مولائي ملاح تاريخي جاکوڙ ڪئي آهي
عزاداري ايمان جو جزو، دنيا ۽ آخرت ۾ اهلبيت سان گڏ رهڻ جو اعلان، تن، من، ڌن ۽ هر آتما سرڪار رسالت مآب صه جي گهراڻي مٿان گهورڻ جو ڏانءُ آهي. عزاداري وقت جي هر ظلم ۽ ظالم خلاف مضبوط للڪار آهي. امام خميني رحه سچ چيو هو ته: اهي محرم ۽ صفر ئي آهن، جن جي برڪتن جي بدولت ايران ۾ اسلامي انقلاب ڪامياب ٿيو، ”لبيڪ يا حسين“ جو سڏ جيڪڏهن ايران ۾ بلند ٿئي ته اتي اڍائي هزار سالن جي پراڻي بدبودار شهنشاهت کي لتاڙي ڇڏي، يا حسين (عه) جي صدا جيڪڏهن بيروت جي بارود سان ڀريل گهٽين ۾ اٿي پوي ته اسرائيل کي لعنت جو طوق پارائي ڇڏي. ماتم جو آواز جيڪڏهن بحرين ۽ يمن ۾ گونجي ته آمريڪا جي ٽيڪ تي جيئندڙ پاڻ مرادو بادشاهتن جا ترا ڪڍي ڇڏي. امام اُمت بس سچ چيو هو ته ڪاش ماتم لاءِ سيني تائين پهچندڙ هٿ موٽ ۾ نام نهاد عالمي طاقتن جي منهن تي لڳن ته هوند انهن جو وجود ميسارجي وڃي! تنهن ڪري سمورين شيطاني قوتن جي ڪاهه هوندي آهي ته عزاداريءَ کي محدود ڪيو وڃي. خرافات جي صورت ۾ عزاداري جي عبادي روح کي بگاڙيو وڃي بدعتن جي باهه ۾ عزاداري کي اڇلائي ان کي فقط ريتن ۽ رسمن تائين سوڙهو ڪيو وڃي. هي ته اها پاڪ عبادت آهي جنهن جو قادر مطلق وٽ گهٽ ۾ گهٽ انعام جنت جو عظيم حصو سلسبيل آهي ۽ سلسبيل کي سمجهڻ لاءِ وري اوهان کي قرآن مجيد جي سوره دهر (انسان) جي تفسير طرف وڃڻو پوندو. يا ان ڳالهه کي پروڙڻو پوندو ته ماتمداري، عزاداري، نيازمندي، عاجزي ۽ در زهره (عه) تي سلامي جو سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو انعام ڇا آهي؟ ڪاش هر فرد بشر کي هي فلسفو سمجهه ۾ اچي وڃي ته 4 هزار تيرن جي وسڪاري ۾ ڪربلا ۾ آخري قرباني ڏيندڙ امام حسين (عه) جو سر اقدس جڏهن نيزي تي بلند ٿيو ته انهن جي پاڪ زبان مان تلاوت هيٺ ڪهڙيون ڪهڙيون آيتون ۽ سورتون گذريون هيون.؟
ميرپورماٿيلو کان محرابپور تائين ۽ مورو کان ماڙي پور تائين سڄي سنڌ جي سينڌ عزاخانن سان سجايل آهي. سنڌ جي چپي چپي تي سادات آباد آهن، هر گهر مٿان حضرت عباس علمدار جا علم سجيل آهن. هتي ننڍي وڏي جي زبان تي ناد علي ۽ يا علي مدد جو ورد جاري رهندو آهي. هتي مرشد لطيف، سرڪار قلندر، سهڻي سچل ۽ سامي جا سلوڪ وايون، ڪافيون، نادون، هزارين عالمن جا خطبا، ذاڪرن جو ذڪر، مرثيه خوانن جو سوز هلندڙ آهي. فنون لطيفه جي هر عاشق، ادب جي پارکن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح رح کان وٺي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ تائين هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو حصو ملايو آهي. آءٌ ڪراچي ۾ مزار قائد کان ٿورو اڳتي امام بارگاهه شاهه خراسان جي خدمتگارن جي سونهري لسٽ تي جڏهن نظر وجهندو آهيان ته اتي به محمد علي جناح جو ذڪر نيازمندن ۾ نظر ايندو