مهاڳ
سُر، ساز ۽ سنگيت کان وٺي شاعري جي الستي ڪيفيتن تائين، چچريل ڪچڙن خوابن جي حسرتن کان وٺي ڪنوارين جواڻين جي انگورجڻ تائين، مظلوم جسمن جي فريادن کان وٺي بي بس ڌڙن کي لاوارثي واري واٽ تي تڙپڻ تائين، ڌرتي جي دانهن کان وٺي گگن جي ڪهار تائين، جهڙيون آهون شاعري جي آغوش ۾ نه فقط ڪالهه پر اڄ به ساڳي ريت پلبيون رهيون آهن.
خالقِ باري تعاليٰﷻ ۽ سندس محبوبِ عالمﷺ سان عشق اظهر من الشمس ۽ مڃيل هڪ حق آهي، پر سندس ڪائنات، جيڪا سندس ئي قدرت جو تصوري آئينو آهي، گويا سندس حُسن ۽ جمال توڙي قدرت و ڪمال جو سرچشمو آهي. ان ۾ خلقيل هر شيءِ خوبصورت ۽ سهڻي آهي، جيڪا سندس سونهن ۽ ساراھ جي قريب ڪندڙ ڪشش هوندي آهي.
جهڙي ريت باري تعاليٰﷻ جو هئڻ حق آهي تهڙي طرح سندس جمال جو مڃڻ به حق آهي. جهڙي طرح هي ڪائنات به هڪ سچ آهي تهڙي ريت حُسن به هڪ ڪائناتي سچ آهي. جنهن جي جمالياتي شمع تي صدين کان هزارين پتنگ پنهنجون جواڻيون گهور ڪندا رهيا آهن.
ائين به چئي سگهجي ٿو ته سچ هڪ اهڙو فلسفو به آهي جنهن سان ٿيندڙ عشق جي تشريح ازل کان اڄ تائين پوري ناهي ٿي سگهي.
جمال! جيڪو پاڻمرادو عشق ۽ ان جو احساس آهي جنهن هن ڌرتي تي الاءِ ته ڪيترا منصور سولي تي.............. چاڙهايا آهن؟ هڪ اهڙو سچ آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن سُقراطن کي زهر ڏيارايو آهي؟ هڪ اهڙو جذبو ۽ ايثار آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن صديقن کي زهر جا ڏنگ.....سهايا آهن؟ هڪ اهڙو حق آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن بلاولن کي گهاڻي ۾ پيڙهارايو آهي؟ ۽ ها هڪ اهڙو عشق به آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن سرمدن کي دُرا هڻارايا آهن؟ اهو عشق جڏهن زرخيز ذهن تي انگورجڻ شروع ڪري ٿو ته ان جا سَلا شعرن جي گونچن ۾ ٽڙڻ لڳندا آهن، پوءِ اهڙي سر سبز آبادي کي شاعري ڪوٺيو وڃي ٿو.....
شاعري جتي خيالن جو اظهار هوندي آهي، اُتي جذبن جي اڻ مندائتي مند به........ جنهن ۾ خيال بهار جيان شعور جي جواڻين کي لفظن جي پنکڙين ۾ امرت ڦوٽهڙو ارپين ٿا. نه فقط هي حافظ نظاماڻي جيڪو اها هاڪ هڻي ٿو پر دنيا جا عالمي نظريا ان ڳالهه تي متفق آهن ته “نثر سڀڪو لکي سگهي ٿو پر نظم هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه نه آهي” يعني زرخيز زمين ئي طاقتور سَلو پيدا ڪري ٿي، تيئن شعر به زرخيز ذهنن ۾ ئي سرجن ٿا.
دوستو ! تتل روڊ تي تازي وڍيل جسم مان نڪرندڙ رت جي سيڙھ وانگر، اندر جي آنهه جڏهن دل ۽ دماغ کي جنجهوڙي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪرندي آهي ته ان جا ڪيترائي رنگ ۽ روپ وکري پوندا آهن. پوءِ اهي آلاپ ۽ آواز جي صورت ۾ هجن ٿا ته مصور جي تصوير ۾ به. اهي مفڪر جي فڪر ۾ ٿين ٿا ته شاعر جي شعر ۾ به......
سنڌ ڌرتي جنهن پنهنجي امر گود ۾ هميشه امر چهرا ئي پالي رکيا آهن. ۽ اهي سپوت سندس آن ۽ شان جو ذريعو بڻبا رهيا آهن. اهي ئي سندس سرمائي جو دفاع ڪندا آهن. اها روايت نه صرف ماضيءَ جي پر حالَ ۾ به اهائي ساڳي ريت قائم آهي ۽ جيسين هي دنيا آهي تيسين امر رهندي.
