ميلاد ڪبو : نعت رسول مقبولﷺ
ميلاد ڪبو، نه فساد ڪبو،
جيئن ياد ڪيئي تيئن ياد ڪبو،
دنيا کي چئي ٿا ٻڌايون،
تنهنجي در جا نوڪر آهيون،
ڀل دنيا هجي ڪم ڪارن ۾،
پنهنجي کيلن ۽ ته خسارن ۾،
دنيا کي ڇڏي، ٻارن کي سڏي،
چئي چنڊ کي ۽ تارن کي سڏي،
ڳُڻ تنهنجا ويٺا ڳايون،
شهرن ۽ هر ڳوٺن ۾،
تنهنجو ذڪر هلي بر پوٺن ۾،
ميزبان ٿا ڪن، مهمان ٿا ڪن،
انسان سان گڏ حيوان ٿا ڪن،
وڌ ساه کان توکي چاهيون،
تو آئي مٺا رحمان مليو،
رمضان مليو قرآن مليو،
هيڏا خير مليا، ڍڳ ڍير مليا،
رڳو پاءُ نه پر وڏا سير مليا،
ويٺا صدقا تنهنجا کايون،
تون واقف آهين حالن کان،
اسان جي عملن اعمالن کان،
توکي غيب مڃون، بي عيب مڃون،
حاضر تون آهين ڳالهيون سي به مڃون،
توکي پاڻ سان گڏ ٿا ڀايون،
لڳيو باغ وڃن هِن سيني ۾،
هر عُرس جي يار مهيني ۾،
هيڻان حال سڪون سڄي سال سڪون،
ڪيو هِن هُن سان تنهنجي ڳالھ سڪون،
هن مهيني ۾ سِڪ ٿا لاهيون،
نڪي مال گُهرون ٿا وڏيرن کان،
نه “وسيم” ٿا طلبون غيرن کان،
ولي گڏ ڪري، توکي سڏ ڪري،
مولا آهي ڇڏيندو جهول ڀري،
دنيا جي در ڇو دانهيون،