آهي. ڪاڇو، ٿر، اتر، لاڙ، جابلو پٽي، سنڌو جا دريائي ڇوڙ، ڪوهستاني پرڳڻو توڙي ڪچو عزاداري جي ڏينهن ۾ پنهنجو پنهنجو ڏيک ڏيندو آهي. روهڙي ۽ ڪوٽڏيجي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ذڪر ڪهڙن لفظن ۾ ڪجي قدم گاهه مولا علي (عه) مڪلي، حيدرآباد ۽ نوشهروفيروز کي ڪهڙي انداز سان بيان ڪجي. لفظ ساٿ نه ٿا ڏين، عورتن جا ويڻ، نياڻين جا سوز، نوجوانن جا نوحا، ٽانڊن تي ٿيندڙ ماتم، منتي جلوس ۽ وري جڏهن سنڌ ۾ گهوٽ قاسم (عه) جي ميندي نڪرندي آهي ته اوهان ئي ٻڌايو روئندڙ اکيون ڪربلا وارن جون وارث نظر اينديون آهن. اي شيعو! جڏهن به پاڻي پيئو ته شهيدن جي پياس کي ياد ڪجو.... هي سنڌ جي عزاداري جو مخصوص معمولي عڪس آهي. ننڍپڻ کان وٺي جڏهن به منهنجي تحت الشعور ۾ اياز جون هي سٽون جڏهن گونجڻ لڳنديون آهن ته ”ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي. ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن،“ ته الائي ڇو منهنجي دل جون دريون وڃي محرابپور طرف کلنديون آهن، آئون پنهنجي وجود جي ماتر ڀومي کي وڃي اتي ڳولڻ شروع ڪندو آهيان. محسوس ٿيندو اٿم ته محرابپور جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي جڏهن به ڪا مجلس ٿئي ٿي ته اتي آئون فرش عزا تي ويٺو آهيان............ شايد ائين به هجي جو اسان جي مٽي سنڌوءَ جي هُن پار موئن جو دڙو جي اولهه ۾ شيرل بيوس جي شهر باڊهه سان سلهاڙيل آهي، ان شهر ۾سياسي، سماجي ۽ مذهبي لحاظ سان محرابپور جو اولڙو نظر ايندو آهي. لاڙڪاڻو ضلعو جيڪڏهن سياست جو بيرو ميٽر آهي ته نوشهروفيروز ۽ سمورو ساهتي پرڳڻو وري شعوري سفر جو امين آهي. ٻالڪپڻي ۾ آئون باڊهه جي ٽاڪري نونارين جي پاڙي ۾ رهندو هوس جيڪي گهڻو ڪري وهابي آهن ۽ اهي ڳالهه ڳالهه تي چوندا هئا ته يار محرابپور، جا سمورا نوناري شيعه آهن ........ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن استاد لعل بخش پيرزادو، قاضي امداد، استاد سڪندر علي لاکو، محمد مراد منگي مقتول ۽ ٻيا ضيائي آمريت خلاف ويڙهه دوران سياسي سبق پڙهائيندي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي يا هاري تحريڪ جو تفصيل بيان ڪندا هئا ته اهي به ماضي ۾ محرابپور ۾ ٿيل ميڙاڪن جو گهڻو ذڪر ڪندا هئا. محرابپور، ڪنڊيارو، ڪمال ديرو، ٺاروشاهه، ڊَڀري ۽ ان تر ۾ محرابپور جي وڻج واپار، ساڃاهه، علم دوستي ۽ مهمان نوازي جون خبرون گهڻو ڪري پتڻ پار ڪندي ٻيڙي بردار مُهاڻن کان ملنديون هيون، ان تر جا ميلا هجن يا ماتمي ميڙاڪا، سياسي هلچل هجي يا لهندڙ فصلن جون موسمي خبرون اهي سماچار اسان کي کن پل ۾ ملي ويندا هئا. جڏهن استاد محبوب علي جوکئي امير المومنين علي ابن ابي طالب عه جي چونڊ ڪلام جي چوپڙي ڇپرائي هئي تڏهن به شايد پهريان پهريان هٿوهٿ اها اسان جي استادن وٽ پهتي هئي. اهڙا