي دستاويز کي ڏسڻ کانپوءِ اهو پتو پوي ٿو ته هتي عزاداري انگريز دور کان شروع ٿي. جنهن جي سن جو اندازو زوار پيراڻي جي پِڙَ تي نصب ٿيل پهرين علم پاڪ لاءِ، ”ڪليڪٽر صاحب بهادر نوشهرو جي ڏنل فيصلي جي تاريخ 31 آڪٽوبر، سنه 1910ع مان لڳائي سگھجي ٿو.“ [156]محرابپور کان آس پاس جي جن شهرن جديد عزاداريءَ جو اثر ورتو. انهن ۾ سوڀوديرو، سيٺارجا، نهال خان سولنگي، رسول آباد، نواب شاهه، قاضي احمد، مورو، نوشهرو فيروز درٻيلو، ڪنڊيارو، هالاڻي، بهلاڻي، ۽ ٻيا شهر شامل آهن.
نوشهري فيروز جي عزاداري
سنڌ جي اڳوڻي ساهتي پرڳڻي نوشهرو فيروز جو بنياد هڪ بزرگ رکيو. جنهن بابت تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”ميان الياس جو پٽ ميان نصير محمد سنه 1068 ۾ وڏن جي گاديءَ تي ويٺو، ۽ ]پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ[ هٽڙي فوجي فقيرن ۽ ڪاڇو عنايت شاه فقير کي ڏنائين. ساهتي پرڳڻو پڻ سندس تصرف هيٺ آيو، ته فيروز ويرر ]هڪ فقير[ انهيءَ سرزمين ۾ نوشهره نالي هڪ شهر ٻڌايو.“[157]
هن شهر ۾ محبتِ اهلبيت جي پيغام ۽ عزاداري امام مظلوم جو بنياد بابت روايت ملي ٿي ته هتي ”سنه 1700ع ڌاري هڪ بزرگ سائين عبدالحيى عرف نَوَلُ گھوٽ اچي آباد ٿيو. جنهن جو خانداني شجرو امام موسى ڪاظم عه سان ملي ٿو. سندس هڪ بزرگ شاهه نصير (اول) جده ۾ مدفن آهي. جنهن هتي حسينيت جو پيغام عام ڪيو. نول سائين جن حسيني صوفي خيال جا هيا، پاڻ مجلس ۾ ويٺل ماڻهن کي ذڪرِ حسين عه ۽ علم عباس عه نصب ڪرڻ جي تبليغ ڪندا هيا.“[158] سندن تبليغ جي اثر سبب علائقي ۾ ذڪرِ حسين عه عام ٿيو. جنهن کي ميمڻ برادريءَ جي بزرگ خانصاحب عبدالفتاح ميمڻ عزادارن سان گڏجي اوج ڏياريو.
شهر جي قديم امام بارگاهه: نجف سنڌ، هتي بزرگن ۽ درويشن جي ڪيل تبليغ جي وڌندڙ اثر سبب شهر جي ميمڻ برادريءَ مان عبدالفتاح ۽ عبدالرزاق ميمڻ جن تقريبن مُني صديءَ کان امام بارگاهه’نجف سنڌ‘ جي نالي سان قائم ڪري هتي عزاداريءَ جا پختا بنياد رکيا. جيڪا بارگاهه اڄ ڏينهن تائين حسينينت جي پرچار جو مرڪز بڻيل آهي. شروع کان وٺي هن بارگاهه جا مُتولي ميمڻ برادريءَ مان ئي رهيا آهن. موجوده وقت ۾ ان جو متولي، سنڀاليندڙ سيٺ اعجاز ميمڻ جو فرزند انصار الحسن ميمڻ آهي. هن شهر ۾ 14هن امام بارگاهون آباد آهن جتان هر وقت حسينيت جي پيغام جي پکيڙ ٿئي ٿي. هتي عشري محرم الحرام کان چهلم شهداءِ ڪربلا ۽ ٻين مخصوص ڏهاڙن تي به مجلس عزا ۽ عزاداري امام حسين عه برپا ڪئي ويندي آهي.
