انٽرويو
ڀائي رحم علي ٻرڙو تلوار جو بهترين ماتمي هيو. سندس جنم، 2 جنوري 1966ع (ٽنڊو مير علي مردان) ۽ وفات 20 فيبروري 2014ع ڪراچي ۾ ٿي. هي پهرين محرابپور لڳ ٽنڊو مير علي مردان ۾ ويٺل هيا، جڏهن ٽنڊو ڦِٽو ته ان جي ڪجھ سالن بعد سنه 1970ع جي آخر ۾ محرابپور لڏي آيا. هي تلوار جو تمام جوشيلو ماتمي رهيو ۽ تلوار جو’پَلٿو‘ هڻي ماتم ڪندو هيو. پَلٿو: وار ڪرڻ کان پهرين تلوار کي هوا ۾ لَهرائي، ابتو سبتو ڦيرائي پوءِ سيني تي وار ڪرڻ کي هتي پَلٿو چوندا آهن. جامع سنڌي لغات موجب: ”پَلٿو: تلوار هٿ ۾ کڻي ان کي ڦيرائڻ.“[264]
رحم علي ٻرڙي ’پَلِٿي‘ جي اهڙي سکيا سيد علي گوهر شاهه زيدي کان ورتي. هن اهڙي ماتم جي شروعات چهلم تي انجمن نوجوانان جي امام بارگاهه مان 1980ع کان ڪئي. هن جا شاگرد غلام عباس خاصخيلي، غلام اڪبر خاصخيلي هيا جن کي هن تلوار جو ماتم ڪرڻ سيکاريو. پاڻ 5 دفعا ڪربلا ۽ شام جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. هي انٽرويو کانئس زندگيءَ جي آخري سال جنوري 2014ع ۾ ورتو ويو.
زوار ڀائي رحم علي ٻرڙو ڏسي ٿو ته: شمشير زني جي ماتم جي 20 سالن بعد مونکي ’شوگر‘ جي تڪليف ٿي. هڪ ڀيري شوگر 300 تي هئي ته، مان ٻيهر تلوار ۽ زنجير جو ماتم ڪيو؛ منهنجا زخم ٻين عزادارن کان پهرين ڇٽا، ختم ٿيا. تلوار جي ماتم بابت ڏسي ٿو ته: بس! اوچتو دل ۾ خيال آيو ته، هي ماتم ڪجي. اوزار به وڏو آهي، غمِ حسين (عه) جو درد به گَهِرو هيو. زوار رحم علي ٻرڙو پنهنجي زندگيءَ ۾ چاقو، زنجير ۽ تلوار جو ماتم ڪيو. سندس چواڻي ته: اگر هن دنيا ۾ نه رهيا سين ته هُن دنيا ۾ به عزادارن سان ’تلوار‘ جي ماتمي حلقي ۾ گڏ هجبو. ڀائي رحم علي، سيني تي تلوار جا وارَ ڪرڻ جي سکيا سيد علي گوهر شاهه زيدي، کان ورتي پوءِ اهڙي سکيا پاڻ ٻين عزادارن تقي محمد خاصخيلي، غلام عباس خاصخيلي ۽ ٻين عزادارن کي ڏنائين.
ڀائي رحم علي ٻرڙي کان هي انٽرويو: 13 جنوري 2014ع _ 14هن ربيع الاول تي رات جو 8 وڳي مهرعلي ٻرڙو جي گھر ڪراچي ۾ ورتو ويو. هنن ڏهاڙن ۾ ڀائي رحم علي شوگر جي مرض ۾ تمام گھڻو مبتلا ٿي چڪو هيو، جنهن ڪري هو ڏڪي ڏڪي منهنجن سوالن جا جواب ڏئي رهيو هيو. بيماريءَ سبب گھڻو وقت به ويهي نه ٿي سگھيو، ويهڻ کان معذرت ڪيائين. آخري لفظ چئي موڪلايائين ته: ”اگر مولا زندگي ۽ صحت ڏني ته وري به تلوار جو ماتم ڪبو. ۽ ان ماتم کي عام ڪبو.“ رحم علي ۽ سيد علمدار رضا زيدي.(سيد ڏاڏا شاهه) جن جي عزاداري ڏسي، شهر جي نوجوان ماتمي حلقي ۾ تلوار جي ماتم جو شوق پيدا ٿيو. تلوار جي ماتمين ۾ اضافو آيو.