هزارين حوالا آهن. جنهن مان معلوم ٿيندو ته محرابپور جي زرخيز زمين جو سنڌو جي وسيع سيني سبب باڊهه جي ڪلراٺي ڌرتي سان چولي ۽ دامن وارو ناتو آهي. مون کي اتان پنهنجائپ جو هڳاءُ ايندو هو. جڏهن اسان کي ننڍپڻ ۾ ’ديار دل داستان محبت، پلئه پايو سچ، جڏهن مان نه هوندس، ڳالهيون ڳنوارن جون ۽ نالي ماتر آزادي‘ جهڙا ڪتاب پڙهائي شعوري سطح بلند ڪئي ويندي هئي. تڏهن به اسان جي ذهن ۾ سوال اڀرندو هو ته ڀلا خيرپور سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هن شهر محرابپور جي عزاداري ڪيتري قديم آهي؟ آهي ڪو لکڻ ۽ ٻڌائڻ وارو! هي محض اتفاق هو يا ضيائي آمريت جي آمريڪي سازش جو حصو جو ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري سرپرستي، مارشل لاءَ ۽ مُلايت جي ڇٽي، نام نهاد مجلس شوريٰ ۽ پيشه ور دهشتگردن جي نگراني ۾ جڏهن فرقيوار فساد شروع ڪرايا ويا ته آڪٽوبر 1981ع ۾ عيدالاضحيٰ واري ڏينهن باڊهه ۾ شيعن جي عيد نماز واري ميڙ مٿان هٿياربندن حملو ڪري 4 عزادار نمازين کي شهيد ڪيو 26 ڄڻن کي رت ۾ ڳاڙهو ڪرائي اها ڪوشش ڪئي هئي ته اتان سنڌ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿئي. اصل ۾ ايران جي اسلامي انقلاب کانپوءِ باڊهه ۽ ڀر پاسي ۾ شيعت ايترو تيزي سان وڌي هئي جئين وڏي وسڪاري کان پوءِ کنڀيون ۽ انيڪ ساوا گل پاڻمرادو ڦٽي پوندا آهن. ضياءَ کي اها ڳالهه منظور نه هئي ۽ ان دور ۾ يا ان کان ٿورو اڳ باڊهه جا ڦلپوٽا ۽ کهاوڙ شيعا اسلام آباد ۾ ضياءَ الحق جي خلاف تحريڪ جعفريا جي سڏ تي مفتي جعفر حسين جي اڳواڻي ۾ لبيڪ چئي اسلام آباد ۾ صدارتي محل جي گهيراءُ ۾ شريڪ ٿيا هئا جتي جهنگ سيال جو محمد حسين شاد شهيد ٿيو هو ۽ اهي ئي چريا باڊاهي سائين امام علي شاهه ڪاظمي جي سڏ تي کُهڙا ايجيٽيشن ۾ وک وک تي فعال رهيا هئا. پر باڊهه ۾ ٿيل ان عظيم قرباني باوجود باڊهه واسي سمهجي ويا ته هي ڪا وڏي سازش آهي ۽ ان سموري ڪوس جو ذميوار صدر ضياءَ الحق آهي جنهن جڏهن ان دور ۾ هڪ مذهبي سياسي جماعت کي سياسي روپ ڏئي اهلسنت بريلوين جي مسجدن تي رات جي پيٽ ۾ قبضا پي ڪرايا ته بادهه ۾ ٽائون واري ملا شاهو واري مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون مسجدون پاڪستان جي ويڪائو ڳجهن ادارن جي ايجنٽن منظم طريقي سان ماڻهن کي لالچائي، دٻائي ۽ دڙڪا ڏئي انهن مسجدن کي سعودي ريال جا ٺپا لڳائي هتي بنو اميه جو اسلام پئي متعارف ڪرايو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هتي ڀتين تي لکيل هوندو هو ته جيڪو ضياءِ جو يار آ، غدار آ.........! ضياءَ جا حامي سڀ حرامي...........! ۽ پوءِ ليٿو تي ڇپجندڙ پمفليٽن ۾ ملعون خلاف لطيف رح جو هي شعر درج هوندو هو ته:
جهـيـڙو لاهه يــزيــد، عـلــي عه جــي اولادسـيـن،
سا نه پسندين عيد، جا هوندي مير حسين عه سين.