هتي قدم گاهه مولا علي عليه السلام موجود آهن جيڪي ’امام بارگاهه نجف سنڌ‘ سيٺ محلا نوشهروفيروز ۾ زيارت لاءِ رکيل آهن. مولاعلي عليه السلام جا هي قدم مبارڪ هتي خانصاحب عبدالفتاح ميمڻ (جيڪو ان وقت ۾ مختيارڪار هيو.) ان سنه 1930ع ۾ دادو ضلعي جي شهر جوهيءَ جي ٻاهران هڪ ڳوٺ مان سيد لال شاهه جي اوتاري تان آندا هيا. پٿرن تي مولا علي عه جن جا ٻه قدم، سجدي ڏيڻ جا ٻنهي گوڏن ۽ نرڙ مبارڪ جانشان نمايان آهن.[159] هن زيارت گاهه جو ٻُهاريدار سيٺ انصار الحسن ميمڻ آهي.
نوابشاهه جي عزاداري
نوابشاهه، سنڌ پرڳڻي جي ساهتي علائقي جو شهر هيو، جنهن بابت سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان اشتياق انصاري پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخن ۾ آهي ته قديم زماني کان سڪرنڊ نوابشاهه جي اترين پاسي کي ساهتي پرڳڻو ڪري ڪوٺيندا هئا. ساهتي پرڳڻي ۾ ڪنڊيارو، نوشهروفيروز ۽ مورو تعلقا اچي ويندا هئا.“[160] سنه 1989ع ۾ نوشهرو فيروز کي ضلعي هيڊڪوارٽر بنائي، نوابشاهه کي ساهتيءَ کان الڳ ڪيو ويو. هن شهر جي جنم بابت محقق خادم حسين چانڊيو پنهنجي ڪتاب ”نواب شاهه کان شهيد بينظر آباد تائين“ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سنڌ جي ”متعلوي سادات“ مان هڪ شخص نالي سيد نواب شاهه موجوده شهر نواب شاهه واري ماڳ تي اچي آباد ٿيو. جنهن جي نالي پويان هن ڳوٺ جو نالو ”نواب شاهه“ پيو. هن ڳوٺ سگھوئي شهر جي شڪل اختيار ڪري ورتي، انگريزن 1907ع ۾ هن شهر کي تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر ۽ 1912ع ۾ ضلعي جو هيڊڪوارٽر بنايو ۽ انهيءَ شهر جي نالي پويان ”نواب شاهه“ جو نالو ڏنو.
محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پاڪستان ۾ جڏهن سندس پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي ته 15 سيپٽمبر 2008ع تي سنڌ سرڪار کيس ڀيٽا ڏيندي، هڪ نوٽيفڪيشن نمبر 8/4/2008/Rev -1(1v)/975 تحت ضلعي ”نواب شاهه“ جو نالو تبديل ڪري ”شهيد محترمه بينظير ڀٽو“ رکيو ويو. ليڪن بعد ۾ جڏهن وس وارن کي نالي جي طوالت جو احساس ٿيو ته هنن هڪ ٻي نوٽيفڪيشن نمبر 8/4/2008/Rev _ 1 (1v) /1374 مورخه 4 ڊسمبر 2008ع تي جاري ڪري، اهو نالو ٿوري تبديليءَ سان ”شهيد بينظير آباد“ مقرر ڪيو.“[161]
سنڌ جي ٻين شهرن جيان شهر نوابشاهه ۾ به عزاداري قديم دور کان قائم آهي. هتي محبتِ اهلبيت ۽ عزاداري امام حسين عه جا بنياد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي رکيا، جيڪو پاڻ هڪ عالم هيو، ڪجھ وقت هي سلسلو هلڻ بعد ساڻس ساٿ ۾ سيد سجاد شاهه گڏيو جن شهر ۽ آس پاس ۾ عزاداري جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ نوابشاهه ۾ امام بارگاهه ۽ شيعه مدرسي جو بنياد رکيو. نوابشاهه جي عزاداريءَ بابت شهر جي قديم عزادار گھراڻي جي فرد صحافي فداحسين چانڊيو کان روايت ملي ٿي ته: ”نوابشاهه ۾ عزاداري امام حسين عه جو بنياد سنه 1900ع ۾ پيو. جنهن جو باني ميان غلام شاهه ڪلهوڙو هيو، جيڪو پاڻ وڏو عالم هيو.
