مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

منهنجا محب تنهنجو دنيا ۾ نه مٽ آ : نعت رسول مقبولﷺ

منهنجا محب تنهنجو دنيا ۾ نه مٽ آ،
خدا اهڙي صورت بڻائي ڇڏي آ،
ذڪر فرش عرشن تي آهي اوهان جو،
ڇا واکاڻ واحد وڌائي ڇڏي آ،

زمين کي سنواريو نظارن سان مولا،
رکيو عرش چنڊ ۽ ستارن سان مولا،
سڄي دنيا تنهنجي ئي ڏِس ڪاڻ قادر،
رنگن رونقن سان سجائي ڇڏي آ.

صحابن جون ديدون هيون “مصطفيٰﷺ” ۾،
ڪڍي ديد تو مان وجهن اک، هو ڇا ۾،
تون ڪعبو، تون قبلو، تون قرآن آهين،
تنهنجي ذات مولا ڇا ٺاهي ڇڏي آ.

اوهان جي ته زلفن تي جگنون جيئن ٿا،
اوهان جي اکين مان هي مئڪش پيئن ٿا،
ڏٺو جن ادب سان اوهان جو آ چهرو،
ها تنهن توتان دنيا لٽائي ڇڏي آ.

ملي مونکي تنهنجو ننگر “مصطفيٰﷺ” جي،
رکان سر مان سجدي ۾ اڳيان خدا جي،
اسان تنهنجي درشن جي اڳيان قسم سان،
ڀلي بهشت بيشڪ هٽائي ڇڏي آ.

جتي شان تنهنجو زبانن تي آهي،
انهن جو مڪان لامڪانن تي آهي،
ٻڌن عرش وارا پيا نعتون نبيءَ جون،
ڇا مدني تو محفل مچائي ڇڏي آ.

“وسيم” کي سُخنوَر ڪو شاعر نه سمجهو،
سياڻو دنيا ۾ ڪو ماهر نه سمجهو،
“فقير” کي فخر ناز بس ايترو آ،
خدا نوڪري ڇا لڳائي ڇڏي آ.