(شاهه)
تنهن ڪري ضيائي آمريت خلاف اٿندڙ هر دستي ۾ حسيني عزادار سڀ کان اڳ ۾ هوندا هيا. مون شهيد ڀٽي جي چاليهي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش مان بينظير ڀٽو جي موجودگي ۾ گرفتار ٿي فوجي سمري ڪورٽ ۾ آيل باڊهه جي ٻن عزادارن زوار نور احمد پٺاڻ، حاجي ابراهيم ساريو مرحوم، استاد ديدار علي شيخ مرحوم ۽ پنهل ساريو کان فوجي ڪورٽ ۾ پڇيو هو ته اوهان ڇو گرفتار ٿيا آهيو؟ هنن مرڪي چيو هو ته: ”اسان امام سجاد عه جي سنت ادا ڪري رهيا آهيون.“
باڊهه ۾بيگناهه شيعه نمازي ته شهيد ڪيا ويا پر ايندڙ محرم ۾ عزاداري گهٽجڻ بدران وڌيڪ 500 گهرن تي علم پاڪ لڳايا ويا ۽ اتان جا عزادار چوندا هئا ته: ”حسين عه حسين عه شعار ما، شهادت افتخار ما.“
قصوڪوتاه، انهن شهيدن جي تڏي تي باڊهه ترت پهچڻ وارو هو سنڌ جي عزادارن جو سپهه سالار، سنڌ شيعه آرگنائيزيشن جو باني، مجاهد ملت سيد امام علي شاهه ڪاظمي لڪياري ۽ سندس سرواڻ پٽ سيد سرڪار حسين شاهه جيڪي شمع جا پروانا رهيا ۽ شهيدن لاءِ ٿيندڙ مجلسن کي زيب ۽ زينت بخشڻ وارو هو قاري عطاءَ حسين بلاغي آف محرابپور، هي جوڀن ۽ جواني ۾ تلاوت جي شرف، فضائل ۽ مصائب جي ذڪر، اشارن ۽ ڪناين سان هر آمر کي للڪاريندو هو ۽ وري غم حسين عه ۾ هر اک کي اشڪبار به ڪري ڇڏيندو هو.
ملڪ ۾ مذهبي جنونيت خلاف جڏهن به جنهن به پليٽ فارم تان ڪنهن به احتجاج جو جتي به سڏ ٿئي اتي محرابپور جا باشعور ماڻهو هر اول دستي طور شامل ٿيندا رهيا. آئون باڊهه شهر ۾ روزاني جنگ ڪراچي جو رپورٽر رهيس ته ادا علي بخش ٽالپر (نامه نگار جنگ) سان سکر ۾ جنگ جي بيورو چيف علي اختر جعفري جي آپٽڪس شاپ تي ڪشاديون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ انهن ذاتي ڪچهرين جي ابتدا به ذڪر حسين (عه) سان ٿيندي هئي ۽ پڄاڻي به ام المصائب عه جي سڏڪن جي تذڪري سان ٿيندي هئي. 1994ع ڌاري جڏهن روزاني برسات ڪراچي ڪوي شاعر شيخ اياز جي ادارت ۾ اوج ماڻيو تڏهن حسن مجتبيٰ جا ڪالم ”توراز ڪري فاش ..... “ ۾ جڏهن محرابپور کي سنڌ جو ٽوبه ٽيڪ سنگهه قرار ڏئي ان جو ذڪر ڇيڙيو هيو ته ان ڪالم ڇپجڻ واري ڏينهن تي اها اخبار هٿوهٿ کتي هئي. (محاوري ٽو به ٽيڪ سنگهه کي سمجهڻ لاءِ افسانه نگار سعادت حسن منٽو جو نقط نظر به مد نظر رکڻ ضروري آهي، جنهن ۾هن ٻڌايو هو ته ورهاڱي ويل چرين جي جيل ۾ قيد چرين وڻن تي چڙهي احتجاج ڪري مطالبو ڪيو هو ته ٻڌايو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه هندستان ۾ آهي يا پاڪستان ۾؟ نه ته اسان جيل مان نه نڪرنداسين....!) هن ڪامريڊ نظير عباسي جي محرابپور جي هڪ امام بارگاهه ۾ ٿيل گڏجاڻين ۽ نڪاح جو به ذڪر ڪيو هو ته ڪيئن نه ڪامريڊ اجلاس جو وقفو ڪرائي وري ماتم ڪري واپس ورندا هئا....!۽ نظير عباسي جو سَهرو ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو به ڪيترو نه عاشق آهي جو ڏهين جي ڏينهن سبيل جو اهتمام ڪري هر عزادار جي آبياري ڪندو آهي سندس اهو عمل خالص انساني بنيادن تي آهي.
