مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

تو ڪيون باغ وبهاريون : نعت رسول مقبولﷺ

تو ڪيون باغ وبهاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ،
تو لئه سڪن اکڙيون اڃاريون يا محمّد مصطفيٰﷺ.

ڇا سينگاريان ڇا سينگاريان، تنهنجي آمد تي عجيب،
خود ڪيون مولا ملهاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

مُلڪ تو مرسل سندو، ڇا چئي ڇا ڇا چوان،
تو گليون گذري اجاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

درٻار سهڻي آ سڄي، دربان تنهن جا دلربا،
عمريون غلامي ۾ گذاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

سنسار جي بيشڪ وڌي، تنهنجي اچڻ سان آبرو،
ٿا پچر تنهنجي پچاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

“وسيم” تي ڪر ڪا نظر، ڪنهن مهل محبوبِ خداﷺ،
ترت ٿين تو ڏي تياريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.