حسين بخش (ڌمالي) خاصخيلي
نالو: حسين بخش ولد زوار امير بخش ذات خاصخيلي. جنم ڳوٺ (ٽنڊو مير مهراب خان) هاڻ رهائش محرابپور وارڊ 15 دادا ڀائي ڪاٽن فيڪٽريءَ جي پويان اٿس. خون جي ماتم جي شروعات ننڍپڻ کان بليڊ جي ماتم سان ڪيائين. پوءِ گرز، تلوار، بليڊ، زنجير، چاقو، ڇَلي جو ماتم ڪيائين. گھڻو ماتم تلوار جو ڪيو اٿس. تلوار ۾ استاد سندس ڀاءُ غلام رضا خاصخيلي ۽ ان جو استاد وري مرحوم سيد علي گوهر شاهه زيدي هيو.
ڌماليءَ جي شاگردن ۾سيد منظور حسين شاهه (لانگڙجي)، سيد ٻُڍل شاهه (لانگڙجي)، محمد جمن بلوچ (پير شير شاهه محلا،محرابپور)، سدا حسين خاصخيلي ۽ سُڌير حسين خاصخيلي (ڀائٽيو) ۽ ٻيا ڀوڳڙي شاخ وارا خاصخيلي اٿس. هن 9 سالن جي عمر ۾ تلوار جو ماتم شروع ڪيو. سندس چواڻي ته: تلوار جو ماتم مون تي، سيده فروه خاتون (س) جي عنايت آهي.
ڌماليءَ! چواڻي ته: تلوار جو ماتم مون تي شهزاده قاسم (عه) جي امڙ سانئڻ فروه خاتون (س) جي عنايت آهي. ٿيو ائين ته: آئون 10 سالن کن جو هيس جو منهنجي کاٻي هٿ جي ٻيو نمبر آخري آڱرِ ۾ بَلا، نانگ جا ڪنڊا لڳي ويا، جنهن سبب هٿ مڪمل طرح سان سُڄي ويو؛ انهن ڏهاڙن ۾ آئون هتي ملاحن جي مشهور هوٽل، ”شاهين هوٽل“ تي مزدوري (بهرا گيري) ڪندو هيس. ڇهين محرم الحرام جي رات ٿي وئي، آئون ان ارمان ۾ سمهي پيس ته سڀاڻي ٽنڊي ۾ ’کُهنبي‘ جو ماتم آهي سڀ عزادار خون جو ماتم ڪندا ۽ آئون ان سعادت کان محروم رهجي ويس. ڏاڍو ڏک هيوم، اهي ڳالهيون سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي وئي. مون خواب ۾ ڏٺو ته هڪ ڪاري برقعي واري بي بي آهي. جيڪا منهنجي ساڄي پاسي کان بيهي مونکي چوي ٿي ته:’تون منهنجي ٻچڙي جو ماتم نه ٿو ڪرين، چيم آئون مجبور آهيان، هٿ ڏيکاري چيم، چيائين هٿ کي ڪهڙي طاقت آهي جو توکي ماتم کان روڪي، هيٺ اشارو ڪري چيائين هي کڻ، مان هيٺ جو نظر ڪيان ته، تلوار زمين تي پئي هئي، مون جيئن ئي تلوار ۾ زور ۽ جوش سان هٿ وڌو ته منهنجو هٿ وڃي کٽ جي ٻانهيءَ کي زور سان لڳو ته منهنجي اک کلي وئي،‘ کڻي جو ڏسان ته منهنجي سڳل هٿ مان گند وهڻ شروع ٿي ويو آهي. پوءِ آئون خوش ٿيس. صبح جو ٽنڊي وڃي عزادارن سان انهيءَ ئي هٿ سان زور سان تلوار جو ماتم ڪيم.