حسن مجتبيٰ به اتان جي ميرن، ملاحن، نونارين، چانڊين، شيدين ۽ ٻين انيڪ عزادارن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي هر سياسي هلچل ۾ رهندي به عزاداريءَ کي هر صورت ۾ برقرار رکندا آيا. انهن مستورات جي عزاداريءَ جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جيڪي محرم جي ڏهاڙن ۾ ڍنڍ وڄائي ان تي اوسارا چئي سڄي ماحول کي سوڳوار بڻائي ڇڏينديون هيون. هن ڊگهي لسٽ ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، غلام نبي چانڊيو، روشن علي ملاح، اطهر ناهيد ملاح، مهر علي ٻرڙو، رحم علي ٻرڙو، پروفيسر سيلم رضا ملاح جو الڳ الڳ ۽ تفصيلي ذڪر ٿيڻ گهرجي! انهن ارڏن انسانن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي تاريخ ۽ خدمتن جو رڪارڊ رکي ٿو.
سڄي سنڌ ۾ جوڳي، ٻالا ۽ ٻيا ڪسبي گهڻو ڪري عزادار آهن. محرابپور جا ٻُهاريدار گهڻو ڪري هندو ڌرم يا شيڊيولڊ ڪاسٽس سان تعلق رکن ٿا پر محرم جي ڏينهن ۾ به هو پاڻ کي ڪاري رنگ ۾ ڍڪي هر سطح جي عزاداري ۾ شامل ٿيندا آهن.
اصل ۾ محرابپور جي زمين عزادارن لاءِ ڏاڍي زرخيز، نرم ۽ گهميل آهي. جڏهن اتي آفتاب عزا مان معمولي معمولي مصائب جو ذڪر شروع ٿيندو آهي ته ماڻهن جون اکيون سمنڊ بڻجي اٿلي پونديون آهن. انهن عزادارن جي دل ۾ امام حسين عه جي قبر قائم آهي. شايد مير ببر علي انيس (1802-1874ع) جڏهن مجلس جي شان ۾ پنهنجيون مشهور رباعيون چيون هيون تڏهن هن جي طائرانه نظر شايد هتان جو به ڪو لقاءَ ڏٺو هوندو.
هـئه فصل عـزا جُـدا جُـدا مجـلـس هــئه،
گهر گهر ماتم هئه، جابجا مجلس هئه،
مـاشـاءِ الله چـشـم بـد ور انـيس،
ڪيا مجمع مومنين هئه، ڪيا مجلس هئه. !
***
دس دن يه وه هين ڪه نوحه گر هئه زهريٰ عه،
ٿامي هـئه هاٿـون سي جگر هئه زهريٰ عه،
ڪيابيٺي هو، سر په خاڪ اُڙائو لوگو!،
ڪل شام سي کولي هئه سر هي زهريٰ.
***
ڪيا اوج هئه، ڪيا رتبه هئه، اس بزم عزا ڪا،
غل عرش سي هئه فرش تلڪ صل عليٰ ڪا،
مشتاق هـئه فردوس بـرين يان ڪا فضا ڪا،
پاني ۾ ڀي يان ڪي هئه مزا آب بقا ڪا،
دربــار مـعـليٰ هــئه ولــي ابـن ولــي ڪــا،
جاري هئه يه سب فيض حسين ابن علي عه ڪا.
