پبلشر پاران
جڏهن آخري دؤر آيو ته مالڪ مٺي پنهنجي سڀ کان پياري حبيبﷺ کي مبعوث فرمايو ۽ توڙي جو سندن هر قول ۽ فعل سراپا سچ هو پر پوءِ به کانئن پيغام جي سچائي لاءِ پنهنجو سچو ڪلام قرآن ڪريم نازل فرمايو ۽ الله پاڪﷻ جنهن سر زمين کي قرآن پاڪ جي نزول لاءِ منتخب فرمايو اها سرزمين اهڙن ماڻهن سان آباد هئي جتي رهڻ وارا شڪل ۽ صورت ۾ ته انسان هئا پر حقيقي طور انسانيت سان انهن جو پري جو واسطو به نه رهيو هو. ڪُفر ۽ شرڪ، فسق ۽ فجور، ظلم ۽ ستم، وحشت ۽ بربريّت، جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي سان گڏ سڃائي ۽ مسڪيني، مطلب ته ڪو عيب يا گمراهي اهڙي نه هئي جيڪا انهن ۾ موجود نه هجي، پر سڄي دنيا ڏٺو ته صاحبِ قرآن، نبيءِ آخر زمانﷺ جي صحبت، محبت ۽ نوري نگاھ سان اهي ڇا مان ڇا ٿي ويا. ان ڪري ڏٺو وڃي ته اسان جي آقا حضور نبي ڪريمﷺ جن جو شان تمام بلند ۽ بالا آهي ۽ سندن شخصيت ته ساراھ جي لائق به آهي.
ساراھ جنهن جي به ڪئي ويندي آهي ان جا ٻه (2) سبب آهن.
1. جنهن جي ساراھ ڪئي ٿي وڃي اهو خوبيءَ، حُسن ۽ ڪمال جو صاحب آهي. پوءِ ڪنهن تي ان جي ڀلائي ذاتي احسان هجي يا نه.
2. اهو محسن ۽ مهربان آهي. ان جي احسان کي ڏسي ساراھ ڪئي وڃي.
جيڪي به ساراھ ڪندڙ ساراھ ڪن ٿا، انسان، جنّ، بهشتي حورون، غلمان، پکي ۽ مڇيون، چوپايا حيوان، وڻ، پٿر سڀ ان جي ذاتِ عالي صفات لاءِ آهن.
جيڪڏهن ڪو پُٽ پنهنجي پيءُ جي ساراھ ٿو ڪري ته اها به حقيقت ۾ الله تعاليٰﷻ جي ساراھ آهي. اهڙي طرح سهڻي رسول اللهﷺ جن جي صفت ۽ ساراھ، ثناء ڪرڻ به حقيقت ۾ الله تعاليٰﷻ جي ساراھ آهي، ڇوته حبيب ڪريمﷺ کي ڏاج ڏيندڙ به پاڻ آهي.
اِها حقيقت آهي ته حضور پاڪﷺ جن جي تعليم انسان کي خود شناس ۽ خدا شناس بنائي ٿي. سندن نور جي تجليّات سان دنيا ۽ عقبيٰ ٻئي چمڪيا آهن سندن رسالت واري فيض هر اڃايل جي اڃ ختم ڪئي، نه رڳو ايترو پر سندن هر پيغام عقل ۽ دانائيءَ کي جستجو جي لذّت بخشي قلب ۽ روح کي عشق توڙي محبت سان مالامال ڪري ٿو. حضور پاڪﷺ جن جي هدايت وارن سبقن اها ڄاڻ ڏني ته انسان جو پنهنجي خالقﷻ سان ڪهڙو تعلق ۽ مخلوق سان ڪهڙو برتاؤُ هجي. جيڪڏهن اهو حاڪم آهي ته ان جون ذميواريون ڪهڙيون آهن ۽ جيڪڏهن رعيت آهي ته ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ ان جا ڪهڙا فرائض آهن؟ جيڪڏهن دولتمند آهي ته سندس طرز عمل ڇا هجي؟ پر جيڪڏهن فقير ۽ محتاج آهي ته اهو ڪهڙي طرح وقار ۽ عزّت سان زندگي گذاري؟ ايتريقدر جو عبادات، سياسيات، معاشيات، اخلاقي نظام، دارين جي سعادت، دنيا جي برڪت، ڀلائي، عزّت ۽ آخرت ۾ عذاب کان نجات ۽ جنّت ۾ انعامن جي نوازش وغيره سڀ ڪجهه سيکاريائون.
سرڪارِ دوعالمﷺ جي عظمت ۽ رفعت بيان ڪرڻ لاءِ هر مخلوق سان گڏ انسانن به مدح بيان ڪرڻ لاءِ رنڍاروڙيا آهن جنهن بابت مرشد شاھ عبداللطيف ڀٽائي[ فرمايو ته:
محبت پائي من ۾ رنڍاروڙياجن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.
ادا وسيم به پنهنجي پرينءَ سان پيار جو پيچ پائي عشق جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي اندر جا آلاپ اکرن مان لفظن ۽ لفظن مان جملن جو منظوم سٽاءُ بڻجي شعرن جي شڪل ۾ اوهان جي آڏو آهن.
سندس شعرن ۾ عقيدت جي پختگي، ڏات ۽ ڏاهپ جا گوهر، محبت جي مايا جون موجون ڇرَ ۾ ڇوليون هڻندي نظر اچن ٿيون. اميد ته ان سڪ ڀرئي ساگرمان مون جهڙا سائل ۽ سڌڙيا ضرور سيراب ٿيندا ۽ اندر جي اُڃ اجهائيندا.
هن ڪتاب جي سنوار ۽ ٽيڪنيڪل سُڌار جي خدمت سان گڏ ڇپائيءَ جو اعزاز حاصل ٿيڻ تي تخليقڪار جو نهايت ٿورائتو آهيان. ڪنهن به قسم جي غلطي نظر اچي ته اصلاح جو اميدوار رهندس.
محتاجِ دعا
عاجز رحمت الله لاشاري
باني، چيئرمين
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
خطيب وامام جامع مسجد نورِمحمدي،
ڳوٺ ڪَرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد
6 جولاءِ، 2017ع، 11شوال المڪرم 1438ھ