هڪ ڀيرو انجمن نوجوانانِ شيعه، جي سرپرست ڪريم بخش ملاح ماستر دلاور ٻرڙو کي چيو ته: ڌماليءَ کي تلوار ناهي ڏيڻي، اهو انڪري جو گذريل سال مون تلوار جو تمام گھڻو ماتم ڪيو. ۽ زخم به گھڻا ۽ گهرا هيا. جنهن ڪري اسانجي مذهبي اڳواڻن مون لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته توهان هاڻ تلوار جو ماتم نه ڪيو. ماستر دلاور تلوار انجمن جي ڪمري ۾ ڪُلف ۾ بند ڪري ڇڏي. ماتم امام بارگاهه ۾ ختم ٿيو پر تلوارون اسانکي نه مليون. چاڪين جي پڙ تي ڀاءُ چيو ته انجمن وارا تلوارون ڪو نه ٿا ڏين اسان گھران ڪو ٻيو هٿيار به ڪو نه آندو آهي. ڏينهن به لهي ويندو اسان ماتم کان محروم ٿي وينداسين. مون ٿوري دير اڳ ڪريم بخش ملاح کي ڌمڪي ڏني ته، اگر تلوار نه ملي ته مان زندگي ڀر ماتم نه ڪندس. منهنجي ڀاءُ جا لفظ ختم نه ٿيا ته خون جي ماتم جو دهل شروع ٿي ويو. منهنجي نظر سامهون علم پاڪ جي دِڪيءَ تي پئجي وئي ڏٺم ته 2 تلوارون پيون آهن. اسان ٻنهين ڀائرن اهي تلوارون کڻي ماتم ڪري وري اتي ئي رکيون. اسان کي خبر نه پئي ته اهي تلوارون ڪنهن رکيون ۽ پوءِ ڪاڏي ويون. اسانکي زخمي ڏسي ڪريم بخش ملاح ماستر دلاور کي چيو ته: دلاور مان جو توکي منع ڪئي هئي ته ڌماليءَ کي تلوار ناهي ڏيڻي، پوءِ تو تلوارون ڇو آنديون. ان مهل ئي ماستر دلاور پنهنجي کيسي مان چاٻيون ڪڍي چيو ته: صاحب! هي چاٻيون کيسي ۾ ۽ تلوارون انجمن جي ڪمري ۾ ڪُلف ۾ بند پيون آهن. پوءِ هت تلوارون ڪنهن، ڪيڏانهن آنديون ڪائي خبر ناهي. بابا مولائي سائين! عزادارن کي سانئڻ جي عطا آهي اهي زماني ۾ ڪنهن جي حڪم جا محتاج ناهن. دنيا جو رنگ رهي نه رهي، عزادارن جو انگ وڌندو ويندو. هن کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هيءَ عشق ۽ ايمان جي منزل آهي. ماتمدارن کي منهنجي سانئڻ زينب سلام الله عليها جي دعا آهي. غمِ حُسين عه جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويندو. دنيا نه رهندي، پر عزاداري رهندي، عشقِ اهلبيت وڏي ڳالهه آهي اسان جنت الفردوس ۾ به مظلوم ڪربلا جو ماتم برپا ڪنداسين.
(هي انٽرويو: ڌماليءَ کان پنهجي امام بارگاهه ۾ هڪ وڳي منجھند، 20 مارچ 2014ع تي ورتم.)
سڄڻن جا ساريم سانگ!
اختر علي قاضي
انجمن نوجوانانِ شيعه، کي امام بارگاهه لاءِ پلاٽ ڏيندڙ محترم اختر علي قاضي کي اولاد ۾ ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. پاڻ هتي امام بارگاهه جي کاٻي پاسي کان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن آهي. قاضين جي قبرستان ۾ داخل ٿيندي ئي کاٻي پاسي کان پهرين قبر اختر علي قاضيءَ جي آهي. سندس قبر تي صبح، شام علم عباس (عه) جي ڇانوَ رهي ٿي.
قاضي اختر جي اولاد جي رهائش ڪاروبار سانگي شهر کان ٻاهر ڪراچيءَ ۾ آهي. سندس وڏو پٽ پرويز علي قاضي ڪراچي، ٻيو نمبر پٽ سليم علي قاضي ’ڪينيڊا‘ ۽ آخري پٽ جاويد علي قاضي ڪراچيءَ ۾ ئي رهائش پذير آهي. قاضي اختر هن شهر جي سماجي ۽ باوقار شخصيت هيو. سندس يادون وسارڻ جهڙيون ناهن. جيڪي اڄ به اسان کي ڀٽائيءَ جي بيت جهڙيون ڀاسجي رهيون آهن.
آيل! اوطاقُون، ڪري ڪيچي هليا،
سُڪيون نه سيڻن جي، ماڳَن تان ماڪُون،
نِسوريُون ناڪُون، سَڃي هليا سورَ جِيون.[265]
(شاهه)
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ!