الجزائر جي عزاداريءَ ۾ فقط هڪ اهڙي عزادار جو ذڪر ايندو آهي، جيڪو اڪيلي سر ايام عزا ۾ تڏو وڇائي، نياز رکي، پاڻ ئي مرثيو ۽ مجلس پڙهي وري ماتم ڪندو هو. اهو نياز وري روز واٽهڙو پبلڪ ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سالن کان اهو نظارو ڏسندڙ سندس عيسائي دوست پڇيس ”تون ته اڪيلو آهين روڄ راڙو ڇو ٿو ڪرين، ڇاملندئي.....؟ هن وراڻيس تون ماٺ ڪر! هن نياز جو اثر ڏسجانءَ .....؟ ڪجهه ورهين کان پوءِ اتي مجلسن جا ميڙاڪا ٿيا ۽ هڪ عظيم الشان عزا خانو بڻجي ويو. ان عزادار جو چوڻ هو ته هي ذڪر حسين عه ڪنهن جو محتاج ناهي، امام حسين عه ڏکئي سفر تي اڪيلو نڪتو هو پر اڄ 1400 سال گذرڻ باوجود سندس ياد ۾ نڪرندڙ جلوس ٻڌائين ٿا ته ’وه ڪل ڀي زنده آباد ٿا _ وه اب ڀي زنده آباد هئي، حسين زنده آباد........‘ اربعين تي نجف کان ڪربلا تائين (مشي) پيادل ماتمي مارچ ۾ سڄي دنيا مان مختلف مذهبن جا ڪروڙين پيروڪار شامل هوندا آهن، مونکي هڪ عالمي براڊ ڪاسٽر ٻڌايو هو ته ننڍپڻ ۾ هو سمجهندو هو ته پِڙُ صرف واڍن جو پِڙُ حيدرآباد ۾ ئي نڪرندو آهي. باقي دنيا محرم ۾ خاموش هوندي آهي پر جڏهن هن ايشا کان يورپ تائين سفر ڪيو ته ايام عزا ۾ هن کي هر هنڌ ياحسين عه ياحسين عه جي تروتازه صدا نظر آئي.
ڪـربلا جي قتـل جـي ڪـر ڪــا خـبـر اي آسـمان،
ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا شاهن جا سر اي آسمان.
(ثابت علي شاهه)
محرابپور ڄائي، ظاهر ۾ تلخ ۽ تُرش مزاج ۽ باطن ۾ ماٺيڻي محبت رکندڙ متضاد جذبن جي مالڪ مولائي ملاح سولائي سان هن سنديسي کي نه سهيڙيو هوندو پر ورهيه لڳي ويا هوندس، ايڏي پورهئي باوجود کيس ڪم اڻپورو نظر ايندو هوندو. پر ڪمال اهو آهي جو هن تاريخ جو تذڪرو مقامي عزاداري جي اتهاس، مومنن ۽ ملنگن جو ذڪر اتان کان ڇيڙيو آهي جتان کان هن کي ڪا ڄاڻ ملي آهي. گل گل جي مٺاس کي گڏ ڪري ماکيءَ جي لار ٺاهڻ ڪو سوکو ۽ سولو ڪم ناهي. ڪک ڪک گڏ ڪري آکيرو ٺهندو آهي. ڪڻن مان ڪيچ ٿيندا آهن، ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ چڱا، سو مولائي ملاح به هڻي هنڌ ڪيو آهي. آءُ سندس مشقت کي اڃا الف اک سمجهان ٿو، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته هن يار ايندڙ محققن، اسڪالرن، تاريخدانن لاءِ واقعي ئي مهاڳ مهيا ڪري ورتو آهي، اهو به املهه ڪم آهي. هي کيرون لهڻي. اهو اجر کيس آل محمد عه جو گهراڻو ئي ڏيندو.