ميان غلام شاهه هتي عزاداريءَ کي اوج وٺرائڻ لاءِ سنه 1910ع ۾ امام بارگاهه، انجمن مرتظوي، (موهني بازار)، جو بنياد رکيو.“[162] جتي شهادتن ۽ ولادتن جا سڀ پروگرام ملهائي عوام کي معصوم عليهمَ سلام جي زندگيءَ بابت ڄاڻ مهيا ڪندو هيو. امام بارگاهه قائم ڪرڻ بعد مومنن کي ديني تعليم سان آراسته ڪرڻ لاءِ شيعه مدرسي جو بنياد رکيو. سيد سجاد شاهه ڪجھ وقت کانپوءِ پنجاب لڏي ويو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جيستائين زندهه رهيو تيستائين مجلسون پڙهي ذڪرِ حسين عه جي وڇايل تڏن کي آباد رکندو رهيو. هن امام بارگاهه جي گيٽ تي سومر فقير چانڊيو سبيل امام حسين عه بياد شهزاده علي اصغر عه، لڳائيندو هيو. ان بعد اها ذميواري زوار مولابخش چانڊيو سنڀالي.
هتي پهريون ماتمي جلوس ڏهه محرم الحرام تي مختصر مومنن سان ڪڍيو ويو. جيڪو هاڻي هزارن جي تعداد ۾ مومنن جي شرڪت سان نڪرندو رهي ٿو. هتي ورهاڱي کان اڳ نڪتل پهرين ماتمي جلوس بابت، مرڪزي امام بارگاهه ڀرسان ويٺل مقامي رهواسي موسى رضا جندران پٺاڻ روايت ٿو ڪري ته: ”هتي پهريون ماتمي جلوس ڏهين محرم جي ڏينهن 18هن ماتمين سان نڪتو، جنهن ۾ مقامي عزادارن جو انگ صرف 5 هيو. باقي ٻاهريان عزادار شامل هيا.
هن وقت هن شهر ۾ ڪيتريون ئي ماتمي انجمنون قائم آهن جيڪي عزاداري امام حسينعه جي پيغام کي پکيڙڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.’انجمن لال شهباز قلندر‘ جو بنياد عبدالرزاق وڌو رکيو جيڪو پوءِ پنجاب هليو ويو. باهه تي ماتم جي شروعات به ان انجمن ڪئي. هتي مومنن ۽ مسلمانن کان علاوه هندو ڌرم جا موهن لال ۽ سندس برادري جا ماڻهو محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ نياز امام حسين عه ۽ ڪربلا جي ابهم شهيد شهزادا علي اصغر عه جي اُڃَ کي ياد ڪندي، ان تس واري احساس کي تازو رکڻ لاءِ ٿڌي سبيل جو بندو بست ڪندا هيا. ايام عزا دوران امام بارگاهن کان علاوه شهر جي پاڙن، محلن ۽ ڪالونين ۾ ٿيندڙ وڏن نيازن ۾ ستين محرم الحرام تي غريب آباد ڪالوني ۾ ’پهلوان شير ميربحر هائوس‘ تي به ڪافي سالن کان وڏو نياز ٿيندو آهي. جيڪو پهرين پاڻ ۽ هاڻ سندس اولاد شهاب الدين ملاح، شهباز علي ملاح، جواد حيدر ملاح ۽ مهدي رضا ملاح جن ڪندا آهن. جيڪو صبح کان شروع ٿي منجھند تائين جاري رهندو آهي. ڪجھ سالن کان اٺين محرم الحرام تي ضياءُ الحسن لنجار (صوبائي وزير) پاران ’لنجار هائوس‘ تي وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. نائين ۽ ڏهين محرم تي شهر جي گھر گھر، گھٽي گھٽي ۾ نيازن ۽ سبيلن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ان کان علاوه امام بارگاهه ۾ حاجي علي حسن زرداريءَ پاران مجلس عزا، نياز ننگر ۽ سبيل جو ڀرپور بندوبست ڪيو ويندو آهي.
هتي جي عزاداريءَ کي بهتر انداز ۾ برپا ڪرڻ لاءِ مقامي ماتمي تنظيمون امام بارگاهن ۾ پنهنجون مذهبي ۽ ديني سرگرميون سڄو سال جاري رکيو اچن. جن ۾ مرڪزي امام بارگاهه مرتظوي (موهني بازار)، امام بارگاهه فضل عباس عه، (غلام حيدرشاهه ڪالوني)، حسينيه سجاديه، (ڄام صاحب روڊ)، علوم مبعد عزاخانه، شاه خراسان (حبيب شوگرملز)، حيدري امام بارگاهه (مستورات) مريم روڊ، حب علي مقام، غريب آباد چانڊين جو پاڙو. وغيره شامل آهن. جتي ذڪر حسين عه ذريعي محسن انسانيت جي ڏنل پيغام کي عام ڪيو وڃي ٿو.