ڊاڪٽر سيد عاشق علي شاهه تِرِمِذي
ڊاڪٽر سائين عاشق علي شاهه ’ترمذي،‘ بابت مليل ڄاڻ موجب: سائين جن جا وڏڙا اصل هندستان ج شهر ’جَلَندر‘ جا رهواسي هيا، جيڪي ورهاڱي کان اڳ جا پهرين پنجاب ’چيچاوطني‘ پوءِ سنڌ، محرابپور ۾ اچي آباد ٿيا. هي خاندان هتي ورهاڱي کان اڳ جو آباد آهي.
ڊاڪٽر سائين عاشق علي شاهه عزاداريءَ جو وڏو عاشق هيو. جنهن ڪري بنا ڪنهن ذات پات واري فرق جي سڄو سال عزادارن جي خدمت ڪندو رهيو. وڏو سخي مرد هيو. شهر جي عزاداريءَ ۾ سندس خاندان جو وڏو حصو شامل آهي. هن شهر جي عزاداريءَ کي اوج ڏيارڻ لاءِ ڇِڙِ وِڇِڙِ ٿيل عزادارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، تنظيم سازي ڪرڻ جو خواب هيس، جنهن کي ملاحن، عزادارن جي سهڪار سان ساڀيان ڏئي سندس خواب پورو ڪيو، جنهن تي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. شهر جي مرڪزي انجمن نوجوانانِ شيعه، جي مرڪزي خيال جو تخليقڪار به پاڻ ئي هيو. تنظيم جي صدارتي عهدي ماڻڻ کان زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين انجمن جو صدر رهيو.
سنڌ ۾ ٺيڙهيءَ واري واقعي کانپوءِ، هتي چهلم جو رات وارو ماتمي جلوس نڪتو. جلوس پنهنجي روٽ سان امام بارگاهن، پڙن ۽ شاهي بازار کان گشت ڪندو روڊ تي پهتو. جتي مومنن جي حفاظت خاطر جلوس سان هلندڙ فوجي دستي جي اڳواڻ انجمن جي قيادت کي چيو ته: اوهانجو جلوس خيريت سان ختم ٿيو. هاڻي صبح جو جلوس نه ڪڍجو. جنهن تي سيد عاشق علي شاهه چيس ته: فجر جي نماز ۾ چار رقعتون هونديون آهن. ٻه سنت ۽ ٻه فرض. اسان سنت نماز ادا ڪئي آهي. باقي فرض نماز صبح جو ادا ڪنداسين. توهان کي جيڪا ڪارروائي ڪرڻي هجي ڀلي ڪجو. اسان پنهنجي عبادت مڪمل ڪنداسين. اوهان پنهنجو فرض پورو ڪجو، اسان پنهنجو فرض پورو ڪنداسين.
شهر جي عزاداري ۽ شيعه جامع مسجد، (ميرن واري مسجد) آباد ڪرڻ ۾ سندس ڪيل اڻٿڪ ڪوششون شامل آهن. 2 آگسٽ 1965ع ۾ شيعه جامع مسجد جي (ٻيهر تعمير لاءِ جوڙيل) تعميراتي پنج رڪني ڪاميٽيءَ جو خزانچي ٿيو. انجمن نوجوانانِ جي مالي مدد ۾ آخري دم تائين سڀ کان اڳڀرو رهيو. اڄ تائين ادارو سندس مقروض آهي. سندس دل ۾ دين جو درد زنده رهيو. سندس پنجن پٽن مان سائين شاهد حسين شاهه، سڀني کان وڌيڪ عزاداريءَ کي اوج ڏيارڻ، مسجدن، امام بارگاهن ۽ زيارت گاهن جي تعميراتي ڪمن ۾ مالي حصو ڳنڍڻ ۾ سندس جيان سرگرم رهيو. سندس وڇوڙو اڄ به اسان کي ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان ڀاسجي رهيو آهي ته،
ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿئا،
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ.
(شاهه)
سخي سيد شاهد حسين شاهه تِرمذي
هن گھراڻي جون عزاداري امام حسين عه لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون پئي رهيون آهن. سائين شاهد حسين شاهه ترمذي، ڊاڪٽر عاشق علي شاهه تِرمذيءَ جي مذهبي ورثي جو وارث ۽ سندس ڪردار جو تسلسل هيو. جيڪو پنهنجي مذهبي ۽ سماجي ڪردار ۾ صدين تائين زنده رهندو. اهڙن انسان دوست ڪردارن جي وڇوڙي تي ڀٽ ڌڻيءَ به چيو آهي ته:
ساٿِي نه پَسان سي، جي هُئم هِنيين ٿُوڻِيُون،
هاڻي ڪَنِي جي، وَڃئو اڱڻِ اُڀيان.
