“محمدﷺ” جي ڪيا ساوا : نعت رسول مقبولﷺ
انهيءَ در تي جهڪي پيا جي، سي ٻِئي در تي جُهڪيا ناهن.
جِنهين کي “مصطفيٰﷺ” پنهنجي، محبت سان نوازيو آ.
ڏٺا تن ڏينهن دنيا ۾، اڃان تائين ڏکيا ناهن.
منهنجا محبوبﷺ تو جن جي، اچي آ دستگيري ڪئي.
طوفانن زلزلن جي سي ته، لوڏڻ سان لڏيا ناهن.
ڪِريل جيڪي هُيا ڪُن ۾، اشارن سان اُڀاريا تو.
آهن سي رات ڏينهن روشن، اڃان تائين لٿا ناهن.
جنهين تو در جهليون جهوليون، نه خالي خلق ۾ سي ٿيا.
زمانو تن پٺيان آسي، زماني جي پٺيان ناهن.
“وسيم” جن کي وڻي آهي، ثناءَ سرڪار جي سڀ کان.
پيا ڳُڻ سي اڃان ڳائن، ڪنهن روڪڻ سان رُڪيا ناهن.