قاضي احمد جي عزاداري
قومي شاهراهه تي ڪَرُ کنيو بيٺل هي شهر، هڪ بزرگ ’حضرت قاضي احمد،‘ جي نالي سان منسوب آهي. حضرت قاضي احمد جا وڏڙا اصل ٽلٽيءَ لڳ ڳوٺ احمدين تعلقه سيوهڻ ۽ ضلع دادو ۾ ويٺل هيا، اتي ئي سندن سنه 1112هجري، 1700ع ۾ جنم ٿيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دورِ حڪومت ۾ پاڻ لاکاٽ پرڳڻي لاءِ قاضي مقرر ٿيا. سندن زندگيءَ بابت شايع ٿيل ڪتاب ’حضرت قاضي احمد‘ ۾ شهر قاضي احمد جو سينئر صحافي سيد نبن شاهه لڪياري پنهنجي مضمون ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”حضرت قاضي احمد، جو اصل نالو احمد دمائي ولد مخدوم محمد صديق رحه هيو. پاڻ اٽڪل 60 ورهين جي ڄمار ۾ 1752ع ڌاري اباڻي ڳوٺ مان هجرت ڪري موجوده شهر قاضي احمد کان اٽڪل 9 ميل اتر طرف ديهه ’دِمَ‘ ۾ اچي آباد ٿيا. سنه 1781ع ڌاري قاضي احمد شهر جي اڀرندي پاسي جتي اڳ وڏا ڪنڊين جا وڻ هوندا هئا، اتي اچي رهائش اختيار ڪيائون. اهو ننڍڙو ڳوٺ ”ميل ڪنڊي“ جي نالي سان مشهور هيو. ڪلهوڙي حاڪم کين قاضيءَ جو لقب ڏنو. ان بعد سندن نالو حاجي احمد بدران ’قاضي احمد‘ مشهور ٿي ويو.
انگريز دور ۾ قائم ڪيل ريلوي اسٽيشن به قاضي احمد جي نالي سان منسوب ڪئي وئي. حضرت قاضي احمد جن 1808ع ڌاري اٽڪل 118 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون.“[163] سندن روضو مبارڪ هن شهر جي پير محلا ۾ قائم آهي. سندن خاندان مان ئي هن درگاهه جا موجوده سجاده نشين حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن آهن.
هن شهر ۾ محبتِ اهلبيت جا بنياد رئيس فقير رسول بخش انڙ رکيا. جنهن کي 1988ع ۾ محرابپور جي ڪجھ عزادارن (جيڪي سرڪاري نوڪريءَ سبب هتي رهيل هيا تن) مقامي ماڻهن جي سهڪار سان پهرين ’حسيني مسجد ڪاميٽي‘ جوڙي پنج وقت شيعه نماز قائم ڪئي، ڪجھ سالن بعد ’انجمن حسيني‘ جو بنياد رکي ان جي پليٽ فارم تان جديد عزاداري کي زور وٺرايو. رئيس فقير رسول بخش انڙ پاران پنهنجي زندگيءَ ۾ قائم ڪيل امام بارگاهه شهر جو مرڪزي امام بارگاهه سڏجي ٿي. جتان شهر ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ عزاداري امام حسين عه جي پيغام جي پکيڙ جو سلسلو شروع ٿيو .
انجمن حسينيءَ ’مرڪزي امام بارگاهه فقير رسول انڙ‘ ۾ سنه 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو عشرو محرم الحرام منعقد ڪرائي عشري جو بنياد وڌو. ان ئي ڏهاڪي ۾ 13هين رجب: ولادت مولا علي عليه السلام جي موقعي تي هڪ وڏي جشن جو اهتمام ڪيو. جيڪو ڪافي سالن تائين جاري رهيو. ان بعد انهيءَ ئي سال 18 هين رمضان تي حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ فقير رسول بخش انڙ جي باغ واري ’امام بارگاهه‘ کان هڪ وڏو ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. جنهن ۾ محرابپور جي نوحا خوان سليم ملاح، مولائي ملاح ۽ ذوالفقار شيخ گڏيجيءَ واري نوحا خواني ڪئي. جلوس منجھند جو فقير رسول بخش انڙ جي باغ واري امام بارگاهه کان برآمد ٿي شهر جي شاهي بازار کان ٿيندو، شام جو مرڪزي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيو. ان بعد هن ئي تنظيم 1989ع ۾ هت پهريون ڀيرو چهلم شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ماتمي جلوس ڪڍيو جيڪو مرڪزي امام بارگاهه کان نڪري رئيس بيدل جي بنگلي تي ختم ٿيو. جنهن ۾ مقامي نوحا خوانن کان علاوه راڻيپور، گڏيجي ۽ محرابپور جي ماتمي انجمنن جي نوحا خوانن نوحا پڙهيا. هن تنظيم پاران سنه 1992ع ۾ مرڪزي امام بارگاهه جو علم پاڪ 20 فوٽن مان وڌائي 40 فوٽن جو وڏو ڪري بلند ڪيو ويو. جنهن جي ڪاٺي رئيس بيدل جي باغ مان آندي وئي هئي.