(حسيني، شاهه)
سائين شاهد حسين شاهه هن شهر ۽ آس پاس ۾ عزادارن جو گمنام خدمتگار رهيو. هن پنهنجن ڪيل مذهبي خدمتن کي هميشه پوشيده رکيو. هن شخصيت ڪيترن ئي غريب عزادارن کي پنهنجي خرچ تي مقدس مقامات ايران، عراق ۽ شام جون زيارتون ڪرايون. ڪيترن ئي غريب مومنن جي اوکيءَ سوکيءَ ۾ مهل ڪئي ۽ ڪيترن ئي غريب عزادارن جي باورچي خاني کي پنهنجي خرچ تي هلائيندو رهيو. رات جي اونداهيءَ ۾ پنهنجي ڪُلهي، ته ڪڏهن موٽر سائيڪل تي اٽو ۽ اَنُ کڻي مومنن جي آئي ويل مدد ڪرڻ ۾ پنهنجي روح جي راحت محسوس ڪندو هيو. ڇا ته شخص هيو.
سائين شاهد شاهه جو شهر ۽ آس پاس جي امام بارگاهن، مسجدن، ماتم ۽ مجلسن ۾ هزارين روپين ۾ سندس حصو، ونڊ شامل هوندو هيو. سيد ۽ غيرسيد نياڻيءَ جي ڏاج ڏاوڻن تائين سندس هزارين روپين جي مالي مدد شامل رهي. ڪٿي ڪٿي ته سڄي ڏاجي جو بندو بست فقير عطا حسين سهتو ۽ پاڻ گڏجي ڪندا هيا. جوڳي فقيرن ۽ ٻين سوالين کي پکڙا اڏڻ ۾ به ڪافي حد تائين مالي مدد ڪندا هيا. زندگيءَ ۾ ڪنهن به مجبور ماڻهوءَ کي مدد جي حوالي کان انڪار نه ڪيائين، سامهون آيل سواليءَ کي به خالي هٿين نه ڇڏيندو هو. هر سواليءَ جي صدا جو جواب سندس لبن تي ’حاصر بابا‘ هوندو هيو. ڪيترائي ڀيرا ڪربلا، شام ۽ ايران جي مقدس مقامات جي زواريءَ جو شرف حاصل رهيس.
سندس پاران عزادارن سان ڪيل اهڙين ڀال ڀلاين عيوض سندس نالي اڳيان ”سخي“ لفظ لڳائڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي. سائينءَ جي ادا ڪيل اهڙي ڪردار جا سندس سٿ جا سڀ ماڻهو اڄ به گواهه بڻيل آهن. هن پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ثواب وارين سرگرمين کي عام ماڻهن کان اوجھل رکيو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته: کيس وڏائيءَ جو ڪو به شوق ڪو نه هيو. وٽس هر ثواب ۾ شامل ٿيڻ جو وڏو جذبو هيو. پاڻ پنهنجي دور جو بهترين ماتمي هئڻ سان گڏ بهترين زنجيرزن پڻ هيو. پنج وقت نمازي عزادار هيو. ادب ايترو هيس جو، هر ننڍي توڙي وڏي سان ملڻ مهل سندس لبن تي ’جيءُ منهنجا بابا ‘ واري ٻولي هئي. مولا کيس ڪروٽ ڪروٽ جنت نصيب ڪري. سندس وڇوڙي کانپوءِ سندس ڪردار ۽ ياد ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جيان محسوس ٿي رهي آهي ته:
وئا سي وِينجھارَ! هِيرو لَعلُ وِنڌِينِ جي،
تَنِين سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،
ڪُٽنِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻين.[266]
(شاهه)
ذاڪر زوار محمد يوسف چنه، ’ڪربلائي‘
زوار محمد يوسف چنه، پيشي جي حوالي سان پورهيت هيو. پر، عزاداري امام حسين عه جي حوالي کان وڏي مانُ مرتبي، بلند مقام جو مالڪ هيو ۽ ذڪر حسين عه جي پکيڙ ۾ سندس وڏو ڪردار هيو. هن جي عظمت اها آهي جو هي ڪيترائي ڀيرا قبرِ حسين عه جو زوار بڻيو. هن شخصيت جو شهر ۽ آس پاس ۾ عزاداري برپا ڪرڻ ۽ مذهب اهلبيت جي تبليغ واري دور ۾ وڏو حصو شامل آهي. پاڻ انجمن نوجوانان کي پنهنجي حصي جو چندو ۽ امام بارگاهه جي تعميراتي ڪم ۾ مزدوري سان گڏ مجلس به مفت ۾ پڙهندو هيو. هن پنهنجي ذاڪريءَ جي سڄي عرصي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کان پئسا، شرح نه ورتي. مومنن جا غسل ڪفن به مفت ۾ ڪندو هيو.
