پنهنجي پاران
بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ •ط
نڪا ڪن فيڪون هُئي، نڪا مورت ماھ،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناھ،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واھ،
لکيائين “لطيف” چئي اُتِ ڳجھاندر ڳاھ،
اکين ۽ ارواح، اِها ساڃاءِ سپرين.
تخليقِ ڪائنات کان پهرين الله تبارڪ وتعاليٰﷻ پنهنجي نور مان پنهنجي حبيبﷺ جي نور کي نروار ڪيائين ۽ پنهنجي حبيبﷺ جي ذڪر ۽ مرتبي کي پنهنجي ذمي کڻي ڪري، مصطفيٰﷺ جي ذڪر ۽ مرتبي کي لازوال زندگي بخشيائين، اهڙي طرح دنيا جي ابتداءِ کان پهرين مصطفيٰﷺ جو ذڪر هو ۽ دنيا جي انتها کان پوءِ به مصطفيٰﷺ جو ذڪر هوندو.
الله تبارڪ وتعاليٰﷻ پنهنجي حبيبﷺ جي ذڪر کي ڪنهن ذات يا ڪنهن شخص جو محتاج نه بڻايائين، بلڪه هر ذات ۽ هر شخص کي مصطفيٰﷺ جي ذڪر جو محتاج بڻايائين، اڄ به ڪو شاعر يا ثناءَ خوان اِهيو نه سمجهي ته مان حبيب خداﷺ جو ذڪر ڪري، الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جي حبيب جي ذڪر کي وڌائي رهيو آهيان.
اي عاجز عقل رکندڙ ائين ناهي!
غلط آ تنهنجو گمان، بلڪه مصطفيٰﷺ جو ذڪر ئي تنهنجي ذات ۽ تنهنجي مرتبي کي وڌائي رهيو آهي ڇوته الله تبارڪ وتعاليٰﷻ اُها شيءَ ئي ناهي خلقي جيڪا حبيب خداﷺ جو ذڪر نه ڪري!
سو مڪان تي به مصطفيٰﷺ جو ذڪر، ته لامڪان تي به مصطفيٰﷺ جو ذڪر، برن ۾ به مصطفيٰﷺ جو ذڪر ته بحرن ۾ به مصطفيٰﷺ جو ذڪر، مطلب جاڏي ڏس ته واکاڻِ واحد سان گڏ ثناءِ مصطفيٰﷺ جي تسبيح به جاري آهي.
حضرت آدمmکان وٺي حضرت عيسيٰٰmتائين حضرت محمّد مصطفيٰﷺ جو چرچو هو، ته حضرت عيسيٰٰmکان وٺي قيامت تائين به سندن جي ذڪر جو سج ڌرتي جي گولي تي روشن رهندو، ۽ مصطفيٰ ڪريمﷺ جي ذڪر جي سورج مان اسان جهڙا بي سمجهه ۽ ڪابه حيثيت نه رکندڙ ۽ دنيا جي تختي تي چمڪندڙ ستارا به انهيءَ ذڪر جي سورج مان فيضياب ٿيندا رهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا.
جيڪڏهن تاريخ جي ورقن کي ورائينداسين ته الائي ڪيترا چوڏهينءَ جا چنڊ مصطفيٰﷺ جي ذڪر جي سورج مان فيضياب ٿي چمڪن پيا، جيڪڏهن انهن عشاقن جا اسم مبارڪ ويهي ورجائجن ته سج ۽ چنڊ پنهنجي سفر ۾ اڀرندي ۽ لهندي ٿڪجي پوندا، پر عشاقن جي اسمن جو انت نه ايندو. بس اِنهَن ئي عشاقن جي غلامن ۾ مون عاجز پنهنجو نالو درج ڪرائڻ جي لاءِ مصطفيٰﷺ جي ثناءَ ۾ حيثيت مطابق حصو ورتو آهي. پر اِها به منهنجي ربّﷻ جي عطا آهي، ته جنهن کان پنهنجي حبيبﷺجو ذڪر ڪرائي. مون ناقص مٿان منهنجي قادر جا ڪروڙين ڪرم جنهن منهنجي عاجز ذهن کي ايتري سگهه ڏني، جنهن محبوب پاڪﷺ جي ثناءَ جا ٻه ٻول ٻولي منهنجي اسم کي عشاقن جي اسمن سان منسوب ڪيو، ڇوته محبوب جي ثناءَ جو حق ادا ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالھه ناهي اهڙي طرح مرزا غالب ڪهڙو نه خوب چيو آهي ته،
جان دے دی ہوئی اسی کی تیر،
حق تو یہ ہے، کہ حق ادا نہ ہوا۔
مون ناچيز ناقص ۽ نڪمي انسان کي ان منزل تي پهچائڻ واري هڪ منهنجي ربّ جي ذات ۽ ٻي منهنجي محبوبﷺ جي نگاهِ ڪرم آهي ۽ ٽيون منهنجي ماءُ پيءُ جي انمول دعائن جو نتيجو آهي.
