مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

شل هيل وري قسمت وڃان : نعت رسول مقبولﷺ

طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.


شل هيل وري قسمت وڃان يار مديني ڏي،
عاجز کي ڪجان سڏڙو سرڪار مديني ڏي،

محبوب مديني جا مهمان هزارين ٿيا،
مرسل جي در دل سان دربان هزارين ٿيا،
روئي روئي ڏسن مؤمن ڀلي پار مديني ڏي.

هِت منهنجي دوا ناهي دنيا جي دوائن ۾،
مون نيڻ وڇايا ٻئي مدني جي راهن ۾،
سگهو گهوٽ گهرايو هي بيمار مديني ڏي.

تنهنجي در سان لڳو دم آ ڇڏي در هي وڃن ڪاڏي،
پَر وارا پڄن پاڻهي بي پر هي وڃن ڪاڏي،
سي ڪين لڇن جن جو منٺار مديني ڏي.

اچي موت نه ٿو جيسين ڀلو پار پيو گهرندو،
هي “وسيم” محمدﷺ جو ديدار پيو گهرندو،
دم منهنجو وڃي مولا درٻار مديني ڏي.