جستجو ۽ جاکوڙ ۾ رهندڙ هي جوان مولائي ملاح ست پيڙهيو ماتامي آهي. جيئن مڇي پاڻيءَ کانسواءِ زنده رهي نه ٿي سگهي، تئين مولائي ملاح به عزاداريءَ کان جيڪڏهن الڳ ٿيو ته هڪ پهر به جياپي جي سٽ سهي نه سگهندو. عجيب ماڻهو آهي، سندس آتما آهي ته هر محاذ تي پهرين صف ۾ وڃي بيهي، سو صحافت، ڪالم نگاري، اديبائپ ۽ نوحه خواني سندس گُر آهن. گهڻ رُخي سبب هو اڃا تائين پنهنجي لاءِ ڪو هڪ رُخ معين نه ڪري سگهيو آهي. پر سدائين حقيقتن جي ڳولا ۾ رهي ٿو. موتي ۽ مڻيا جتان به ملندس ته جهول ڀري ويندو. 1994ع ۾ آئون روزاني عوامي آواز ڪراچي، نيوچالي آفيس جي نائيٽ ڊيسڪ جو سينيئر سب ايڊيٽر هوس، انگريزي ڪريڊ، نمائندن کان فون تي خبرون وٺڻ ۽ مينوئل مانيٽرنگ جو دور هو. رزاق سروهي، ظهير ميراڻي، ذلف پيرزادو، اعجاز شيخ، سيد ڪرم علي شاهه، ظفر ملاح، علي حسن چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي ساٿي گڏ ڪم ڪندا هئاسون. روسي رياستن جي ٽٽڻ کان پوءِ پرولتاريه سماج وادي جو اثر ڪجهه گهٽيو هو. تنهن ڪري سنڌ جي ترقي پسند صحافت جي ترجمان اخبار عوامي آواز جنرل موضوعن تي به لکڻ شروع ڪيو هو. ان سال محرم ۾ اسان نيوز ڊيسڪ تي سنڌ جي عزاداريءَ جون خبرون تفصيل سان ڏيڻ شروع ڪيون. مون محرم جي ڏهي جا لاڳيتو ڪالم به لکڻ شروع ڪيا. هڪ رات مون بيڪ پيج تي پنهنجي اباڻي شهر باڊهه جي 8 محرم جي پنهجي سالياني مجلس جي خبر هلائي ته مولائي ملاح جي فون به اچي ٽڙڪو ڪيو،”اوهان وٽ به................ها ......... ريگيولر مجلسون ٿينديون آهن ڇا...................؟ ڇا ليڊيز ۽ جينٽس جو هڪ ئي وقت انتظام هوندو آهي.....؟ مون سندس تجسس کي ڏسي ٻڌايو ته مٺڙا فرش عزا وڇائيندڙ، مرثيه خوان، سوزخوان، ذاڪر ۽ ماتامي جو ڪيڏو نه مقام آهي ۽ پوءِ هن جي محبت مونکي موهي وڌو. نيٺ ان سال 25 رجب تي سندن شهر ۾ امام موسيٰ ڪاظم عه جي شهادت جي موقعي تي به جلوس عزا ۾ شامل ٿيڻ جو مون کي موقعو مليو، ميرن جي پڙ کان ملاحن جي عزا خاني تائين هر هنڌ زيارت ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. هتي عزادارن جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر آيو، خاص طورتي پنجاب کان آيل انجمنن، سرائيڪي بيلٽ جي سوز خوانن ۽ مقامي عزادارن مير فيض حسين ٽالپر (مير بگھڙ)، (PC) لال حسين سولنگي، مجاهد شاهه ناشاد، مولانا عطاءُ حسين بلاغي ۽ مولانا امداد حسين شجاعيءَ جهڙن باڪمال ماڻهن، ڏاڏو لطف علي شيدي عرف (پائلي)، جهڙي ٻهاريدار جي زيارت نصيب ٿي. مولائي ملاح هر سال ڀٽ شاهه جي ميلي تي نڪرندڙ حسيني قافلي ۾ سٿ سان نظر ايندو آهي. هو ڪالم نگاري ۾ به وڏين وڏين اخبارن ۾ هن ذڪر کي زنده رکيو پيو اچي، سندس تازو پورهيو به مثالي آهي. جيڪو سنڌ جي هر ڳوٺ، وسندي ۽ واهڻ جي عزاداري تي لکڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي، مون کي سندس تحريرن ۽ تقريرن مان اهو ميسج مليو ته
آوءُ ايڪ ڪام ڪرين،
ڪربلا عام ڪرين........!