هن مرڪزي امام بارگاهه ۾ پهرين ڪچي مسجد هئي جنهن کي انجمن حسيني ڊهرائي 20 فوٽن جي ويڪري ڪري تعمير ڪرائي. سنه 2000ع ڌاري ان مسجد کي ڄام فيروز (بيدل) انڙ 50 فوٽن جي وڏي ڪري عاليشان نموني تعمير ڪرايو. جنهن جو موجوده وقت ۾ پيش امام مولانا سيد سجاد شاهه آهي. هن وقت هن شهر ۾ تقريبن چار مسجدون آباد آهن.
انجمن حسيني جي تنظيمي سرگرمين جو مرڪز شهر جي مرڪزي امام بارگاهه رهيو. هن تنظيم کي هر حوالي کان فقير رسول بخش انڙ جي اولاد جو وڏو ساٿ ۽ سهڪار حاصل رهيو آهي. هن تنظيم جي سرگرم بانيڪار ڪارڪنن ۾ روشن علي ملاح (محرابپور) انور حسين ملاح، سيد ميرل شاهه (جھانگارا) علي گل جوڻيجو (ڀٽ شاهه)، سيٺ غلام حسين ميمڻ، مولوي دوست محمد مري ۽ قاضي غلام سرور انڙ، محمد پنهل مهر (مرحوم)، محمد يونس لاهوتي،(مرحوم) ۽ (راقم) رهيا. ڪجھ وقت بعد سيد فضل علي شاهه، عبدالغفور عمراڻي، اختر حسين مڪراني، سيد مرتظي شاهه (سهڻو شاهه)، سيد علي حسن شاهه ۽ ٻيا مومن شامل رٿيا. هن تنظيم جي سرپرستي فقير رسول بخش انڙ جي اولاد ڪئي.
هن شهر ۾ انجمن حسينيءَ پاران عزاداريءَ کي بهتر انداز ۾ ترتيب ڏيڻ لاءِ تنظيم سازيءَ جي ٻاريل ڏيئي کي لاٽ بڻائڻ لاءِ ان ئي امام بارگاهه ۾ زوار غلام شبير مهر ۽ ٻين نوجوان عزادارن پاران سنه 2003ع ۾ انجمن شهنشاهه وفاءِ عباس عه جو بنياد رکيو. جيڪا هن مهل تائين بهتر انداز سان ڪم ڪري رهي آهي. ان بعد شهر جي سردار ڪالونيءَ ۾ سرفراز حسين ڀٽيءَ پاران سنه 2004ع ۾ انجمن پاسدار ابوطالب عه جي نالي سان بنياد رکيو ويو. جيڪا هن مهل تائين شهر جي عزاداريءَ کي رونق وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. شهر جي عزاداريءَ ۾ محرابپور جي عزادارن سليم ملاح، مولائي ملاح، روشن علي ملاح ۽ انور حسين ملاح جن جدت آندي. جنهن سلسلي کي هن مهل تائين مقامي نوحا خوان بهتر انداز سان نڀائيندا اچن ٿا. هن وقت شهر جا ڪيترائي مشهور نوحا خوان آهن. جن ۾ سرفراز ڀٽي، علي گل جوڻيجو، قربان علي ملاح ۽ ٻيا شامل آهن. جيڪي ماتمي جلوسن جي زينت بڻيل آهن. هن شهر جا عزادار سيد ريجھ علي شاهه جي ’حسيني قافلي‘ ۾ ڀٽ شاهه تي ميلي جا ٻئي ڏهاڙا عزاداري ڪرڻ ايندا آهن. جن ۾ علي ڏنو انڙ ۽ سندس ماتمي سنگت شامل آهي. هتي ماتمي انجمنن کان علاوه ’شيعه علماءَ ڪائونسل‘ به پنهنجون مذهبي سرگرميون جاري رکيو اچي پئي.