فرش عزا وڇائجڻ کان اڳ امام بارگاهه ۾ پهچي مجلس جي شروعات ڪندو هو. پاڻ پهريان پڙهڻ تي چوندو هيو ته: ”دمادم مست قلندر، علي دا پهلا نمبر“ پاڻ هر مجلسِ حسين عه جي شروعات ڪنهن شاعر جي هنن سٽن سان ڪندو هيو ته:
مجلس مير حسين عه جي ايءُ پڻ وڏي حاج،
قـضا ڪـج نـماز وقـت ورائـڻ ويـجھـڙو.
پاڻ شهر ۽ آ پاس ۾ جتي پهچي سگھيو اتي پنهنجي هڙان وڙان حسينيت جو پيغام ڏنائين. تعليم ڪو نه هيس پر، پوءِ به تاريخي واقعا، ڪربلا جي شهيدن جون درد ڀريون شهادتون دل جي ڦرهي تي لکيل هيس. هن انقلابِ ڪربلا جي اتهاس جا ورق علامه ذڪي صاحب جي صحبت ۾ دل جي روشنيءَ سان پڙهيا. خون جو وڏو ماتمي رهيو. گرز ۽ تلوار جو ماتم عمر جي آخري حصي ۾ به جوانيءَ جيان ڪندو رهيو. ڪيترائي ڀيرا ڪربلا ۽ شام جو زوار رهيو. پاڻ چوندو هيو ته: ’مان مولا عباس عه جي ڪٽيل بازوئن جو زوار آهيان جيڪي مڻ درياه، فرات جي ڪنڌيءَ تي دفن ٿيل آهن.‘ سندس مذهبي ڪردار هر دور جي عزادار ۽ خطيب لاءِ هڪ نمونو آهي.
اپني بقا ڪا راز يه ماتم هئي دوستو!
آواز باز گشت شهيدان ڪهين جسي .
ماستر دلاور حسين ٻرڙو
ماستر دلاور حسين ٻرڙو: اصل ’ٽنڊو علي مردان‘ جو ويٺل هيو. انهن ڏهاڙن ۾ ٽنڊي جو وسندو ويلو هيو. ٽنڊو ميرعلي مردان _ ڪوٽ ڏيجيءَ کان پوءِ ساهتيءَ ۾ عزاداريءَ جو وڏو مرڪز بڻيل هيو. انهن ڏهاڙن ۾ محرابپور ۾ عزاداريءَ جو سلسلو مختصر ۽ صرف رات جي پَهَر ۾ هيو. محرابپور جا سڀ ماڻهو عزاداريءَ لاءِ ٽنڊي ويندا هيا. ٽنڊو ڦِٽَڻَ کانپوءِ، ڪڻو ڪڻي کان ڌار ٿيو. ته ماستر دلاور حسين ٻرڙو به عزاداريءَ جي عشق ۾ سنه 1970ع واري ڏهاڪي ۾ محرابپور لڏي آيو. (ٽنڊي ۾ آخري ٻار عنايت ٻرڙو کي 19 آڪٽوبر، 1969ع ۾ جنم ڏنائين)، محرابپور ۾ سندس اچڻ کان اڳ ئي تنظيم سازي ٿي چڪي هئي ۽ عزاداري اوج وٺي چڪي هئي. ماستر دلاور جا محرابپور جي ملاحن ۽ مومنن سان مذهبي تعلقات هيا، هن سال 1969ع جي آخر ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ اطلاعات جي سيڪريٽريءَ جو عهدو ماڻيو.
