مور ماڻهون گهور سڀ : نعت رسول مقبولﷺ
مور ماڻهون گهور سڀ، محبوب تان ٿيندا رَهيا،
در منجهان ديدون کڻي، سرڪار کي ڏسندا رهيا.
محبوب منهنجي جو جڏهن، جنهن واٽ تان گذران ٿيو،
پَر هڻي هر ڪو پکي، ڪلمو ڀري قربان ٿيو،
چؤ طرف رحمت جا بادل، وسڪار ٿي وسندا رهيا.
ڳالھ ڪامل جي قدم جي، لوڪ سان ڪهڙي ڪبي،
سچ چوان آهي سراسر، راز هي يارو ربّي،
حور پريون ۽ ملائڪ، پيرڙا پسندا رهيا.
ڪو چئي چنڊ آ لٿو، ڪو چئي خدا جو نور آ،
ڪنهن چيو چهرو چوان ڇا، تاب تجلو طور آ،
والضّحيٰ، والّيل زلفن کي چئي چوندا رهيا.
سونهن سهڻي جي سچي، سبحان ساراهي پيو،
قرب ڪامل جو وري قرآن، ساراهي پيو،
مرڪي ملائڪ محب تي، صلوٰت سڀ پڙهندا رهيا.
ڪنهن کي نظرن سان نوازي، محب مستانو ڪيو،
ڪنهن کي درشن ديد ڏيئي، داناھ ديوانو ڪيو،
“وسيم” جهڙا جهول ۾، خيرات کي وٺندا رهيا.