شهر ۾ رئيس فقير رسول بخش انڙ پاران عزاداري امام حسين عه جي روشن ڪيل شمع سان شهر جا امام بارگاهه ۽ گھرن ٿي سهڻي نموني سينگاريل علم حضرت عباس عه سان سڄو شهر ڏيئا ڏيئا لاٽ جيان روشن ٿي چڪو آهي. شهر ۾ محرابپور جنڪشن جي ملاحن پاران جديد عزاداريءَ جي ڏنل پيغام کان پوءِ، هاڻ هتي ڪيتريون ئي ماتمي انجمنون جنم وٺي چڪيون آهن جن طرفان ايام عزا کان علاوه ٻين مخصوص ڏهاڙن تي به کوڙ سارا عزاداريءَ جا پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا.
رئيس فقير رسول بخش انڙ (مرحوم)، کانپوءِ ان سلسلي کي سندس اولاد سردار ڄام تماچي انڙ، رئيس ڄام سليم انڙ ۽ رئيس ڄام فيروز (بيدل) انڙ جن هن مهل تائين قائم رکندا اچن ٿا. فقير رسول بخش انڙ جي اولاد مان ڄام فيروز انڙ، عزاداريءَ جي سلسلي ۾ سڀني ڀائرن کان وڌيڪ سرگرم رهيو آهي، جيڪو پنهنجي عزاداراڻي انداز مان والد صاحب جي ’فقيري‘ ورثي جو وارث محسوس ٿي رهيو آهي. پاڻ ايامِ عزا دوران سڄي شهر جي عزا خانن ۾ علم حضرت عباس عه سينگاري بلند ڪرائڻ، اتي نياز ننگر ۽ سبيل جي انتظامن کان وٺي ماتمي جلوسن جي اهتمامن تائين سڀني شعبن جي عقيدت ۽ احترام سان نگراني ڪندو آهي. فقير رسول بخش انڙ کانپوءِ هن شهر جي عزا خانن کي آباد رکڻ، مجلسون پڙهي ذڪرِ حسين عه سان زينت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ذاڪرِ اهلبيت زوار محمد اسماعيل زرداريءَ جو رهيو. جنهن کي تاريخ عزاداريءَ جي ورقن ۾ وساري نه ٿو سگھجي. ان بعد ان سلسلي کي مولوي دوست محمد مريءَ ڪافي عرصي تائين قائم رکيو.
درٻيلي جي عزاداري
سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي قائم ساهتيءَ جو تاريخي شهر درٻيلو (جنهن کي ’ڊَڀِرو‘ به چوندا آهن.)، جي جنم جي خبر ناهي ته، ڪڏهن ۽ ڪنهن اڏيو. پر اتهاس جي ورقن ۾ سندس حيثيت اڄ به عيان آهي. ڊَڀِري، درٻيلي جي قدامت بابت مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”هڪ مشهور ڳوٺ آهي ]مخدوم م عثمان[. مخدوم م عثمان اتي جو آهي. ]هن جي[ خدا وارن جي مرجع درگاهه گھڻي حضور ۾ مشهور آهي. هن کي رسول اطهر ]ﷺ[ جي جناب جو قاضي سڏيندا آهن ۽ حاجتن پوري ڪرڻ لاءِ عام خاص ماڻهو هن کان گھري دل جو مطلب گھرندا آهن.“[164] درٻيلي جي ڌرتي سنڌ جي سما حاڪمن جي صاحبيءَ کان آباد ۽ علم جا واهڙ وهائيندي ڏسجي ٿي. جنهن جي هڪ شاهدي مولانا دين محمد وفائيءَ جي ڪتاب ” تذڪره مشاهير سنڌ“ مان هڪ عالم بابت ملي ٿي، جنهن هڪ هنڌ هيئن لکيو آهي ته: ”قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم درٻيلي مدني، هڪ وڏو عالم ۽ متقي پرهيزگار بزرگ ٿي گذريو آهي. هن شروع ۾ سمورن علمن جي تحصيل مخدوم عبدالعزيز ابهري کان ڪئي ۽ سمن جي وقت ۾ پنهنجي ڳوٺ درٻيلي ۾ ئي رهندو آيو ٿي. ان کانپوءِ جڏهن سنڌ تي مرزا شاهه بيگ ارغون قنڌار مان ڪاهي اچي قبضو ڪيو، تڏهن درٻيلي مان لڏي پهريان باغبان (ٽلٽي) ۽ راوٽ (سرڪار سيوستان) ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ گجرات (احمد آباد) روانو ٿي ويو.“[165]