ماستر دلاور ٻرڙي، ملاحن جي صحبت ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، جي پليٽ فارم تان عزادارڻيون سرگرميون شروع ڪيون. جيڪو سلسلو ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين جاري رکيائين. سندس وفات کانپوءِ سندس اولاد اهڙي ئي جذبي سان انجمن سان سلهاڙيل رهيو. سندس فرزند فيض علي ٻرڙو اڄ تائين انجمن جي امام بارگاهه ۾ سرگرميون سرانجام ڏيندو اچي ٿو.
ماستر دلاور حسين ٻرڙو، عزادار گھراڻي جو فرد هيو، سندس امڙ جون محرابپور ۾ مستورات جي عزاداريءَ ۾ وڏيون خدمتون شامل آهن. سندس اولاد ڇهين پشت تائين ڪربلا جو زوار بڻيل آهي. ماستر دلاور شهر جي مذهبي حلقي جو کاهوڙي ڪردار هيو. جيڪو ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان ڀاسندو هو. ته:
کر کڻا لاهي سک مَ، ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(شاهه)
مولانا عطا حسين بَلاغي: شهر جا ننڍڙا ذاڪر، مداح خوان
هن شهر جي ماتمداريءَ کان پوءِ ذاڪريءَ کي زندهه رکڻ لاءِ شروعات مير رضاحسين ٽالپر ڪئي. جنهن مولوي عطا حسين بَلاغيءَ کي ديني تعلم ڏيارڻ لاءِ، ’سلطان مدارس خيرپور ميرس‘ موڪليو. عطا حسين ’بلاغي‘ کوکر، اتان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد مدرسي ۾ داخل ٿيو. اتان فاضل عربي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايران _ قُمُ، پڙهڻ ويو. ايران پڙهڻ کان پهرين هن هتان امداد حسين شيدي ان بعد علي خان ’ساکاڻي‘ بلوچ کي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي موڪليو.
مولانا عطا حسين بلاغي، ايران مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، محرابپور پهچي ورچي نه ويٺو، شهر ۾ دين جي تبليغ خاطر شيعه جامع مسجد ۾ ديني تعليم سان گڏ نوجوانن ۾ ذاڪريءَ جو شوق پيدا ڪيو. انهن کي اسٽيج تي آڻڻ لاءِ اتساهه ڏنو. جن ۾ فيض علي ٻرڙو اڳيان آيو. فيض علي ٻرڙي ڪجھ وقت عشري جي ڏهاڙن ۾ مولانا عطا حسين بلاغيءَ سان سکر، شڪارپو ۽ لاڙڪاڻو گڏ رهيو. جتي عشري جي مقرر کان پهرين پنج منٽ پاڻ پيش خواني ڪندو هيو. سنه 1992ع ۾ فيض علي روزگار سانگي ڪراچي آباد ٿيو. اتي پنجاب جي ذاڪر شوڪت رضا شوڪت کان متاثر ٿيو. شوڪت رضا شوڪت جڏهن به ڪراچي ايندو هيو ته هن کي ساڻس ڪجھ گھڙيون گڏ گھارڻ جو موقعو ملندوهيو جنهن ۾ کانئس فنِ خطابت جي سکيا وٺندو هيو. پوءِ مخصوص ڏهاڙن ۾ محرابپور اچي ان ئي انداز سان پاڻ خطابت ڪري سامهون ويٺل مومنن کي بيدار ڪري ڇڏيندو هو. هن ڪيتري ئي عرصي تائين بنا ڪنهن معاوضي جي مجلسون پڙهي غم حسين عه جا وڇايل تڏا، ذڪري حسين عه سان سينگاريا. فيض علي پاڻ ته هن سلسلي کي گھڻو وقت هلائي نه سگھيو. پر نوجوانن ۾ ذاڪريءَ جو شعور پيدا ڪيو. جنهن بعد فضل حسين خاصخيلي (ڪوڏو)، سجاد حسين لنڊ (سجاد ساجدي)، اشفاق حسين شيدي (اشفاق قلندري)، جنسار حسين سهتو. شفا حسين بلاغيءَ کان چوڏهن سالن جو ننڍڙو ذاڪر محمد علي ٻرڙو تائين جن ذاڪريءَ جي دنيا ۾ جنم ورتو. جيڪي هن مهل تائين محرابپور کان علاوه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ مجلسون پڙهڻ لاءِ دعوتون ڏئي گھرايا ويندا آهن. جتي هي حسينيت جو پيغام پهچائيندا آهن.
(پورو ٿيو)