مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

محمدﷺ ڪئي نظر جن تي : نعت رسول مقبولﷺ

[b] طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.[/b]

محمدﷺ ڪئي نظر جن تي، سندن در جا گدا ٿي ويا،
غلامي ۾ گذاريندڙ گدا سي ڇا مان ڇا ٿي ويا.

سوين صديون سڄڻ گذريون، حديثن ۾ پڙهي ڏس تون.
هيا جيڪي ڪٽا ڪافر، ڀري ڪلمو فدا ٿي ويا.

مڪي ۾ مَن ملهاريون ٿيون، بَرَن ۾ ڀي بهاريون ٿيون.
قلب جن جا هُيا ڪوجها، اُهي اُجري اڇا ٿي وِيا.

ڏسيان مان معجزا ڪهڙا، رکي اکڙين مٿان اهڙا.
ستارا چنڊ چوڏهينءَ جا، اشاري سان جدا ٿي ويا.

مديني تون وڃي ڏسجان، تان وڻ وڻ کان پڇي ڏسجان.
محمدﷺ جا ثناگر ٿي، سڀئي ڪک پن گواه ٿي ويا.

در مرسل ويا جيڪِي، انهيءَ در تي پَيا جيڪي.
“وسيم” ڇا چوان سي ڀي، حبيبِ ڪِبريآءَ ٿي ويا.