ارغون جي دورِ حڪومت ۾ سنڌ جي ورهاست وقت درٻيلي جي حد ۽ حصي بابت ’ادراڪي بيگلاري‘ پنهنجي ڪتاب: ’بيگلار نامو‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”نواب مرزا شاه حسن کان پوءِ سڀني ارغون سردارن يڪراءِ ٿي سنڌ جا ٻه حصا ڪيا. ڏکڻيون حصو پاٽ ۽ درٻيلي کان وٺي سنڌ جي ڏاکڻين ڇيڙي تائين نواب مرزا عيسى ترخان کي ڏنائون جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو، ٺٽو. پاٽ ۽ درٻيلي کان وٺي سنڌ جي اترئين ڇيڙي تائين مير سلطان محمود بن مير فاضل ڪوڪلتاش کي ڏنائون، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو بکر.“ [166]
درٻيلو ترخان حڪمران مرزا محمد عيسى بن مرزا عبدالعلي ترخان (سنه 1554 کان سنه 1556 تائين) جي دور حڪومت ۾، بکر جي حاڪم سلطان محمود خان جي حڪمرانيءَ جي هيٺ رهيو. مرزا محمد عيسى اهو سڄو علائقو کانئس پورچو گيزن جي گھرايل لشڪر جي مدد سان کسڻ ٿي چاهيو. درٻيلي جي ڌرتيءَ تي سلطان محمود خان ۽ مرزا عيسى جي وچ ۾ جنگ لڳي جنهن کي ”سيوهڻ ۽ درٻيلي جي جنگ چون ٿا.“ (سيوهڻ ان وقت مرزا محمد عيسى جي حڪمرانيءَ هيٺ هيو) جيڪا پوءِ صلح سان ختم ٿي. ان جنگ بابت مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جي ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ جي چوٿين ڀاڱي: ’ارغون ۽ ترخان‘ ۾ محمد صديق مسافر لکي ٿو ته: ”سلطان محمود خان پنهنجو ٻيو لشڪر بکر مان روانو ڪيو، سو به اچي درٻيلي ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي آخر شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ بيبي ماهه بيگم (بيبي ماهه بيگم مرزا حسن جي زال هئي، مرزا شاهه حسن جي وفات کانپوءِ مرزا عيسى ترخان ساڻس نڪاح ڪيو.) جي ڪوششن سان ٻنهي طرفن جي وچ ۾ صلح ٿيو. مرزا عيسى پنهنجو لشڪر وٺي ٺٽي ۾ موٽي آيو ۽ سلطان محمود خان جو لشڪر موٽي بکر ڏي ويو.“[167] سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، جنهن مرزا غازي بيگ تَرخان، جيڪو ترخان گھراڻي جو نڪ هيو؛ تنهن جي حڪم تي گوشي نشينيءَ ۾ گذاري هن جهان مان هليا ويندڙ ارغون ۽ تَرخان جو احوال رقم ڪرڻ لاءِ ’تاريخ طاهري‘ تصنيف ڪيو. تنهن جو اباڻو مسڪن به درٻيلو هيو. جنهن بابت پاڻ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ طاهري‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مون کي واپس پنهنجي اباڻي مسڪن ’درٻيلي‘ ۾ اچڻو پيو.“[168]
ساهتيءَ جي هن تاريخي شهر درٻيلي ۾ عزاداريءَ جي ابتدا سن 1345هجري، 1930ع کان ٿي، جنهن جو بنياد عبدالرزاق ميمڻ، زواريءَ جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌو. عبدالرزاق ميمڻ سنه 1930ع ۾ ڪربلامعلي ۽ قم شريف جي مقدس مقامات جي زيارت ڪرڻ بعد واپس ڳوٺ درٻيلو اچي ڳوٺ جي قبرستان جي هڪ خالي پلاٽ تي عَلم حضرت عباس عه نصب ڪري امام بارگاهه قائم ڪيو. جتي مجلس عزا ۽ ماتمداري شروع ڪئي. جنهن بعد هي سلسلو هيڻي حال آهر، وقت جي ڏُکين سُکين حالتن مان گذرندو 1980ع واري ڏهاڪي کان زور وٺي اڄ پنهنجي اوج کي رسي چڪو آهي. هن شهر ۾ پهرين وڏي مجلس 1941ع ۾ ٿي. هن شهر ۾ عزاداري امام مظلوم جو تڏو وڇائڻ ۾ پهرين ميمڻ برداريءَ ۽ پوءِ ٻين مومنن جون خدمتون شامل آهن.