جيون سفر ۾ مولائي ملاح سان منهنجون محبتون ۽ ملاقاتون وڌنديون رهيون. هو جڏهن به ڪراچي ايندو آهي ته ساڻس راتيون رهاڻيون ٿينديون آهن. مونکي سلام پيش ڪرڻو آهي محرابپور جي انهن عزادار مائرن، ڀينرن ۽ پرديدارن تي جن جتي به پير رکيو اتي نه رڳو نسلن جي بقا جي ڳالهه ڪئي، پر هر هنڌ وڏي جرئت سان آل محمد صه جي وڪالت به ڪئي آهي. ها، چڱي طرح ياد اٿم، اُهي گهڙيون جڏهن ڀاءَ رحم علي ٻرڙو جي ڳولا ۾ محرابپور ۾ سندس در تي پهتاسين ۽ اتي موجود سندس امڙ کي سُڌ پئي ته آيا آهن ڪراچي مان مهر علي ٻرڙو وارن جا ڪي عزادار دوست، پوءِ ان جيجل ڪئين نه جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ڇا ته بُردبار عورت، باوقار عزادار، همت ۽ جرئت واري امڙ هئي. آئون سندن احترام ۾ اک مٿي کڻي نه سگهيم، مون سندن جوش ۽ خروش، ولولي ۽ آجيان جي انداز کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيم، جتي اهڙيون عظيم مائرون هونديون آهن اتان مهر علي ٻرڙو جهڙن عزادارن جا لازوال ڪردار ئي جنم وٺندا آهن ... ها ..... امان توهان جي عظمت تي سلام ............ اوهان ڪربلا جي ڪاروان جون محافظ آهيو....... ٻين هزارين ڪردارن مان اصغريه جي مرڪزي قيادت سان تعلق رکندڙ سيد محمود شاهه جي ذڪرا نياڻي جي شعوري جدوجهد کي داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. اُهي منهنجي نياڻي انيس فاطمه مهدوي جون به مهربان آهن. ها هي سياه پوش عزادار مسز امتياز ملاح به ڪيتريون نه مڻيا دار سوڳوار آهن جو محرابپور جي هر گهر ۽ هر گهٽي ۾ امامن جو تڏو وڇائي نياڻين کي ذڪر حسين عه تازو ڪرڻ لاءِ هميشه آماده نظر اينديون آهن ۽ سندس سڄي سڃاڻپ رڳو فرش عزا وڇائڻ ۽ ماتمي جلوس برپا ڪرڻ، عزاداري جو اهتمام ڪرڻ سان آهي. محرابپور جون عزادار عورتون به هر منزل، هر سفر، هر ڪاروان ۽ هر دستي ۾ ثانيءِ زهريٰ عه جون پڪيون پيروڪار رهيون آهن ۽ ها ڪراچي جي حج پانڌيئڙن جي ميڙاڪن، سنڌ جي چپي چپي تي ٿيندڙ نظرياتي، مجلسن، تبليغ، درس ۽ دعائن جي محفلن جو هي جيڪو مور نظر ايندو آهي، اهو آهي علامه امداد حسين ’شجاعي‘ جنهن کي ڌرتي واسي عظيم اسڪالر طور تي سڃاڻين ٿا. سو به ان محبوب سرزمين سان تعلق رکي ٿو. هي سڀ ان در جا پانڌيئڙا آهن. سيد رضا شاهه جي ڪراچي واري عزاخاني ۽ جلوسن لاءِ گڏ ڪيل تعزين ۽ تبرڪات کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته ڪربلا ڪالهه وانگر اڄ به جيئري آهي ۽ اسان کي امام جعفرصادق عه جو وچن ياد ڏياري ٿي ته ”ڪل يوم عاشوره ، ڪل ارض ڪربلا....“
مولائي ملاح جي پڪي ۽ پختي پيار واري پورهئي تي کيس جس ڏيندي مير انيس جون هي سٽون نذر ڪجن ٿيون.
هـي وقت دعـا حـق سـي انيس اب تـو دعـا ڪـر،
جو حاجتين ان لوگون ڪي هين ان ڪو روا ڪر،
ان تـعـزيه دارون په تـو الطاف و عـطا ڪـر،
مقروض جو مومن هين تو قرض ان ڪي ادا ڪر،
محـتاج نه هـون تيـري سـوا اور ڪـسي ڪـي،
اور حشر ۾ هون ساٿ حسين ابن علي عه ڪي.
چڱو ياعلي عه مدد، موڪلائڻ مهل وري مونکي مرزا سلامت علي دبير جون هي سٽون دماغ تي تري آيون آهن ته:
مرهمِ زخمِ گناهه پوڇا جو عيسيٰ عه سي دبير
لک ديا نسخه لگائو شبير عه ڪي مدفن ڪي خاڪ
بيدار جعفري
علمدار هائوس، پپري لڳ اسٽيشن بن قاسم ڪراچي (49)
Cell – 03003584890