وڏڙن جي ريت تي رمتا، اڄ جي ننڍي ٽهي جا نوجوان به سڀاڻي جا ڪردار ضرور بڻبا.......اهڙن نوجوانن ۾ ٽنڊو غلام علي ويجهو ڳوٺ گهيلپور ۾ جنم وٺندڙ نوجوان شاعر وسيم احمد ٽالپر به اسان جي ميراث جي وارثي ڪندڙن ۾ برابر جو حقدار آهي.
سندس هي نعتيه شاعري جو مجموعو منهنجي هٿ ۾ آهي جنهن کي پڙهي منهنجو روح خوش ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس شاعري ۾ فني سهڻائپ کان وٺي احساساتي پختگي جي مهڪ وکيرڻ واري خوبي تائين هڪ ڪامياب حوصلو قوّي صورت ۾ ملي ٿو. هي ادو... تخليقي خوبصورت شاعر لڳي ٿو، جنهن وٽ شاعري حسين رنگ ۾ سرجي ٿي. سندس روح جي سَريس ۾ پيئي ويندڙ عشق، اظهار جي آرسي تي پلٽيل نظر اچي ٿو. جيئن ته.
دنيا جي ماڻهن، دنيا آ طلبي،
اسان پرينءَ جا پتنگ ٿياسون.
يا وري جدّت جي واٽ تي، حسناڪي ۽ بيباڪي واري جرّئت سندس اعليٰ ذهنيّت کي ظاهر ڪري ٿي.
سانوں ورد وظيفے ڏَس نه مُلاں، اِهو تون ڄاٹيں تيڏا ڪم ڄاٹے،
ساڏي تسبيح داٹںد مٹکے سڀ، ساڏا ذڪر زبان محمدﷺ هے.
سندس نعتيه شاعري جي هن مجموعي کي پڙهجي ٿو ته ان ۾ سندس نه فقط محبت، عشق، نعت خواني، ساراهه يا مجاز نظر اچي ٿو پر خود دار ۽ بي نياز طبيعت به اعليٰ پائي جي ملي ٿي......
نڪي مال گُهرون ٿا وڏيرن کان،
نه “وسيم” ٿا طلبون غيرن کان،
نه فقط ايترو پر سندس روح محبوبﷺجي ثناءَ خواني ۾ ڪڏهن به نٿو ڍاپي.....
آ زور حُسن چنڊ تارن تي، بلبل ۽ باغ بهارن تي،
والّيل جي زلفن ڪارن تي، دستار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.
يا
پئي روز طلبي، هي دربار دلڙي،
ويهان ڪيئن وساري، مدينو مدينو.
حضورﷺ سان اظهارِ عقيدت ۽ شفاعت واري يقين کي هڪ منفرد انداز ۾ بيان ڪيو اٿس، ان همٿ سان هُن زماني کي مُٺيون ڀيڙي پوئتي ڌِڪي هڪ وڏي چئلينج کي مُنهن ڏنو اٿس.
زمانا تون مونکي، نڌڻڪو نه ڄاڻج،
اجهو ترس ايندو، سڏيان ٿو “محمدﷺ”.
سندس هي نعتيه ڪلام سهڻي خاصيتن ۽ اصلوبن سان ٽمٽار آهي.....
سوين صديون سڄڻ گذريون، حديثن ۾ پڙهي ڏس تون.
هيا جيڪي ڪٽا ڪافر، ڀري ڪلمو فدا ٿي ويا.
هتي آئون ضرور چوندس ته نوجوان شاعر وسيم احمد ٽالپر کي جدّت سان مهڪيل شاعري ڪرڻ واري خوبي کان پوءِ ڪنهن به تُڪبند شاعري يا عوامي شاعرن جي گهڙيل واٽ تي وکون کڻڻ جي ضرورت قطعي پيش نه اچڻ گهرجي.
هُن جي شاعري ۾ متاثر ڪرڻ جون خوبيون انيڪ موجود آهن. هُن وٽ بهترين ڏات به آهي ته ڏانءُ به. بس هُن کي مسلسل شاعراڻي عمل جو ٿي اڳتي هلڻو آهي.
انهي ويساهه سان هي ڀيٽا ان ساک تي هِت ٿي ڇڏجي ته ادي وسيم احمد ٽالپر صاحب جي هي محبوب ڪاوش هڪ هٿ کان ٻئي هَٿ جي سونهن ضرور بڻجي.....
حافظ محمّد نظاماڻي
ڪڙيو گهنور، ضلع بدين، سنڌ
22-04-2017
Cell: 0302-3922789