درٻيلي جي عزاداريءَ بابت زوار شهاب الدين ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’درٻيلي ۾ عزاداريءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”چاچو عبدالرزاق (مرحوم) پهريان ڪنهن ٻي درگاهه جو معتقد ۽ مريد هو؛ پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري ان کي خير آباد چئي نوشهرو فيروز جي پير صاحب سائين نول گھوٽ قبلا جي مريدي اختيار ڪيائين ۽ تقريبا هر جمع جي ڏينهن سندس درگاهه تي اچي، سندس خدمت گذاري ڪندو هو ۽ درگاهه جون مَٽيون ڀريندو هو. اهڙي طرح سندس ڳپل وقت گذري ويو. پوءِ هڪ ڏينهن پير صاحب موصوف جي ڀاءُ (سندس اسم شريف هن وقت ذهن ۾ نه ٿو اچي)، چاچي سائينءَ کي چيو ته منهنجو ڀاءُ نول گھوٽ ڏيڻ واري معاملي ۾ ڪنجوس آهي؛ اهو توکي ڪجھ ڪو نه ڏيندو. مان توکي چوان ٿو ته تون ”ڪربلا“ وڃ چاچي سائينءَ پڇيس ته ”ڪربلا“ ڪٿي آهي ۽ اتي ڇا آهي؟ ان تي پير صاحب موصوف تمام مختصر طور کيس ڪربلا ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جا فضائل ۽ مصائب بيان ڪري ٻڌايا. جن جي ٻڌڻ سان چاچي مرحوم جي دل ۾ محبت جا مچ مچي ۽ اندر ۾ الفت جا آڙاهه اڀري پيا. پوءِ ڳوٺ (درٻيلي) آيو ۽ اچي پنهنجي پيءُ کي چيائين ته مون کي پئسا ڏي ته مان ڪربلا وڃان. ڏاڏي مرحوم به ساڳيو ئي سوال کانئس پڇيو ته ڪربلا ڪٿي آهي ۽ اتي ڇا آهي؟ چاچي سائين به ساڳيو ئي احوال کيس ٻڌايو (جيڪو پير صاحب قبلا کيس ٻڌايو هو)، پوءِ ڪجھ ڍور ڍڳو وڪڻڻ سان ۽ ڪجھ هٿ پير هڻي توکان مون کان اڌارا وٺڻ سان، موڙي گڏ ڪري، سفر جو سامان کڻي، چاچو سائين مرحوم وڃي ڪراچي پهتو. اتي شيعه اثنا عشريه خوجن سان پنهنجو احوال ڪيائين جن ضروري ڪاغذي ڪارروائي ڪرائي، ڪراچي بندر گاهه تان کيس جهاز ۾ چاڙهي بصري روانو ڪيو.
بصري پهچي اُٺَ ذريعي ڪربلا معلي آيو امام حسين عليه السلام ۽ ٻين شهيدن جي زياتن کان مشرف ٿيندو رهيو. اهڙي طرح پهرين زواري سندس 1930ع مطابق سن 1345هجري ۾ ٿي. امام حسين عه کين ارشاد فرمايو ته تون واپس وڃ وڃي عَلم نصب ڪر. امام حسين عه جي ارشاد مطابق چاچو سائين (درٻيلو جو پهريون زوار بڻجي)، ڳوٺ ۾ واپس پهتو. اتي پنهنجن دوستن ساٿين سان عَلم نصب ڪرڻ جو حڪم ملڻ سميت، پنهنجي زواريءَ جا سڀ احوال بيان ڪيائين. سندس دوستن جي حلقي ۾ سائين هادن شاهه به شامل هو. جنهن پنهنجي باغ مان عَلم لاءِ ڪاٺي ڪپي کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. ڳوٺ جي قبرستان جي خالي پيل زمين کي صاف ڪري اتي عَلم نصب ڪري، امام حسين عه جو درٻيلي شهر ۾، پهريون دفعو ماتم ڪري، عزاداري جي شروعات ڪيائون. درٻيلو شهر ۾ انهيءَ طرح شيعيت ۽ عزاداريءَ جو بنياد قائم ٿيو. درٻلي ۾ پهرين وڏي مجلس 1940/41ع ۾ عبدالرزاق زوار ڪرائي.“[169]