جن جي دعائن سان ئي ربّ پنهنجي حمد ۽ پنهنجي محبوب ڪريمﷺ جي ثناءَ جي سند سان نوازيو آهي.
دعا آهي الله تبارڪ وتعاليٰﷻ کان ته ربّ منهنجي ماءُ پيءُ کي صحت و عافيت واري خضري حياتي عطا فرمائي ۽ مون ننگي سر مٿان منهنجي ماءُ پيءُ جو سايو تا عمر سلامت رکي. “آمين”
جيڪي مون پنهنجي محبوبﷺ جي ثناءَ جا ٻه ٻول ٻوليا تن کي اوهان عشاقن جي آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ جيڪي منهنجا ٻانهن ٻيلي ٿيا تن شخصيتن جا اسم مبارڪ هِن ڪتاب ۾ سونهري اکرن سان لکي رهيو آهيان جن مان اوّل اسان جو استادِ محترم سائين مولوي محمّد رفيق بروهي طاهري صاحب جنهن منهنجي ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي سائين جن جا قرب ڪاوشون ڪوششون محنتون بيان ڪرڻ جي لاءِ هڪ ته مون وٽ ايترا الفاظ ناهن ٻيو ته سائين جن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن کي لکڻ کان منهنجو قلم قاصر آهي.
ٻيو مون عاجز جو استادِ محترم سائين مولوي محفوظ علي نظاماڻي طاهري صاحب، سائين جن جا به اڻ ڳڻيا احسان ڇوته سندن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان، هن منهنجي لکيل مواد کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو، سائين جن جا وڙ به ورجائڻ جي لاءِ مون وٽ ايترا الفاظ ناهن جو سائين جن جي محنتن کي پيش ڪيان.
۽ منهنجي ڪتاب جي نظرثاني ڪندڙ سنڌ جي بي باڪ صوفي شاعر ۽ هر دلعزيز محترم سائين حافظ محمّد نظاماڻي صاحب جن جو به ٿورائتو آهيان، جو سائين جن پنهنجي همٿ افزاءَ دعائن جي الفاظن سان نوازي ڪري محبت و قرب جي گرمائش سان سيڪ ڏئي ڪري محبت و قرب ۽ عشق جي آويءَ کي تيار ٿيڻ لاءِ جوش و جذبي جي قربائتن الفاظن سان دل و جان کي راحت بخشيائون.
۽ محترم سائين عاجز رحمت الله لاشاري طاهري صاحب جن جو به تمام تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڪتاب کي، ڄڻ پنهنجو ڪتاب سمجهي شعرن جي نظر ثاني سان گڏ شاعري جي اصولن ۽ قاعدن، قانونن جو پورائو ڪرڻ توڙي ٻوليءَ جو نجپڻو قائم رکڻ بابت بهتر مشورا ۽ ڪارائتيون صلاحون ڏيئي بعد ۾ هن ڪتاب کي ڇپائڻ جي قابل بنائڻ لاءِ سينگاري، سنواري ۽ پنهنجي تنظيم طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو، سو سائين جن جا به تمام وڏا وڙ مون عاجز جي مٿان تا عمر ياد رهندا. الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جي مدد، نبي ڪريمﷺ جي نگاهِ ڪرم ۽ ماءُ پيءُ جي دعائن ۽ انهن شخصيتن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان هي مختصر حمد ۽ نعتن جو مجموعو ڪتاب جي صورت ۾ اڄ توهان عشاقن جي هٿن ۾ آهي.
ڌڻيءَ در دعا آهي ته جن شخصيتن هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ حصو ورتو الله تبارڪ وتعاليٰﷻ انهن جي رزق، عشق، عمر ۽ آبرو ۾ اضافو نصيب فرمائي ۽ الله تبارڪ وتعاليٰﷻ انهن سڄڻن کي صحتمند خضري حياتي نصيب فرمائي ته جيئن مصطفيٰﷺ جي ثناءَ کي ڪتابن جي صورت ڏيئي ڪري اوهان عشاقن جي آڏو پيش ڪندا رهن. آمّين ثمّ آمّين!
جيڪڏهن هن مختصر مجموعي ۾ ڪابه ڪمي ڪوتاهي هجي ته مون فقير سان رابطو ڪري مون عاجز جي اصلاح ڪندا. مهرباني.
فقير وسيم احمد ٽالپور
گھلپور (ii)ٽنڊو غلام علي
ضلع بدين سنڌ.
0311-1307091 Cell: