مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

جڳ سڄو مالڪ مٺيﷻ : نعت رسول مقبولﷺ

جڳ سڄو مالڪ مٺيﷻ، ٺاهي ڇڏيو تنهنجي شان ۾،
ربّﷻ سڄو قرآن ئي، لاهي ڇڏيو تنهنجي شان ۾،

نور جو پورو جسم، تعريف ۾ ڪيئن ماپجي،
تنهنجي مدحت ۾ پوءَ عاشق، ڪيئن ڀلا سو ڍاپجي،
ڪنهن قسم ڪو قصر ناهي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.

تنهنجي مدحت جا مداحي، مُلڪ ۾ وڌندا وڃن،
هڪ ثناءَ پڙهندا اچن، ۽ ٻيا ثناءَ لکندا وڃن،
“اللهﷻ” عشاقن کي ته بس آهي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.

موت نه روڪي سگهي، آهي عشاقن کي ڪڏهن،
نه دنيا روڪي سگهي آهي، ديوانن کي ڪڏهن،
ڪيترن کلندي ڪفن پائي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.

عشق جي ديدن سان ڏسجي، دلبر تون آهين دل اندر،
دل جي ديدن سان جي ڏسجي، محب تون محفل اندر،
“وسيم” تنهنجي نعت کي ڳائي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.